Monday 22 July 2019

ٻانھوڏي Humerus 💎اصغر ساگر💎

ٻانھوڏي مٿين ٻانھن جي ڊگهي ھڏي آھي۔. اھا ٺوٺ جي سنڌ ۽ ڪلهي ۾ واقع آھي. ٺوٺ وٽ،اھا بنيادي طور تي ھٿوڏي سان ملي ٿي جڏھن تہ اڳين ٻانھن جي قطروڏي ڪارائي سان ملي ٿي. ڪلهي وٽ ٻانھوڏي ڪلهپر جي کھاڏي رستي جسم جي چوکٽ سان ملي ٿي.
The humerus is the long bone in the upper arm. It is located between the elbow joint and the shoulder. At the elbow, it connects primarily to the ulna, as the forearm's radial bone connects to the wrist. At the shoulder, the humerus connects to the frame of the body via the glenoid fossa of the scapula.

Humerus  ٻانھوڏي ۔ ٻانھن واري ھڏي

ڊگهي ھڏي    Long bone

Shoulder  ڪلهو

ٺوٺ   Elbow

Primarily  بنيادي طور تي ۔ ابتدائي طور

ھَٿوڏِي ۔ ھٿ واري ھڏي  Ulna

Forearm  اڳين ٻانھن

قَطروڏِي ۔ قطر واري ھڏي  Radial bone

Forearm's radial bone
اڳين ٻانھن جي قَطروڏِي ۔ اڳين ٻانھن جي قطري ھڏي

Wrist  ڪارائي

ڪلهو  Shoulder

Frame       چوڪٺ ۔ گهاڙ ۔ ڍانچو ۔ ڪارب ۔ قالب

Elbow joint  ٺوٺ جو سنڌ ۔ ٺوٺ جو جوڙ

Scapula
ڪُلهپَر ۔ ڪُلهپَٽي ۔ ڪلهي تي لڳڻ واري پٽي ۔ ڪلهي کي ڍڪڻ وارو شھپر

Glenoid fossa
کُھاڏو ۔ کوھاڏو ۔ ھڏي ۾  کڏ يا پيالي نما سوراخ ۔ ڪلھي جي پيالي نما کڏ جنھن ۾ ٻانھوڏي ملي فٽ ٿي ڪلهي جو جوڙ بنائي ٿي.

Glenoid fossa of scapula
ڪُلهپَر جو کُھاڏو ۔ ڪُلهپَر جو کوھاڏو ۔ ڪلهپر جي پيالي نما کڏ جنھن ۾ ٻانھوڏي ملي فٽ ٿي ڪلهي جو جوڙ بنائي ٿي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment