پتو توھان جي پيٽ ۾ جيري جي بلڪل ھيٺان ساڄي طرف ٿئي ٿو ۽ زيتون جي شڪل جھڙي ڳوٿري ۾ صفرا رکي ٿو. صفرا جيري ۾ ٺھي ٿي جيڪا چرٻي ۽ مخصوص وٽامنن کي ھضم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جڏھن اسان کاