لوڪ ادب جو ٻول آهي تہ گهر هجي جهوپڙي، مال هجي ٻڪري، اسان جي لوڪ داستانن ۽ قومي روايتن ۾ ” مارئي“ جيڪا سنڌي عورت جو آدرشي ڪردار آهي سا بہ پنھنجن سرتين سان گڏ ٿر ۾ ٻڪريون چاريندي هئي ۽ شاھ لطيف مارئي سان گڏ ٻڪري کي ڳائي سنڌي ثقافت جو جزو بڻائي ڇڏيو.
ٻڪر ٻاٻاڻا، پسان شال پر ڪھين.
ويدڪ دور ۾ ٻڪرين جو وجود ملي ٿو. آريا ٻڪري جو گوشت مٽي جي ٿانون ۾ رڌي ۽ ٽانڊن تي پچائي کائيندا هئا.
ٻڪرين جي ڏاس مان ان وقت بہ کٿا، فراسيون ۽ خرزينون ٺاهيون وينديون هيون. موھن جي دڙي ۽ ھڙپا تھذيب جي دور ۾ بہ ٻڪريون پالبيون ھيون ۽ اھا ئي اتان جي ماڻهن جي دولت ھئي. ان وقت به ماڻھو ٻڪرين جو گوشت کائيندا ۽ کير پيئندا ھئا ۽ انھن جي کلن سان پنھنجو جسم ڍڪيندا ھئا. ان کان سواءِ ٻڪري کاڌ خوراڪ جي لحاظ سان گھٽ خرچ وارو جانور آھي. سنڌ ۾ ٻڪرين جا گھڻا نسل آھن، جن مان بَريون، ڪمريون ۽ پٽوليون مشھور آھن. ٻڪريون عام طرح سرءُ (15 سيپٽمبر کان 30آڪٽوبر تائين) جي موسم ۾ ۽ بھار (15 فيبروري کان 31 مارچ) جي موسم ۾ لڳ جهلينديون آھن .
ٻڪريءَ جي نر کي ’ٻڪر‘ چوندا آھن ۽ ٻڪريءَ جي مادي ٻچي کي ’ڇيلي‘ يا ’ليلي‘ ۽ نر ٻچي کي ’ليلو‘ يا ’ڇيلو‘ چوندا آھن. جابلو ٻڪري فقط کير ڏيڻ لاءِ ڌاربي آھي. نسل وڌائڻ (لڳ ڪرائڻ) لاءِ بيھاريل نر ٻڪر کي ”ٿير“ چوندا آھن. سنڌ جي ڪوهستاني علائقي ۾ ٻڪريءَ کي’ائي‘ به چون، ”پھون“ لفظ به ٻڪرين لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ ٻڪريون تمام گهڻيون هيون ۽ عام ٻڪري هڪ روپئي ۽ ڀلي ٻڪري چئن روپين ۾ ملندي هئي. ائٽڪن لکي ٿو
” بلا شڪ ٻڪرين پالڻ لاءِ سنڌ هڪ موزون علائقو آهي.“ ان وقت ٻڪرين جي گهڻائي ڪري گوشت، کير مکڻ عام هو.
انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي هر هڪ هاري وٽ ٻئي مال سان گڏ 15 کان 20 ٻڪريون بہ هونديون هيون . جيڪي بہ انگريز سياح هت آيا، انهن ٻڪرين جي ڌڻن جو ذڪر ڪيو. 1945ع ۾ جيڪا چوپائي مال جي ڳڻپ ڪئي وئي، تنھن ۾ ٻڪرين جو تعداد 14،14،167 هو، جيڪو مجموعي تعداد جو 24.15 هو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻڪرين جي پالنا تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. خاص ڪري ٿرپارڪر، بدين، سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن جي ريگستاني علائقن ۾ هي مال عام آهي ڇو تہ خشڪ علائقي ۾ ٻڪري کي ڦيٽ جي بيماري نہ ٿيندي آهي پر وچولي سنڌ ۾ گهم جي ڪري ٻڪريون ڦيٽجي وينديون آهن. هن وقت سنڌ ۾ ٻڪرين جا ڪيترائي قسم آهن جهڙوڪ: بريون، ماڪڙيون، ڪاڇيڻيون، ڪاموريون، ٽاپريون، ڳاهيون، چانڻيون وغيره. انهن مان هر قسم جي ٻڪري جي پنهنجي پنهنجي خوبي آهي.
جيتري قدر ٻڪري جي تخليق جو سوال آهي تہ ان لاءِ هندن جي ڪتاب برهمڻ گرنٿ ۾ اچي ٿو تہ
” ڌڻي جانورن ۾ اول ٻڪريون پيدا ڪيون.“
هن مان ظاهر ٿيو تہ انسان ۽ ٻڪري جو پاڻ ۾ ازل کان رشتو آهي. ڳانڍاپو آهي اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سماجي ۽ ادبي زندگي تي ٻڪري جو اثر آهي.
جانورن جي کير ۾ جزن جو مقدار مختلف ٿي سگهي ٿو پر کير ۾ پروٽين موجود ھوندو آھي کير قوت مدافعت وڌائڻ وڌائڻ ۽ جراثيمن کي مارڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ڪيسين پروٽين جا اھي باريڪ ذرا آھن جيڪي ڪئلشم ۽ فاسفورس سان جڙجي وڃن ٿا ۔ کير ليڪٽوفرائين ۾ فولاد کي جذب ڪري ٽي بي ۽ بيڪيٽيريا کي ختم ڪن ٿا. کير ۾ موجود امينوگلوبلن قوت مدافعت ۽ طاقت وڌائن ٿا کير ۾ اھم چڪنائي سي ايل اي پٺاڙن کي مضبوط ڪري ٿي ۽ بيمارين کان محفوظ رکي ٿي. قدرتي چاري وارن ۽ گاھ کائيندڙ جانوررن ۾ ميسي ايل اي جي زيادھ مقدار ٿئي ٿي.
کير ۾ وٽامن اي ۔ وٽامن بي ۔ وٽامن سي ۔ وٽامن ڊي ۽ وٽامن ڪي کان علاوه 60 انزائيم ٿين ٿا جيڪي جسم ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيميائي عمل کي تيز ڪن ٿا. غذائي جزن سان جيڪڏھن مينھن ۔ ٻڪري ۽ ڳئون جي کير جو جائزو وٺجي تہ ڪجھ فرق نظر اچي ٿو. جديد تحقيق ٻڪري جي کير کي سڀني جانورن جي کيرن کان بھتر کير قرار ڏنو آھي. حيرت انگيز ھي ڳالھ آھي تہ ڳئون ۽ مينھن جي کير جي ڀيٽ ۾ ٻڪري جو کير ھلڪو ۽ چرٻي ۽ پروٽين جي حساب سان ٻئي نمبر تي آھي.
ٻڪري جو کير ڪمال جي شي آھي. ٻڪري طرحين طرحين ڪوڙيون جڙي ٻوٽيون ۽ وڻن جا پن کائي ٿي ۔ پاڻي گهٽ پيئي ٿي پر ڊوڙي خوب ٿي. سينٽرل گوٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ مٿرا انڊيا جي محقق ڊاڪٽر چوھاڻ مطابق ڳئون ۔ ٻڪري ۽ مينھن جو کير ھڪجھڙو نٿو ٿئي. ان جي وجھ ان جي کاڌ خوراڪ آھي. ڳئون ۽ مينھن جي ڀيٽ ۾ ٻڪري جو چارو الڳ ٿئي ٿو. ٻڪري نم ۔ پپر ۔ ٻير ۔ ٻٻر ۔ اڪ ۽ ٻيون جڙي ٻوٽيون وغيرھ کائي ٿي جن کي عام طور تي ٻيا جانور پسند نٿا ڪن. ڳئون يا مينھن ھڪ ھنڌ پيل ھٿراڌو چارو کائن ٿا پر ٻڪري ھلندي مختلف جڙي ٻوٽيون ۽ وڻن جا پن کائي ٿي ان ڪري انهن ٻوٽن جا جز ٻڪري جي کير ۾ پاتا وڃن ٿا.
ٻڪري جو کير لطيف ۔ نرم ۔ جلد ھضم ٿيندڙ ۔ خون کي صاف ڪرڻ وارو ۽ تاثير جي لحاظ کان ٿڌو ٿئي ٿو
ٻڪري جو کير ٻار جي نشونما لاء بھترين غذابخش آھي ڇوجو ھي زود ھضم آھي ۽ ھن سان معدي ۽ آنڊا بار بار خراب نٿا ٿين. ٻڪري جي کير مان اھي مريض فائدو وٺي سگهن ٿا جن جي نشونما رڪجي وئي ھجي.
ٻڪري جي کير ۾ ڪاربوھائيڊريٽ ۔ ليڊ ۔ وٽامن ۔ فولاد ۔ ٽامو ۔ ڪيلشم ۔ وٽامن بي ۔ پوٽيشم ۔ فاسفورس۔ معدنيات ۽ ٻيا مرڪب ملن ٿا. ھن جو کير ڦڦڙن جي زخمن ۽ ڪاڪڙي جي درد کي ختم ڪري ٿو. ھي پيٽ کي ٿڌ ڏئي ٿو.
چمڙي جي مرضن ۽ خون جي خرابي وارا مريض ٻڪري جو کير استعمال ڪن. ھي گرمي ۽ خشڪي ختم ڪري ٿو ۽ اکين جي گرمي کي ھٽائي ٿو.
تحقيق مطابق ٻڪري جو کير دق جي جراثيمن کان پاڪ آھي ايترو جو اھڙن جراثيمن سان مقابلو ڪري ٿو ۽ تباھ ٿيل ٽشوئن جي ٻيھر نشونما ۾ حصو وٺي ٿو. جن ٻارن جا ڳلا جلدي خراب ٿي وڃن ٿا انهن کي خاص طور تي ٻڪري جو کير پيارڻ کپي ڇوجو ھي بلغم پيدا نٿو ڪري.
جديد تحقيق مطابق جن ماڻھن کي ليڪٽوز جو مسئلو ھجي ۽ انهن جا آنڊا ڳئون ۽ مينھن جي کير کي ھضم نہ ڪري سگهن انهن کي ٻڪري جو کير پيئڻ کپي. محققن ٻڪري جي کير کي ڳئون جي کير کان افضل قرار ڏنو آھي خاص طور تي ٻڪري جي کير کان ڪوبہ کير بھتر ناھي.
ٻڪري جي کير جي ھي خاصيت آھي تہ ھن کير کي پيئڻ واري جي چمڙي نرم ملائم ٿي وڃي ٿي. ڪوليسٽرول کي وڌڻ نٿو ڏئي ۽ جسم ۾ ايلرڄين سان وڙھڻ لاء قوت مدافعت وڌائي ٿو.
ٻڪري جو کير منھن جي رنگت نکاري ٿو. ٻڪري جو کير عورتن لاء قدرتي تحفو آھي. ٻڪري جو کير موھيڙن ۽ ڇاين کي ختم ڪري ٿو. خون جي خرابي دور ڪرڻ لاء ٻڪري جو کير پھرئين نمبر تي آھي. ھي دم ۾ فائدو ڏئي ٿو. پيٽ جي جملي بيمارين کي دور ڪري ٿو. دستن کي روڪي ٿو. برطانيا ۾ ٻڪري جو کير ڳئون ۽ مينھن جي کير کان وڌيڪ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ساليانو پوڻا ٻہ ڪروڙ گيلن ٻڪري جو کير برطانيا ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. چھري جي رنگت صاف ڪرڻ ۽ ڀوري رکڻ لاء ٻڪري جي کير کي ڳاٽي تي لڳايو وڃي ٿو ۽ چھري تي ماسڪ طور ڪتب آندو وڃي ٿو.
منھن جي رنگت نکارڻ لاء :-
ٽماٽي جو رس 2 چمچا
ٻڪري جو کير 2 چمچا
پاڻ ۾ ملائي منھن تي لائجي.
چھري جي رنگت صاف ڪندي ۔ منھن جي ريشي کي ختم ڪندي ۔ منھن جي گهنجن کي ختم ڪندي.
ڳلي ۔ ڪاڪڙي ۽ زبان جي سوڄ لاء :-
جيڪڏھن ڳلي جي خرابي يا ڪاڪڙي ۾ سوڄ ھجي تہ کير کي ڳلي ۾ روڪي پيئجي ان کان سواء زبان جي سوڄ ۾ ساڳي طريقي مفيد آھي.
ڦڦڙن جي زخم لاء :-
ٻڪري جي کير سان گڏ ڪتيرو پيئڻ سان ڦڦڙن جا زخم ختم ٿي وڃن ٿا
چڪن گونيا ۽ ڊينگي لاء :-
کير ۾ ڪيئي پروٽين پاتا وڃن ٿا پر ٻڪري جي کير ۾ ھڪ خاص قسم جو پروٽين بائيو پيپٽيز پاتو وڃي ٿو جيڪو ڳئون يا مينھن جي کير ۾ نٿو ملي. ھي پروٽين ڊينگو ۽ چڪن گونيا جي روڪ ۾ موثر ڪردار ادا ڪري ٿو. انهن ٻنهي بيمارين سان متاثر ماڻھن جي رت ۾ پيليٽس جي بيماري لڳي ٿي جنھن جي ڪري ڪافي موت واقع ٿي وڃن ٿا. سائنسدانن مطابق بائيوپيپٽيز سان پرت Palates وڌن ٿا ۽ ٻڪري جو کير ان جي روڪ ٿام ڪري ٿو. سينٽرل گوٽ ريسرچ انسٽيٽوٽ مٿرا انڊيا ڊينگو ۽ چڪن گونيا جي مرض جي علاج ۾ ٻڪري جي کير کي بھتر قرار ڏنو آھي. ان سلسلي ۾ ڊينگي ۽ چڪن گونيا جي مريضن کي صبح شام 2 ۔ 2 سو گرام ٻڪري جو کير پنجن ڏينھن تائين پياريو ويو تہ اھي جلدي صحتمند ٿي ويا.
چمڙي جي ايلرڄي ۽ ڌوڙ ايلرڄي لاء :-
ٻڪري جو کير 100 گرام
ڪدو جو رس 50 گرام
اٻاري ٿڌو ڪيل پاڻي 100 گرام
ٽنهي شين کي کاڌي کائڻ کان پھرين ملائي ھلڪو گرم ڪري پيئجي.
چمڙي جي ايلرڄي ۽ ڌوڙ جي ايلرڄي ۾ نھايت مفيد آھي. روزانو تازو ٺاھي پيئجي.
ھٿن ۽ پيرن جي ساڙي لاء :-
ھٿن ۽ پيرن جي جلن ختم ڪرڻ لاء پيرن کي ٻڪري جي کير سان مالش ڪجي.
بخار جي لاء :-
جڏھن بخار وڌيل ھجي ۽ مٿي تي چڙھي وڃي تہ پٽي ٻڪري جي کير ۾ ٻوڙي مٿي تي رکي وڃي.
اکين جي گرمي لاء :-
جڏھن اکين ۾ گرمي محسوس ٿئي تہ گرمي ختم ڪرڻ لاء ڪپڙو ٻڪري جي کير ۾ ٻوڙي اکين تي رکيو وڃي.
مرداني طاقت لاء :-
ٻڪري جو کير گلاس
بصر جو پاڻي چمچو
ماکي چمچو
سچو گھ چمچو
پاڻ ۾ ملائي باھ تي ھلڪو گرم ڪري پيئجي.
ٺيڪ ٺاڪ مرداني طاقت وڌندي.
پوڙھائپ کي روڪڻ لاء :-
ٻڪري جو کير گلاس
ماکي چمچو
پاڻ ۾ ملائي پيئجي.
بھترين اثر مرتب ڪندو. پوڙھائپ کي روڪيندو.
0 comments:
Post a Comment