بواسير کي عام انگريزي ۾ موڪا Piles، ۽ ميڊيڪل اصطلاح ۾ Hemorrhoids بہ چوندا آهن.
انساني جسم جا سڀ نظام هڪ ٻئي تي دارومدار رکن ٿا، جيڪڏنهن ڪنهن هڪ نظام ۾ گڙٻڙ ٿئي تہ ان سان ٻين تي بہ برو اثر پوندو آهي. بواسير بہ انهن مرضن مان هڪ آهي جيڪو جسم جي ٻين نظامن جي گڙٻڙ جي نتيجي ۾ شروع ٿئي ٿو. بواسير جا ڪارڻ مختلف مرضن ۾ مختلف هوندا آهن.
هي بيماري اصل ۾ رت جي رڳن جي بيماري آهي. انساني جسم جي وڏي آنڊي جو آخري حصو جيڪو ريک Rectum سڏجي ٿو ، ان ۾ موجود رت جون ڪجهه مخصوص رت رڳون (Blood Vessels) سُڄي وينديون آهن. گهڻو کائڻ ۽ گهڻو مصالحو استعمال ڪرڻ سان سوداوي رياح پيدا ٿئي ٿو جنھن جي ڪري بواسير پيدا ٿئي ٿو. بواسير دراصل باسوري رياح جي پيداوار آھي.
باسوري رياح ڇاھي؟
باسوري رياح ھڪ گهاٽي غليظ رياح آھي جيڪا مشڪل سان تحليل ٿئي ٿي. باسوري رياح کي پيدا ڪرڻ ۾ سوداوي خلط وڏو ڪردار پيدا ڪري ٿو جن ۾ لطيف سوداوي مادا گردن ۽ ٻين گڏيل عضون جي گرمي جي ڪري غلاظت کي پڪڙن ٿا. غليظ ۽ اڻ تحليل ھئڻ ڪري ھي باسوري رياح دن ۽ گردن جي چوڌاري ۽ آنڊن ۾ گردش ڪري ٿي تہ درد ۔ ڀرتي ۔ پيٽ ۾ سختي ۽ قولنج پيدا ڪن ٿا. جڏھن اھا رياح پٺي طرف پيشقدمي ڪري ٿي تہ رياحي درد اڀرن ٿا ۔ بڪين ۾ ٽراٽون پون ٿيون ۔ بڪين کي ڄڻ چڪ لڳي وڃي ٿو ۔ دل ۾ بي چيني ۽ بي ترتيبي پيدا ٿي وڃي ٿي ۔ پيٽ ۽ چيلھ جا عضوا ان جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا ۔ عضوا ٽٽڻ لڳن ٿا ۔ ھڏين ۾ پيڙ پوڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۔ خصين ۾ ھڙڳون پون ٿيون ۔ مقعد سور جي پڪڙ ۾ رھي ٿو ۔ مقعد جي ڀرسان ۽ آنڊن ۾ باريڪ رڳون پيدا ٿين ٿيون جتان موڪن جي پيدائش شروع ٿئي ٿي.
عورتن ۾ ھي مرض حمل دوران ۔ حمل کان پوء ۽ ڪپڙن بگڙڻ يعني ڪپڙا گهٽ اچڻ ۔ ڪپڙا وڌ اچڻ يا ڪپڙا نہ اچڻ جي نتيجي ۾ بواسير خوني ۽ بادي جنم وٺي ٿو. بواسير موروثي مرض ھئڻ ڪري نسل کان نسلن ڏي پڻ ھلي ٿو.
بواسير جو آغاز ۽ نشانيون:-
بواسير جڏھن رونما ٿئي ٿو تہ پنھنجي مستقل پڪڙ رکي ٿو. بواسير جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ڪجھ مليل جليل علامتون جنم وٺن ٿيون.
- مقعد ۾ خارش ٿيڻ.
- مقعد ۾ چرڪو محسوس ٿيڻ.
- مقعد ۾ چڀڪا ٿيڻ.
- مقعد ۾ پٽ.
- مقعد ۾ جلن.
- مقعد ۾ ڇڪ.
- پيٽ ۾ ڀرتي.
- پيٽان لِوِ ويھڻ.
- پيچشي صورتحال رھڻ.
- پيشاب صحيح نہ اچڻ
- پيشاب مشڪل سان نڪرڻ
- پيشاب ڪرڻ وقت خون اچڻ ۔ جي خون نٿو اچي تہ بواسير ناھي پر قبض آھي.
- پيشاب ڪرڻ وقت جلن محسوس ٿئي تہ بواسير آھي.
- مقعد ۾ درد
- مقعد مان خون جو وھڻ
- پٺاڙن ۾ درد
- تيزابيت
- بدھضمي جو مسئلو
- ماھواري ۾ رڪاوٽ
- قبضي جھڙا عارضا جنم وٺن ٿا.
بواسير باسور جو جمع آھي ۔ ھن جو سبب غليظ ۽ فاسد (فساد پيدا ڪندڙ) سوداوي خون آھي جيڪو مقعد جي ڀرسان پيدا ٿيندڙ باريڪ رڳن ۾ جمع ٿي موڪن جي افزائش ڪري ٿو.
طب جي لحاظ کان بواسير جا قسم:-
بواسير جا ٻہ قسم آھن.
(1)خوني بواسير
(2)بادي بواسير
(1)خوني بواسير
ريک (Rectum ) ۾ موجود رت جون اهي مخصوص رڳون جڏهن ڪافي سڄيو وڃن تہ نهايت ڪمزور ٿي زخمي (Ulcerative ) بہ ٿيو وڃن ٿيون، خاص طور تي قبض ۾ سخت پاخاني جي گذرڻ سان آنڊي جو اهو آخري حصو تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿو ۽ ان مان وقت بہ وقت موڪن مان رت خارج ٿيڻ لڳندو آهي.
خوني بواسير جو وقت سر علاج ڪرائڻ بيحد ضروري آهي ڇاڪاڻ جو مريض جي جسم مان رت جو لاڳيتو ضايع ٿيڻ هڪ تمام خطرناڪ صورتحال آهي. علاج ۾ سستي ڪرڻ سان مريض ۾ خون جي شديد گهٽتائي ۽ ڪمزوري لاحق ٿي ويندي آهي ۽ رت جون اهي سڄيل رڳون آنڊي کي بہ ڪمزور ڪريو ڇڏين. اهڙي صورتحال ۾ خوني بواسير جي مريض کي پيٽان رت اچڻ سان گڏوگڏ آنڊي جو ڪجھ حصو ٻاهر نڪري اچڻ جي تڪليف بہ ٿي ويندي آهي. غم ۔ خوف ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا بواسير جو شڪار ٿين ٿا. ھن صورت ۾ رت وھڻ شروع ٿي وڃي ٿو. موڪا مختلف قسمن جا ٿين ٿا جيڪي آڱر سان محسوس ڪري سگهجن ٿا. خوني بواسير جي مريضن جي چھري جي رنگت اڪثر پيلي يا ساواڻ مائل ٿئي ٿي. مقعد ۾ پيڙ ۔ سوزش ۽ خارش محسوس ٿيندي آھي. جيڪڏھن بواسير خوني آھي تہ رت براز کي پھرين يا پوء لڳي ليڪ جي صورت ۾ وھي ٿو يا قطرو قطرو ٿي ٽپڪڻ لڳي ٿو يا اجابت جي شڪل ۾ اجابت سان ملي ڪيڏي مھل ڌار وانگر وھي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن پچڪاري جي صورت ۾ بہ خارج ٿئي ٿو.
بادي بواسير:-
بادي بواسير ۾ جلن ۽ خارش کان سواء ڇڪ زيادھ ٿئي ٿي ان ڪري ھن قسم جي بواسير ۾ خون نٿو وھي. خون ڪڏھن پاخاني سان گڏجي ملي اچي ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن پاخاني مان خون جا قطرا اچن ٿا.
بادي بواسير ۾ پيٽ تي ڀرتي رھي ٿي ۽ قبضي ھجڻ ڪري پيٽ جي ڦوڪجڻ جي شڪايت رھي ٿي.
ميڊيڪل سائنس مطابق بواسير جا قسم:-
ميڊيڪل ڄاڻ موجب بواسير جا 3 قسم آهن ، ان کان علاوه بواسير جي هر قسم جا وري مختلف اسٽيج يا مرحلا بہ هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو بواسير جو علاج تجويز ڪرڻ کان اڳ هن بيماري جو مڪمل تفصيل ۽ مريض جو جسماني معائنو ڪرڻ تمام ضروري هوندو آهي جيئن مرض جو قسم ۽ مرحلو وغيره معلوم ڪري سگهجي. اها معلومات انڪري بہ ضروري هوندي آهي جو بواسير جي مختلف قسمن جو علاج بہ مختلف هوندو آهي.
بواسير جا قسم :-
1. لڪل بواسير Internal hemorrhoids
2. ظاهر بواسير External hemorrhoids
3. مڪمل بواسير Mixed hemorrhoids
1. لڪل بواسير Internal hemorrhoids
”لڪل بواسير“ سڀ کان وڌيڪ عام مرض آهي. هن مرض ۾ رت جون اهي رڳون سڄي وينديون آهن جيڪي پاخاني جي جاء ”مقعد“ کان ڪافي اندر لڪل هونديون آهن.
بواسير جي هن قسم جي شروعاتي مرحلن ۾ مريض کي صرف پيٽان رت اچڻ جي شڪايت هوندي آهي، ليڪن سور يا تڪليف بلڪل نہ ٿيندي آهي.
لڪل بواسير جا چار مرحلا هوندا آهن.
پهرئين مرحلي ۾ رت جون اندريون لڪل رڳون سڄيل ۽ سوزشدار ٿي وينديون آهن ۽ مريض کي صرف پيٽان رت اچڻ جي شڪايت هوندي آهي.
ٻئين اسٽيج مرحلي ۾ رت جي رڳن جي اها سوڄ ۽ سوزش ڪافي وڌي ويندي آهي ۽ مريض جڏهن پاخانو ڪندو آهي تہ آنڊي جو ڪجهه حصو ٻاهر لڙڪي پوندو آهي پر ازخود واپس هلي ويندو آهي.
ٽئين مرحلي ۾ رت جون اهي سڄيل رڳون آنڊي سميت ٻاهر لڙڪيل رهجيو وڃن ۽ ازخود واپس نہ وڃي سگهنديون آهن. انهن جي واپسي لاء مريض کي هٿ سان اندر دٻاء ڏيڻو پوندو آهي.
چوٿون مرحلو تمام تڪليفدھ مرحلو آهي، ڇاڪاڻ جو ٻاهر نڪتل آنڊو جنهن ۾ سوزشدار سڄيل رڳون موجود هونديون آهن ، اهو مريض جي ڪوششن باوجود واپس اندر نہ وڃي سگهندو آهي.
بواسير جا مريض اڪثر طور لڪل بواسير جي مرض ۾ ئي مبتلا هوندا آهن ، ڪوبہ علاج تجويز ڪرڻ کان اڳ مريض جي بيماري جو اسٽيج مٿي ٻڌايل علامتن جي مدد سان معلوم ڪرڻ نھايت ضروري آهي.
2. ظاهر بواسير External hemorrhoids
جڏهن وڏي آنڊي جي بلڪل آخري حصي ۾ موجود رت جون اهي رڳون سوزشدار ۽ سڄي وڃن جيڪي ”مقعد“ جي بلڪل ويجهو هجن تہ اهڙي حالت کي ميڊيڪل جي ٻولي ۾ ظاهر بواسير External hemorrhoids چوندا آهن. ظاهر بواسير جي مريضن کي شديد تڪليف ٿيندي آهي ڇاڪاڻ جو رت جون اهي رڳون ٻاهرين کل تائين سڄيل هونديون آهن ۽ جسم جي انهن حصن تي تڪليف محسوس ڪرائيندڙ دماغ جون تنتون وڌيڪ فعال هجن ٿيون.
ظاهر بواسير جي مريضن کي هلڻ، ويهڻ ۽ سمهڻ ۾ بہ شديد تڪليف ٿيندي آهي جنهنڪري اصل علاج کان اڳ سور ختم ڪرائيندڙ دوائون بہ تجويز ڪيون وينديون آهي.
لڪل بواسير جي مقابلي ۾ هن قسم جي بواسير External hemorrhoids جا مريض ڪجهه گهٽ هوندا آهن.
3.مڪمل بواسير Mixed hemorrhoids
جنهن مريض ۾ بواسير جي ٻنهي قسمن (لڪل ۽ ظاهر بواسير ) جون علامتون هڪ ئي وقت موجود هجن تہ ميڊيڪل جي ٻولي ۾ اهڙي حالت کي مڪمل بواسير ( Mixed hemorrhoids) چوندا آهن.
خلط جي حساب سان بواسير جي ورھاست:-
عارضي ۽ سببن جي لحاظ کان بواسير ٻن حصن ۾ ورھايل آھي.
ھڪ دموي يا سودائي:-
ھن بواسير ۾ دموي يا صفراوي مادو شامل ٿئي ٿو.
ٻيو صفراوي:-
ھن بواسير کي سوزشي يا صفراوي بواسير پڻ چئبو آھي. موڪن جي قسم جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو.
بواسير جا نمونا:-
(1) مسوري موڪا:-
ھنن موڪن کي عربي ۾ عدسیہ یا حمصیہ چئبو آھي. ھي موڪا مسور جي ماپ کان چڻي جيترا ٿين ٿا ھي موڪا ننڍا ٿين ٿا پر موڪن جي سڀني قسمن ۾ ردي ٿين ٿا.
(2) انگوري موڪا:-
ھنن موڪن کي عربي ۾ عنبي موڪا چئبو آھي. انگوري موڪا ھنن کي ان ڪري چيو ويندو آھي جو ھنن موڪن جي شڪل ۽ جسامت انگور جي داڻي جيتري ٿئي ٿي جڏھن تہ مسن جو رنگ واڱڻائي ٿئي ٿو.
(3) توتي موڪا:-
ھنن موڪن کي عربي ۾ توتي موڪا چيو وڃي ٿو. ھي موڪا توت وانگر ڊگها ۽ جسامت ۾ توت جھڙا ٿين ٿا. ھي مسا نرم ٿين ٿا. ھنن جو رنگ توت وانگر سياھ ٿئي ٿو.
(4) سوپارا موڪا
ھنن موڪن کي عربي ۾ نفاخي موڪا چيو وڃي ٿو. ھي موڪا رنگت ۾ سفيد ۔ وڏا ۽ سوپاري جھڙا ٿين ٿا. ھنن موڪن ۾ درد نٿو ٿئي.
(5) ڏوڏوي موڪا
ھنن موڪن کي عربي ۾ نخلي موڪا چيو وڃي ٿو. ھي موڪا ڏوڏي جھڙا ٿين ٿا. ھن کي ٽار ۽ پاڙون ٿين ٿيون. اھڙي طرح وڌي ٿو جئين کجي جو وڻ وڌي ٿو. ھي قسم سڀ کان ردي قسم آھي.
(6) انجيري موڪا
ھنن موڪن کي عربي ۾ تيني موڪا چيو وڃي ٿو. ھي موڪا انجير جھڙا ٿين ٿا انجير وانگر ٿلھا ۽ انجير وانگر چپٽيل.
(7) ڇلردار موڪا
ھنن موڪن کي عربي ۾ مدي موڪا چيو وڃي ٿو. ھي موڪا ڇلردار يا ڇليل ٿين ٿا. ھنن موڪن مان خون ۽ گند گڏ وھي ٿو.
بواسير جا پھريان ٽي قسم عام ٿين ٿا باقي چار قسم ڪڏھن ڪڏھن نظر اچن ٿا. ان ڪري تمام قسمن مان ردي قسمن وارا بواسير وارا موڪا ٿين ٿا جيڪي مشڪل سان زائل ٿين ٿا. بواسير جا ست ئي قسم ٻن قسمن جا عارضا رکن ٿا. ھڪڙن مان ڦڪو پاڻي ۽ خون وھي ٿو ۽ ٻين مان خون نٿو وھي. جن موڪن مان خون ۽ پاڻي وھي ٿو انهن کي خوني بواسير (داميا بواسير) چئبو آھي. اھڙي قسم جي بواسير مان خون ڪڏھن گهٽ يا وڌ اچي ٿو ڇوجو رڳن جا ڪنارا کلي وڃن ٿا تہ خون وھڻ شروع ٿي وڃي ٿو ان کي بادي بواسير (عميا يا اصمم) چئبو آھي.
بواسير چاھي خوني ھجي يا بادي ٻنهي صورتن ۾ موڪا يا مقعد جي ٻاھر اڀريل ٿين ٿا يا مقعد جي اندر نالي ۾ ٿين ٿا يا مقعد لڳ نظر اچن ٿا. جيڪڏھن موڪا ٻاھر نظر اچن انهن کي ظاھر بواسير جيڪڏھن اندر ھجن ۽ نظر نہ اچن تہ انهن کي مخفي بواسير چئبو آھي. اھڙي طرح جي حساب سان بواسير جا ڪل قسم 21 بيھن ٿا.
بواسير ڇو ٿو ٿئي:-
بواسير جو مرض عام طور تي هيٺين سببن جي ڪري ٿئي ٿو.
- پراڻو قبض.
- ٿولھ.
- هڪ ٻئي پٺيان حمل ٿيڻ.
- سگريٽ نوشي.
- دست.
- زيادھ مرچ استمال ڪرڻ.
- گرم مصالحي جو استعمال.
- ساوا مرچ تري کائڻ.
- جيرو ۔ تيز جلاب ۔پيٽ جا ڪيڙا.
-اڻ ھضم ۔ سڻڀدار ۔ کٽين ۽ بادين شين جو استعمال.
- تيز جلاب کائڻ.
- دوائن جو مسلسل کائڻ
- حيض جي بندش
- منشيات
- ڪولا مشروب جو استعمال
- بيڪري جون شيون کائڻ
- وڏي گوشت جو مسلسل استعمال.
- ڪڙھايون کائڻ.
- واڱڻ ۔ چڻي جي دال ۽ مسور جي دال جو گهڻو استعمال ڪرڻ.
- سگريٽ نوشي جو ڪثرت سان استعمال.
- روز بيدو کائڻ ۔
- مساليدار کاڌا وڌيڪ کائڻ.
- پڪوڙا ۽ سموسا کائڻ.
- غير متوازن خوراڪ.
- وقت بوقت کاڌا کائڻ.
- بغير بک جي کاڌو کائڻ.
- پاڻي ٿوري مقدار ۾ پيئڻ.
- ذھني پريشانيون.
- سائي.
- جيري جو خون نہ ٺاھڻ.
- شگر ۔ زيادھ ڪرسي تي ويھڻ.
- گرم جڳھن تي ويھڻ.
- نوڪدار يا ڪناري وارين جڳھن تي ويھڻ.
مفعوليت جو ڪردار ادا ڪرڻ
- کاري پاڻي واري مڇي کائڻ.
- گهڻي ڪتل کائڻ يا گهڻا ڏوڏا کائڻ.
- بار بار جلاب وٺڻ.
- ھاضمي جي ڪمزوري.
- قوت مدافعت جو ڪمزور ھجڻ.
- معدي جو ڪمزور ھجڻ.
- معدي جي گرمي ھجڻ.
- جيري جي ڪمزوري.
- شراب نوشي.
- مزاج جي گرمي.
- خون جو بگڙڻ.
- خون جي گرمي.
- خون جو گهاٽو ٿيڻ.
- عورتن کي حمل جي دوران بواسير ٿئي ٿو.
- آنڊن جي ڪارڪردگي ۾ رونما ٿيل خرابي جي ڪري بواسير پيدا ٿئي ٿو.
- غم ۔ خوف ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا بواسير جو شڪار ٿين ٿا.
- ھي مرض گرمي جي نسبت سردي ۾ وڌيڪ لاحق ٿئي ٿو ڇوجو سردي ۾ گهٽ پاڻي پيئڻ جي ڪري ھي مرض ڪر کڻي ٿو. جڏھن جسم ۾ خشڪي جو غلبو ٿئي ٿو تہ آنڊن جي فعل ۾ نقص پيدا ٿي وڃي ٿو جيڪو بواسير جي صورت ۾ ظاھر ٿي تڪليفن جو سبب بنجي ٿو.
پرھيز
مسالن وارا کاڌا کائڻ نہ کپن.
پالڪ ۔ ڀينڊي ۔ بيدي ۔ گوشت ۔ مڇي ۔ چڻن جي دال کان ڪنارو ڪرڻ کپي.
مرچ استعمال نہ ڪرڻ کپن.
سموسي ۽ پڪوڙي کان بچڻ کپي.
ديڳ واري ڀت کان پاسو ڪرڻ کپي.
بواسير کان بچڻ لاء اپاء:-
تاندور Fiber وارا ميوا ۽ ڀاڄيون کائڻ کپن.
سمھڻ کان پھرين 2 انجير کائڻ کپن ائين ڪرڻ سان قبض دور ٿيندي ۽ درد کان نجات ملندي.
ٻہ دفعا ڏندڻ ڏيڻ کپي.
کير جو جهارو پيئڻ کپي.
علاج:-
نسخو (1) :-
مغز نم تولو
مغز بڪائن تولو
رسول تولو
ايريو تولو
اڪ جون ڦلڙيون خشڪ تولو
سڀ ڪٽي پاڻ ۾ ملائي پائوڊر ڪري ٿورڙو پاڻي ملائي پاڻ ۾ آميز ڪري چڻن جيترا حب ٺاھجن. ڇانو ۾ سڪائجن.
ھڪ حب صبح ۽ شام
بواسير لاء مجرب ۽ بھترين آھي.
نوٽ:- اڪ جون ڦلڙيون گلن سميت پٽجن. ٽارين کي گلن کان ڪٽجي. اڪ جي ڦلڙين کي گلن سميت ڌوئي انهن کي ڪمري ۾ مٿان پکو ھلائي ڇانو ۾ سڪائجي ۽ ڪٽي پائوڊر ڪري ڪم ۾ آڻجي.
نسخو (2) :-
آريٺو کل تولو
رسول تولو
ڪارو ڳڙ تولو
ڌار ڌار ڪٽي پائوڊر ڪري ڪاري ڳڙ سان گڏ ڪٽجي يڪ جان ڪجي. ٿورڙو پاڻي ملائي آٻوھي چڻي جيترا حب ٺاھجن.
ھڪ حب صبح ۽ شام پاڻي يا ڏھي سان.
نسخو (3) :-
رسول 2 تولا
آريٺو کل 2 تولا
مغز نم 2 تولا
وڏي ھريڙ کل 2 تولا
باداميون 2 تولا
ڌار ڌار ڪٽي پائوڊر ڪري ملائجن. ٿورڙو پاڻي ملائي چڻي جيترا حب ٺاھجن.
ھڪ حب صبح شام
نسخو (4) :-
ناريل جي مٿين وارن واري خشڪ کلن کي جيتريون ھجن تغاري ۾ انهن کي باھ ڏيئي خاڪ ڪجي. پائوڊر ڪري رکجي.
چپٽي صبح شام پاڻي سان پيئجي.
سستو نسخو پر زود اثر پھرين خوراڪ ۾ اثر ڪري ٿو. ھلي ھلي موڪا ڪري پون ٿا.
نسخو (5) :-
مرھم بواسير
رسول 2 تولا
سھاڳو 2 تولا
ويزلين 4 تولا
رسول سھاڳي کي پائوڊر ڪري ويزلين ۾ ملائي يڪ جان ڪجي.
ھي مرھم روز موڪن کي لائجي جيڪڏھن موڪا مقعد اندر ھجن انهن کي اندر لائجي.
ھلي ھلي موڪا ڇڻي پوندا. ھي بھترين مرھم آھي.
نسخو (6) :-
2 اخڙوٽن جا 2 مغز روز صبح جو نيراني کائجن ۽ رات جو سمھڻ وقت 2 انجير روز کائجن.
ھلي ھلي موڪا ڪري پوندا. بھترين نسخو آھي.
نسخو (7) :-
مرھم بواسير
سھاڳو تولو
ڪافور تولو
ويزلين 4 تولا
سھاڳي ڪافور کي پائوڊر ڪري ويزلين ۾ ملائي يڪ جان ڪجي.
ھي مرھم روز موڪن کي لائجي جيڪڏھن موڪا مقعد اندر ھجن انهن کي اندر لائجي.
ھلي ھلي موڪا ڇڻي پوندا. ھي مرھم موڪن کي خشڪ ڪري ٿو.
نسخو (8) :-
مرھم بواسير
مردارسنگ تولو
مغز نم تولو
ويزلين 4 تولا
مردارسنگ مغز نم کي پائوڊر ڪري ويزلين ۾ ملائي يڪ جان ڪجي.
ھي مرھم روز موڪن کي لائجي جيڪڏھن موڪا مقعد اندر ھجن انهن کي اندر لائجي.
ھلي ھلي موڪا ڇڻي پوندا. ھي مرھم مجرب آھي.
نسخو (9) :-
رسول تولو
ايريو تولو
سھاڳو تولو
اريٺو تولو
سڀ وکر پائوڊر ڪجن. پائوڊر کي تئي ۾ رکي ھيٺان باھ ڏيئي وکرن کي ڦلائجي. دونھون نہ رھي تئي کي ٿڌو ڪري ھيٺ لاھجي. ڦليل دوا کي ڪٽي پائوڊر ڪري رکجي.
2 رتيون صبح شام پاڻي سان.
بواسير کي فائدوڪندو.
نوٽ :- کائڻ لاء ڪوبہ ھڪ نسخو تيار ڪجي ۽ موڪن کي ھڻڻ لاء ڪوبہ ھڪ مرھم تيار ڪجي.
0 comments:
Post a Comment