Friday 19 July 2019

مطلق جز God particle 💎اصغر ساگر💎

مطلق جز God particle جي دريافت کي ھن صدي جي سڀ کان وڏي دريافت قرار ڏنو ويو آھي. 
4 جولاء جڏھن جنيوا ۾ سائنسدانن جي ميڙاڪي پريس ڪانفرنس ۾ مطلق جز جي دريافت جو اعلان ڪيو تہ ان موقعي تي سڀ کان پھرين ٽيليويزن اسڪرين تي ان نظريي جي خالق پروفيسر ھگز بوسن جو چھرو ڏيکاريو ويو. ھن جي اکين ۾ خوشيء جا ڳوڙھا ھئا ۽ ھو خوشي ڀري ڏڪندڙ آواز ۾ چئي رھيو ھو تہ منھنجي سڀ کان وڏي خوشقسمتي ھي آھي تہ مان پنھنجي نظريي جي سچائي پنھنجي ئي زندگي ۾ راس ٿيندي ڏٺي آھي.
مطلق جز جي دريافت کي ھن صديء جي وڏي دريافت قرار ڏنو ويو آھي.

مطلق جز ڇا آھي؟
ايٽم جي اندر پاتو ويندڙ ھڪ تمام ئي ننڍڙو ذرڙو آھي جنھن جو وزن اندازن ھيڊروجن جي گئس جي ايٽم  کان 130 ڀيرا گهٽ آھي ۔ ھيڊروجن جي گئس جي ايٽم دنيا جو ھلڪي کان ھلڪو ايٽم آھي.

