Friday 26 July 2019

ڍِڍ Thorax 💎اصغر ساگر💎

ڍِڍ يا سينو پيٽ ۽ ڳچي جي وچ ۾ واقع انسانن جي انگيات ۽ مختلف ٻين جانورن جي انگيات جو حصو آھي.  ڍِڍ ڍِڍي خال ۽ ڍِڍي ڀت تي مشتمل آھي. اھو عضون تي مشتمل آھي جن ۾ دل ۔ ڦڦڙ ۽ عنقي غدود ان کان سواء مشڪون ۽ مختلف ٻيون اندروني جوڙجڪون اچي وڃن ٿيون.
The thorax or chest is a part of the anatomy of humans and various other animals located between the neck and the abdomen. The thorax includes the thoracic cavity and the thoracic wall. It contains organs including the heart, lungs, and thymus gland, as well as muscles and various other internal structures.

Thorax ۔ Chest
ڍِڍ - ڍِڍر - ڀَڀر - ڏيل - سرير - سينو - ڇاتي - ڪوڙو ۔ جُسو ۔ ڀانڊو

Anatomy  انگيات

ڳچي ۔ نڙي ۔ گردن ۔ عَنق ۔ ڳاٽو ۔ ڳلو   Neck

Abdomen  پيٽ ۔ شڪم

Thoracic cavity
ڍڍي خال ۔ ڪوڙي خال ۔ سريري خال ۔ سيني وارو خال ۔ سيني واري کڏ

Thoracic wall
ڍڍي ڀت ۔ ڪوڙي ڀت ۔ سريري ڀت ۔ سيني واري ڀت

Organs عضوا ۔ انگ

دل  Heart

Lungs  ڦڦڙ

Thymus gland
عنقي غدود ۔ گردني غدود ۔ ڳچي وارو غدود ۔ ڳچيء ۾ واقع غدود

Muscles  مشڪون

Various other internal structures
مختلف ٻيون اندروني جوڙجڪون

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment