Tuesday, 20 November 2018

All birds pee & poo from the same place cloaca. سڀ پکي پيشاب ۽ وٺ ساڳي جڳھ ڪلوڪا مان ڪن ٿا.

MyDairyAsgharSagar


"اصغر ساگر'

پکين جي نيڪالي جو سرشتو ھڪ جڳھ مان ٿئي ٿو جنھن کي اسان پکين جي اھڙي ترتيب جي ارتقا چئون ٿا. پکي وٺ ۽ پيشاب لاھن ٿا مگر ھڪ ئي وقت ڪلوڪا ذريعي. انهن ۾ اخراج جو ھڪ ئي سوراخ ھوندو آھي۔ پيشاب اتان وٺ بہ اتان ۔ وٺ ۾ پيشاب مليل ھوندو آھي. پکين کي اندر پيشاب جي نالي ۽ آنڊا ٿين ٿا پر اھي ساڳي جڳھ تان نڪرن ٿا ۔ ھڪ جڳھ ٻنهي ڪمن واسطي استعمال ٿئي ٿي دراصل پکين جي وٺ ۾ پيشاب ھوندو آھي. پکين جو بڪين ۽ آنڊن جو الڳ نظام آھي مگر وٺ ۽ پيشاب ھڪ جڳھ ڪلوڪا مان ڪندا آھن انهن جي وٺ ۽ پيشاب جو نظام ھڪ نالي مان ٿئي ٿو جنھن کي اسان ڪلوڪا چئون ٿا ڇوجو انهن جي ارتقا اھڙي نموني ٿيل آھي. پکي ڌار نموني پيشاب ناھن ڪندا.

پنھنجي تعريف Self Praise

MyDairyAsgharSagar

"راول رشيد"

افلاطون (374ق.م) کان ڪنھن پڇيو
”اها ڪھڙي ڳالھ آھي جيڪا سچي بہ هجي، تڏهن بہ نہ ڪرڻ گهرجي....؟؟“

افلاطون چيو؛

"پنھنجي تعريف“

Wisdom doesn't depend on sainthood عقل بزرگي تي ناھي

MyDairyAsgharSagar


"راول رشيد"

اسپين جي بادشاھ فلپ دوم (1556_1598ع) هڪ بغير ڏاڙهي واري نوجوان کي پوپ ڏانهن بطور سفير ڪري موڪليو.
پوپ نوجوان کي ڏسي فلپ تي ڪاوڙجي پيو ۽ کيس لکيائين
"اسان کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک رسيو آهي تہ تو هڪ ڏاڙهي ڪوڙيل نوجوان کي اسان ڏانھن موڪليو آهي ڇا تو وٽ ڪي تجربہ ڪار، عمر رسیدہ ۽ باريش (ڏاڙهي وارا ) ماڻهو ڪونہ هئا!؟"
فلپ جواب ۾ لکيو
"اي مقدس پيءُ! اگر مونکي خبر هجي ها تہ توهان ڏاڙهي کي ايتري وڏي اهميت ڏيو ٿا تہ آئون ان نوجوان جي بدلي ڪو ٻڪرو ئي موڪلي ڏيان ها

Mind and stream ذھن ۽ وھڪرو

MyDairyAsgharSagar

"اصغر ساگر"

One day Guatma Buddha was walking through a mountanious region.  He felt thirsty and asked one of his disciple to fetch a bowl of water for him from the nearby stream . When the disciple reached there he saw that some carts had just passed through, muddying everything. He came back and told this to Buddha.
Buddha asked him to go there again to fetch water. When the disciple went there for the second time he saw that the water was settled and now was clear . He filled the bowl with water and brought it to Buddha .
Buddha turned to him and told him that our mind is like that stream .. Sometimes the peace of our mind is disturbed by anger but if you give it a few minutes of silence it will come back to its natural state ..
ھڪ ڏينھن گوتم ٻڌ پھاڙين مان پنڌ ڪري رھيو ھو. ھن کي اڃ لڳي ۽ پنھنجي ھڪ پوئلڳ کي ويجهي وھڪري مان پاڻي ڀري اچڻ لاء چيو. جڏھن ھن جو پوئلڳ اتي پھتو، ھن ڏٺو تہ ڪجھ گاڏا ھاڻي ھاڻي اتان گذريا آھن ۽ ھر شي کي خراب ڪيو اٿن. ھي واپس آيو ۽ اچي اھو ٻڌ کي ٻڌايائين.
ٻڌ ان کي اتي وري وڃي پاڻي ڀري اچڻ لاء چيو. جڏھن پوئلڳ اتي ٻيو دفعو پھتو، ھن ڏٺو تہ پاڻي آٺرجي ويو آھي ۽ ھاڻي صاف ٿي ويو آھي. ھن پاڻي سان پيالو ڀريو ۽ان کي ٻڌ وٽ کڻي آيو.
ٻڌ ھن ڏي مڙيو ۽ ھن کي چيو تہ اسان جو ذھن وھڪري وانگر ھوندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن اسان جو ذھن ڪاوڙ جي ڪري منجهي پوندو آھي پر جيڪڏھن تون ان کي خاموشي جا ڪجھ منٽ ڏين ٿو تہ اھو وري ساڳي حالت ۾ اچي ويندو.