مطلق جز Higgs boson جو تصور ڪيئن جنم ورتو؟
مطلق جز Higgs boson يا God particle جي ڪھاڻي مايي کان شروع ٿئي ٿي ۽ جيڪڏھن ٽيڪنيڪي اصطلاح چيو وڃي تہ مايو ڪنھن بہ جسم جي انرشيا جي پيدائش جو نالو آھي. سادن لفظن ۾ کڻي ائين چئجي تہ جيڪڏھن ڪوبہ جسم سڪون جي حالت ۾ آھي تہ اسان ان جي حالت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون ان جي حالت بدلڻ لاء اسان کي مزاحمت جو سامڻو ڪرڻو پوي ٿو ان مزاحمت کي اسان مايو چئون ٿا جيئن ڪنھن بيٺل گاڏي کي ڌڪو لڳائڻ لاء توھان ان جي مايي کي محسوس ڪريو ٿا.
اسان ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏھن ڪنھن شي کي مايو نہ ھجي تہ اھا پور Vaccum ۾ روشني جي رفتار سان سفر ڪندي. جيئن تہ فوٽان پاڻ ۾ مايو نہ ھجڻ ڪري پور Vaccum ۾ ھي رفتار پائي سگهن ٿا. جيڪڏھن ڪا شي Object روشني جي رفتار حاصل نہ ڪري رھي آھي ان جو مطلب آھي ان ۾ ڪجھ نہ ڪجھ مايو ضرور آھي.
 اسان مايي ۽ وزن کي ھڪ جھڙو ئي سمجهون ٿا پر وزن مايي کان مختلف آھي وزن ۾ ڪشش ثقل Gravity جو عمل دخل ٿئي ٿو جڏھن تہ مايي جو ڪشش ثقل Gravity سان ڪا ڏي وٺ ناھي ڇوجو ڪشش ثقل ۽ فوٽان مايي ۾ ٻڙي آھي ان ڪري ڪائنات ۾ جسم جو مايو ھر جڳھ يڪسان رھي ٿو جڏھن تہ وزن ڪشش ثقل Gravity جي حساب سان ھر جڳھ مختلف ٿئي ٿو. جيڪڏھن پڇيو وڃي تہ ھي مايو ڪٿان اچي ٿو اسان چونداسين تہ اھو جسم مادي مان ٺھيل آھي اھو ئي  مايو مھيا ڪري رھيو آھي.
مقداري سطح Quantum level تي ڏسڻ مان پتو پوي ٿو مادي جي بنياد ڪئار Quarks ۽ ليپٽان آھن. ڪئار ۽ ليپٽان ٻي ڪنھن شي مان جڙيل ناھن اھي توانائي مان جڙيل آھن ان ڪري انهن جو مايو نہ ھئڻ کپي پر اسان کي معلوم آھي ۽ ثابت شدھ آھي تہ ليپٽان ۽ ڪئار مايو رکن ٿا. ھاڻي ھي سوچڻ جي ڳالھ آھي تہ انهن کي مايو ڪٿان ملي ٿو ۽ ھي سوال بہ اٿندو رھي ٿو تہ جڏھن انهن بنيادي جزن جو مايو موجود آھي تہ فوٽان مايي بنا جز ڇو آھي؟
1960ع ۾ طبعي ماھرن بنيادي جزن کي بھتر طريقي سان سمجهڻ لاء جوڙون Equations اوسر ڪيون جن جي مدد سان اھي جزن کي سمجهي اڳڪٿي ڪري پئي سگهيا پر ھتي مونجھ اڃان وڌي وئي ڇوجو جڏھن اليڪٽران ۽ ڪئار کي فرض ڪيو پئي ويو تہ جوڙ ٺيڪ نموني ڪم ڪيو پئي پر جڏھن تہ ثابت شدھ آھي تہ اليڪٽران ۽ ڪئار مايو رکندڙ جزا آھن ۽ مايي جي مقدار جي حساب سان انهن جوڙن ٺيڪ نموني ڪم نہ ڪيو پئي.
 ان دوران پيٽر ھگز ھڪ نئين نظريي سان اڳيان آيو......ھن نظريي مطابق ڪائنات ۾ ھر جڳھ مطلق ميدان Higgs fields موجود ٿين ٿا ۽ جزا انهن ميدانن ۾ توانائي جي ڪري جڙن ٿا ۽ توانائي خارج ڪرڻ تي ھي جزا بہ ختم ٿي وڃن ٿا ۽ پيٽر ھرگز جو مڃڻ ھيو تہ ھن طرح ڪائنات ۾ ھڪ ٻيو ميدان موجود آھي جنھن جي توانائي سان مطلق جز Higgs bossom  جڙن ٿا. ھن جو مڃڻ ھيو تہ سڀ جزا فوٽان وانگر مايي بنا ٿين ٿا انهن سڀني جزن کي مطلق ميدان Higgs field ئي مايو مھيا ڪن ٿا.
جڏھن بہ ڪي جزا مطلق ميدان Higgs field ۾ داخل ٿين ٿا اھي جزا جيترو وڌيڪ مطلق ميدان سان پيچ اڙائيندا اھي اوترو وڌيڪ مايو رکندڙ ھوندا. جيئن تہ فوٽان مطلق ميدان سان ٿورڙو بہ پيچ نٿا اڙائن جنھن جي ڪري فوٽانن کي مايو نٿو ٿئي ۽ اليڪٽران مطلق ميدان سان ٿورو پيچ اڙائن ٿا ان ڪري اليڪٽرانن جو مايو گهٽ ٿئي ٿو جڏھن تہ ڪئار مطلق ميدان سان گهڻو رلن ملن ٿا انهي ڪري ڪئارن جو مايو وڌيڪ ٿئي ٿو.
1964ع ۾ پيٽر ھگز ھڪ سائنسي جريدي ۾ حسابي جوڙ mathematical Equation جي ذريعي ثابت ڪري ڇاپرائي پر ان وقت پذيرائي نہ ملي ڇوجو ھي ڳالھ مڃڻ مشڪل ھئي تہ اڻڏيکي ميدان Invisible fields ڪنھن جزي کي مايو ڏيئي سگهن ٿا. طبعي ماھرن مطابق مطلق ميدان Higgs fied جي موجودگي صرف حسابي نموني Mathamatically موجود ٿئي ٿي ان کي تجرباتي بنياد تي ثابت نہ ڪيو ويو ھو. ھن کي تجرباتي بنيادن تي ثابت ڪرڻ لاء Large Hadron Collider بنايو ويو ۽ حساب Maths جي مدد سان پتو پيو تہ جي اسان جي سوچ ٺيڪ آھي ۽ مطلق ميدان Higgs field موجود آھي تہ تمام ٿوري خال ۾ چارجي جزا پاڻ ۾ ٽڪرائين تہ ھي ٽڪراء مطلق ميدان Higgs field ۾ ڪجھ دير لاء ھلچل پيدا ڪندو جيئن پاڻي ۾ 2 تيز رفتار ٻيڙين جي پاڻي سان ٽڪراء جي ڪري پاڻي ۾ ھلچل پيدا ٿي وڃي ٿي. اھڙي طرح اھڙي ھلچل جي ڪري مطلق ميدان Higgs field ۾ مطلق جز Higgs boson يا God particle پيدا ٿيندا جن کي اسان سڃاڻي سگهون ٿا. سڃاڻپ ڪرڻ لاء مطلق جز جي Predicted Decay Pattern کي مانيٽر ڪيو وڃڻ ھيو.
ھن شي کي استعمال ڪندي 4 جولاء 2012ع ۾ LHC ۾ ٻن چارج ٿيل جزن کي روشني جي 99.9 رفتار تي پاڻ ۾ ٽڪرايو ويو تہ مطلق جز جو ڊيڪي مانيٽر ڪيو ويو جنھن مان پتو پيو تہ مطلق جز وجود رکن ٿا جنھن پيٽر ھگز جي نظريي کي صحيح ثابت ڪري ڇڏيو جنھن جي بنياد تي 2013ع ۾ پيٽر ھگز کي نوبل پرائيز ڏنو ويو.
مطلق ميدان Higgs field ۽ مطلق جز God particle يا Higgs boson کي وٺندي ھڪ غلط فھمي پاتي وڃي ٿي تہ مطلق جز جزن کي مايو مھيا ڪن ٿا پر حقيقت مختلف آھي مطلق جز تہ اھي جزا آھن جيڪي مطلق ميدان ۾ تونائي جي ڪري جڙن ٿا.
جيڪڏھن مطلق ميدان موجود نہ ھجي ھا جنھن کان سائنسدان 2012ع کان بي خبر ھئا تہ سڀ جزا بنا مايي ھجن ھا ۽ اھڙي صورت ۾ مادي جو وجود نہ ھجي ھا سڀ جزا فوٽان جي رفتار سان سفر ڪري رھيا ھجن ھا ۔ اليڪٽران نيوڪليس جي چوڌاري نہ ھجن ھا نہ ڪئار پاڻ ۾ ملي اليڪٽران ۽ پروٽان ٺاھن ھا نہ ايٽم ٺھن ھا نہ بانڊ ٺھن ھا، مطلب تہ مادي جو وجود نہ ھجي ھا، نہ اسان ھجون ھا نہ دنيا ھجي ھا پر جزن جي ڊوڙ ھيڏي ھيڏي جاري ھجي ھا. اسان چئي سگهون ٿا تہ ڪائنات جي وجود ۾ ھگز ميدان مک اھميت رکي ٿو.
 جيئن تہ اسان کي معلوم آھي تہ ڪائنات ۾ ھر جڳھ توانائي ميدان موجود آھن انهن ميدانن جو اثر ھر ھنڌ ساڳو ناھي. ڪٿي اھي اثر ڪن ٿا ڪٿي نٿا ڪن. پر مطلق ميدان ھر ھنڌ ھڪ جيئن ڪم ڪن ٿا چاھي ھي دنيا ھجي يا ٻي  ڪائنات جي ڪنڊ ھجي. ھي سڀني جڳھن تي ھڪ جھڙو اثر رکن ٿا.

