ايٽم بم زمين جي سطح 50 کان 100 ميٽر جي اوچائي تي ڦاٽي ٿو. ايٽم بم جي ٽٽڻ سان نيوٽران ائٽمن کي ھزارن حصن ۾ تقسيم ڪن ٿا ايٽمن جي ٽٽڻ سان جلدي 60 کان 70 ميٽر بلندي تي روشني جو ھڪ وڏو گولو ظاھر ٿئي ٿو جنھن جي سامهون سج جي روشني ڪاري ٿي وڃي ٿي.
ھي روشني ايتري تيز ٿئي ٿي جو زمين تي ھلندڙ ڦرندڙ انسان مرڻ ۽ ٻاڦ ٿي اڏرڻ کان پھرين نظر کان محروم ٿي وڃن ٿا. روشني جو اجگر گولو تمام تيزي سان زمين طرف وڌي ٿو. ان وقت ان جو گرمي پد سج جي گرمي پد برابر ٿي وڃي ٿو جنھن جي گرمي ٻن ڪلوميٽرن جي دائري تائين انسان ۔ وڻ ۔ جاين ۔ گاڏين ۽ جڳھن کي ھڪ سيڪنڊ ۾ دونھون يا ٻاڦ ڪري اڏاري ٿي. ٻن ڪلوميٽرن جي دائري ۾ تباھي جا اھي حال ٿي وڃن ٿا جو ڄڻ ڪنھن ٻھاري سان پٽ کي صاف ڪري ھوار ڪري ڇڏيو ھجي.
بم جي ڦاٽڻ سان اجگر ڌماڪو ٿئي ٿو ۽ زمين تي ڪرڻ سان ٻيو ڌماڪو ٿئي ٿو جنھن جي شدت پھرئين ڌماڪي کان 2 سو ڀيرا وڌيڪ ٿئي ٿي.
پھريون ڌماڪو جيڪو فضا ۾ ٿئي ٿو اھو ھوا ۾ ھڪ زبردست قسم جي لرزش پيدا ڪري ٿو. بم ڦاٽڻ کان پوء اجگر گولي مان باھ جھڙي تيز ترين گرم تابڪار ھوا ھزارين مل في ڪلاڪ جي رفتار سان چئني طرفن پکڙجي ٿي. ھي جوھري باھ ايتري طاقتور ٿئي ٿي جو جيڪڏھن ڪنھن وڏي ٽرالي سان ٽڪرائي تہ سيڪنڊ ۾ ان کي ذرا ذرا ڪري دونھون ڪري سگهي ٿي ۽ وڏيون جڳھون جيڪي ھن کان 3 يا 4 ڪلوميٽر پري ھجن اھي ڪک ٿي وکرن ٿيون ۽ پٽ ٿي وڃن ٿيون.
پھرئين ڌماڪي کان پوء جلدي ٻيو ڌماڪو ٿئي ٿو جنھن جي ڪري زمين ۾ زلزلي جي شديد لھر پيدا ٿي وڃي ٿي. ھن شديد زلزلي جي ڪري 9 کان 10 ڪلوميٽرن تائين شديد نقصان پھچي ٿو. انسانن جي ڪنن جا پردا ڦٽجي پون ٿا. ايٽمن جي ٽٽڻ سان نظر نہ ايندڙ تابڪار شعاع ۽ نيوٽران جي ھڪ ٻوڏ اچي ٿي جيڪا ھر جاندار جي جسم مان آرپار گذري ان کي ساڙي ٿي ۽ نيوٽران سفيد گهرڙن کي تباھ ڪري ڇڏين ٿا.
ڌماڪي واري جڳھ کان زمين تي پکڙجندڙ گرم ھوا جو طوفان ايٽمي ذرا کڻي آسمان جي طرف اٿي ٿو. آسمان تي ڪڪر ٺھي وڃن ٿا ۽ اھڙو مينھن وسڻ لڳي ٿو جنھن ۾ تابڪار ذرا بوندن سان گڏ ڪرن ٿا ۽ جسمن کي ڳاري ڇڏين ٿا..
ھيروشيما تي جو ايٽم بم ڪريو ان ۾ يورينم جي مقدار ھڪ ڪلو کان گهٽ ھئي جنھن ۾ 15 ڪلو ٽن ٽي اين ٽي پيدا ٿي. 6 اگسٽ 1945ع تي جڏھن ھيروشيما تي ايٽم بم ڪيرايو ويو جنھن جي نتيجي ۾ 1لک 40 ھزار ماڻھو لھسي مئا ۽ ھزارين ماڻهو اپاھج پيدا ٿيا. ناگاساڪي تي ڪريل بم جي نتيجي ۾ 75 ھزار جي قريب ماڻهو مئا.
ايٽم بم ڦاٽڻ سان ھيروشيما جو گرمي پد 4500 فارنھائيٽ تائين پھچي ويو. لمحن ۾ سڄو شھر ۽ سڀ ڪجھ جلي خاڪ ٿي ويو ۽ عمارتون ڳري پٽ ٿي ويون.
بم ڦٽڻ جي ھڪ سيڪنڊ ۾ تقريبن ھڪ لک انسان جلي ٻاڦ ٿي تحليل ٿي ويا. ڪوبہ جاندار زندھ نہ بچيو. جيڪي زندھ بچيا اھي مرڻ جون دعائون گهري رھيا ھئا. ھاڻي جيڪي ايٽم بم جڙيل آھن اھي 5 ھزار کان 7 ھزار فارنھائيٽ ۽ 7 ھزار فارنھائيٽ کان مٿي گرمي رکن ٿا جيڪي ھڪ وقت لکاھا ماڻھن کي مارڻ جي سگھ رکن ٿا.
ايٽمي ڌماڪي مان خارج ٿيندڙ تابڪار شعائون جيئن جسم مان گذرن ٿيون اھي جسم اولاد پيدا ڪرڻ جي قابل نٿا رھن. جيڪڏھن اولاد پيدا ٿئي ٿو اھو جسماني طور تي معذور ٿي وڃي ٿو. جتي ڌماڪو ٿئي ٿو اھا زمين سنڍ ٿي وڃي ٿي ۽ اتي انساني آبادي جو رھڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو. جڏھن تہ سائنسدانن اھڙا ايٽم بم بہ ايجاد ڪيا آھن جن ۾ نيوٽران خارج ٿين ٿا پر تابڪاري لھرون پيدا نہ ٿيون ٿين جيڪي ڌماڪي کان پوء اتي جي آبادي کي مارن ٿيون پر اھا جڳھ استعمال جي قابل رھي ٿي. ان جڳھ تي جيڪي فصل پيدا ٿين ٿا انهن ۾ جوھري ذرا موجود ٿين ٿا جيڪي ماڻھن کي مارڻ ۽ بيمار ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
بقول ھڪ ڏاھي جي جنگ پاڳلن جو خواب آھي ڇوجو جنگ تباھين جا در کولي ٿي ۽ اھو نٿي پڇي تہ مرڻ وارا ڪير ھئا ۽ سندن ڪھڙو مذھب ھيو. ان ڪري اچو تہ جنگ سان نفرت ڪريون ۽ امن انس کي فروغ ڏيون جنھن ۾ اسان جو جياپو آھي.
تمام سٺي ڄاڻ. بس سنڌي صورتخطي ۾ ڪجھ محنت جي ضرورت آهي
ReplyDeleteExactly dear we will be serving our sindhi language to promote it.
Delete