ماء Mother

MyDairyAsgharSagar


"اصغر ساگر"

ھن تصوير کي بھترين تصوير قرار ڏنو ويو آھي جنھن فوٽو گرافر ھرڻي تي چيتن جي حملي وقت ھي فوٽو ڪڍيو، اھو روئي پيو.
ھرڻي پنھنجي ٻچن سان گڏ ھئي تہ اوچتو چيتن حملو ڪيو. ھرڻي موقعو وٺي پنھنجن ٻچن کي ڀڄايو، پاڻ بيھي رھي جيئن چيتا ھن کي کائن ۽ ھن جا ڦر ڀڄي وڃن. ھن پنھنجو پاڻ کي چيتن آڏو پيش ڪري ڇڏيو ۔ چيتن ھن تي حملو ڪيو ۔ ھن کي کائڻ لڳا ۽ ھرڻي اطمنيان سان پنھنجي ٻچن کي ڏسندي رھي جيڪي چيتن جي پھچ کان دور ٿي چڪا ھئا. ائين ماء پنھنجي قرباني ڏيئي پنھنجي مامتا جو حق ادا ڪيو ۽ چيتن جو کاڄ ٿي وئي. جڏھن فوٽوگرافر اھو منظر ڏٺو ۔ ان جو جيء جهري پيو. ھرڻي جي کائجڻ جي سڄي منظر دوران روئندو رھيو.

Hitler and his beloved Eva Braun ھٽلر ۽ ان جي محبوبا ايوا برائون

MyDairyAsgharSagar
"عبدلواحد آريسر"

ھٽلر (Hitler) جو ڪنڌ ايوا برائون جي ھنج ۾ آھي. ھن جي نظر ايوا برائون جي گھرين نيرين اکين ۾ کتل آھي. ايوا برائون جي سونھري وارن جون چڳون ھٽلر جي چھري کي ڇھي رھيون آھن. چانسلري عمارت آمريڪي جھازن جي بمباريءَ کان ائين ڏڪي رھي آھي، جيئن ڪنھن ڪاموري جي دل نوڪري وڃڻ جي ڊپ کان ڏڪندي آھي.
فضا ۾ ھٽلر جو آواز:
”ھاءِ مون ڪيڏا نہ خوبصورت خواب ڏٺا ھئا جرمن قوم کي عظيم بڻائڻ لاءِ ۽ ان کي دنيا جو فاتح بڻائڻ لاءِ. انھيءَ مقصد کي ماڻڻ لاءِ مون زندگيءَ جا سڀ مزا ڇڏيا، آءٌ ھن عظيم ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويس. اُھي منھنجي خوشقسمتيءَ جا ڏينھن ۽ ڏاڍا خوبصورت پڻ. بلڪل تنھنجي اکين ۽ وارن جھڙا. جڏھن برلن ۽ ميونخ جي جلسي گاھن ۾ عورتن ۽ مردن جون تاڙيون ۽ نعرا مون تي وسڪيءَ جي بوتلن جو نشو طاري ڪري ڇڏيندا ھئا ۽ اڄ منھنجي بدقسمتيءَ جا ڏينھن آھن جو منھنجي قوم تباھ ٿي رھي آھي، منھنجي ڌرتي جلي رھي آھي. جرمنيءَ جا خوبصورت کيت سڙي رھيا آھن، جرمن جوان ڪسجي رھيا آھن. آئون جرمنيءَ کي عظيم بڻائي نہ سگھيس. ھاءِ منھنجي جرمني. ايوا! منھنجي آخري خواھش ۽ خوشقسمتي اھا آھي، جو منھنجو مٿو تنھنجي ھنج ۾ آھي. اڄ آئون سمجھان ٿو تہ مون شڪست کاڌي آھي اتحادين کان ۽ فتح حاصل ڪئي آھي تنھنجي دل جيتي.“
ڏور فضائن مان نھروءَ جو آواز:
”ڪنھن قوم جي عظمت ۽ تھذيب جا معيار حقيقت ۾ ان قوم جا فلسفي، شاعر، اديب ۽ فنڪار قائم ڪندا آھن نہ ايندڙ ويندڙ ۽ کٽيندڙ ھارائيندڙ سياستدان، جن جي حڪم تي فوجون حرڪت ۾ اينديون آھن. جھاز اڏامندا آھن ۽ بمباري ڪندا آھن. جلاد ڪوس ڪندا آھن ۽ جيل ڀريندا آھن.“
ھٽلر جو آواز:
”ٺيڪ آھي، شھر تباھ ٿيندا، جوان ڪسندا، کيت سڙندا پر گٽار ۽ بوڙينڊو رھندا. ھيگل کي ڪوبہ ختم ڪري نه سگھندو ۽ جرمن قوم وري بہ پوري سگھ سان اٿندي ۽ پنھنجي عظمت ھٿيارن وسيلي نہ پر ھنرمند ھٿن ذريعي حاصل ڪندي. ڪاش اھو ھندي آواز مون تائين گھڻو اڳي پھچي ھا. پر ايوا ھني! اھو زھر جو ڪيپسول پھرين تون کاءُ ۽ پوءِ مونکي کاراءِ تہ جيئن آمريڪي اسانکي جيئري پڪڙي نہ سگھن.“
ڏُور اوڀر کان سوئيڪارنو جو آواز:
”عورت ۽ گُل کي صرف وحشي ۽ درندا ئي چيڀاٽيندا ۽ ماريندا آھن. عورت ۽ ڌرتيءَ کي فتح نہ ڪريو پر انھن سان پيار ڪريو تہ جيئن ٻنھي ۾ تخليقي عمل جاري رھي. گُل کي چيڀاٽيو نہ، نہ تہ توھان جو ذھن بہ چيڀاٽجي ويندو.“ انھيءَ آواز تي ھٽلر ۽ ايوا برائون ڪوبہ ڌيان نٿا ڏين ۽ آپگھات ٿا ڪن.

پيڙھي مختصر ڪھاڻي

MyDairyAsgharSagar

"ممتاز لوهار"

سجيلا پٺيري بيٺل پيءۡ جي ڳچيء ۾ ٻانھون هار ڪري چيو “بابا ٻين لئہ جيئڻ ڀلو يا پنھنجي لاء؟”

“ٻين لاء ڌيءُ.”
هن مرڪي وراڻيو.

“بابا! پيءُ جي پيڙھي پٽ وڌائيندا آھن نہ؟”

“ها.”
پيءُ ڏڪندڙ ھٿ ڌيءُ جي هٿن تي رکي چيو.

“۽ ڌيئر بابا؟”

“اهي ٻين جي پيڙھي وڌائينديون آھن.“
 هن ڪنڌ ورائي ڌيءُ کي چيو.

“ان جي معنيٰ تہ پٽ پنھنجي لاء جيئندا آھن ۽ ڌيئر ٻين لاء.... ها نہ بابا؟”
پيء ماٺ جي اونداهي گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو.

Monday, 19 November 2018

محبت ۽ قرباني Love and sacrifice

MyDairyAsgharSagar


"اصغر ساگر"