مطلق جز ڇا ٿو ڪري؟
ڪنھن بہ شي جو ايٽم اليڪٽران ۔ نيوٽران ۽ پروٽان سان ملي جڙي ٿو پر انهن کي ھڪ مرڪز تي اھڙي طرح گڏ ڪم ڪرڻ تہ جيئن اھي ايٽم جي شڪل اختيار ڪري سگهن اھو ڪم مطلق جز ڪري ٿو. جوھري جزا انتھائي تيز رفتار ٿين ٿا جن کي مطلق جز پاڻ ڏي ڇڪي انهن جي رفتار گهٽ ڪري ٿو ۽ اھي ھڪ ايٽم جي شڪل اختيار ڪن ٿا.
ڪائنات ۾ مادي جو عام شڪلون نھرو ۔ پٽڙو ۽ گئس ٿين ٿيون. جيڪڏھن مطلق جز نہ ھجي ھا تہ ھن ڪائنات ۾ ستارن ۔ سيارن ۔ ڪھڪشائن ۽ دنيا جي بدران صرف توانائي جون لھرون ھجن ھا.

مطلق جز ڪھڙي نموني ڪم ڪري ٿو؟
پراسرار جوھري ذرن جي خالق پروفيسر ھگز بوسن ان کي ھڪ مثال سان واضح ڪيو آھي. ھي چوي ٿو تہ پراسرار ذرا ڪنھن اھم پرڪشش فلمي ۔ سماجي يا سياسي شخصيت وانگر ٿين ٿا جنھن کي ڏسي ماڻھو سڀ ڪجھ ڇڏي جلدي ۾ ھن جي طرف ڇڪجي اچن ٿا ۔ ڪو انهن سان تصوير ڪڍائڻ چاھي ٿو ۔ ڪو ھن کان آٽوگراف جي طلب رکي ٿو تہ ڪو ھٿ ملائڻ جي آرزو رکي اڳتي وڌي ٿو. ھن جي چوڻ مطابق ان ھجوم جو نالو ايٽم آھي. جوھري ذرن جي ميڙ جي نوعيت ۽ تعداد جي لحاظ کان مختلف نوعيت جا ايٽم وجود ۾ اچن ٿا ۽ پوء اھي ڪائنات جوڙين ٿا.

مطلق جز نہ ھجي ھا تہ؟
جيڪڏھن ھگز بوسن يا مطلق جز نہ ھجي ھا تہ ڪائنات ۾ سواء توانائي جي ٻيو ڪجھ بہ نہ ھجي ھا. ڪھڪشائون ۔ سج ۔ چنڊ ۔ ستارا ۔ زمينون ۽ انهن جا رنگ روپ ۽ زندگي جون مختلف شڪليون ڏسڻ ۾ نہ اچن ھا. طبيعاتي ماھرن جو چوڻ آھي تہ ڪائنات برقي مقناطيسي لھرن ۽ جوھري قوتن سان ڀري پئي آھي ۽ ھن وشال ڪائنات ۾ انهن کي ڪنھن مادي جي ضرورت ناھي پر ھن ڪائنات ۾ بي شمار مادي جسم ترن ٿا پيا. ماھرن مطابق توانائي ۽ مادو ھڪ ٻئي جو بدل آھن ۽ مادو ئي توانائي جي ھڪ شڪل آھي. پوء ھي سوال اڀري ٿو تہ آخر توانائي جو ڪجھ حصو مادي ۾ تبديل ڇو ٿيو ھن الجهن کي حل ڪيو پروفيسر ھگز بوسن ۽ ان ھي نظريو پيش ڪيو تہ جيڪڏھن مطلق جز نہ ھجي ھا تہ ڪائنات ۾ صرف توانائي ھجي ھا ۽ مادي جسم اڻ لڀ ھجن ھا.
ايڊن برگ ۾ واقع برطانيہ جي اسڪاٽ لينڊ يونيورسٽي جي سائنسدان ھگز بوسن 1964ع ۾ ھڪ پراسرار جوھري ذري جو نظريو پيش ڪيو. ڪائنات جي تخليق جي ماڊل جي جديد عمارت ھن نظريي تي بيٺل آھي. تصوراتي پراسرار ذري جو نالو ھن جي پنھنجي نالي ھگز بوسن تي رکيو ويو. ھن کان پوء ھن موضوع تي مطلق جز جي نالي سان ڪتاب شايع ٿي جنھن کان پوء پراسرار ذرو عام طور تي مطلق جز جي نالي سان مشھور ٿي ويو.

مطلق جز ڪڏھن وجود ۾ آيو؟
سائنسدان ھن نظريي تي متفق آھن تہ ڪائنات ھڪ تمام وڏي ڌماڪي جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي جنھن کي ڌم ڌماڪ چيو وڃي ٿو. ڌم ڌماڪ کان پھرين ھڪ تمام وڏو گولو موجود ھيو جيڪو پنھنجي اندروني بي پناھ قوت جي ڪري ڦاٽي وکري ويو گولو ڦٽڻ جي ڪري لامحدود مقدار ۾ توانائي وھي نڪتي ۽ تيزي سان ڦھلجڻ لڳي.
بگ بينگ کان پوء ھڪ سيڪنڊ جي اربئين حصي ۾ مطلق جز جنم ورتو ۽ ھن توانائي جي اڻ کٽ سمنڊ کي پاڻ طرف ڇڪڻ شروع ڪيو.
بنيادي طور تي توانائي ٻن قسمن جي ٿئي ٿي ھڪ اھا جيڪا مطلق جز جي ڪشش کي قبول ڪري ٿي ۽ ٻي اھا جنھن تي ھن جو اثر نٿو ٿئي بلڪل ايئن جيئن گهڻا ماڻھو پلٽجي اھم شخصيتن کي ڏسن نٿا ماھرن جو چوڻ آھي تہ ھن وقت ڪائنات ۾ وکريل توانائي جو وڌيڪ حصو اھو ئي آھي جنھن کي مطلق جز پنھنجي طرف ڇڪي نٿو سگهي.

مطلق جز ڪيئن دريافت ٿيو؟
ڪنھن بہ سائنسي نظريي جي اچڻ کان پھرين ليباريٽري ۾ ان جي سچائي جي تصديق ڪئي وڃي ٿي. ھگز بوسن جي نظريي جي تصديق جو ڪم پوئين صدي جي آخر ۾ شروع ٿيو پر وڏي پيماني تي ان جي تحقيق جو آغاز پارٽيڪل فزڪس جي دنيا جي سڀ کان وڏي تجربيگاھ لارج ھيڊرن ڪولائيڊر جي قيام بعد ٿيو. اربين ڊالرن جي ماليت تي ٻڌل ھن تجربيگاھ ۾ حلقي جي شڪل ۾ 17 ميل ڊگهي سرنگھ ٺاھي وئي جنھن جي ٻنهي سرن تي نصب طاقتور آلاتن ذريعي جوھري ذرن جون لھرون اھڙي انداز ۾ موڪليون ويون جو اھي ايتري قوت سان ھڪ ٻئي سان ٽڪرائيندي انهن جا جوھري ذرا ٽٽي وکري وڃن ۽ وري اھا شڪل اختيار ڪن جا اربين سال پھرين ڌم ڌماڪ جي وقت ھئي. جوھري ذرن جي ٽڪراء جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڊيٽا کي ھزارن ڪمپيوٽرن سان پراسس ڪيو ويو. سائنسدانن جي ٻن الڳ وڏين ٽيمن تجربن جي رونمائي جي نتيجن کي بار بار پرکيو.
4 جولاء تي ھن صدي جي سڀ کان وڏي سائنسي دريافت جو اعلان ڪندي سائنسدانن چيو تہ پنھنجي نتيجن جي صداقت تي پنج سيگما تائين يقين آھي. سائنسي اصطلاح ۾ سيگما مان مراد ھڪ اربھون حصو آھي يعني ھن دريافت ۾ غلطي جو امڪان ھڪ ارب ۾ صرف پنج آھي.

مطق جز جو ڪائنات جوڙڻ ۾ ڪردار :-
پور توانائي Vaccum energy ۽ ڪاري توانائي Black energy ۔ ھاڻي ڪاري توانائي خود پور توانائي جو ھڪ قسم آھي. پور توانائي Vaccum energy مان ورچوئل جزا تخليق ٿيا. جوھري جزن Virtual particles جي ماپ ۾ اضافو ٿيو. مطلق جز Higgs boson مطلق ميدان Higgs field ذريعي انهن ذرن کي مقدار يا مايو ڏيڻ ۔ انهن جزن جو مايو حاصل ڪرڻ ۔ بنيادي جزن جو پاڻ ۾ جڙڻ. اليڪٽران ۔ پروٽان ۽ نيوٽران جي پيدائش ۔ ايٽم جو ٺھڻ ۔ ماليڪيول ٺھڻ ۔ مادو ٺھڻ ۔ سيارن ۔ ستارن ۽ ڪھڪشائن جو ٺھڻ ۔ پوري ڪائنات جو وجود ۾ اچڻ ۔ ڪائنات جي جڙڻ سان ٻہ شيون ڪارفرما ٿيون.
مطلق ميدان Higgs field
پور توانائي  Vaccum energy
مطلق ميدان Higgs field سڄي ڪائنات ۾ موجود ھو ۽ ان مايي ٺاھڻ لاء پور توانائي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ پور توانائي مان مادي ذرا تخليق ڪيا يعني مطلق جز مطلق ميدان ذريعي جزن کي مايو ڏيئي مادي جي شڪل ڏني ۽ ڪائنات جي تخليق جي بنياد رکي. ھي پور توانائي ۽ مطلق جز سڄي ڪائنات ۾ موجود ۔ مادي جي تخليق جو بنيادي سبب ۔ ڪائنات جي پيدائش جو مظھر ۔ ان کي پکيڙ ڏيڻ: سڀ مطلق جز ۽ مطلق جزي سان مليل پور توانائي جي ڪري ٿيو. مطلق جز پور توانائي ذريعي ايٽم ٺاھڻ ۔ ماليڪيول ٺاھڻ ۔ مادو ٺاھڻ ۔ ڪائنات جوڙڻ ۾ اڳڀرو رھيو مقداري ميڪانيات چوي ٿي.
مطلق جز مادي ذرو آھي جيڪو مطلق ميدان Higgs field ذريعي ضابطو رکي ٿو. ھن سڄي تھ ۾  ھڪ ئي قوت ڪارفرما آھي يعني مطلق جز ۽ ان جي پور توانائي.
مطلق جز 126 بلين اليڪٽران وولٽ يا پروٽان جي مايي يا مقدار کان 122 ڀيرا وڌيڪ ڀاري ذرو آھي.
طبيعاتي ماھرن مطابق مطلق توانائي ميدان ڪائنات جي ابتدا ۾ پيدا ٿيو. مطلب اھو ٿيو تہ Inflation theory مطابق جڏھن پور توانائي جوھري جزن Virtual particle مان مادي ذرا پيدا ڪيا تہ گڏ ئي ڪشش ثقل ڏيڻ لاء مطلق ميدان ۽ ان جو ذرو مطلق جز بہ تخليق ڪيو جنھن کان پوء ڪائنات کي ڪشش ثقل ڏني وئي ۽ حتمي شڪل ڏني وئي. ڪشش ثقل مادي جي ڪري پيدا ٿي ۽ مادي جي مايي جو وجود مطلق ميدان جي مادي ذري مطلق جز جي ڪري ٿي جڏھن تہ مادي جي پيدائش پور توانائي جي ڪري ٿي.
ھاڻي ٻہ نظريا آھن. ھڪ تہ پور توانائي مطلق ميدان ۽ پوء مطلق جز ۽ تمام مادي ذرا تخليق ڪرايا.
ٻيو تصور ھي آھي تہ ڪاري توانائي مطلق ميدان Higgs field جي ڪري وجود ۾ آئي. مطلق ميدان Higgs field مان ڪاري توانائي جيڪا پور توانائي جو روپ آھي وجود ۾ آئي ۽ پوء مادي ذرا ۽ انهن مان ڪائنات جي تخليق ۽ ان جي پکيڙ يا خود پور توانائي Vaccum energy مان مطلق جز God particle پنھنجي قوت يعني پور توانائي مان مادي جزن کي تخليق ڪيو، پوء انهن کي مطلق ميدان Higgs field مايو يا مقدار ۽ ڪشش ثقل ڏني. پوء ان مادي مان پوري ڪائنات تخليق ڪئي ۽ ھاڻي ھن توانائي جي سطح توازن رکيون ڪائنات کي قائم رکيو ويٺي آھي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

2 comments: