Sunday, 9 June 2019
ماڻڪي Pupil 💎اصغر ساگر💎
MyDairyAsgharSagar
June 09, 2019
ماڻڪي اک جي تاري جي وچ ۾ واقع سوراخ آھي جيڪو روشني کي نرحس سان لڳڻ ڏئي ٿو. اھو ڪارو نظر اچي ٿو ڇوجو روشني جا ڪرڻا اک ۾ سڌو يا اوڄن پاران جذ ب ٿي وڃن ٿا يا اک ۾ روشني جي موڙن جي پکيڙ کان پوء جذب ٿي وڃن ٿا جيڪي گهڻو ڪري سوڙھي ماڻڪي مان نڪرڻ جي کوٽ محسوس ڪن ٿا.
The pupil is a hole located in the center of the iris of the eye that allows light to strike the retina. It appears black because light rays entering the pupil are either absorbed by the tissues inside the eye directly, or absorbed after diffuse reflections within the eye that mostly miss exiting the narrow pupil.
Pupil ماڻڪي
تارو Iris
To strike لڳڻ
Retina
نرحس ۔ نرجوت ۔ حس جهلي
Either يا
اوڄا Tissues
Directly سڌو
Diffuse reflections
روشني جي موڙن جي پکيڙ
Exiting نڪرڻ ۔ نيڪالي
سوڙھي ماڻڪي Narrow pupil
Saturday, 8 June 2019
خشڪي ۔ سوڪ Dehydration 💎اصغر ساگر💎
MyDairyAsgharSagar
June 08, 2019
خشڪي تڏھن اچي ٿي جڏھن توھان جي جسم ۾ ايترو پاڻي نہ ھوندو آھي جيتري توھان کي ضرورت پوندي آھي. ڪافي (پاڻي) کان سواء، توھان جو جسم ٺيڪ نموني ڪم نٿو ڪري سگهي. توھان کي ھلڪي ۔ پوري يا شديد خشڪي ٿي سگهي ٿي جيڪا ان تي ڀاڙي ٿي تہ توھان جي جسم ۾ ڪيتري پاڻيٺ جي کوٽ آھي. وڪيپيڊيا
Dehydration happens when your body doesn't have as much water as it needs. Without enough, your body can't function properly. You can have mild, moderate, or severe dehydration depending on how much fluid is missing from your body. Wikipedia
Mild dehydration ھلڪي خشڪي
Moderate dehydration وچولي خشڪي
Severe dehydration شديد خشڪي
بواسير - موڪا Hemorrhoids 💎اصغر ساگر💎
MyDairyAsgharSagar
June 08, 2019
بواسير کي عام انگريزي ۾ موڪا Piles، ۽ ميڊيڪل اصطلاح ۾ Hemorrhoids بہ چوندا آهن.
انساني جسم جا سڀ نظام هڪ ٻئي تي دارومدار رکن ٿا، جيڪڏنهن ڪنهن هڪ نظام ۾ گڙٻڙ ٿئي تہ ان سان ٻين تي بہ برو اثر پوندو آهي. بواسير بہ انهن مرضن مان هڪ آهي جيڪو جسم جي ٻين نظامن جي گڙٻڙ جي نتيجي ۾ شروع ٿئي ٿو. بواسير جا ڪارڻ مختلف مرضن ۾ مختلف هوندا آهن.
هي بيماري اصل ۾ رت جي رڳن جي بيماري آهي. انساني جسم جي وڏي آنڊي جو آخري حصو جيڪو ريک Rectum سڏجي ٿو ، ان ۾ موجود رت جون ڪجهه مخصوص رت رڳون (Blood Vessels) سُڄي وينديون آهن. گهڻو کائڻ ۽ گهڻو مصالحو استعمال ڪرڻ سان سوداوي رياح پيدا ٿئي ٿو جنھن جي ڪري بواسير پيدا ٿئي ٿو. بواسير دراصل باسوري رياح جي پيداوار آھي.
باسوري رياح ڇاھي؟
باسوري رياح ھڪ گهاٽي غليظ رياح آھي جيڪا مشڪل سان تحليل ٿئي ٿي. باسوري رياح کي پيدا ڪرڻ ۾ سوداوي خلط وڏو ڪردار پيدا ڪري ٿو جن ۾ لطيف سوداوي مادا گردن ۽ ٻين گڏيل عضون جي گرمي جي ڪري غلاظت کي پڪڙن ٿا. غليظ ۽ اڻ تحليل ھئڻ ڪري ھي باسوري رياح دن ۽ گردن جي چوڌاري ۽ آنڊن ۾ گردش ڪري ٿي تہ درد ۔ ڀرتي ۔ پيٽ ۾ سختي ۽ قولنج پيدا ڪن ٿا. جڏھن اھا رياح پٺي طرف پيشقدمي ڪري ٿي تہ رياحي درد اڀرن ٿا ۔ بڪين ۾ ٽراٽون پون ٿيون ۔ بڪين کي ڄڻ چڪ لڳي وڃي ٿو ۔ دل ۾ بي چيني ۽ بي ترتيبي پيدا ٿي وڃي ٿي ۔ پيٽ ۽ چيلھ جا عضوا ان جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا ۔ عضوا ٽٽڻ لڳن ٿا ۔ ھڏين ۾ پيڙ پوڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۔ خصين ۾ ھڙڳون پون ٿيون ۔ مقعد سور جي پڪڙ ۾ رھي ٿو ۔ مقعد جي ڀرسان ۽ آنڊن ۾ باريڪ رڳون پيدا ٿين ٿيون جتان موڪن جي پيدائش شروع ٿئي ٿي.
عورتن ۾ ھي مرض حمل دوران ۔ حمل کان پوء ۽ ڪپڙن بگڙڻ يعني ڪپڙا گهٽ اچڻ ۔ ڪپڙا وڌ اچڻ يا ڪپڙا نہ اچڻ جي نتيجي ۾ بواسير خوني ۽ بادي جنم وٺي ٿو. بواسير موروثي مرض ھئڻ ڪري نسل کان نسلن ڏي پڻ ھلي ٿو.
بواسير جو آغاز ۽ نشانيون:-
بواسير جڏھن رونما ٿئي ٿو تہ پنھنجي مستقل پڪڙ رکي ٿو. بواسير جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ڪجھ مليل جليل علامتون جنم وٺن ٿيون.
- مقعد ۾ خارش ٿيڻ.
- مقعد ۾ چرڪو محسوس ٿيڻ.
- مقعد ۾ چڀڪا ٿيڻ.
- مقعد ۾ پٽ.
- مقعد ۾ جلن.
- مقعد ۾ ڇڪ.
- پيٽ ۾ ڀرتي.
- پيٽان لِوِ ويھڻ.
- پيچشي صورتحال رھڻ.
- پيشاب صحيح نہ اچڻ
- پيشاب مشڪل سان نڪرڻ
- پيشاب ڪرڻ وقت خون اچڻ ۔ جي خون نٿو اچي تہ بواسير ناھي پر قبض آھي.
- پيشاب ڪرڻ وقت جلن محسوس ٿئي تہ بواسير آھي.
- مقعد ۾ درد
- مقعد مان خون جو وھڻ
- پٺاڙن ۾ درد
- تيزابيت
- بدھضمي جو مسئلو
- ماھواري ۾ رڪاوٽ
- قبضي جھڙا عارضا جنم وٺن ٿا.
بواسير باسور جو جمع آھي ۔ ھن جو سبب غليظ ۽ فاسد (فساد پيدا ڪندڙ) سوداوي خون آھي جيڪو مقعد جي ڀرسان پيدا ٿيندڙ باريڪ رڳن ۾ جمع ٿي موڪن جي افزائش ڪري ٿو.
طب جي لحاظ کان بواسير جا قسم:-
بواسير جا ٻہ قسم آھن.
(1)خوني بواسير
(2)بادي بواسير
(1)خوني بواسير
ريک (Rectum ) ۾ موجود رت جون اهي مخصوص رڳون جڏهن ڪافي سڄيو وڃن تہ نهايت ڪمزور ٿي زخمي (Ulcerative ) بہ ٿيو وڃن ٿيون، خاص طور تي قبض ۾ سخت پاخاني جي گذرڻ سان آنڊي جو اهو آخري حصو تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿو ۽ ان مان وقت بہ وقت موڪن مان رت خارج ٿيڻ لڳندو آهي.
خوني بواسير جو وقت سر علاج ڪرائڻ بيحد ضروري آهي ڇاڪاڻ جو مريض جي جسم مان رت جو لاڳيتو ضايع ٿيڻ هڪ تمام خطرناڪ صورتحال آهي. علاج ۾ سستي ڪرڻ سان مريض ۾ خون جي شديد گهٽتائي ۽ ڪمزوري لاحق ٿي ويندي آهي ۽ رت جون اهي سڄيل رڳون آنڊي کي بہ ڪمزور ڪريو ڇڏين. اهڙي صورتحال ۾ خوني بواسير جي مريض کي پيٽان رت اچڻ سان گڏوگڏ آنڊي جو ڪجھ حصو ٻاهر نڪري اچڻ جي تڪليف بہ ٿي ويندي آهي. غم ۔ خوف ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا بواسير جو شڪار ٿين ٿا. ھن صورت ۾ رت وھڻ شروع ٿي وڃي ٿو. موڪا مختلف قسمن جا ٿين ٿا جيڪي آڱر سان محسوس ڪري سگهجن ٿا. خوني بواسير جي مريضن جي چھري جي رنگت اڪثر پيلي يا ساواڻ مائل ٿئي ٿي. مقعد ۾ پيڙ ۔ سوزش ۽ خارش محسوس ٿيندي آھي. جيڪڏھن بواسير خوني آھي تہ رت براز کي پھرين يا پوء لڳي ليڪ جي صورت ۾ وھي ٿو يا قطرو قطرو ٿي ٽپڪڻ لڳي ٿو يا اجابت جي شڪل ۾ اجابت سان ملي ڪيڏي مھل ڌار وانگر وھي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن پچڪاري جي صورت ۾ بہ خارج ٿئي ٿو.
بادي بواسير:-
بادي بواسير ۾ جلن ۽ خارش کان سواء ڇڪ زيادھ ٿئي ٿي ان ڪري ھن قسم جي بواسير ۾ خون نٿو وھي. خون ڪڏھن پاخاني سان گڏجي ملي اچي ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن پاخاني مان خون جا قطرا اچن ٿا.
بادي بواسير ۾ پيٽ تي ڀرتي رھي ٿي ۽ قبضي ھجڻ ڪري پيٽ جي ڦوڪجڻ جي شڪايت رھي ٿي.
ميڊيڪل سائنس مطابق بواسير جا قسم:-
ميڊيڪل ڄاڻ موجب بواسير جا 3 قسم آهن ، ان کان علاوه بواسير جي هر قسم جا وري مختلف اسٽيج يا مرحلا بہ هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو بواسير جو علاج تجويز ڪرڻ کان اڳ هن بيماري جو مڪمل تفصيل ۽ مريض جو جسماني معائنو ڪرڻ تمام ضروري هوندو آهي جيئن مرض جو قسم ۽ مرحلو وغيره معلوم ڪري سگهجي. اها معلومات انڪري بہ ضروري هوندي آهي جو بواسير جي مختلف قسمن جو علاج بہ مختلف هوندو آهي.
بواسير جا قسم :-
1. لڪل بواسير Internal hemorrhoids
2. ظاهر بواسير External hemorrhoids
3. مڪمل بواسير Mixed hemorrhoids
1. لڪل بواسير Internal hemorrhoids
”لڪل بواسير“ سڀ کان وڌيڪ عام مرض آهي. هن مرض ۾ رت جون اهي رڳون سڄي وينديون آهن جيڪي پاخاني جي جاء ”مقعد“ کان ڪافي اندر لڪل هونديون آهن.
بواسير جي هن قسم جي شروعاتي مرحلن ۾ مريض کي صرف پيٽان رت اچڻ جي شڪايت هوندي آهي، ليڪن سور يا تڪليف بلڪل نہ ٿيندي آهي.
لڪل بواسير جا چار مرحلا هوندا آهن.
پهرئين مرحلي ۾ رت جون اندريون لڪل رڳون سڄيل ۽ سوزشدار ٿي وينديون آهن ۽ مريض کي صرف پيٽان رت اچڻ جي شڪايت هوندي آهي.
ٻئين اسٽيج مرحلي ۾ رت جي رڳن جي اها سوڄ ۽ سوزش ڪافي وڌي ويندي آهي ۽ مريض جڏهن پاخانو ڪندو آهي تہ آنڊي جو ڪجهه حصو ٻاهر لڙڪي پوندو آهي پر ازخود واپس هلي ويندو آهي.
ٽئين مرحلي ۾ رت جون اهي سڄيل رڳون آنڊي سميت ٻاهر لڙڪيل رهجيو وڃن ۽ ازخود واپس نہ وڃي سگهنديون آهن. انهن جي واپسي لاء مريض کي هٿ سان اندر دٻاء ڏيڻو پوندو آهي.
چوٿون مرحلو تمام تڪليفدھ مرحلو آهي، ڇاڪاڻ جو ٻاهر نڪتل آنڊو جنهن ۾ سوزشدار سڄيل رڳون موجود هونديون آهن ، اهو مريض جي ڪوششن باوجود واپس اندر نہ وڃي سگهندو آهي.
بواسير جا مريض اڪثر طور لڪل بواسير جي مرض ۾ ئي مبتلا هوندا آهن ، ڪوبہ علاج تجويز ڪرڻ کان اڳ مريض جي بيماري جو اسٽيج مٿي ٻڌايل علامتن جي مدد سان معلوم ڪرڻ نھايت ضروري آهي.
2. ظاهر بواسير External hemorrhoids
جڏهن وڏي آنڊي جي بلڪل آخري حصي ۾ موجود رت جون اهي رڳون سوزشدار ۽ سڄي وڃن جيڪي ”مقعد“ جي بلڪل ويجهو هجن تہ اهڙي حالت کي ميڊيڪل جي ٻولي ۾ ظاهر بواسير External hemorrhoids چوندا آهن. ظاهر بواسير جي مريضن کي شديد تڪليف ٿيندي آهي ڇاڪاڻ جو رت جون اهي رڳون ٻاهرين کل تائين سڄيل هونديون آهن ۽ جسم جي انهن حصن تي تڪليف محسوس ڪرائيندڙ دماغ جون تنتون وڌيڪ فعال هجن ٿيون.
ظاهر بواسير جي مريضن کي هلڻ، ويهڻ ۽ سمهڻ ۾ بہ شديد تڪليف ٿيندي آهي جنهنڪري اصل علاج کان اڳ سور ختم ڪرائيندڙ دوائون بہ تجويز ڪيون وينديون آهي.
لڪل بواسير جي مقابلي ۾ هن قسم جي بواسير External hemorrhoids جا مريض ڪجهه گهٽ هوندا آهن.
3.مڪمل بواسير Mixed hemorrhoids
جنهن مريض ۾ بواسير جي ٻنهي قسمن (لڪل ۽ ظاهر بواسير ) جون علامتون هڪ ئي وقت موجود هجن تہ ميڊيڪل جي ٻولي ۾ اهڙي حالت کي مڪمل بواسير ( Mixed hemorrhoids) چوندا آهن.
خلط جي حساب سان بواسير جي ورھاست:-
عارضي ۽ سببن جي لحاظ کان بواسير ٻن حصن ۾ ورھايل آھي.
ھڪ دموي يا سودائي:-
ھن بواسير ۾ دموي يا صفراوي مادو شامل ٿئي ٿو.
ٻيو صفراوي:-
ھن بواسير کي سوزشي يا صفراوي بواسير پڻ چئبو آھي. موڪن جي قسم جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو.
بواسير جا نمونا:-
(1) مسوري موڪا:-
ھنن موڪن کي عربي ۾ عدسیہ یا حمصیہ چئبو آھي. ھي موڪا مسور جي ماپ کان چڻي جيترا ٿين ٿا ھي موڪا ننڍا ٿين ٿا پر موڪن جي سڀني قسمن ۾ ردي ٿين ٿا.
(2) انگوري موڪا:-
ھنن موڪن کي عربي ۾ عنبي موڪا چئبو آھي. انگوري موڪا ھنن کي ان ڪري چيو ويندو آھي جو ھنن موڪن جي شڪل ۽ جسامت انگور جي داڻي جيتري ٿئي ٿي جڏھن تہ مسن جو رنگ واڱڻائي ٿئي ٿو.
(3) توتي موڪا:-
ھنن موڪن کي عربي ۾ توتي موڪا چيو وڃي ٿو. ھي موڪا توت وانگر ڊگها ۽ جسامت ۾ توت جھڙا ٿين ٿا. ھي مسا نرم ٿين ٿا. ھنن جو رنگ توت وانگر سياھ ٿئي ٿو.
(4) سوپارا موڪا
ھنن موڪن کي عربي ۾ نفاخي موڪا چيو وڃي ٿو. ھي موڪا رنگت ۾ سفيد ۔ وڏا ۽ سوپاري جھڙا ٿين ٿا. ھنن موڪن ۾ درد نٿو ٿئي.
(5) ڏوڏوي موڪا
ھنن موڪن کي عربي ۾ نخلي موڪا چيو وڃي ٿو. ھي موڪا ڏوڏي جھڙا ٿين ٿا. ھن کي ٽار ۽ پاڙون ٿين ٿيون. اھڙي طرح وڌي ٿو جئين کجي جو وڻ وڌي ٿو. ھي قسم سڀ کان ردي قسم آھي.
(6) انجيري موڪا
ھنن موڪن کي عربي ۾ تيني موڪا چيو وڃي ٿو. ھي موڪا انجير جھڙا ٿين ٿا انجير وانگر ٿلھا ۽ انجير وانگر چپٽيل.
(7) ڇلردار موڪا
ھنن موڪن کي عربي ۾ مدي موڪا چيو وڃي ٿو. ھي موڪا ڇلردار يا ڇليل ٿين ٿا. ھنن موڪن مان خون ۽ گند گڏ وھي ٿو.
بواسير جا پھريان ٽي قسم عام ٿين ٿا باقي چار قسم ڪڏھن ڪڏھن نظر اچن ٿا. ان ڪري تمام قسمن مان ردي قسمن وارا بواسير وارا موڪا ٿين ٿا جيڪي مشڪل سان زائل ٿين ٿا. بواسير جا ست ئي قسم ٻن قسمن جا عارضا رکن ٿا. ھڪڙن مان ڦڪو پاڻي ۽ خون وھي ٿو ۽ ٻين مان خون نٿو وھي. جن موڪن مان خون ۽ پاڻي وھي ٿو انهن کي خوني بواسير (داميا بواسير) چئبو آھي. اھڙي قسم جي بواسير مان خون ڪڏھن گهٽ يا وڌ اچي ٿو ڇوجو رڳن جا ڪنارا کلي وڃن ٿا تہ خون وھڻ شروع ٿي وڃي ٿو ان کي بادي بواسير (عميا يا اصمم) چئبو آھي.
بواسير چاھي خوني ھجي يا بادي ٻنهي صورتن ۾ موڪا يا مقعد جي ٻاھر اڀريل ٿين ٿا يا مقعد جي اندر نالي ۾ ٿين ٿا يا مقعد لڳ نظر اچن ٿا. جيڪڏھن موڪا ٻاھر نظر اچن انهن کي ظاھر بواسير جيڪڏھن اندر ھجن ۽ نظر نہ اچن تہ انهن کي مخفي بواسير چئبو آھي. اھڙي طرح جي حساب سان بواسير جا ڪل قسم 21 بيھن ٿا.
بواسير ڇو ٿو ٿئي:-
بواسير جو مرض عام طور تي هيٺين سببن جي ڪري ٿئي ٿو.
- پراڻو قبض.
- ٿولھ.
- هڪ ٻئي پٺيان حمل ٿيڻ.
- سگريٽ نوشي.
- دست.
- زيادھ مرچ استمال ڪرڻ.
- گرم مصالحي جو استعمال.
- ساوا مرچ تري کائڻ.
- جيرو ۔ تيز جلاب ۔پيٽ جا ڪيڙا.
-اڻ ھضم ۔ سڻڀدار ۔ کٽين ۽ بادين شين جو استعمال.
- تيز جلاب کائڻ.
- دوائن جو مسلسل کائڻ
- حيض جي بندش
- منشيات
- ڪولا مشروب جو استعمال
- بيڪري جون شيون کائڻ
- وڏي گوشت جو مسلسل استعمال.
- ڪڙھايون کائڻ.
- واڱڻ ۔ چڻي جي دال ۽ مسور جي دال جو گهڻو استعمال ڪرڻ.
- سگريٽ نوشي جو ڪثرت سان استعمال.
- روز بيدو کائڻ ۔
- مساليدار کاڌا وڌيڪ کائڻ.
- پڪوڙا ۽ سموسا کائڻ.
- غير متوازن خوراڪ.
- وقت بوقت کاڌا کائڻ.
- بغير بک جي کاڌو کائڻ.
- پاڻي ٿوري مقدار ۾ پيئڻ.
- ذھني پريشانيون.
- سائي.
- جيري جو خون نہ ٺاھڻ.
- شگر ۔ زيادھ ڪرسي تي ويھڻ.
- گرم جڳھن تي ويھڻ.
- نوڪدار يا ڪناري وارين جڳھن تي ويھڻ.
مفعوليت جو ڪردار ادا ڪرڻ
- کاري پاڻي واري مڇي کائڻ.
- گهڻي ڪتل کائڻ يا گهڻا ڏوڏا کائڻ.
- بار بار جلاب وٺڻ.
- ھاضمي جي ڪمزوري.
- قوت مدافعت جو ڪمزور ھجڻ.
- معدي جو ڪمزور ھجڻ.
- معدي جي گرمي ھجڻ.
- جيري جي ڪمزوري.
- شراب نوشي.
- مزاج جي گرمي.
- خون جو بگڙڻ.
- خون جي گرمي.
- خون جو گهاٽو ٿيڻ.
- عورتن کي حمل جي دوران بواسير ٿئي ٿو.
- آنڊن جي ڪارڪردگي ۾ رونما ٿيل خرابي جي ڪري بواسير پيدا ٿئي ٿو.
- غم ۔ خوف ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا بواسير جو شڪار ٿين ٿا.
- ھي مرض گرمي جي نسبت سردي ۾ وڌيڪ لاحق ٿئي ٿو ڇوجو سردي ۾ گهٽ پاڻي پيئڻ جي ڪري ھي مرض ڪر کڻي ٿو. جڏھن جسم ۾ خشڪي جو غلبو ٿئي ٿو تہ آنڊن جي فعل ۾ نقص پيدا ٿي وڃي ٿو جيڪو بواسير جي صورت ۾ ظاھر ٿي تڪليفن جو سبب بنجي ٿو.
پرھيز
مسالن وارا کاڌا کائڻ نہ کپن.
پالڪ ۔ ڀينڊي ۔ بيدي ۔ گوشت ۔ مڇي ۔ چڻن جي دال کان ڪنارو ڪرڻ کپي.
مرچ استعمال نہ ڪرڻ کپن.
سموسي ۽ پڪوڙي کان بچڻ کپي.
ديڳ واري ڀت کان پاسو ڪرڻ کپي.
بواسير کان بچڻ لاء اپاء:-
تاندور Fiber وارا ميوا ۽ ڀاڄيون کائڻ کپن.
سمھڻ کان پھرين 2 انجير کائڻ کپن ائين ڪرڻ سان قبض دور ٿيندي ۽ درد کان نجات ملندي.
ٻہ دفعا ڏندڻ ڏيڻ کپي.
کير جو جهارو پيئڻ کپي.
علاج:-
نسخو (1) :-
مغز نم تولو
مغز بڪائن تولو
رسول تولو
ايريو تولو
اڪ جون ڦلڙيون خشڪ تولو
سڀ ڪٽي پاڻ ۾ ملائي پائوڊر ڪري ٿورڙو پاڻي ملائي پاڻ ۾ آميز ڪري چڻن جيترا حب ٺاھجن. ڇانو ۾ سڪائجن.
ھڪ حب صبح ۽ شام
بواسير لاء مجرب ۽ بھترين آھي.
نوٽ:- اڪ جون ڦلڙيون گلن سميت پٽجن. ٽارين کي گلن کان ڪٽجي. اڪ جي ڦلڙين کي گلن سميت ڌوئي انهن کي ڪمري ۾ مٿان پکو ھلائي ڇانو ۾ سڪائجي ۽ ڪٽي پائوڊر ڪري ڪم ۾ آڻجي.
نسخو (2) :-
آريٺو کل تولو
رسول تولو
ڪارو ڳڙ تولو
ڌار ڌار ڪٽي پائوڊر ڪري ڪاري ڳڙ سان گڏ ڪٽجي يڪ جان ڪجي. ٿورڙو پاڻي ملائي آٻوھي چڻي جيترا حب ٺاھجن.
ھڪ حب صبح ۽ شام پاڻي يا ڏھي سان.
نسخو (3) :-
رسول 2 تولا
آريٺو کل 2 تولا
مغز نم 2 تولا
وڏي ھريڙ کل 2 تولا
باداميون 2 تولا
ڌار ڌار ڪٽي پائوڊر ڪري ملائجن. ٿورڙو پاڻي ملائي چڻي جيترا حب ٺاھجن.
ھڪ حب صبح شام
نسخو (4) :-
ناريل جي مٿين وارن واري خشڪ کلن کي جيتريون ھجن تغاري ۾ انهن کي باھ ڏيئي خاڪ ڪجي. پائوڊر ڪري رکجي.
چپٽي صبح شام پاڻي سان پيئجي.
سستو نسخو پر زود اثر پھرين خوراڪ ۾ اثر ڪري ٿو. ھلي ھلي موڪا ڪري پون ٿا.
نسخو (5) :-
مرھم بواسير
رسول 2 تولا
سھاڳو 2 تولا
ويزلين 4 تولا
رسول سھاڳي کي پائوڊر ڪري ويزلين ۾ ملائي يڪ جان ڪجي.
ھي مرھم روز موڪن کي لائجي جيڪڏھن موڪا مقعد اندر ھجن انهن کي اندر لائجي.
ھلي ھلي موڪا ڇڻي پوندا. ھي بھترين مرھم آھي.
نسخو (6) :-
2 اخڙوٽن جا 2 مغز روز صبح جو نيراني کائجن ۽ رات جو سمھڻ وقت 2 انجير روز کائجن.
ھلي ھلي موڪا ڪري پوندا. بھترين نسخو آھي.
نسخو (7) :-
مرھم بواسير
سھاڳو تولو
ڪافور تولو
ويزلين 4 تولا
سھاڳي ڪافور کي پائوڊر ڪري ويزلين ۾ ملائي يڪ جان ڪجي.
ھي مرھم روز موڪن کي لائجي جيڪڏھن موڪا مقعد اندر ھجن انهن کي اندر لائجي.
ھلي ھلي موڪا ڇڻي پوندا. ھي مرھم موڪن کي خشڪ ڪري ٿو.
نسخو (8) :-
مرھم بواسير
مردارسنگ تولو
مغز نم تولو
ويزلين 4 تولا
مردارسنگ مغز نم کي پائوڊر ڪري ويزلين ۾ ملائي يڪ جان ڪجي.
ھي مرھم روز موڪن کي لائجي جيڪڏھن موڪا مقعد اندر ھجن انهن کي اندر لائجي.
ھلي ھلي موڪا ڇڻي پوندا. ھي مرھم مجرب آھي.
نسخو (9) :-
رسول تولو
ايريو تولو
سھاڳو تولو
اريٺو تولو
سڀ وکر پائوڊر ڪجن. پائوڊر کي تئي ۾ رکي ھيٺان باھ ڏيئي وکرن کي ڦلائجي. دونھون نہ رھي تئي کي ٿڌو ڪري ھيٺ لاھجي. ڦليل دوا کي ڪٽي پائوڊر ڪري رکجي.
2 رتيون صبح شام پاڻي سان.
بواسير کي فائدوڪندو.
نوٽ :- کائڻ لاء ڪوبہ ھڪ نسخو تيار ڪجي ۽ موڪن کي ھڻڻ لاء ڪوبہ ھڪ مرھم تيار ڪجي.
Thursday, 6 June 2019
Wednesday, 5 June 2019
سجاغ ۔ سج جا ڪارا داغ Sun spots 💎اصغر ساگر💎
گرھن جي حرڪت صحت ۽ سج جي صحت تي اثرانداز ٿئي ٿي. سج ھڪ ھموار روشن گولو ٿئي ٿو پر ان ۾ ڪارا داغ موجود رھن ٿا جيڪي پيدا ٿين ٿا ۔ وڌن ٿا ۔ گهٽن ٿا ۽ وري ختم ٿي وڃن ٿا انهن کي سج جا داغ سڏيو وڃي ٿو. سج جي داغن جو سبب مقناطيسي طوفان ٿئي ٿو جنھن جي ڪري سج جي ان جڳھ تي سج جي ٻين جڳھن کان گرمي پد گهٽ ٿئي ٿو.
سج جا داغ ھروقت ھڪ جھڙا نٿا رھن پر انهن جي تعداد ۽ جسامت ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي رھي ٿي جيڪا 11 سالن تي ٻڌل ھڪ چڪر آھي يعني 11 سالن جي عرصي تائين ان جي مقدار ۾ اضافو ٿئي ٿو يا گهٽتائي اچي ٿي. ھن چڪر کي Solar cycle چئجي ٿو. سائنسدانن کي ھڪ عرصي تائين معلوم ھيو انهن داغن جا سبب سج جي سطح تي موجود مقناطيسي فيلڊ جون تبديليون آھن. سائنسدانن کي اھو معلوم نہ ھيو تہ 11 سالہ چڪر جو سبب ڇاھي يعني 11 سالن ۾ ھي تبديليون ڇو ٿيون اچن پر ھاڻي سائنسدانن ان پراسرار چڪر راز معلوم ڪري ورتو آھي.
فلڪياتي ماھر ڪافي عرصي کان فلڪي جسمن جي حالت رڪارڊ ڪندا اچن ٿا پيا. حال ۾ سائنسدانن ھڪ ھزار سال جي رڪارڊ ڪيل انگ اکرن جو اڀياس ڪيو ۽ ان جي ڀيٽ ٻين سيارن جي حالت سان ڪئي ان موازني سان ھي ڳنڍ کلي تہ زھرا ۔ زمين ۽ مشتري سج جي سطح تي ائين لھري قوتون Tidal forces پيدا ڪن ٿا جئن جيئن چوڏھين جو چنڊ ڌرتي جي سمنڊن تي لھري قوتون پيدا ڪري ٿو. اھڙي طرح زھرا ۔ زمين ۽ مشتري جي ڪشش سج جي سطح تي ھروقت موجود رھي ٿي پر جيڪڏھن ھي ٽئي سيارا ھڪ سڌي خط تي ھجن تہ انهن جي مجموعي ڪشش ثقل سج جي سطح تي وڌيڪ اثرانداز ٿئي ٿي.
زھرا ۔ زمين ۽ مشتري جي سنوت Alignment ھر 11 سالن بعد ٿئي ٿي. سائنسدانن جي تجزيي مطابق ان سنوت Alignment ۾ ۽ سج جي 11 سالہ ڦيري ۾ حيرت انگيز حد تائين نسبت correlation موجود آھي. پوئين ھڪ ھزار سالا مشاھداتي انگ اکرن مان واضح ٿئي ٿو تہ سج جو ھي ڦيرو ۽ ان جي گرھن جي سنوت alignment جو وقت ھڪ ئي ٿئي ٿو. انهن سيارن جي ڪشش سج جي تري تي اثر نٿي وجهي پر سج جي سطح تي اثرانداز ٿئي ٿي ۽ سج جي سطح تي ھلچل پيدا ڪري ٿي جنھن سان سج جا داغ ۽ سج جي جسامت متاثر ٿئي ٿي.
اسان ڄاڻون ٿا تہ ٻين ستارن تي بہ داغ ٿين ٿا ھن نئين تحقيق سان پرانھن ستارن جي چوڌاري گرھن جي موجودگي ۽ سنوت alignment جي کوج لڳائڻ جو نئون طريقو ايجاد ٿيو آھي جنھن سان ممڪن آھي تہ پري جي گرھن جي باري ۾ ھي معلوم ڪري سگهجي ٿو تہ انهن جي چوڌاري ھڪ گرھ يا گهڻا گرھ موجود آھن. پري جي ستارن تي سج داغن جي موجودگي کي تارن جي روشني ۾ گهٽ وڌائي سان معلوم ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏھن انهن سج داغن ۾ سج داغن وانگر چڪر جو سراغ ملي وڃي تہ ھن ستاري جي چوڌاري ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ گرھ موجود آھن جيڪي ڪجھ عرصي بعد
ڪجھ ڏينھن لاء سنوت ۾ اچن ٿا.