چوندا آھن تہ محبت ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجھ جائز آھي ۔ محبت پنھنجو پاڻ کي پائڻ کان سوا ڪجھ بہ ناھي گهرندي اڃان اڳڀرو وڌي قربانيون ڏيئي پنھنجو پاڻ کي موکيندي آھي. اھڙي قرباني ڏيئي جاپاني شھزادي پنھنجو نالو مرقوم ڪيو آھي. جاپاني شھزادي پنھنجي محبت پائڻ خاطر شاھي اعزاز ڇڏي ڏنا ۽ شاھي خاندان کان ڌار ٿي وئي.
جاپاني بادشاھ اڪيتو جي هڪ ٻي پوٽي 27 سالن جي شھزادي محبت خاطر بادشاهت کي الوداع ڪري هڪ عام شھري سان شادي ڪري ورتي آهي، شھزادي آياڪو جاپان جي بادشاھ جي ڪزن جي ڌيءُ آهي، جنھن هلندڙ سال پھرين جولاءِ تي اعلان ڪيو هو تہ هوءَ هڪ عام شهري سان شادي ڪندي. هن هڪ عام شھري سان محبت  ٿيڻ بعد پنھنجي شاهي خاندان کي اطلاع ڪري ڇڏيو هو، جنھن بعد شاهي خاندان بہ سندس محبت کي تسليم ڪري ورتو. شاهي خاندان پھرين جولاءِ تي اعلان ڪيو هو ته 27 سالن جي شهزادي آياڪو جي مڱڻي آگسٽ ۽ شادي آڪٽوبر مهيني ۾ ڪئي ويندي. شهزادي آياڪو شپنگ ڪمپني ۾ ملازمت ڪندڙ 32 سالن جي مريو سان شادي ڪئي، جنھن سان سندس محبت ان وقت ٿي جڏهن شهزادي جي ڪائي موريو سان پنهنجي ئي خاندان هڪ ٻي شھزادي جي توسط .سان 2017 ۾ ملاقات ٿي
ڪجھ ڏينھن پھرين جاپان جي گادي جي ھنڌ ٽوڪيو جي ميجي مزار تي جاپاني شھزادي آياڪو 32 سالن جي عام شھري سان شادي رچائي بادشاھت خيرباد چيو. شھزادي آياڪو جو تعلق شاھي خاندان سان آھي جڏھن تہ موريا نيپون يوسين ھڪ ڪمپني ۾ ملازم آھي.
شاھي خاندان جي اصول مطابق جيڪڏھن ڪا شھزادي خاندان ۾ شادي ڪندي تہ اھا شھزادي رھندي پر جيڪڏھن خاندان کان ٻاھر شادي ڪري ٿي تہ ان کان شاھي خاندان جو تاج واپس ورتو ويندو آھي ان ڪري شاھي خاندان شاھي خاندان کي ڇڏڻ وقت 3 تقريبون منعقد ڪيون وينديون آھن.
جاپان جي شاھي خاندان ۾ شھزادي جي شاھي اعزاز تان دستبرداري لاء روايتي ۽ پروقار تقريب رکي وئي. تاريخي رسمن جي پوراء لاء ٽن مقدس مقامن ڪشيڪودوڪوڪورو ۔ ڪوريي دين ۽ شندين ۾ تقريبون سٽيون ويون.
شھزادي ٽنهي مقامن تي ثقافتي لباس پھريو. ٽنهي مقامن تي حاضري ڀري جتي مذھبي رسمون ادا ڪري ۽ دعائون گهري شھزادي کي شاھي خاندان کان ڌار ڪيو ويو.
ٽنهي مقدس مقامن تي رسمون ادا ڪرڻ کان پوء شھزادي آياڪو شھزادي ناھي رھي. شاھي خاندان پنھنجي سابقا شھزادي جي اعزاز ۾ چوڪين نوگي جي مقام تي خصوصي الوداعي تقريب ادا ڪئي وئي.
ھن جي مڙس موريا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ھي شھزادي آياڪو جو زندگي ڀر ساٿ ڏيندو ۽ عھد وفا کي پاڙيندو جڏھن تہ شھزادي آياڪو جو چوڻ ھو تہ ھوء شادي مان ڏاڍي خوش آھي ۽ شاھي خاندان جي خدمت جاري رکندي. واضح رهي تہ جاپان جي شاهي خاندان جي هيءَ مسلسل ٽين شھزادي آهي، جنھن عام شهري سان شادي ڪئي آهي. ان کان اڳ 2017ع ۾ شاهي خاندان جي شهزادي بہ عام شهري سان شادي ڪئي هئي.

Boo Ali Sina بو علي سينا

MyDairyAsgharSagar


"راول رشيد"

بو علي سينا جو پٽ بيمار هو. هن ڪافي علاج ڪيو پر بچي نہ سگهيو..
پٽ جي لاش کي ڏسندو رهيو ته اوچتو هڪ غمخوار پڇي ورتو
”حڪيم! هن جي موت جو سبب ڇا هو!؟“
بو علي سينا جواب ڏنو
آئون تہ هن جي زندگيءَ جو سبب پيو ڳوليان!
موت تہ بعد ۾ آيو آهي.