سج جي سطح تي سجاغ نظر ايندا آھن جن جو گرمي پد سج جي تري جي گرمي پد کان گهٽ ھوندو آھي. ھن سطح تي گرمي پد گهٽ ھئڻ جو سبب ان جڳھ تي مقناطيسي ميداني ڦرپ Magnetic field flux آھي جو گرمي جي ترسيل کي روڪي ٿو. ان جو گرمي پد ٽي ھزار کان ساڍا چار ھزار ڊگري سينٽيگريڊ گرمي پد تائين ٿئي ٿو جڏھن تہ ھيٺ آسپاس سطح جو گرمي پد ساڍا پنج ھزار ڊگري سينٽيگريڊ ٿئي ٿو ان سج داغ جا 2 حصا ٿين ٿا. اندر وڌرڪ ڪارو حصو جنھن کي امبرا چون ٿا ھي مقناطيسي ميدان سطح جا عمودي Verticle ٿين ٿا. ٻيو ان کان وڌيڪ روشن حصو جيڪو سطح جي طرف جهڪيل ٿئي ٿو. ھي روشني ۾ فرق سٽيفن بولٽزمين جي ڪار جس تابڪاري Black body radiation جي قانون مطابق معلوم ڪري سگهجي ٿو.
سج جي سطح تي ھي داغ پرٿ Plasma ۾ پيدا ٿيندڙ طوفانن جي ڪري پيدا ٿين ٿا جيڪي شديد مقناطيسي طوفانن جي ڪري رونما ٿين ٿا. شمسي طوفان Solar flare بہ انهن طوفانن جي ڪري پيدا ٿين ٿا.گرھن جي حرڪت صحت ۽ سج جي صحت تي اثرانداز ٿئي ٿي. سج ھڪ ھموار روشن گولو ٿئي ٿو پر ان ۾ ڪارا داغ موجود رھن ٿا جيڪي پيدا ٿين ٿا ۔ وڌن ٿا ۔ گهٽن ٿا ۽ وري ختم ٿي وڃن ٿا انهن کي سج جا داغ سڏيو وڃي ٿو. سج جي داغن جو سبب مقناطيسي طوفان ٿئي ٿو جنھن جي ڪري سج جي ان جڳھ تي سج جي ٻين جڳھن کان گرمي پد گهٽ ٿئي ٿو.
سج جا داغ ھروقت ھڪ جھڙا نٿا رھن پر انهن جي تعداد ۽ جسامت ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي رھي ٿي جيڪا 11 سالن تي ٻڌل ھڪ چڪر آھي يعني 11 سالن جي عرصي تائين ان جي مقدار ۾ اضافو ٿئي ٿو يا گهٽتائي اچي ٿي. ھن چڪر کي Solar cycle چئجي ٿو. سائنسدانن کي ھڪ عرصي تائين معلوم ھيو انهن داغن جا سبب سج جي سطح تي موجود مقناطيسي فيلڊ جون تبديليون آھن. سائنسدانن کي اھو معلوم نہ ھيو تہ 11 سالہ چڪر جو سبب ڇاھي يعني 11 سالن ۾ ھي تبديليون ڇو ٿيون اچن پر ھاڻي سائنسدانن ان پراسرار چڪر راز معلوم ڪري ورتو آھي.
فلڪياتي ماھر ڪافي عرصي کان فلڪي جسمن جي حالت رڪارڊ ڪندا اچن ٿا پيا. حال ۾ سائنسدانن ھڪ ھزار سال جي رڪارڊ ڪيل انگ اکرن جو اڀياس ڪيو ۽ ان جي ڀيٽ ٻين سيارن جي حالت سان ڪئي ان موازني سان ھي ڳنڍ کلي تہ زھرا ۔ زمين ۽ مشتري سج جي سطح تي ائين لھري قوتون Tidal forces پيدا ڪن ٿا جئن جيئن چوڏھين جو چنڊ ڌرتي جي سمنڊن تي لھري قوتون پيدا ڪري ٿو. اھڙي طرح زھرا ۔ زمين ۽ مشتري جي ڪشش سج جي سطح تي ھروقت موجود رھي ٿي پر جيڪڏھن ھي ٽئي سيارا ھڪ سڌي خط تي ھجن تہ انهن جي مجموعي ڪشش ثقل سج جي سطح تي وڌيڪ اثرانداز ٿئي ٿي.