سج داغ سج مان نڪتل روشني جي ذرن فوٽانن Photons کي ٿڌو ڪري ھيٺ زمين ڏي موڪلين ٿا. جيڪڏھن اھي سج جا داغ نہ ھجن ھا تہ سج جي ذرا فوٽان سج مان بغير رڪاوٽ جي نڪري ڌرتي تي رھندڙ جيوت کي ساڙي ڇڏين ھا.
جڏھن اسان ڪنڌ مٿي کڻي سج ڏي ڏسون ٿا. جيڪا شي اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿي اھا سج جي گولي سان گڏ ھوندي آھي ۽ اسان روشني کي گولي ذريعي ڏسون ٿا. ھي روشني اسان کي چھنڊڙيون ھڻندڙ لڳي ٿي پر جڏھن اسان ھن کي قريب کان ڏسون ٿا تہ اسان ھن جي سطح تي متلاتم سرگرميون ڏسون ٿا. مادي جا اٻرندڙ زبردست بوڙيا جيڪي ڏسڻ ۾ خوبصورت نظر اچن ٿا پر نھايت ھيبتناڪ ٿين ٿا جن مان باھ ڌڳندي نڪرندي نظر اچي ٿي. فرق صرف ايترو آھي جو سج جي سطح تان اٻرندڙ بوڙين مان روشني جا فوٽان نڪرن ٿا ۽ اسان ڏي رخ رکن ٿا. سج جي سطح تان نڪرندڙ ھر بوڙيو زمين جي مقدار برابر ٿئي ٿو. انهن گئسي بوڙين يا گئسي گولن مان نڪري روشني جا شعاع اسان وٽ پھچن ٿا پر سج جي سطح تي فوٽان پھچندي وري رڪاوٽ جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ اھا رڪاوٽ ھنجي توانائي کي اڃان گهٽائي ٿي ۽ ان روشني کي اسان جي اکين ۽ اسان جي موافق ڪري ٿي. سج جي سطح تي رڪاوٽ فوٽانن کي وري قيد ڪري ٿي.
ڪٽ پيڪ قومي رسدگاھ آمريڪي رياست ايريزونا ۾ موجود آھي جتي فلڪياتدان مائو پين سج جي سطح جي مشاھدو ڪري ٿو تہ جيئن خبر پوي تہ روشني جا ذرا اتي ڪيئن قيد ٿي وڃن ٿا. ھي ايمسيميٿ پيئرس ٽيليسڪوپ جو استعمال ڪري سج جي سطح جو تفصيلي معائنو ڪري ٿو جتي سج جي تھ تي گھرا نشان نظر آيا. انهن ۾ ٻہ جڳھون تمام وڏيون ھيون. ھي نشان سج مان نڪرندي ان جي سطح جي ڪناري تائين اچي پئي ويا. ھر وڏي ڪاري نشان Sun spot سان گڏ ڪجھ ننڍا نشان پڻ ھيا. ھي نيڪالي جي عمل ۾ رڪاوٽ وجهي رھيا ھئا جيڪي گرمي ۽ روشني کي سج جي اندران ڪڍي خلا ۾ ڇڏين ٿا. ان ڪري سج جي سطح تي موجود ڪجھ گهٽ گرم علائقا اسان کي داغن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. اھي ڪارا داغ Sun soot زبردست طاقتور روشني جي ذرن يا فوٽانن کي پنھنجي خطرناڪ ڦندي ۾ ڦاسائن ٿا جتان روشني ۽ موجود توانائي سج جي سطح کان فرار ٿي نٿا پائن. ھي زبردست طاقت ٻي ڪابہ طاقت ناھي پر ھي سج جي مقناطيسي طاقت آھي. سج جا ھي ڪارا نشان Sun spot تڏھن ٺھن ٿا جڏھن زبردست قوت جي مقناطيسيت سج جي گھرائي کان نڪرندي ضيائي گولي ۾ تبديل ٿيندي زبردست ڌماڪي سان ٻاھر نڪري ٿي. ھي مقناطيسي ميدان ايترا طاقتور ٿين ٿا جو سج جي گرم اندروني مادي جي ايصال حرارت جي حرڪت کي سج جي سطح تي اچڻ کان روڪيو رکي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ سج جي سطح تي نسبتن گهٽ درجي جي حرارت جو علائقو ٺھي ٿو جيڪو اسان کي سج جي ڪارن نشانن Sun spots جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. ھي ڪارا نشان تمام وڏا ٿين ٿا. اھي ڪارا نشان ڌرتي جي مقدار کان ڏھ ڀيرا وڏا ٿين ٿا. مقناطيسيت اھي ڪارا نشان بنائي سج جي سطح تي ڌڳندڙ ڪاريون لڪيرون جوڙي ٿي. سج جو استوائي خطو قطبن جي مقابلي ۾ زيادھ تيزي سان پنھنجي محور جي چوڌاري ڦري ٿو. اسان جي ٺوس ڌرتي پري پنھنجي وجود سان سج جي چوڌاري ڦري ٿي ۽ ان سان گڏ مقناطيسي ميدان بہ ڦرن ٿا پر سج ايترو وڏو آھي جو ھي اصول سج تي لاڳو ٿئي ٿو.
سج ۾ ڪابہ ٺوس شي ناھي. اھو گئس جو وڏو گولو آھي ۽ پنھنجي محور ۾ چڪر لڳائي ٿو پر خط استوا تي پنھنجن قطبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان گهمي ٿو. سج خود کان ٽپ کائي ٿو ۽ گڏ مقناطيسي ميدانن کي مروڙ ڏئي ٿو. قطبن جي نسبت سج خط استوا تي تيز چڪر لڳائيندي مقناطيسي ميدانن کي ٽپ ڏياريندو رھي ٿو جتان اھي ھر چڪر ۾ الجهي پون ٿاجنھن جي نتيجي ۾ مقناطيسي ضربون Magnetic mayhem نڪرن ٿيون. جڏھن اھي ميدان سج جي سطح تي ڪر کڻن ٿا جو انهن ۾ زبردست قسم جي توانائي ڀريل ٿئي ٿي. اھي ميدان زبردست توانائي ڀرپور مڙيل رٻڙ وانگر ٽپ کائي الجهي پون ٿا. جڏھن مڙيل رٻڙ کي ٽپ ڏيارجي ۽ ان کي سڌاڻ ۾ ڇڪجي تہ اتي جڙندڙ دٻاء محسوس ڪري سگهجي ٿو جتي مقناطيسي لڪيرن جو ٽپ کائي روشني جي ذرن کي پاڻ سان کڻي پرٿ جي سطح تي پھچڻ مشڪل آھي.
ھاڻي ھي سوال پيدا ٿئي ٿو تہ پوء روشني جي انهن بنڊلن سان ڇا ٿو ٿئي جو سج جي سطح تي پھچي ٿڌا تہ ٿي ويا پر اتي اچي مقناطيسي ميدان ۾ ڦاسي ويا. سج جي سطح تي موجود اھا جڳھ جتان روشني فراريت حاصل ڪري نٿي سگهي اھا جڳھ اونداھي نظر اچي ٿي ۽ سج جي سطح تي داغن جي صورت ۾ نشان بنائي ٿي پر اڻ الجهيل مقناطيسي لڪيرن ۾ ڪنھن کي تہ دخل ڏيڻو آھي. مقناطيسي ميدان پنھنجي موجودھ حيثيت کان بلڪل مطمئن ناھن ھوندا. انهن کي پنھنجي موجودھ حيثيت بلڪل پسند ناھي ھوندي ۽ اھي ان کي سلجهائڻ چاھن ٿا. تمام وڏا مقناطيسي حلقا سج جي انهن نشانن تي محراب نما نشان بنائن ٿا. مقناطيسي ميدان ٽپ کائيندڙ ۽ انتھائي اڻ متوازن ٿين ٿا ۽ پنھنجي توانائي کي اڳلڻ لاء بي چين ٿين ٿا جنھن جي نتيجي ۾ اھي اھڙي مقناطيسي بم ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا جو ڦاٽڻ لاء بلڪل تيار رھن ٿا ۽ توانائي سان ڀرپور ٻہ رھن ٿا.
توانائي سان ڀرپور مقناطيسي ميدان جڏھن ھڪ ٻئي جي قريب ٿين ٿا تہ ائين لڳي ٿو تہ ھڪ ٻئي کي چئي رھيا ھجن تہ جيڪڏھن اسان پاڻ ۾ ملي وڃون تہ زبردست توانائي پيدا ڪري سگهون ٿا. پوء ائين ئي ٿئي ٿو، اھي پاڻ ۾ ملي وڃن ٿا تہ ھڪ زبردست ڌماڪو ٿئي ٿو جنھن کي اسين مقناطيسي طوفان يا شمسي طوفان Solar flare چئون ٿا. ھن ۾ ايتري طاقت ٿئي ٿي جيتري طاقت لکين جوھري بم پاڻ ۾ ملي ڌماڪو ڪن ٿا. شمسي شعلا خلا مان 35 لک في ميل ڪلاڪ جي رفتار سان نڪري زبردست توانائي خارج ڪن ٿا. مقناطيسي ميدان پرٿ کي سج جي سطح تي اڇلي ٿو. ڌماڪي ان اتان جلدي روشني جا ڀنڊار نڪرڻ شروع ٿي وڃن ٿا. لکن سالن جي سفر بعد روشني جا بنڊل آخرڪار خلا مان فراريت حاصل ڪري وٺن ٿا. ھاڻي اھي کربھا روشني جا ڪرڻا يا فوٽان آزاد ٿي وڃن ٿا پر انهن جو سفر اڃان اڃان ختم ناھي ٿيو. گهڻي کان گهڻا فوٽان ڪائنات جي پرانھن علائقن ۾ موجود نئين دنيا جي سفر جو سعيو ڪن ٿا. تقريبن 10 لک سالن سان سج مان نڪرڻ جي ڪوشش صاب ٿئي ٿي. ھاڻي اھي آزاد آھن ۽ آزادي سان سفر ڪن ٿا. سج مان نڪرندي فوٽان ائين ڀڄن ٿا جيئن ڪي قيدي جيل ٽوڙي ڀڄن ٿا. فوٽانن جي رفتار 186 ھزار ميل في سيڪنڊ ٿئي ٿي. فوٽان ھاڻي موافق ٿي ڌرتي ڏي لاڙو ڪن ٿا. جڏھن اسان ڪرڻن کي ڏسون ٿا تہ اسان کي انهن فوٽاني ڪرڻن جو مشڪل سفر ياد ڪرڻ کپي جيڪي سج جي قلب کان اسان تائين پھچڻ ۾ 10 لک سال سوا اٺ سيڪنڊ وٺي آيا. اھي نيوڪلائي ميل ذريعي سج ۾ موجود اونهي قلب مان ٿيندا پرٿ جي ائٽمن سان ميل ڪندا ٽپا کائيندا ۽ اڳتي وڌندا فوٽانن جي صورت وٺندي ايصال حرارت جي علائقي ۾ گئس تي سواري ڪري مقناطيسي ميدانن جي ٽڪرجڻ جي ڪري سج جي سطح تان فراريت حاصل ڪري ڌرتي ڏي رخ رکندا اچن ٿا. فوٽان جا ذرا ڌرتي تي پھچي وڻن ۔ ٻوٽن ۽ انسانن کي لڳي انهن ۾ جيون جا رنگ ڀرين ٿا ۔ انهن کي توانائي سان سرشار ڪن ٿا ۔ روشنائي ترڪيب سان ٻوٽن وڻن کي واڌ ويجھ ڏين ٿا ۽ حياتين جي کاڌي جي چڪر کي سرانجام ڏين ٿا. سج جي روشني اسان لاء ٻارڻ پيدا ڪري ٿي. ھي روشني جا ذرا يعني فوٽان ڌرتي تي موسمن جي رت جڳائين ٿا ۽ اسان جي سمنڊن ۾ اڀار پيدا ڪن ٿا. روز فوٽان ڌرتي سان ايترا ٽڪرائن ٿا جو جو ھڪ ڏينھن ۾ انساني تھذيب لاء 27 سالن جيتري توانائي پيدا ڪن ٿا. سج جي روشني صرف گرمي پيدا نٿي ڪري پر جيونن کي جيوت بخشي ٿي. اسان جي روشني جا ذرا اسان کي ۽ ڌرتي کي پار ڪندي پورا ٿين ٿا.
MyDairyAsgharSagar
June 05, 2019
سج جي سطح تي سجاغ نظر ايندا آھن جن جو گرمي پد سج جي تري جي گرمي پد کان گهٽ ھوندو آھي. ھن سطح تي گرمي پد گهٽ ھئڻ جو سبب ان جڳھ تي مقناطيسي ميداني ڦرپ Magnetic field flux آھي جو گرمي جي ترسيل کي روڪي ٿو. ان جو گرمي پد ٽي ھزار کان ساڍا چار ھزار ڊگري سينٽيگريڊ گرمي پد تائين ٿئي ٿو جڏھن تہ ھيٺ آسپاس سطح جو گرمي پد ساڍا پنج ھزار ڊگري سينٽيگريڊ ٿئي ٿو ان سج داغ جا 2 حصا ٿين ٿا. اندر وڌرڪ ڪارو حصو جنھن کي امبرا چون ٿا ھي مقناطيسي ميدان سطح جا عمودي Verticle ٿين ٿا. ٻيو ان کان وڌيڪ روشن حصو جيڪو سطح جي طرف جهڪيل ٿئي ٿو. ھي روشني ۾ فرق سٽيفن بولٽزمين جي ڪار جس تابڪاري Black body radiation جي قانون مطابق معلوم ڪري سگهجي ٿو.
سج جي سطح تي ھي داغ پرٿ Plasma ۾ پيدا ٿيندڙ طوفانن جي ڪري پيدا ٿين ٿا جيڪي شديد مقناطيسي طوفانن جي ڪري رونما ٿين ٿا. شمسي طوفان Solar flare بہ انهن طوفانن جي ڪري پيدا ٿين ٿا.گرھن جي حرڪت صحت ۽ سج جي صحت تي اثرانداز ٿئي ٿي. سج ھڪ ھموار روشن گولو ٿئي ٿو پر ان ۾ ڪارا داغ موجود رھن ٿا جيڪي پيدا ٿين ٿا ۔ وڌن ٿا ۔ گهٽن ٿا ۽ وري ختم ٿي وڃن ٿا انهن کي سج جا داغ سڏيو وڃي ٿو. سج جي داغن جو سبب مقناطيسي طوفان ٿئي ٿو جنھن جي ڪري سج جي ان جڳھ تي سج جي ٻين جڳھن کان گرمي پد گهٽ ٿئي ٿو.
سج جا داغ ھروقت ھڪ جھڙا نٿا رھن پر انهن جي تعداد ۽ جسامت ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي رھي ٿي جيڪا 11 سالن تي ٻڌل ھڪ چڪر آھي يعني 11 سالن جي عرصي تائين ان جي مقدار ۾ اضافو ٿئي ٿو يا گهٽتائي اچي ٿي. ھن چڪر کي Solar cycle چئجي ٿو. سائنسدانن کي ھڪ عرصي تائين معلوم ھيو انهن داغن جا سبب سج جي سطح تي موجود مقناطيسي فيلڊ جون تبديليون آھن. سائنسدانن کي اھو معلوم نہ ھيو تہ 11 سالہ چڪر جو سبب ڇاھي يعني 11 سالن ۾ ھي تبديليون ڇو ٿيون اچن پر ھاڻي سائنسدانن ان پراسرار چڪر راز معلوم ڪري ورتو آھي.
فلڪياتي ماھر ڪافي عرصي کان فلڪي جسمن جي حالت رڪارڊ ڪندا اچن ٿا پيا. حال ۾ سائنسدانن ھڪ ھزار سال جي رڪارڊ ڪيل انگ اکرن جو اڀياس ڪيو ۽ ان جي ڀيٽ ٻين سيارن جي حالت سان ڪئي ان موازني سان ھي ڳنڍ کلي تہ زھرا ۔ زمين ۽ مشتري سج جي سطح تي ائين لھري قوتون Tidal forces پيدا ڪن ٿا جئن جيئن چوڏھين جو چنڊ ڌرتي جي سمنڊن تي لھري قوتون پيدا ڪري ٿو. اھڙي طرح زھرا ۔ زمين ۽ مشتري جي ڪشش سج جي سطح تي ھروقت موجود رھي ٿي پر جيڪڏھن ھي ٽئي سيارا ھڪ سڌي خط تي ھجن تہ انهن جي مجموعي ڪشش ثقل سج جي سطح تي وڌيڪ اثرانداز ٿئي ٿي.
زھرا ۔ زمين ۽ مشتري جي سنوت Alignment ھر 11 سالن بعد ٿئي ٿي. سائنسدانن جي تجزيي مطابق ان سنوت Alignment ۾ ۽ سج جي 11 سالہ ڦيري ۾ حيرت انگيز حد تائين نسبت correlation موجود آھي. پوئين ھڪ ھزار سالا مشاھداتي انگ اکرن مان واضح ٿئي ٿو تہ سج جو ھي ڦيرو ۽ ان جي گرھن جي سنوت alignment جو وقت ھڪ ئي ٿئي ٿو. انهن سيارن جي ڪشش سج جي تري تي اثر نٿي وجهي پر سج جي سطح تي اثرانداز ٿئي ٿي ۽ سج جي سطح تي ھلچل پيدا ڪري ٿي جنھن سان سج جا داغ ۽ سج جي جسامت متاثر ٿئي ٿي.
اسان ڄاڻون ٿا تہ ٻين ستارن تي بہ داغ ٿين ٿا ھن نئين تحقيق سان پرانھن ستارن جي چوڌاري گرھن جي موجودگي ۽ سنوت alignment جي کوج لڳائڻ جو نئون طريقو ايجاد ٿيو آھي جنھن سان ممڪن آھي تہ پري جي گرھن جي باري ۾ ھي معلوم ڪري سگهجي ٿو تہ انهن جي چوڌاري ھڪ گرھ يا گهڻا گرھ موجود آھن. پري جي ستارن تي سج داغن جي موجودگي کي تارن جي روشني ۾ گهٽ وڌائي سان معلوم ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏھن انهن سج داغن ۾ سج داغن وانگر چڪر جو سراغ ملي وڃي تہ ھن ستاري جي چوڌاري ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ گرھ موجود آھن جيڪي ڪجھ عرصي بعد
ڪجھ ڏينھن لاء سنوت ۾ اچن ٿا.
سج داغ سج مان نڪتل روشني جي ذرن فوٽانن Photons کي ٿڌو ڪري ھيٺ زمين ڏي موڪلين ٿا. جيڪڏھن اھي سج جا داغ نہ ھجن ھا تہ سج جي ذرا فوٽان سج مان بغير رڪاوٽ جي نڪري ڌرتي تي رھندڙ جيوت کي ساڙي ڇڏين ھا.
جڏھن اسان ڪنڌ مٿي کڻي سج ڏي ڏسون ٿا. جيڪا شي اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿي اھا سج جي گولي سان گڏ ھوندي آھي ۽ اسان روشني کي گولي ذريعي ڏسون ٿا. ھي روشني اسان کي چھنڊڙيون ھڻندڙ لڳي ٿي پر جڏھن اسان ھن کي قريب کان ڏسون ٿا تہ اسان ھن جي سطح تي متلاتم سرگرميون ڏسون ٿا. مادي جا اٻرندڙ زبردست بوڙيا جيڪي ڏسڻ ۾ خوبصورت نظر اچن ٿا پر نھايت ھيبتناڪ ٿين ٿا جن مان باھ ڌڳندي نڪرندي نظر اچي ٿي. فرق صرف ايترو آھي جو سج جي سطح تان اٻرندڙ بوڙين مان روشني جا فوٽان نڪرن ٿا ۽ اسان ڏي رخ رکن ٿا. سج جي سطح تان نڪرندڙ ھر بوڙيو زمين جي مقدار برابر ٿئي ٿو. انهن گئسي بوڙين يا گئسي گولن مان نڪري روشني جا شعاع اسان وٽ پھچن ٿا پر سج جي سطح تي فوٽان پھچندي وري رڪاوٽ جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ اھا رڪاوٽ ھنجي توانائي کي اڃان گهٽائي ٿي ۽ ان روشني کي اسان جي اکين ۽ اسان جي موافق ڪري ٿي. سج جي سطح تي رڪاوٽ فوٽانن کي وري قيد ڪري ٿي.
ڪٽ پيڪ قومي رسدگاھ آمريڪي رياست ايريزونا ۾ موجود آھي جتي فلڪياتدان مائو پين سج جي سطح جي مشاھدو ڪري ٿو تہ جيئن خبر پوي تہ روشني جا ذرا اتي ڪيئن قيد ٿي وڃن ٿا. ھي ايمسيميٿ پيئرس ٽيليسڪوپ جو استعمال ڪري سج جي سطح جو تفصيلي معائنو ڪري ٿو جتي سج جي تھ تي گھرا نشان نظر آيا. انهن ۾ ٻہ جڳھون تمام وڏيون ھيون. ھي نشان سج مان نڪرندي ان جي سطح جي ڪناري تائين اچي پئي ويا. ھر وڏي ڪاري نشان Sun spot سان گڏ ڪجھ ننڍا نشان پڻ ھيا. ھي نيڪالي جي عمل ۾ رڪاوٽ وجهي رھيا ھئا جيڪي گرمي ۽ روشني کي سج جي اندران ڪڍي خلا ۾ ڇڏين ٿا. ان ڪري سج جي سطح تي موجود ڪجھ گهٽ گرم علائقا اسان کي داغن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. اھي ڪارا داغ Sun soot زبردست طاقتور روشني جي ذرن يا فوٽانن کي پنھنجي خطرناڪ ڦندي ۾ ڦاسائن ٿا جتان روشني ۽ موجود توانائي سج جي سطح کان فرار ٿي نٿا پائن. ھي زبردست طاقت ٻي ڪابہ طاقت ناھي پر ھي سج جي مقناطيسي طاقت آھي. سج جا ھي ڪارا نشان Sun spot تڏھن ٺھن ٿا جڏھن زبردست قوت جي مقناطيسيت سج جي گھرائي کان نڪرندي ضيائي گولي ۾ تبديل ٿيندي زبردست ڌماڪي سان ٻاھر نڪري ٿي. ھي مقناطيسي ميدان ايترا طاقتور ٿين ٿا جو سج جي گرم اندروني مادي جي ايصال حرارت جي حرڪت کي سج جي سطح تي اچڻ کان روڪيو رکي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ سج جي سطح تي نسبتن گهٽ درجي جي حرارت جو علائقو ٺھي ٿو جيڪو اسان کي سج جي ڪارن نشانن Sun spots جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. ھي ڪارا نشان تمام وڏا ٿين ٿا. اھي ڪارا نشان ڌرتي جي مقدار کان ڏھ ڀيرا وڏا ٿين ٿا. مقناطيسيت اھي ڪارا نشان بنائي سج جي سطح تي ڌڳندڙ ڪاريون لڪيرون جوڙي ٿي. سج جو استوائي خطو قطبن جي مقابلي ۾ زيادھ تيزي سان پنھنجي محور جي چوڌاري ڦري ٿو. اسان جي ٺوس ڌرتي پري پنھنجي وجود سان سج جي چوڌاري ڦري ٿي ۽ ان سان گڏ مقناطيسي ميدان بہ ڦرن ٿا پر سج ايترو وڏو آھي جو ھي اصول سج تي لاڳو ٿئي ٿو.
سج ۾ ڪابہ ٺوس شي ناھي. اھو گئس جو وڏو گولو آھي ۽ پنھنجي محور ۾ چڪر لڳائي ٿو پر خط استوا تي پنھنجن قطبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان گهمي ٿو. سج خود کان ٽپ کائي ٿو ۽ گڏ مقناطيسي ميدانن کي مروڙ ڏئي ٿو. قطبن جي نسبت سج خط استوا تي تيز چڪر لڳائيندي مقناطيسي ميدانن کي ٽپ ڏياريندو رھي ٿو جتان اھي ھر چڪر ۾ الجهي پون ٿاجنھن جي نتيجي ۾ مقناطيسي ضربون Magnetic mayhem نڪرن ٿيون. جڏھن اھي ميدان سج جي سطح تي ڪر کڻن ٿا جو انهن ۾ زبردست قسم جي توانائي ڀريل ٿئي ٿي. اھي ميدان زبردست توانائي ڀرپور مڙيل رٻڙ وانگر ٽپ کائي الجهي پون ٿا. جڏھن مڙيل رٻڙ کي ٽپ ڏيارجي ۽ ان کي سڌاڻ ۾ ڇڪجي تہ اتي جڙندڙ دٻاء محسوس ڪري سگهجي ٿو جتي مقناطيسي لڪيرن جو ٽپ کائي روشني جي ذرن کي پاڻ سان کڻي پرٿ جي سطح تي پھچڻ مشڪل آھي.
ھاڻي ھي سوال پيدا ٿئي ٿو تہ پوء روشني جي انهن بنڊلن سان ڇا ٿو ٿئي جو سج جي سطح تي پھچي ٿڌا تہ ٿي ويا پر اتي اچي مقناطيسي ميدان ۾ ڦاسي ويا. سج جي سطح تي موجود اھا جڳھ جتان روشني فراريت حاصل ڪري نٿي سگهي اھا جڳھ اونداھي نظر اچي ٿي ۽ سج جي سطح تي داغن جي صورت ۾ نشان بنائي ٿي پر اڻ الجهيل مقناطيسي لڪيرن ۾ ڪنھن کي تہ دخل ڏيڻو آھي. مقناطيسي ميدان پنھنجي موجودھ حيثيت کان بلڪل مطمئن ناھن ھوندا. انهن کي پنھنجي موجودھ حيثيت بلڪل پسند ناھي ھوندي ۽ اھي ان کي سلجهائڻ چاھن ٿا. تمام وڏا مقناطيسي حلقا سج جي انهن نشانن تي محراب نما نشان بنائن ٿا. مقناطيسي ميدان ٽپ کائيندڙ ۽ انتھائي اڻ متوازن ٿين ٿا ۽ پنھنجي توانائي کي اڳلڻ لاء بي چين ٿين ٿا جنھن جي نتيجي ۾ اھي اھڙي مقناطيسي بم ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا جو ڦاٽڻ لاء بلڪل تيار رھن ٿا ۽ توانائي سان ڀرپور ٻہ رھن ٿا.
توانائي سان ڀرپور مقناطيسي ميدان جڏھن ھڪ ٻئي جي قريب ٿين ٿا تہ ائين لڳي ٿو تہ ھڪ ٻئي کي چئي رھيا ھجن تہ جيڪڏھن اسان پاڻ ۾ ملي وڃون تہ زبردست توانائي پيدا ڪري سگهون ٿا. پوء ائين ئي ٿئي ٿو، اھي پاڻ ۾ ملي وڃن ٿا تہ ھڪ زبردست ڌماڪو ٿئي ٿو جنھن کي اسين مقناطيسي طوفان يا شمسي طوفان Solar flare چئون ٿا. ھن ۾ ايتري طاقت ٿئي ٿي جيتري طاقت لکين جوھري بم پاڻ ۾ ملي ڌماڪو ڪن ٿا. شمسي شعلا خلا مان 35 لک في ميل ڪلاڪ جي رفتار سان نڪري زبردست توانائي خارج ڪن ٿا. مقناطيسي ميدان پرٿ کي سج جي سطح تي اڇلي ٿو. ڌماڪي ان اتان جلدي روشني جا ڀنڊار نڪرڻ شروع ٿي وڃن ٿا. لکن سالن جي سفر بعد روشني جا بنڊل آخرڪار خلا مان فراريت حاصل ڪري وٺن ٿا. ھاڻي اھي کربھا روشني جا ڪرڻا يا فوٽان آزاد ٿي وڃن ٿا پر انهن جو سفر اڃان اڃان ختم ناھي ٿيو. گهڻي کان گهڻا فوٽان ڪائنات جي پرانھن علائقن ۾ موجود نئين دنيا جي سفر جو سعيو ڪن ٿا. تقريبن 10 لک سالن سان سج مان نڪرڻ جي ڪوشش صاب ٿئي ٿي. ھاڻي اھي آزاد آھن ۽ آزادي سان سفر ڪن ٿا. سج مان نڪرندي فوٽان ائين ڀڄن ٿا جيئن ڪي قيدي جيل ٽوڙي ڀڄن ٿا. فوٽانن جي رفتار 186 ھزار ميل في سيڪنڊ ٿئي ٿي. فوٽان ھاڻي موافق ٿي ڌرتي ڏي لاڙو ڪن ٿا. جڏھن اسان ڪرڻن کي ڏسون ٿا تہ اسان کي انهن فوٽاني ڪرڻن جو مشڪل سفر ياد ڪرڻ کپي جيڪي سج جي قلب کان اسان تائين پھچڻ ۾ 10 لک سال سوا اٺ سيڪنڊ وٺي آيا. اھي نيوڪلائي ميل ذريعي سج ۾ موجود اونهي قلب مان ٿيندا پرٿ جي ائٽمن سان ميل ڪندا ٽپا کائيندا ۽ اڳتي وڌندا فوٽانن جي صورت وٺندي ايصال حرارت جي علائقي ۾ گئس تي سواري ڪري مقناطيسي ميدانن جي ٽڪرجڻ جي ڪري سج جي سطح تان فراريت حاصل ڪري ڌرتي ڏي رخ رکندا اچن ٿا. فوٽان جا ذرا ڌرتي تي پھچي وڻن ۔ ٻوٽن ۽ انسانن کي لڳي انهن ۾ جيون جا رنگ ڀرين ٿا ۔ انهن کي توانائي سان سرشار ڪن ٿا ۔ روشنائي ترڪيب سان ٻوٽن وڻن کي واڌ ويجھ ڏين ٿا ۽ حياتين جي کاڌي جي چڪر کي سرانجام ڏين ٿا. سج جي روشني اسان لاء ٻارڻ پيدا ڪري ٿي. ھي روشني جا ذرا يعني فوٽان ڌرتي تي موسمن جي رت جڳائين ٿا ۽ اسان جي سمنڊن ۾ اڀار پيدا ڪن ٿا. روز فوٽان ڌرتي سان ايترا ٽڪرائن ٿا جو جو ھڪ ڏينھن ۾ انساني تھذيب لاء 27 سالن جيتري توانائي پيدا ڪن ٿا. سج جي روشني صرف گرمي پيدا نٿي ڪري پر جيونن کي جيوت بخشي ٿي. اسان جي روشني جا ذرا اسان کي ۽ ڌرتي کي پار ڪندي پورا ٿين ٿا.
Tuesday, 4 June 2019
فوٽان Photon 💎اصغر ساگر💎
MyDairyAsgharSagar
June 04, 2019
فوٽان جو ٺھڻ :-
طبعي ڪائناتي علم ۾ فوٽان Photon ڪائنات جي ابتدائي دور جي ارتقائي مرحلي جو اھو عرصو آھي جنھن ۾ فوٽان جو ڪائنات ۾ موجود توانائي تي غلبو ھيو. بگ بينگ Big bang جي ڏھن سيڪنڊن گذرڻ کان پوء جڏھن زياھ تر ليپٽان Lepton ۽ ضد ليپٽان Anti lepton ليپٽان دور Lepton ages کان پوء فنا ٿي ويا ھئا تہ فوٽان دور ۾ انهن جي شروعات ٿي ھئي.
جوھري مرڪزا Nucleonics فوٽان دور کان پھرين ڪجھ منٽن دوران نيوڪلائي ترتيب Nuclear Compilation جي عمل ۾ تشڪيل پائي چڪا ھيا. فوٽان دور جي باقي حصي ۾ گرم گهاٽا مرڪزا Dense neuclei ۔ اليڪٽران Electron ۽ پلازما Plasma بچي ويا ھئا. بگ بينگ جي 379,000 سالن گذرڻ کان پوء ڪائنات جو گرمي پد ان نقطي تي اچي ويو ھو جتي مرڪزا Nuclei اليڪٽرانن سان گڏجي وچولو جوھر (تعديلي جوھر) Moderation essence کي بنائي سگهيا ٿي نتيجي طور ان وقت فوٽان جي مادي سان رلمل Interation ٿي نہ ٿي سگهي. ائين ڪائنات شفاف ٿي وئي ۽ ڪائناتي خورد لھرون پس منظر جاشعاع بنجي ويون ۽ تشڪيلي روپ واقع ٿي ويو.
فوٽان جي تاريخ :-
فوٽان جيڪو مقداري جوت، برقي چقمقي تابڪاري جو منٽي توانائي پيڪيٽ Light quantum, minute energy packet of electromagnetic radiation آھي. 1905ع ۾ البرٽ آئنسٽائين پنھنجي نظريي Einstein’s explanation of the photoelectric effect البرٽ آئنسٽائن جي فوٽو برقي اثر ۾ پيش ڪيو جنھن ۾ ھن روشني جي ترسيل Transmission of light دوران الڳ توانائي پيڪيٽ Discrete energy packets جي وجود جو اظھار ڪيو. 1900 کان اڳ فزڪس سان لاڳاپيل ميڪس پلينڪڊ Max Planckhad
نظريو ڏنو تہ گرمي جي تابڪاري Heat radiation خارج ٿئي ٿي ۽ الڳ يونٽن Distinct units يا ڪئانٽا Quanta
۾ جذب ٿئي ٿي. 1923ع ۾ فزڪسي ماھر آرٿر ايڇ ڪمپٽون Arthur H. Compton جي ايڪسري جي قدرتي ذرن Corpuscular nature of X-rays جي تشريح ڪرڻ کانپوء ھي نظريو عام استعمال ۾ آيو. اصطلاح فوٽان يوناني لفظ فوٽو Photo تان ورتل آھي جيڪو 1926ع کان پوء رائج ٿيو. فوٽان جي توانائي تابڪار فريڪئنسي Radiation frequency تي مدار رکي ٿي.
سڀني تواناين جا ڏسڻي توانائي ذريعي وڏ توان گاما High-energy gamma ۽ ايڪسريزن X-rays کان زيرڳاڙھسري توانائي Low-energy infrared ۽ تابڪار لھرن Radio waves تائين فوٽان ٿين ٿا. سڀ فوٽان روشني جي رفتار سان ھلن ٿا. ماتحت ايٽمي جزن Subatomic particles ۾ شمار ڪندي فوٽان بوزون Bosons آھن جن کي ڪابہ چارج ناھي نڪي ساڪن مايو Rest mass رکن ٿا ۽ اسپن Spin جا يونٽ آھن. اھي زميني جزا Field particles آھن جيڪي برقي چقمقي زمين Electromagnetic field رکن ٿا.
فوٽان جي ماھيت :-
In physics, a photon is a bundle of electromagnetic energy. It is the basic unit that makes up all light. The photon is sometimes referred to as a "quantum" of electromagnetic energy. Photons are not thought to be made up of smaller particles. They are a basic unit of nature called an elementary particle.
Photons are not indestructible.
فزڪس ۾ فوٽان برقي چقمقي توانائي جو سٿو آھي. اھو بنيادي يونٽ آھي جيڪو روشني جوڙي ٿو. فوٽان کي ڪڏھن ڪڏھن Quantum of electromagnetic مقداري برقي مقناطيس طور ڄاتو وڃي ٿو. خيال ڪيو وڃي ٿو تہ فوٽان ننڍڙن ذرڙن جا ٺھيل ناھن. اھي قدرت جا بنيادي يونٽ آھن جن کي ابتدائي ذرا سڏيو وڃي ٿو.
فوٽان برقي چقمقي طاقت کي کڻندڙ ٿئي ٿو ھي ان وقت جڙيو جڏھن سج ذرڙن کي گرمي ۽ روشني ۾ تبديل ڪيو. فوٽان کي ڪڏھن بہ تباھ ڪري نٿو سگهجي. اھي تڏھن تباھ ٿي سگهن ٿا اھي جڏھن زمين مان گذرن جذب ٿين ٿا. جاذبيت جي مرحلي ۾ ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ فوٽان جوھري ذرن Nuclear particles يا ايٽم پاران جذب ٿي سگهن ٿا ۽ بنيادي طور تي تباھ ٿي سگهن ٿا.
فوٽان تڏھن پيدا ٿئي ٿو جڏھن وچٿري کان وڌيڪ مٿي آربٽ ۾ اليڪٽران An electron in a higher-than-normal orbit پنھنجي وچٿري آربٽ Normal orbit
۾ واپس اچي ٿو. وڏي توانائي High energy مان وچٿري توانائي Normal energy ۾ اچڻ دوران اليڪٽران فوٽان کي تمام گهڻين خوبين Specific Characteristics سان توانائي جو سٿي A packet of energy طور خارج ڪري ٿو.
فوٽان بنيادي طور تي مقداري برقي چقمقي توانائي A quantum of electromagnetic energy آھي.
فوٽان Photon ھڪ بنيادي ذرو آھي جنھن مان روشني ۽ ٻيون تمام برقي مقناطيسي شعاعون Electromagnetic waves ٺھن ٿيون. ڪنھن بہ توانائي جي فوٽون جي رفتار خلا ۾ روشني جي رفتار جي برابر ٿئي ٿي جيڪا 299,792,458 ميٽر في سيڪنڊ آھي. جيڪڏھن ڪنھن فوٽان کي وڌيڪ توانائي ملي تہ ان جي فريڪئنسي بہ وڌيڪ ٿئي ٿي جيئن ايڪسري جا فوٽون جڏھن تہ گهٽ توانائي وارا فوٽان گهٽ فريڪئنسي رکن ٿا.
روشني جي ماھيت ھميشہ انسان جي سمجھ کان بالاتر رھي آھي ويھين صدي جي آغاز تائين روشني کي لھر سمجهيو ويندو ھيو ڇوجو موڙي لھراڻ Diffraction ۽ رل مل اثر Interference جھڙن مشاھدن جي وضاحت ھن مفروضي سان ڪئي ويندي ھئي پر ھي مشڪل اچي رھي ھئي تہ Compton scattering effect ۽ تاباني برقي اثر جھڙن مشاھدن جي وضاحت روشني کي لھر مڃڻ سان نہ پئي ٿي.
تمام ٻين ذرن وانگر فوٽان جي بہ سڀ کان سٺي وضاحت ڪوانٽم مڪينڪس سان ڪري سگهجي ٿي. ڪوانٽم مڪينڪس مطابق ھر ذري ۾ خاص موجود ٿين ٿا ان ورتاء کي wave-particle duality چيو وڃي ٿو. ذرا جيترا ننڍا ٿين ٿا انهن جا موجي خواص ايترا ايترا ئي واضح ٿين ٿا ۽ ذرو جيترو وڏو ٿئي ٿو اوترا ان جا موجي خواص مدھم ٿين ٿا. اليڪٽران بہ ھڪ مقدار رکڻ وارو ذرو آھي پر واضح موجي خواص بہ رکي ٿو.
موجودھ نظريي مطابق فوٽون اھي خواص رکي ٿو
سمورن فوٽانن جي رفتار بلڪل برابر ٿئي ٿي جيڪي خلا ۾ خلا ۾ 30 لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ ٿين ٿا. ھن کي عام طور تي c سان ظاھر ڪيو وڃي ٿو. فوٽان جي خلا ۾ رفتار نڪي وڌائي سگهجي ٿي ۽ نڪي کٽائي سگهجي ٿي.
فوٽان جيڪڏھن ساڪن آھي تہ ان جي مقدار بہ ٻڙي ٿئي ٿي ۽ يعني فوٽان جو Rest mass ٻڙي ٿئي ٿو. فھم لفظن ۾ فوٽان توانائي جو ذرو آھي مادي جو ناھي پر حرڪت ڪندڙ فوٽانن مقدار بہ ٿئي ٿي جيڪو ھن جي توانائي جي ڪري ٿئي ٿو ڇوجو آئنسٽائن مطابق توانائي ۽ مقدار E = mc2 تحت ھڪ ٻئي ۾ تبديل ٿين ٿا. حرڪت ڪندڙ ھر فوٽان ۾ توانائي بہ ٿئي ٿي ۽ موميينٽم بہ. خيال رھي تہ مومينٽم لاء مقدار جو ھجڻ ضروري آھي ۽ حرڪت جو ھجڻ بہ. ھر فوٽون فريڪئنسي رکي ٿو. جيڪڏھن فوٽان وڌيڪ توانائي رکي ٿو تہ ان جي فريڪئنسي بہ وڌيڪ ھوندي. جيڪڏھن فوٽون گهٽ توانائي رکي ٿو ان جي فريڪئنسي بہ گهٽ ھوندي. خيال رھي تہ توانائي جي گهٽ وڌ ٿيڻ سان فوٽون جي فريڪئنسي تي فرق نٿو پوي (ان جي ابتڙ اليڪٽران ۽ پروٽان تي چارج ٿئي ٿي.). فوٽون جو ٻرڻ نمبر .Spin no ھڪ ٿئي ٿو ۽ ھي بوزون خاندان سان تعلق رکي ٿو ان جي برعڪس فرميون Fermion جو اسپن نمبر .Spin no اڌ ۔ ڏيڍ ۽ اڍائي ٿئي ٿو.
ڪئار Quark جا 36 قسم ٿين ٿا پر فوٽان جي ھڪ قسم ٿئي ٿي. ان ڪري حرڪت ٻن قسمن جي ڪري ٿو جنھن جي ڪري روشني جي تقطيب Polarisation بہ ٻن قسمن جي ٿئي ٿي. اسٽينڊرڊ ماڊل مطابق فوٽن ۽ گلون Gluon بغير مايي Mass less جي آھن.
فوٽان جو ڪم:-
فوٽان برقناطيسي زمين (برقي مقناطيسي زمين) Electromagnetic field جي ھيجان انگيزي Excitation آھي بنيادي جسم صرف مقناطيسي زمين Magnetic field ٿئي ٿي جيڪا اسان Maxwell مساوات تان وٺون ٿا Quantisation جو سڌو سنئون نتيجو ھي ٿئي ٿو تہ ڪنھن بہ فريڪئنسي ۾ فيلڊ جي توانائي مرحليوار وڌنڌي يا گهٽجندي. ھي ھيجان انگيزي ئي فوٽان سڏرائي ٿي. فرض ڪريو ڪا شي فوٽان کي خارج ڪري ٿي اصل ۾ برقناطيسي زمين (برقي چقمقي زمين) Electromagnetic field ۾ ھيجان انگيزي Excitation پيدا ٿئي ٿي. ھن ھيجان انگيزي جون اھم خصوصيتون ٿين ٿيون جن ۾ توانائي ۽ حرڪت شامل آھن. مساوات اسان کي ٻڌائي ٿي تہ ڪھڙي طرح ھي ھيجان انگيزي پکڙجي ٿي. ھي اھو بہ ٻڌائي ٿي تہ ان جو مختلف جڳھن تي مشاھدو ڪرڻ لاء ڪھڙا امڪان ٿين ٿا. آخر ۾ اسان فوٽان جو مشاھدو ڪريون ٿا ان جو مطلب ٿيو زمين Field مان اسان فوٽان کي ڪشيد ڪريون ٿا.
انهي مساوات ۾ سمجهاڻي طور فوٽان کي توب جي گولي جي شڪل جھڙو سمجهايو ويو آھي جيڪو تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ڇوجو فوٽان توب جي گولي وانگر ٿئي ٿو.
Monday, 3 June 2019
Sunday, 2 June 2019
سج Sun 💎اصغر ساگر💎
MyDairyAsgharSagar
June 02, 2019
سج ٻرندڙ تارو آھي جتي ھر گهڙي مادو جوھري رچاء Nuclear fusion ذريعي توانائي ۾ تبديل ٿي رھيو آھي. سج ۾ تقريبن اھو ڪيميائي عمل ٿئي ٿو جيڪو ھيڊوجن بم جي ڌماڪي ۾ ٿئي ٿو. ھن عمل ۾ ھيڊوجن گئس ھيليم ۾ تبديل ٿيڻ جي ڪري توانائي روشني ۽ گرمي جي شڪل ۾ خارج ٿئي ٿي.
سج جو قطر زمين کان 109 دفعا وڏو آھي ھن ۾ ھيڊوجن ۽ ھيليم گئس پاتي وڃي ٿي. سج جي سطح جي گرمي پد ساڍا پنج ھزار سنٽيگريڊ آھي جڏھن تہ سج کان خارج ٿيندڙ روشني ۽ گرمي انتھائي قليل مقدار ۾ گهٽ پھچي ٿي.
افق وقت صبح جو جڏھن سج اڀريل نظر اچي ٿو حقيقت ۾ اھو اٺ منٽ پھرين اڀري چڪو ھوندو آھي. سج جي روشني اسان تائين پھچڻ ۾ 15 ڪروڙ ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪري ٿي ۽ زمين تي پھچڻ ۾ ساڍا اٺ منٽ لڳن ٿا. اھڙي ريت جڏھن سج کي لٿل ڏسون ٿا حقيقت ۾ اتي موجود ناھي ھوندو ۽ سوا اٺ منٽ پھرين لھي چڪو ھوندو آھي.
سج نظام شمسي جي مرڪز ۾ واقع آھي. زمين ۔ گرھ ۔ اپگرھ ۽ ٻيا جسم سج جي چوڦير گردش ڪن ٿا. سج جو مقدار نظام شمسي جي ڪل مقدار 99 سيڪڙو جيترو آھي. سج زمين کان تقريبن 14,95,98,000 ڪلوميٽر پري آھي. ھن جي روشني زمين تائين پھچڻ ۾ 8 منٽ 19 سيڪنڊ وٺي ٿي. ھي فاصلو سال ڀر يڪسان نٿو رھي. 3 جنوري تي ھي فاصلو سڀ کان گهٽ 14,71,00,000 ۽ 4 جولاء تي سڀ کان وڌيڪ 15,21,00,000 ٿئي ٿو. سج مان اچڻ واري روشني زمين تي تمام حيات کي کاڌ خوراڪ فراھم ڪري ٿي ۽ زمين تي موسمن جي تشڪيل جو سبب بنجي ٿي.
سج جي سطح بنيادي طور تي ھيڊوجن ۽ ھيليم جي ٺھيل آھي. ھن ۾ ھيڊروجن جو تناسب تقريبن 74 سيڪڙو مايو يا 92 سيڪڙو مقدار آھي ۽ ھيليم جو تناسب تقريبن 24 سيڪڙو مايو ۽ 7 سيڪڙو مقدار آھي. ان کان سوا ٻيا عنصر لوھ ۔ نڪل ۔ آڪسيجن ۔ سلفر ۔ ميگنيشم ۔ ڪاربان ۔ نيون ۔ ڪيلشم ۽ ڪروميم محدود مقدار ۾ موجود آھن.
فلڪي جماعت بندي ۾ سج جو درجو G2V آھي. ھن جو مطلب 5,780 ڪيلون (5,510 درجہ سيڪڙو) آھي. سج جو رنگ سفيد آھي جڏھن سج جي روشني فضا مان گذري ٿي تہ ٽوڙ ڦوڙ جي ڪري زردانجهڙي نظر اچي ٿي. ھي روشني جون ڊيگھ لھرون ھيٺ لھن ٿيون، ايندي انهن جو اثر گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ نتيجي طور نيرانجهڙي ۽ بنفشي روشني نڪري وڃي ٿي باقي ڊيگھ لھرون انساني اک کي پيليون نظر اچن ٿيون. آسمان جو نيرو رنگ ان جي الڳ ٿيڻ واري نيري روشني جي ڪري نظر اچي ٿو. سج نڪرڻ يا لھڻ وقت جڏھن سج آسمان جي ھيٺان ٿئي ٿو تہ روشني کي اسان تائين پھچڻ لاء اڃان وڌيڪ ھوا مان گذرڻو پوي ٿو جنھن جي ڪري ھي اثر اڃان وڌيڪ شديد ٿي وڃي ٿو ۽ سج جي روشني اسان کي نارنگي يا ڳاڙھي نظر اچي ٿي. سج جي ڌارائن ۾ ساديون ۽ وچٿريون ڌاتي ليڪون پاتيون وڃن ٿيون. ان کان سوا ھيڊوجن ۽ ھيليم جون ڪمزور ليڪون پاتيون وڃن ٿيون. ھن جي درجابندي ۾ V ان ڳالھ جي نشاندھي ڪري ٿي تہ ستارن جي اڪثريت وانگر سج بہ Main sequence تارو آھي. ھي تارو پنھنجي وڌيڪ توانائي ھيڊوجن جي رچاء مان پيدا ڪري ٿو جنھن مان ھيليم جا مرڪزا پيدا ٿين ٿا. اسان جي ڪھڪشان ۾ G2 جماعت جا تقريبن 10 ڪروڙ تارا آھن. سج کي پھرين غيراھم ۽ ننڍو تارو سمجهيو ويندو ھو پر ھاڻي معلوم ٿي چڪو آھي تہ سج اسان جي ڪھڪشان جي 85 سيڪڙو تارن کان جيڪي اڪثر ڳاڙھا ٿين ٿا انهن کان وڌيڪ روشن آھي
سج کيرائين ڪھڪشان جي مرڪز جي چوڦير 24 يا 26 نوري سال جي اصلي تي گردش ڪري ٿو ۽ 25.0 - 22.5 ڪروڙ سالن ۾ ھڪ چڪر پورو ڪري ٿو. ھن چڪر کي ڪھڪشائون سال چئبو آھي. ھن جي مداري رفتار Orbital speed لڳ ڀڳ 251 ڪلوميٽر في سيڪنڊ آھي. اھڙي طرح سج تقريبن ھر 1190 سالن ۾ ھڪ نوري سال يا ھر 7 ڏينھن ۾ Astronomical unit ھڪ فلڪياتي اڪائي جو فاصلو طئي ڪري ٿو.
اسان جي ڪھڪشان بہ Cosmic microwave background radiation یا (CMB) جي مقابلي ۾ سج 550 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سمتار Hydra جي جهرمٽ ڏي حرڪت ڪري رھيو آھي. ان کي ملائي CMB جي مقابل سج 370 ڪلوميٽر ڪل رفتار سان Crater یا Leo طرف روان دوان آھي.
سج کيرائين جي جنھن حصي سان گذري رھيو آھي ان ۾ اسان جي ويجهوترين 50 تارن ۾ جيڪي زمين کان 1.6E+14 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھن. سج مايي جي لحاظ کان چوٿون نمبر آھي. سائنسدانن مطابق سج جي سطح تي غيرمعمولي سڪون يا ترساء جو سامڻو آھي يا آسان لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تہ سج اڃان سمهي رھيو آھي.
سج جي عمر تقريبن 10 ارب سال تائين آھي جنھن کان پوء ڳاڙھي گولي ۾ تبديل ٿي آھستي آھستي ٿڌو ٿيندو ويو. ھن ڪائنات ۾ لکاھا سج ۽ شمسي نظام موجود آھن.
اسان جي سج جي عمر تقريبن ساڍا چار ارب سال آھي ۽ پنھنجي نظام شمسي جي گرھن کي چار ارب کان پنج ارب سالن تائين روشني ۽ گرمي ڏيئي سگهي ٿو.
ھڪ ارب سال جي دوران سج جي گرمي پد ۾ تقريبن 10 سيڪڙو اضافو ٿئي ٿو جنھن جو اثر نظام شمسي جي گرھن تي پوي ٿو. سج ۾ گرمي پد جي تبديلين جي ڪري لڳ ڀڳ ھڪ ارب سال پھرين اسان جي زمين جو ماحول زندگي جي ھم آھنگ ٿيو ۽ لڳ ڀڳ چار کان پنج ارب سال تائين سج قائم رھي سگهي ٿو جنھن کان پوء اسان جي ڪائنات جو پاڻي گئسن ۾ تبديل ٿي خلا ۾ تحليل ٿي ويندو ۽ ھڪ بنجر ۽ غير آباد ستارو ٿي ويندو.
سج جو ٺھڻ :-
نظام شمسي جي باري ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو ھي نيبولائي نظريي جي مطابق وجود ۾ آئي. ھي نظريو عماويل ڪينٽ 1755ع ۾ پيش ڪيو ھو. ھن جي نظريي مطابق 4 ارب 60 ڪروڙ سال پھرين ھڪ وڏي ماليڪيولي بادل جي ثقلي ڌڙام Gravitational collapse جي ڪري نظام شمسي وجود ۾ آئي. ھي بادل شروع ۾ پنھنجي وسعت ۾ ڪيئي نوري سال تي محيط ھيو ۽ اھو خيال آھي تہ ان جي ڌڙام سان ڪيترن ستارن جنم ورتو ھوندو. قديم شھابن ۾ اھڙن عنصرن جا مقدار يا ذرا پاتا ويا آھن جيڪي صرف وڏن ڦاٽي ستارن Exploding stars ۾ تشڪيل پائن ٿا. ان مان ظاھر ٿئي ٿو تہ سج جي تشڪيل ستارن جي ڪنھن اھڙي ستاري جهرمٽ Star cluster ۾ ٿي جيڪو قريب پنھنجي ڪيئي سپرنووا جي ڌماڪن ۾ ھئي. انهن ڌماڪن سان پيدا ٿيندڙ ڌوڏيندڙ لھرن Shock waves پنھنجي پاڙي جي نيبولا جي گئسي مادي تي دٻاء وجهي وڌيڪ گئسي گهاٽائي جا خطا پيدا ڪري ڇڏيا جنھن سان سج جي ٺھڻ جي ابتدا ٿي. انهن گهاٽن خطن ۾ ثقلي قوت کي بھتر طور تي اندروني گئسي دٻاء تي قابو پائڻ جو موقعو مليو ۽ پوء ھي ڪشش ثقل پوري بادل جي ڌڙام Collapse جو سبب بڻي.
ھن گيسي بادل جو اھو حصو جيڪو بعد ۾ شمسي نظام بنيو پنھنجي قطر ۾ قريبن 7 ھزار کان 20 ھزار فلڪي اڪاين AU تي مبني ھيو ۽ ان جي مقدار ھاڻوڪي سج جي مقدار کان وڌيڪ ھئي. ھن کي فلڪي ماھر اڳوڻو شمسي نيبولا چون ٿا. جيئن جيئن نيبولا سڪڙيو، زاويائي معيار حرڪت Conservation of angular momentum وڌندي وئي. جيئن جيئن مادو ان بادل جي مرڪز ۾ ڪٺو ٿيندو ويو، ايٽمن جي پاڻ ۾ ٽڪرائڻ جي تڪرار جي انتھائي توان Frequency وڌندي وئي ۽ ان جي ڪري مرڪز ۾ گرمي پد وڌڻ لڳو. مرڪز جتي تمام گهڻو مادو ڪٺو ٿي چڪو ھيو، اھو گرم کان گرم ٿيندو ويو ۽ ان جو گرمي پد باقي بچيل بادل جي مقابلي ۾ ڪافي وڌيڪ ٿي ويو. گردش ۔ ڪشش ثقل ۔ گئسي دٻاء ۽ مقناطيسي قوتن جي اثر ھيٺ سڪڙيل نيبولا آھستي آھستي گردش ڪندو سيارن کان اڳ طشتري ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويو جنھن جو قطر تقريبن 200 فلڪي اڪايون AU ھيو ۽ جنھن جي مرڪز ۾ ھڪ گرم ۽ گهاٽو جنم وٺندڙ ستارو ھيو.
تقريبن 10 ڪروڙ سال کان پوء سڪڙيل نيبولا جي مرڪز ۾ ھيڊوجن جي گهاٽائي ۽ دٻاء ايترو ھيو جو ھتي مرڪزي ڪٺاڻ جو عمل شروع ٿي ويو. مرڪزي ڪٺاڻ جي رفتار ان وقت تائين وڌندي وئي جيستائين آبسڪوني توازن Hydrostatic equilibrium پيدا نہ ٿيو. ھن موقعي تي مرڪز مان پيدا ٿيندڙ توانائي دٻاء جي قوت ڪشش ثقل جي برابر ٿي وئي ۽ وڌيڪ سڪڙ جو عمل رڪجي ويو. ھاڻي سج مڪمل ستارو بنجي چڪو ھو بادل جي باقي بچيل ڌوڙ ڌوڌڙ ۽ گئسن مان گرھن جي جوڙجڪ ٺھي.
سج نظام شمسي جو مرڪزي ستارو ۽ سڀ کان اھم حصو آھي. ھي مقدار ۾ زمين کان 332,946 ڀيرا وڏو آھي. ھن جي ڀاري مقدار ھن کي اندروني گهاٽائي فراھم ڪري ٿي جنھن سان ھن جي مرڪز ۾ جوھري رچاء رھي ٿو. جوھري رچاء جي ڪري تمام وڏي مقدار ۾ توانائي پيدا ٿئي ٿي جنھن جو وڌيڪ حصو برقناطيسي لھرن Electromagnetic ۽ تابڪارن Radiations جي شڪل ۾ خلا ۾ وکري ٿو.
سج کي ستارو مڃيو وڃي ٿو. ستارن جي درجابندي ھرٽز پرنگ-رسل نقشي Hertzsprung-Russell diagram مطابق ڪئي وڃي ٿي. ھن گراف ۾ ستارن جي چمڪ کي ان جي سطحي گرمي پد جي مقابلي ۾ درج Plot ڪيو وڃي ٿو. عام طور تي وڌيڪ گرم ستارا وڌيڪ چمڪدار ٿين ٿا ان عمومي خاصيت وارن ستارن کي main sequance سڏيو وڃي ٿو ۽ سج بہ انهي زمري ۾ اچن ٿا پر سج کان وڌيڪ چمڪدار ۽ وڌيڪ گرم ستارا تمام گهٽ آھن جڏھن سج کان مدھم ۽ ٿڌا ستارا عام آھن.
اسان جو نظام شمسي خلا ۾ حرڪت ۽ سفر ڪندو رھي ٿو. نظام شمسي جي اندر انفرادي ستارا سج جي چوڌاري ڦرندا رھن ٿا سيارا مختلف رفتار سان سفر ڪندا رھن ٿا. ان کان سوا گرھ پنھنجي محور ۾ گردش ڪندا رھن ٿا. سج جي ڪشش ثقل ان پوري نظام کي يڪسو مدار ۾ رکي ٿي. جيڪو گرھ سج جي ويجهو ھوندو ان تي سج جي قوت وڌيڪ ھوندي جيڪو سيارو سج کان پري ھوندو ان تي سج جي قوت گهٽ ٿيندي سج گهمندڙ گئس جو گولو آھي. سج جي مرڪز ۾ واقع ٿيندڙ ايٽمي ردعمل فوٽان جي صورت ۾ خارج ڪندا رھن ٿا. سج جي مرڪز ۾ ھيڊوجن جي ھيليم ۾ تبديل ٿيندڙ شرح 60 ڪروڙ ٽن في سيڪنڊ آھي. ان جي نتيجي ۾ جيڪا توانائي پيدا ٿئي ٿي اھا خلا ۾ سفر ڪري ٿي
سج ان ڪيميائي رد عمل جي ڪري ھر ھڪ منٽ ۾ پنھنجي ڪل مقدار مان 40 لک ٽن مقدار وڃائي رھيو آھي.
سج جو خلا ۾ ڪافي وشال ايراضي تائين پکڙيل آھي. سج جي تھ مان جيڪي گئسون نڪرن ٿيون انهن جي ڪري شمسي طوفان اچن ٿا. ھي شمسي طوفان پاڻ سان گڏ سج مان ھڪ مقناطيسي ميدان کڻي اچي ٿي. سج جي گهمڻ جي ڪري ھي مقناطيسي ميدان ڦيريدار شڪل وارا ٿي وڃن ٿا. ھن شمسي طوفان جي غلبي ۾ اچڻ واري خلا کي سج گولو Heliospere سڏيو وڃي ٿو.
سائنسدانن مطابق ھن وقت سج پنھجي عروج تي آھي ۽ ان ۾ جلڻ لاء ڪافي ٻارڻ موجود آھي. وقت گذرڻ سان گڏ سج جي چمڪ ۾ اضافو ٿيندو رھي ٿو.
سج ۾ ھيڊوجن ۽ ھيليم جي تناسب سان اندازو ٿئي ٿو تہ سج پنھنجي وچين عمر ۾ ھلي ٿو پيو. وقت گذرڻ سان گڏ سج جي جسامت ۽ چمڪ ۾ اضافو ٿيندو ويندو ۽ ڳاڙھسرو ٿيندو ويندو. تقريبن 5 ارب سالن ۾ سج ھڪ ڳاڙھو ديو Giant بنجي ويندو. ان وقت سج جي چمڪ ان جي موجودھ چمڪ کان ڪيئي ھزار ڀيرا وڌيڪ ھوندي.
سج اول آبادي Population I جو ستارو آھيھي ڪائناتي ارتقا کان گهڻو پوء جي مرحلي ۾ پيدا ٿيو ھو ان جي بيھڪ ۾ ٻي آبادي Population II جي ستارن جي نسبت ۾ ڀاري عنصرن جي مقدار وڌيڪ آھي. انهن ڀاري عنصرن کي فلڪياتي زبان ۾ ڌاتون چون ٿا پر علم ڪيميا ۾ ڌاتن جي وصف ان کان مختلف آھي ھيڊوجن ۽ ھيليم کان ڀاري عنصر قديم ڦاٽڻ وارن ستارن جي مرڪز ۾ بنيا ھئا. ان لاء ڪائنات ۾ انهن عنصرن جي موجودگي جي لاء ستارن جي پھرين نسل Generation جو مرڻ ضروري ھو. قديم ترين ستارن ۾ ڌات جي تمام گهٽ مقدار پاتي وڃي ٿي. فلڪياتي ماھرن جي خيال ۾ سج جي اوچي ڌاتيت ان جي چوڌاري گرھن جي جوڙ لاء انتھائي اھم ھئي. ڇوجو گرھ ڌاتن جي ارتڪام Accretion مان بنيا ھئا.
سج ۽ گرھن جي بيھڪ :-
سج جيڪو ھڪ جي 2 اھم سلسليوار main sequence G2 ستارو آھي ۽ نظام شمسي جو مرڪز آھي. سج شمسي نظام جي مقدار جي حساب سان 99.86 سيڪڙو آھي ۽ ثقلي طور تي ٻين جسمن تي حاوي آھي. مشتري ۽ زحل جيڪي سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ گرھن مان وڏا گرھ آھن، باقي بچيل گرھ مقدار ۾ 90 سيڪڙي وارا آھن.
سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ وارن سڀني گرھن جا مدار (پلوٽو سيارو ناھي) زمين جي مدار جي يا برابر آھن يا ان کان تمام گهٽ گول زاويو ٺاھن ٿا. ھن جي مقابلي ۾ پڇڙ سيارا ۽ ڪوئپر پٽي جي جسمن جا مدار زمين جي مدار کان ڪافي زاويي تي آھن.
سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ وارا گرھ پنھنجي محور ۾ گردش ڪندا رھن ٿا. جيڪڏھن سج جي قطب اتر جي عين مٿان معائنو ڪيو وڃي تہ سواء چند جسمن جي، جيئن ھيلي جو پڇڙ سيارو ۽ تمام سيارا پنھنجي محور جي چوڌاري مخالف گهڙي وار طرف ۾ گردش ڪندا رھن ٿا.
سج جي چوڌاري تمام جسم ڪيپلر جي قانون مطابق حرڪت ڪن ٿا. ھر جسم جو مدار بيضوي آھي ۽ بيدي جي ھڪ مرڪز Focus تي سج واقع آھي.
سج جي قريب وارا جسم پري وارن جسمن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان گردش ڪن ٿا. گرھن جو مدار تمام گهٽ بيضوي پر تقريبن گول آھن پر گهڻن بيضوي گرھن ۔ اپگرھن (سيارچن) ۽ ڪوئپر پٽي جي جسمن جي مدار انتھائي بيضوي ٿئي ٿي.
گرھن جي مدار ھڪ ٻئي کان تمام گهڻي فاصلي تي ٿئي ٿي ۽ ٻن مدارن جي وچين فاصلي ۾ تغير بہ تمام وڌيڪ پاتو وڃي ٿو. ھي فاصلا نقشن ۾ ڏيکارڻ تمام ڏکيا آھن ان لاء عام طور تي شمسي نظام جي نقشن ۾ سياري کي ھڪ ٻئي کان يڪسان فاصلي تي ڏيکاريو وڃي ٿو پر حقيقت ۾ ڪجھ مثالن کان سوا ڪوبہ گرھ سج کان جيترو دور آھي اوترو ان جي مدار جو فاصلو پنھنجي کان اڳين سيارن جي مدار کان فاصلو ايترو ئي وڌيڪ آھي مثال طور زھرا جو مدار عطارد جي مدار کان 0.33 فلڪي اڪاين AU جي فاصلي تي آھي جڏھن تہ زحل مشتري کان 4.3 فلڪي اڪاين جي فاصلي تي آھي ۽ نيپچون يورينس کان 10.5 فلڪي اڪاين جي فاصلي تي آھي.
روشني جو سفر :-
سج جي روشني اسان جي حيات جو سرچشمو آھي جنھن کي اسان وٽ پھچڻ ۾ لک سال لڳا. سج اسان جي کيرائين واٽ Milky way galaxy جي عام ڪنڊ ۾ واقع آھي. ھن سج جي گولي جي ڪري اسان کي گرمي ۔ توانائي ۽ روشني ملي ٿي. سج ۾ ھڪ وقت جوھري ميل جاري رھي ٿو جنھن جي ذريعي روشني لڳ ڀڳ ھڪ لک ڇھاسي ھزار ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان اسان جي ڌرتي تي پھچي ٿي. اسان جي ڌرتي کان سج نو ڪروڙ ٽيھ لک ڪلوميٽر جي فاصلي تي آھي. ھي روشني اٺ يا سوا اٺ منٽ جي مختصر مدت سان زمين کي ڇھي ٿي. اسان کي ياد رکڻ کپي تہ روشني کي سج مان نڪرڻ لاء ھڪ لک سال جو عرصو لڳو ۽ اسان جي زمين کي بنفشي شعاعن سان روشن ڪيو.
سج ھيڊوجن جي مختلف پرتن تي مشتمل ٿئي ٿو. روشني جي ذري جو سفر سج جي پيٽ اندران شروع ٿئي ٿو جنھن ۾ لکاھا ميل ھيڊوجن ٿئي ٿي جيڪا جوھري رچاء Nuclear fusion پيدا ڪندي رھي ٿي. جوھري رچاء Nuclear fusion ئي سج کي توانائي مھيا ڪري ٿو. سج رچاء ۾ ھيڊوجن کي ھيليم ۾ تبديل ڪري ٿو ھن عمل دوران ھيڊوجن جا 2 ايٽم ملي ھيليم جو ھڪ ايٽم بنائن ٿا. رچاء جو ھي عمل ڏسڻ ۾ سادو لڳي ٿو پر ڪٺن ھوندو آھي. ضم ٿيڻ واري پروٽان تي ھڪ جھڙو واڌو بار ھوندو آھي جنھن جي ڪري اھي ھڪ ٻئي کي ڌڪيلن ٿا. پروٽان پاڻ ۾ ميل پسند نہ ڪندا آھن ان ڪري انهن کي پاڻ ۾ ميلاپ لاء زبردست توانائي يا رفتار Velocity جي ضرورت پوي ٿي تہ جيئن اھي پاڻ ۾ ملي سگهن ۽ ائين ٿي وڃي ٿو. رچاء ۾ ھيڊوجن جا جوھر ملي ھيليم جو ھڪ جوھر بنائن ٿا ۽ ھن عمل دوران توانائي بہ پيدا ڪن ٿا جيڪا گرمي ۽ روشني جي روپ ۾ اسان کي ملي ٿي.
پروٽانن کي پاڻ کي ويجهي ڪرڻ لاء زبردست گرمي ۽ دٻاء جي ضرورت پوي ٿي ھي ڪم ڪشش ثقل جي مخفي توانائي ئي ڪري سگهي ٿي. نظام شمسي ۾ موجود تمام مادي جي مايو نوانوي ڏھائي اٺ سيڪڙو سج ۾ موجود آھي جيڪو واقعي تمام گهڻو مايو آھي. ھي تمام مايو سج کي ثقلي طاقت سان ڇڪي ٿو. ثقلي قوت گئسن کي زبردست طاقت سان دٻائي ٿي ۽ ڇڪي ٿي جنھن سان ايٽم ھڪ ٻئي جي قريب اچي وڃن ٿا ۽ رچاء جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. سج جي قلب ۾ موجود انتھائي ڪسيل جوھري رچاء ۾ ھيڊوجن جا ڏھ ڪروڙ ھزار کرب ھزار کرب ايٽم ھڪ ٻئي سان ٽڪرجن ٿا اھو ايترو ٽڪراء سخت ٿئي ٿو جو ايٽم پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿي توانائي خارج ڪن ٿا. جڏھن پروٽان پاڻ ۾ جڙجڻ لاء اچن ٿا تہ انهن جي مايي ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي ۽ مايي جي ھي گهٽتائي توانائي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. ھر ڏينھن سج ھڪ سيڪنڊ ۾ سٺ ڪروڙ ھيڊوجن ٽن ڦوڪي ڇڏي ٿو. ھر ٽڪراء توانائي جي بوڇاڙ پيدا ڪري ٿو جو توانائي جو ھڪ تمام ننڍو بنڊل ٿئي ٿو اھڙي طرح فوٽان زمين تي روشني پھچائي ٿو جنھن مان ڌرتي تي موجود حيات فائدو کڻي ٿي پر سج جي قلب ۾ ٺھندڙ فوٽان جا ذرا ائين نٿا ٿين جيئن نظر اچن ٿا. ان وقت انهن ۾ ڀريل توانائي تمام گهڻي موتمار ھوندي آھي. اسان جي تاري جي اھا روشني تمام گهڻو قديم ٿئي ٿي جنھن سج جي پيٽ مان نڪرڻ لاء 10 لک سال ورتا پر اسان جي زمين تي پھچڻ ۾ سوا اٺ منٽ وٺي رھي آھي. خلا جي مختصر سفر ۾ فوٽان روشني جي صورت ۾ تحليل ٿي بنفشي رنگ پٽي ۾ اسان جي ڌرتي تائين پھچي روشني ڏين ٿا ۽ ڌرتي مان گذري ختم ٿي وڃن ٿا. اھو سلسلو ھر سيڪنڊ ۾ ھلي ٿو.
شمسي طوفان :-
سج تي طوفانن جو جنم وٺڻ ھڪ معمول آھي. سج جو ھڪ طوفاني چڪر 11 سالن تي ٻڌل ٿئي ٿو ۽ 11 سالن کان پوء سج جي سطح تي وڏا طوفان جنم وٺن ٿا جن کي زمين مان موجود تجربيگاھن مان سج جي سطح کان اٿندڙ شعلن جي شڪل ۾ ڏسي سگهجي ٿو. شمسي طوفان سج جي چوٿين حصي تي اڀرن ٿا ۽ ڪجھ عرصي کان پوء ھي سلسلو جاري رھڻ بعد سج جي اٿندڙ باھ معمول تي اچي وڃي ٿي.
سج تي پيدا ٿيندڙ طوفان تقريبن 9 ڪروڙ ميل جو سفر طئي ڪري زمين تي پھچڻ ۾ ھڪ کان 2 ڏينھن وٺن ٿا. ان جو مدار برقي شمسي لھرن ۽ تابڪار ذرن جي رفتار تي ٿئي ٿو. سج تي اڱاري ڏينھن جنم وٺندڙ طوفاني جهڪ زمين جي سطح سان خميس تي ٽڪرائي ھئي.
فلڪياتي ماھرن مطابق شمسي طوفان قطبي علائقن جي قريب رھڻ وارن کي خوبصورت قطبي روشنين جا نادر موقعا فراھم ڪيا پر شمسي طوفان جي بنفشي شعائن کي جهڙ جي موسم بنا ڏسي نٿو سگهجي.
سائنسدانن مطابق سج جي سطح تي غيرمعمولي سڪون يا ترساء جو سامڻو آھي يا آسان لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تہ سج اڃان سمهي رھيو آھي.
سائنسدانن لاء ھي صورتحال نھايت حيرت انگيز آھي. اھي شمسي طوفانن جي گهٽ ٿيڻ جو جائزو وٺي رھيا آھن تہ شمسي طوفانن جي گهٽ ٿيڻ سان دنيا تي ڪھڙو اثر پئجي سگهي ٿو.
ماضي جي تجربن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ جيڪڏھن ڪڏھن بہ سج تي شمسي طوفان اچڻ بند ٿيا يا گهٽ ٿيا تہ سڄي دنيا ڳڱاٽ دور Ice age ۾ اچي ويندي.
ھن ڀيري سج جي سطح تي شمسي طوفانن جي گهٽتائي جو زمين جي سطح يا گلوبل وارمنگ تي ڪھڙو اثر پوندو ان جو بہ جائزو وٺي رھيا آھن.
سج جون شعائون يا شمسي ھوائون Solar winds زمين جي اردگرد ماحول سان ٽڪرائن ٿيون تہ شمالي روشنيون آرورا بوریالِس ٺھن ٿيون پر ھي خدشو آھي تہ جلد ئي ھي حيرت انگيز ۽ دلڪش منظر اچڻ بند ٿي ويندا. ھي سڀ ڪجھ سج جي سطح تي اچڻ وارن تغيرن جي ڪري ٿي رھيو آھي ان ڪري ان جي سطح تي شمسي طوفان تيزي سان گهٽجي رھيا آھن.
ردر فرڊ اپليٽن ليباريٽري جي پروفيسر رچرڊ پيرسن جو چوڻ آھي تہ توھان جوبہ ڪريو پر سولر پيڪس ۾ گهٽتائي واقع ٿي رھي آھي ۽ سج جي سطح تي بلند ٿيڻ وارن شعلن جي گهٽتائي مان ھي ڳالھ واضح آھي.
يونيورسٽي آف ڪاليج لنڊن جي ڊاڪٽر لوسي گرين مطابق شمسي ڦيرن ۾ گهٽتائي اچڻ ڪري سج جي سطح تي لرزشن ۾ گهٽتائي ٿي رھي آھي.
سج تي ٿيڻ واري حرڪت يا ھڪ مستقل طوفان جي ڪيفيت جو مختلف نوعيتون ٿين ٿيون. سج تي پاتا ويندڙ داغ وڌيڪ مقناطيسيت وارا ٿين ٿا جن کي زمين تان ڏٺو وڃي تہ سياھ داغن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا.
سج جون شعائون يا بنفشي شعائون زمين طرف عڪس ڏين ٿيون ۽ سج جي سطح کان اٿندڙ شعلن برقي ذرن Charge particles کي اربين ٽنن جي صورت ۾ خلا ۾ وکيرن ٿيون.
سج تي ٿيڻ واريون ھي لرزشون ھر يارھن سالن ۾ گهٽ وڌ ٿين ٿيون ھي سج جي لرزشن جي عروج يا انتھا جو زمانو آھي جنھن کي سائنسي اصطلاح ۾ سولر ميڪسيمم چيو وڃي ٿو پر ھن وقت سج تي غيرمعمولي ترساء آھي ۽ اھا سرگرمي ناھي جيڪا ھئڻ کپي. جيڪڏھن ماضي تي نظر وجهجي تہ سو سال پھرين اھڙي صورتحال نظر آئي ھئي. ان کان پھرين اھڙي صورتحال ٻن چئن نسلن نہ ڏٺي ھوندي. سج جي سطح تي داغن جو تعداد سائنسدانن جي اميدن کان تمام گهٽ آھن ۽ سج جي سطح تي اٿندڙ شعلن جي تعداد توقع کان گهٽ اڌ آھي. سترھين صدي ۾ ڪيئي ڏھاڪن تائين سج جي سطح تي پيدا ٿيندڙ داغ ختم ٿي ويا ھئا جنھن جي ڪري ڪرھ شمالي ۾ شديد سردي پئي ھئي ۽ درياھ ٽيمس ڄمي ويو ھو. ان دور جي پينٽنگن مان خبر پوي ٿي تہ ڄميل دريا ٽيمس تي سرمائي ميلا لڳندا ھئا. سن 1684ع جي وڏي ٿڌ ۾ درياھ ٻن مھينن تائين ڄميل رھيو ۽ ان مٿان برف جي ھڪ فٽ تھ ڄميل رھي. يورپ جي تاريخ جي ھن ٿڌي ترين دور کي سائنسدانن مونڊر منيميم جو نالو رکيو ويو ان سائنسدان جي نالي جنھن سج تي ٿيڻ واري سرگرمي ۾ گهٽتائي جو مشاھدو ڪيو ھو.
مونڊر منيميم دوران صرف دريا ٽيمس نہ رڳو ڄميو ھو پر بحيرہ بالٽڪ بہ ڄمي ويو ھو. شمالي يورپ جا فصل تباھ ٿي ويا ھئا ۽ ڏڪار شروع ٿي ويو ھو.
سج تي سرگرمي جي گهٽتائي جو مطلب اچڻ وارن ڪيترن ڏھاڪن تائين زمين تي انتھائي ٿڌ پئجي سگهي ٿي.
1609ع کان پوء سج جي داغن يا ان تي اٿندڙ شعلن جو مشاھدو ڪيو وڃي ٿو پيو ۽ ھن مھل تائين سائنسدانن وٽ 4 سو سال جا مشاھداتي ذخيرا موجود آھن تہ ڪيئن سج تي سرگرمي ڪيئن گهٽ ٿيندي پئي وڃي ۽ اھو ادراڪ ناھي تہ اڳتي ھلي ماحول تي ڪھڙو اثر پوندو. ڪجھ سائنسدان تحقيق ۾ ھزارين سال پراڻي برفاني علائقن جي برف تي تحقيق ڪري رھيا آھن ۽ برف جي اھڙن ذرن جو مشاھدو ڪري رھيا آھن جيڪي ڪڏھن زمين جي فضا ۾ پاتا ويندا ھيا انهن ذرن ذريعي سج تي ٿيندڙ سرگرمين جي لاھ چاڙھ جو اندازو ٿي سگهي ٿو.
ھڪ ٻئي سائنسدان مائيڪ لويڪورٿ جي مشاھدي مطابق ڏھ ھزار سالن ۾ پھريون دفعو سج تي تيزي سان سرگرمي ۾ گهٽتائي ٿي رھي آھي.
ھن مطابق برف جي تھ ۽ سج تي سرگرمي ۾ واقع ٿيندڙ گهٽتائي جو مشاھدو ڪيو وڃي تہ ويھ کان ٽيھ فيصد ان ڳالھ جو امڪان آھي تہ ايندڙ چاليھ سالن ۾ دنيا مونڊر مينيمم جو شڪار ٿي ويندي.
سورج تي سرگرمي ۾ گهٽتائي جو مطلب آھي تہ سج کان دنيا ۾ ايندڙ بنفشي شعائن جي گهٽتائي ۽ ان سبب ڪري جيٽ اسٽريم متاثر ٿي سگهي ٿي. مائيڪ لويرٿ جو چوڻ آھي تہ جيٽ اسٽريم ۾ تبديلي سان شمالي يورپ ڏي ايندڙ گرم ھوائون بند ٿي سگهن ٿيون. سج جي سطح تي گرمي ايسين ختم نہ ٿيندي جيسين سج بوني گرھ وانگر ننڍو نہ ٿي ويندو ۽ ان جي سڄي ھيڊوجن ختم ٿي نہ ويندي.
سج ۽ موسمي اثر :-
زمين تي موسمن جو ٺھڻ زمين جي گردش سان نٿو ٿئي پر سج جي جهڪاء جي ڪري ٿئي ٿو. زمين جو محور تقريبن 23.45 درجا جهڪيل ٿئي ٿو. زمين جي گردشي حرڪت جي ڪري موسم ٺھن نٿا پر تبديل ضرور ٿين ٿا.
جون جي مھيني ۾ اتر اڌ گولي ۾ گرمي ٿئي ٿي ان وقت زمين جو محور جيڪو 23.45 درجا جهڪيل ٿئي ٿو ان جو جهڪاء سج طرف ٿئي ٿو ۽ سج سرطاني خط Tropic of Cancer مڪينن لاء منجهند جو عين مٿي تي ٿئي ٿو ان کان سوا اتر اڌ گولي تي ڏينھن ڊگها ۽ راتيون ننڍيون ٿين ٿيون ان جي ابتڙ ڏکڻ اڌ گولي ۾ جون جي مھيني ۾ سردي ٿئي ٿي ڏينھن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿين ٿيون. سرطاني راس Summer Solstice اڪثر ڪري 21 جون تي ٿئي ٿو ليڪن ڪڏھن ڪڏھن 20 يا 22 جون تي ٿئي ٿو.
سرطاني راس جي ابتڙ جدي راس Winter Solstice ڊسمبر جي مھيني ۾ ٿئي ٿو جڏھن سج جدي خط Tropic of Capricorn جي عين مٿان ٿئي ٿو ۽ اتر اڌ گولي ۾ سردي ۽ ڏکڻ اڌ گولي ۾ گرمي پوي ٿي جدي راس اڪثر ڪري 21 ڊسمبر تي ٿئي ٿو يا ڪڏھن ڪڏھن 20 يا 22 ڊسمبر تي ٿي سگهي ٿو. ھن وقت ڌرتي جي محور جو رخ سج کان دور ٿئي ٿو. سرطاني راس وانگر جدي راس ۾ بہ اتر ۽ ڏکڻ نصف گولن ۾ ڏينھن ۽ رات جو مدو برابر نٿو ٿئي. اتر ۾ رات جڏھن تہ ڏکڻ ۾ ڏينھن وڏا ٿين ٿا. زمين جي محور جو جهڪاء نہ سج طرف ٿئي ٿو نڪي سج جي دوري طرف ٿئي ٿو. اعتدال ربيع ۽ اعتدال خريف مارچ ۽ سيپٽمبر مھيني ۾ ٿين ٿا اعتدال ربيع ۽ اعتدال خريف ۾ خط استوا تي ڏينھن ۽ رات جو مدو برابر ٿئي ٿو. اعتدال ربيع ۾ اتر اڌ گولي ۾ بھار ۽ ڏکڻ اڌ گولي ۾ سرء جو موسم ٿئي ٿو ان جي ابتڙ اعتدال خريف ۾ اتر اڌ گولي ۾ سرء ۽ ڏکڻ اڌ گولي ۾ بھار جو موسم عروج تي ٿئي ٿو.
Saturday, 1 June 2019
Milk of goat and its benefits ٻڪري جو کير ۽ ان جا فائدا 💎اصغر ساگر💎
MyDairyAsgharSagar
June 01, 2019
لوڪ ادب جو ٻول آهي تہ گهر هجي جهوپڙي، مال هجي ٻڪري، اسان جي لوڪ داستانن ۽ قومي روايتن ۾ ” مارئي“ جيڪا سنڌي عورت جو آدرشي ڪردار آهي سا بہ پنھنجن سرتين سان گڏ ٿر ۾ ٻڪريون چاريندي هئي ۽ شاھ لطيف مارئي سان گڏ ٻڪري کي ڳائي سنڌي ثقافت جو جزو بڻائي ڇڏيو.
ٻڪر ٻاٻاڻا، پسان شال پر ڪھين.
ويدڪ دور ۾ ٻڪرين جو وجود ملي ٿو. آريا ٻڪري جو گوشت مٽي جي ٿانون ۾ رڌي ۽ ٽانڊن تي پچائي کائيندا هئا.
ٻڪرين جي ڏاس مان ان وقت بہ کٿا، فراسيون ۽ خرزينون ٺاهيون وينديون هيون. موھن جي دڙي ۽ ھڙپا تھذيب جي دور ۾ بہ ٻڪريون پالبيون ھيون ۽ اھا ئي اتان جي ماڻهن جي دولت ھئي. ان وقت به ماڻھو ٻڪرين جو گوشت کائيندا ۽ کير پيئندا ھئا ۽ انھن جي کلن سان پنھنجو جسم ڍڪيندا ھئا. ان کان سواءِ ٻڪري کاڌ خوراڪ جي لحاظ سان گھٽ خرچ وارو جانور آھي. سنڌ ۾ ٻڪرين جا گھڻا نسل آھن، جن مان بَريون، ڪمريون ۽ پٽوليون مشھور آھن. ٻڪريون عام طرح سرءُ (15 سيپٽمبر کان 30آڪٽوبر تائين) جي موسم ۾ ۽ بھار (15 فيبروري کان 31 مارچ) جي موسم ۾ لڳ جهلينديون آھن .
ٻڪريءَ جي نر کي ’ٻڪر‘ چوندا آھن ۽ ٻڪريءَ جي مادي ٻچي کي ’ڇيلي‘ يا ’ليلي‘ ۽ نر ٻچي کي ’ليلو‘ يا ’ڇيلو‘ چوندا آھن. جابلو ٻڪري فقط کير ڏيڻ لاءِ ڌاربي آھي. نسل وڌائڻ (لڳ ڪرائڻ) لاءِ بيھاريل نر ٻڪر کي ”ٿير“ چوندا آھن. سنڌ جي ڪوهستاني علائقي ۾ ٻڪريءَ کي’ائي‘ به چون، ”پھون“ لفظ به ٻڪرين لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ ٻڪريون تمام گهڻيون هيون ۽ عام ٻڪري هڪ روپئي ۽ ڀلي ٻڪري چئن روپين ۾ ملندي هئي. ائٽڪن لکي ٿو
” بلا شڪ ٻڪرين پالڻ لاءِ سنڌ هڪ موزون علائقو آهي.“ ان وقت ٻڪرين جي گهڻائي ڪري گوشت، کير مکڻ عام هو.
انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي هر هڪ هاري وٽ ٻئي مال سان گڏ 15 کان 20 ٻڪريون بہ هونديون هيون . جيڪي بہ انگريز سياح هت آيا، انهن ٻڪرين جي ڌڻن جو ذڪر ڪيو. 1945ع ۾ جيڪا چوپائي مال جي ڳڻپ ڪئي وئي، تنھن ۾ ٻڪرين جو تعداد 14،14،167 هو، جيڪو مجموعي تعداد جو 24.15 هو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻڪرين جي پالنا تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. خاص ڪري ٿرپارڪر، بدين، سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن جي ريگستاني علائقن ۾ هي مال عام آهي ڇو تہ خشڪ علائقي ۾ ٻڪري کي ڦيٽ جي بيماري نہ ٿيندي آهي پر وچولي سنڌ ۾ گهم جي ڪري ٻڪريون ڦيٽجي وينديون آهن. هن وقت سنڌ ۾ ٻڪرين جا ڪيترائي قسم آهن جهڙوڪ: بريون، ماڪڙيون، ڪاڇيڻيون، ڪاموريون، ٽاپريون، ڳاهيون، چانڻيون وغيره. انهن مان هر قسم جي ٻڪري جي پنهنجي پنهنجي خوبي آهي.
جيتري قدر ٻڪري جي تخليق جو سوال آهي تہ ان لاءِ هندن جي ڪتاب برهمڻ گرنٿ ۾ اچي ٿو تہ
” ڌڻي جانورن ۾ اول ٻڪريون پيدا ڪيون.“
هن مان ظاهر ٿيو تہ انسان ۽ ٻڪري جو پاڻ ۾ ازل کان رشتو آهي. ڳانڍاپو آهي اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سماجي ۽ ادبي زندگي تي ٻڪري جو اثر آهي.
جانورن جي کير ۾ جزن جو مقدار مختلف ٿي سگهي ٿو پر کير ۾ پروٽين موجود ھوندو آھي کير قوت مدافعت وڌائڻ وڌائڻ ۽ جراثيمن کي مارڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ڪيسين پروٽين جا اھي باريڪ ذرا آھن جيڪي ڪئلشم ۽ فاسفورس سان جڙجي وڃن ٿا ۔ کير ليڪٽوفرائين ۾ فولاد کي جذب ڪري ٽي بي ۽ بيڪيٽيريا کي ختم ڪن ٿا. کير ۾ موجود امينوگلوبلن قوت مدافعت ۽ طاقت وڌائن ٿا کير ۾ اھم چڪنائي سي ايل اي پٺاڙن کي مضبوط ڪري ٿي ۽ بيمارين کان محفوظ رکي ٿي. قدرتي چاري وارن ۽ گاھ کائيندڙ جانوررن ۾ ميسي ايل اي جي زيادھ مقدار ٿئي ٿي.
کير ۾ وٽامن اي ۔ وٽامن بي ۔ وٽامن سي ۔ وٽامن ڊي ۽ وٽامن ڪي کان علاوه 60 انزائيم ٿين ٿا جيڪي جسم ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيميائي عمل کي تيز ڪن ٿا. غذائي جزن سان جيڪڏھن مينھن ۔ ٻڪري ۽ ڳئون جي کير جو جائزو وٺجي تہ ڪجھ فرق نظر اچي ٿو. جديد تحقيق ٻڪري جي کير کي سڀني جانورن جي کيرن کان بھتر کير قرار ڏنو آھي. حيرت انگيز ھي ڳالھ آھي تہ ڳئون ۽ مينھن جي کير جي ڀيٽ ۾ ٻڪري جو کير ھلڪو ۽ چرٻي ۽ پروٽين جي حساب سان ٻئي نمبر تي آھي.
ٻڪري جو کير ڪمال جي شي آھي. ٻڪري طرحين طرحين ڪوڙيون جڙي ٻوٽيون ۽ وڻن جا پن کائي ٿي ۔ پاڻي گهٽ پيئي ٿي پر ڊوڙي خوب ٿي. سينٽرل گوٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ مٿرا انڊيا جي محقق ڊاڪٽر چوھاڻ مطابق ڳئون ۔ ٻڪري ۽ مينھن جو کير ھڪجھڙو نٿو ٿئي. ان جي وجھ ان جي کاڌ خوراڪ آھي. ڳئون ۽ مينھن جي ڀيٽ ۾ ٻڪري جو چارو الڳ ٿئي ٿو. ٻڪري نم ۔ پپر ۔ ٻير ۔ ٻٻر ۔ اڪ ۽ ٻيون جڙي ٻوٽيون وغيرھ کائي ٿي جن کي عام طور تي ٻيا جانور پسند نٿا ڪن. ڳئون يا مينھن ھڪ ھنڌ پيل ھٿراڌو چارو کائن ٿا پر ٻڪري ھلندي مختلف جڙي ٻوٽيون ۽ وڻن جا پن کائي ٿي ان ڪري انهن ٻوٽن جا جز ٻڪري جي کير ۾ پاتا وڃن ٿا.
ٻڪري جو کير لطيف ۔ نرم ۔ جلد ھضم ٿيندڙ ۔ خون کي صاف ڪرڻ وارو ۽ تاثير جي لحاظ کان ٿڌو ٿئي ٿو
ٻڪري جو کير ٻار جي نشونما لاء بھترين غذابخش آھي ڇوجو ھي زود ھضم آھي ۽ ھن سان معدي ۽ آنڊا بار بار خراب نٿا ٿين. ٻڪري جي کير مان اھي مريض فائدو وٺي سگهن ٿا جن جي نشونما رڪجي وئي ھجي.
ٻڪري جي کير ۾ ڪاربوھائيڊريٽ ۔ ليڊ ۔ وٽامن ۔ فولاد ۔ ٽامو ۔ ڪيلشم ۔ وٽامن بي ۔ پوٽيشم ۔ فاسفورس۔ معدنيات ۽ ٻيا مرڪب ملن ٿا. ھن جو کير ڦڦڙن جي زخمن ۽ ڪاڪڙي جي درد کي ختم ڪري ٿو. ھي پيٽ کي ٿڌ ڏئي ٿو.
چمڙي جي مرضن ۽ خون جي خرابي وارا مريض ٻڪري جو کير استعمال ڪن. ھي گرمي ۽ خشڪي ختم ڪري ٿو ۽ اکين جي گرمي کي ھٽائي ٿو.
تحقيق مطابق ٻڪري جو کير دق جي جراثيمن کان پاڪ آھي ايترو جو اھڙن جراثيمن سان مقابلو ڪري ٿو ۽ تباھ ٿيل ٽشوئن جي ٻيھر نشونما ۾ حصو وٺي ٿو. جن ٻارن جا ڳلا جلدي خراب ٿي وڃن ٿا انهن کي خاص طور تي ٻڪري جو کير پيارڻ کپي ڇوجو ھي بلغم پيدا نٿو ڪري.
جديد تحقيق مطابق جن ماڻھن کي ليڪٽوز جو مسئلو ھجي ۽ انهن جا آنڊا ڳئون ۽ مينھن جي کير کي ھضم نہ ڪري سگهن انهن کي ٻڪري جو کير پيئڻ کپي. محققن ٻڪري جي کير کي ڳئون جي کير کان افضل قرار ڏنو آھي خاص طور تي ٻڪري جي کير کان ڪوبہ کير بھتر ناھي.
ٻڪري جي کير جي ھي خاصيت آھي تہ ھن کير کي پيئڻ واري جي چمڙي نرم ملائم ٿي وڃي ٿي. ڪوليسٽرول کي وڌڻ نٿو ڏئي ۽ جسم ۾ ايلرڄين سان وڙھڻ لاء قوت مدافعت وڌائي ٿو.
ٻڪري جو کير منھن جي رنگت نکاري ٿو. ٻڪري جو کير عورتن لاء قدرتي تحفو آھي. ٻڪري جو کير موھيڙن ۽ ڇاين کي ختم ڪري ٿو. خون جي خرابي دور ڪرڻ لاء ٻڪري جو کير پھرئين نمبر تي آھي. ھي دم ۾ فائدو ڏئي ٿو. پيٽ جي جملي بيمارين کي دور ڪري ٿو. دستن کي روڪي ٿو. برطانيا ۾ ٻڪري جو کير ڳئون ۽ مينھن جي کير کان وڌيڪ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ساليانو پوڻا ٻہ ڪروڙ گيلن ٻڪري جو کير برطانيا ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. چھري جي رنگت صاف ڪرڻ ۽ ڀوري رکڻ لاء ٻڪري جي کير کي ڳاٽي تي لڳايو وڃي ٿو ۽ چھري تي ماسڪ طور ڪتب آندو وڃي ٿو.
منھن جي رنگت نکارڻ لاء :-
ٽماٽي جو رس 2 چمچا
ٻڪري جو کير 2 چمچا
پاڻ ۾ ملائي منھن تي لائجي.
چھري جي رنگت صاف ڪندي ۔ منھن جي ريشي کي ختم ڪندي ۔ منھن جي گهنجن کي ختم ڪندي.
ڳلي ۔ ڪاڪڙي ۽ زبان جي سوڄ لاء :-
جيڪڏھن ڳلي جي خرابي يا ڪاڪڙي ۾ سوڄ ھجي تہ کير کي ڳلي ۾ روڪي پيئجي ان کان سواء زبان جي سوڄ ۾ ساڳي طريقي مفيد آھي.
ڦڦڙن جي زخم لاء :-
ٻڪري جي کير سان گڏ ڪتيرو پيئڻ سان ڦڦڙن جا زخم ختم ٿي وڃن ٿا
چڪن گونيا ۽ ڊينگي لاء :-
کير ۾ ڪيئي پروٽين پاتا وڃن ٿا پر ٻڪري جي کير ۾ ھڪ خاص قسم جو پروٽين بائيو پيپٽيز پاتو وڃي ٿو جيڪو ڳئون يا مينھن جي کير ۾ نٿو ملي. ھي پروٽين ڊينگو ۽ چڪن گونيا جي روڪ ۾ موثر ڪردار ادا ڪري ٿو. انهن ٻنهي بيمارين سان متاثر ماڻھن جي رت ۾ پيليٽس جي بيماري لڳي ٿي جنھن جي ڪري ڪافي موت واقع ٿي وڃن ٿا. سائنسدانن مطابق بائيوپيپٽيز سان پرت Palates وڌن ٿا ۽ ٻڪري جو کير ان جي روڪ ٿام ڪري ٿو. سينٽرل گوٽ ريسرچ انسٽيٽوٽ مٿرا انڊيا ڊينگو ۽ چڪن گونيا جي مرض جي علاج ۾ ٻڪري جي کير کي بھتر قرار ڏنو آھي. ان سلسلي ۾ ڊينگي ۽ چڪن گونيا جي مريضن کي صبح شام 2 ۔ 2 سو گرام ٻڪري جو کير پنجن ڏينھن تائين پياريو ويو تہ اھي جلدي صحتمند ٿي ويا.
چمڙي جي ايلرڄي ۽ ڌوڙ ايلرڄي لاء :-
ٻڪري جو کير 100 گرام
ڪدو جو رس 50 گرام
اٻاري ٿڌو ڪيل پاڻي 100 گرام
ٽنهي شين کي کاڌي کائڻ کان پھرين ملائي ھلڪو گرم ڪري پيئجي.
چمڙي جي ايلرڄي ۽ ڌوڙ جي ايلرڄي ۾ نھايت مفيد آھي. روزانو تازو ٺاھي پيئجي.
ھٿن ۽ پيرن جي ساڙي لاء :-
ھٿن ۽ پيرن جي جلن ختم ڪرڻ لاء پيرن کي ٻڪري جي کير سان مالش ڪجي.
بخار جي لاء :-
جڏھن بخار وڌيل ھجي ۽ مٿي تي چڙھي وڃي تہ پٽي ٻڪري جي کير ۾ ٻوڙي مٿي تي رکي وڃي.
اکين جي گرمي لاء :-
جڏھن اکين ۾ گرمي محسوس ٿئي تہ گرمي ختم ڪرڻ لاء ڪپڙو ٻڪري جي کير ۾ ٻوڙي اکين تي رکيو وڃي.
مرداني طاقت لاء :-
ٻڪري جو کير گلاس
بصر جو پاڻي چمچو
ماکي چمچو
سچو گھ چمچو
پاڻ ۾ ملائي باھ تي ھلڪو گرم ڪري پيئجي.
ٺيڪ ٺاڪ مرداني طاقت وڌندي.
پوڙھائپ کي روڪڻ لاء :-
ٻڪري جو کير گلاس
ماکي چمچو
پاڻ ۾ ملائي پيئجي.
بھترين اثر مرتب ڪندو. پوڙھائپ کي روڪيندو.
Subscribe to:
Posts (Atom)