زھرا ۔ زمين ۽ مشتري جي سنوت Alignment ھر 11 سالن بعد ٿئي ٿي. سائنسدانن جي تجزيي مطابق ان سنوت Alignment ۾ ۽ سج جي 11 سالہ ڦيري ۾ حيرت انگيز حد تائين نسبت correlation موجود آھي. پوئين ھڪ ھزار سالا مشاھداتي انگ اکرن مان واضح ٿئي ٿو تہ سج جو ھي ڦيرو ۽ ان جي گرھن جي سنوت alignment جو وقت ھڪ ئي ٿئي ٿو. انهن سيارن جي ڪشش سج جي تري تي اثر نٿي وجهي پر سج جي سطح تي اثرانداز ٿئي ٿي ۽ سج جي سطح تي ھلچل پيدا ڪري ٿي جنھن سان سج جا داغ ۽ سج جي جسامت متاثر ٿئي ٿي.
اسان ڄاڻون ٿا تہ ٻين ستارن تي بہ داغ ٿين ٿا ھن نئين تحقيق سان پرانھن ستارن جي چوڌاري گرھن جي موجودگي ۽ سنوت alignment جي کوج لڳائڻ جو نئون طريقو ايجاد ٿيو آھي جنھن سان ممڪن آھي تہ پري جي گرھن جي باري ۾ ھي معلوم ڪري سگهجي ٿو تہ انهن جي چوڌاري ھڪ گرھ يا گهڻا گرھ موجود آھن. پري جي ستارن تي سج داغن جي موجودگي کي تارن جي روشني ۾ گهٽ وڌائي سان معلوم ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏھن انهن سج داغن ۾ سج داغن وانگر چڪر جو سراغ ملي وڃي تہ ھن ستاري جي چوڌاري ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ گرھ موجود آھن جيڪي ڪجھ عرصي بعد
ڪجھ ڏينھن لاء سنوت ۾ اچن ٿا.
سج داغ سج مان نڪتل روشني جي ذرن فوٽانن Photons کي ٿڌو ڪري ھيٺ زمين ڏي موڪلين ٿا. جيڪڏھن اھي سج جا داغ نہ ھجن ھا تہ سج جي ذرا فوٽان سج مان بغير رڪاوٽ جي نڪري ڌرتي تي رھندڙ جيوت کي ساڙي ڇڏين ھا.
جڏھن اسان ڪنڌ مٿي کڻي سج ڏي ڏسون ٿا. جيڪا شي اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿي اھا سج جي گولي سان گڏ ھوندي آھي ۽ اسان روشني کي گولي ذريعي ڏسون ٿا. ھي روشني اسان کي چھنڊڙيون ھڻندڙ لڳي ٿي پر جڏھن اسان ھن کي قريب کان ڏسون ٿا تہ اسان ھن جي سطح تي متلاتم سرگرميون ڏسون ٿا. مادي جا اٻرندڙ زبردست بوڙيا جيڪي ڏسڻ ۾ خوبصورت نظر اچن ٿا پر نھايت ھيبتناڪ ٿين ٿا جن مان باھ ڌڳندي نڪرندي نظر اچي ٿي. فرق صرف ايترو آھي جو سج جي سطح تان اٻرندڙ بوڙين مان روشني جا فوٽان نڪرن ٿا ۽ اسان ڏي رخ رکن ٿا. سج جي سطح تان نڪرندڙ ھر بوڙيو زمين جي مقدار برابر ٿئي ٿو. انهن گئسي بوڙين يا گئسي گولن مان نڪري روشني جا شعاع اسان وٽ پھچن ٿا پر سج جي سطح تي فوٽان پھچندي وري رڪاوٽ جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ اھا رڪاوٽ ھنجي توانائي کي اڃان گهٽائي ٿي ۽ ان روشني کي اسان جي اکين ۽ اسان جي موافق ڪري ٿي. سج جي سطح تي رڪاوٽ فوٽانن کي وري قيد ڪري ٿي.
ڪٽ پيڪ قومي رسدگاھ آمريڪي رياست ايريزونا ۾ موجود آھي جتي فلڪياتدان مائو پين سج جي سطح جي مشاھدو ڪري ٿو تہ جيئن خبر پوي تہ روشني جا ذرا اتي ڪيئن قيد ٿي وڃن ٿا. ھي ايمسيميٿ پيئرس ٽيليسڪوپ جو استعمال ڪري سج جي سطح جو تفصيلي معائنو ڪري ٿو جتي سج جي تھ تي گھرا نشان نظر آيا. انهن ۾ ٻہ جڳھون تمام وڏيون ھيون. ھي نشان سج مان نڪرندي ان جي سطح جي ڪناري تائين اچي پئي ويا. ھر وڏي ڪاري نشان Sun spot سان گڏ ڪجھ ننڍا نشان پڻ ھيا. ھي نيڪالي جي عمل ۾ رڪاوٽ وجهي رھيا ھئا جيڪي گرمي ۽ روشني کي سج جي اندران ڪڍي خلا ۾ ڇڏين ٿا. ان ڪري سج جي سطح تي موجود ڪجھ گهٽ گرم علائقا اسان کي داغن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. اھي ڪارا داغ Sun soot زبردست طاقتور روشني جي ذرن يا فوٽانن کي پنھنجي خطرناڪ ڦندي ۾ ڦاسائن ٿا جتان روشني ۽ موجود توانائي سج جي سطح کان فرار ٿي نٿا پائن. ھي زبردست طاقت ٻي ڪابہ طاقت ناھي پر ھي سج جي مقناطيسي طاقت آھي. سج جا ھي ڪارا نشان Sun spot تڏھن ٺھن ٿا جڏھن زبردست قوت جي مقناطيسيت سج جي گھرائي کان نڪرندي ضيائي گولي ۾ تبديل ٿيندي زبردست ڌماڪي سان ٻاھر نڪري ٿي. ھي مقناطيسي ميدان ايترا طاقتور ٿين ٿا جو سج جي گرم اندروني مادي جي ايصال حرارت جي حرڪت کي سج جي سطح تي اچڻ کان روڪيو رکي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ سج جي سطح تي نسبتن گهٽ درجي جي حرارت جو علائقو ٺھي ٿو جيڪو اسان کي سج جي ڪارن نشانن Sun spots جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. ھي ڪارا نشان تمام وڏا ٿين ٿا. اھي ڪارا نشان ڌرتي جي مقدار کان ڏھ ڀيرا وڏا ٿين ٿا. مقناطيسيت اھي ڪارا نشان بنائي سج جي سطح تي ڌڳندڙ ڪاريون لڪيرون جوڙي ٿي. سج جو استوائي خطو قطبن جي مقابلي ۾ زيادھ تيزي سان پنھنجي محور جي چوڌاري ڦري ٿو. اسان جي ٺوس ڌرتي پري پنھنجي وجود سان سج جي چوڌاري ڦري ٿي ۽ ان سان گڏ مقناطيسي ميدان بہ ڦرن ٿا پر سج ايترو وڏو آھي جو ھي اصول سج تي لاڳو ٿئي ٿو.
سج ۾ ڪابہ ٺوس شي ناھي. اھو گئس جو وڏو گولو آھي ۽ پنھنجي محور ۾ چڪر لڳائي ٿو پر خط استوا تي پنھنجن قطبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان گهمي ٿو. سج خود کان ٽپ کائي ٿو ۽ گڏ مقناطيسي ميدانن کي مروڙ ڏئي ٿو. قطبن جي نسبت سج خط استوا تي تيز چڪر لڳائيندي مقناطيسي ميدانن کي ٽپ ڏياريندو رھي ٿو جتان اھي ھر چڪر ۾ الجهي پون ٿاجنھن جي نتيجي ۾ مقناطيسي ضربون Magnetic mayhem نڪرن ٿيون. جڏھن اھي ميدان سج جي سطح تي ڪر کڻن ٿا جو انهن ۾ زبردست قسم جي توانائي ڀريل ٿئي ٿي. اھي ميدان زبردست توانائي ڀرپور مڙيل رٻڙ وانگر ٽپ کائي الجهي پون ٿا. جڏھن مڙيل رٻڙ کي ٽپ ڏيارجي ۽ ان کي سڌاڻ ۾ ڇڪجي تہ اتي جڙندڙ دٻاء محسوس ڪري سگهجي ٿو جتي مقناطيسي لڪيرن جو ٽپ کائي روشني جي ذرن کي پاڻ سان کڻي پرٿ جي سطح تي پھچڻ مشڪل آھي.
ھاڻي ھي سوال پيدا ٿئي ٿو تہ پوء روشني جي انهن بنڊلن سان ڇا ٿو ٿئي جو سج جي سطح تي پھچي ٿڌا تہ ٿي ويا پر اتي اچي مقناطيسي ميدان ۾ ڦاسي ويا. سج جي سطح تي موجود اھا جڳھ جتان روشني فراريت حاصل ڪري نٿي سگهي اھا جڳھ اونداھي نظر اچي ٿي ۽ سج جي سطح تي داغن جي صورت ۾ نشان بنائي ٿي پر اڻ الجهيل مقناطيسي لڪيرن ۾ ڪنھن کي تہ دخل ڏيڻو آھي. مقناطيسي ميدان پنھنجي موجودھ حيثيت کان بلڪل مطمئن ناھن ھوندا. انهن کي پنھنجي موجودھ حيثيت بلڪل پسند ناھي ھوندي ۽ اھي ان کي سلجهائڻ چاھن ٿا. تمام وڏا مقناطيسي حلقا سج جي انهن نشانن تي محراب نما نشان بنائن ٿا. مقناطيسي ميدان ٽپ کائيندڙ ۽ انتھائي اڻ متوازن ٿين ٿا ۽ پنھنجي توانائي کي اڳلڻ لاء بي چين ٿين ٿا جنھن جي نتيجي ۾ اھي اھڙي مقناطيسي بم ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا جو ڦاٽڻ لاء بلڪل تيار رھن ٿا ۽ توانائي سان ڀرپور ٻہ رھن ٿا.
توانائي سان ڀرپور مقناطيسي ميدان جڏھن ھڪ ٻئي جي قريب ٿين ٿا تہ ائين لڳي ٿو تہ ھڪ ٻئي کي چئي رھيا ھجن تہ جيڪڏھن اسان پاڻ ۾ ملي وڃون تہ زبردست توانائي پيدا ڪري سگهون ٿا. پوء ائين ئي ٿئي ٿو، اھي پاڻ ۾ ملي وڃن ٿا تہ ھڪ زبردست ڌماڪو ٿئي ٿو جنھن کي اسين مقناطيسي طوفان يا شمسي طوفان Solar flare چئون ٿا. ھن ۾ ايتري طاقت ٿئي ٿي جيتري طاقت لکين جوھري بم پاڻ ۾ ملي ڌماڪو ڪن ٿا. شمسي شعلا خلا مان 35 لک في ميل ڪلاڪ جي رفتار سان نڪري زبردست توانائي خارج ڪن ٿا. مقناطيسي ميدان پرٿ کي سج جي سطح تي اڇلي ٿو. ڌماڪي ان اتان جلدي روشني جا ڀنڊار نڪرڻ شروع ٿي وڃن ٿا. لکن سالن جي سفر بعد روشني جا بنڊل آخرڪار خلا مان فراريت حاصل ڪري وٺن ٿا. ھاڻي اھي کربھا روشني جا ڪرڻا يا فوٽان آزاد ٿي وڃن ٿا پر انهن جو سفر اڃان اڃان ختم ناھي ٿيو. گهڻي کان گهڻا فوٽان ڪائنات جي پرانھن علائقن ۾ موجود نئين دنيا جي سفر جو سعيو ڪن ٿا. تقريبن 10 لک سالن سان سج مان نڪرڻ جي ڪوشش صاب ٿئي ٿي. ھاڻي اھي آزاد آھن ۽ آزادي سان سفر ڪن ٿا. سج مان نڪرندي فوٽان ائين ڀڄن ٿا جيئن ڪي قيدي جيل ٽوڙي ڀڄن ٿا. فوٽانن جي رفتار 186 ھزار ميل في سيڪنڊ ٿئي ٿي. فوٽان ھاڻي موافق ٿي ڌرتي ڏي لاڙو ڪن ٿا. جڏھن اسان ڪرڻن کي ڏسون ٿا تہ اسان کي انهن فوٽاني ڪرڻن جو مشڪل سفر ياد ڪرڻ کپي جيڪي سج جي قلب کان اسان تائين پھچڻ ۾ 10 لک سال سوا اٺ سيڪنڊ وٺي آيا. اھي نيوڪلائي ميل ذريعي سج ۾ موجود اونهي قلب مان ٿيندا پرٿ جي ائٽمن سان ميل ڪندا ٽپا کائيندا ۽ اڳتي وڌندا فوٽانن جي صورت وٺندي ايصال حرارت جي علائقي ۾ گئس تي سواري ڪري مقناطيسي ميدانن جي ٽڪرجڻ جي ڪري سج جي سطح تان فراريت حاصل ڪري ڌرتي ڏي رخ رکندا اچن ٿا. فوٽان جا ذرا ڌرتي تي پھچي وڻن ۔ ٻوٽن ۽ انسانن کي لڳي انهن ۾ جيون جا رنگ ڀرين ٿا ۔ انهن کي توانائي سان سرشار ڪن ٿا ۔ روشنائي ترڪيب سان ٻوٽن وڻن کي واڌ ويجھ ڏين ٿا ۽ حياتين جي کاڌي جي چڪر کي سرانجام ڏين ٿا. سج جي روشني اسان لاء ٻارڻ پيدا ڪري ٿي. ھي روشني جا ذرا يعني فوٽان ڌرتي تي موسمن جي رت جڳائين ٿا ۽ اسان جي سمنڊن ۾ اڀار پيدا ڪن ٿا. روز فوٽان ڌرتي سان ايترا ٽڪرائن ٿا جو جو ھڪ ڏينھن ۾ انساني تھذيب لاء 27 سالن جيتري توانائي پيدا ڪن ٿا. سج جي روشني صرف گرمي پيدا نٿي ڪري پر جيونن کي جيوت بخشي ٿي. اسان جي روشني جا ذرا اسان کي ۽ ڌرتي کي پار ڪندي پورا ٿين ٿا.
0 comments:
Post a Comment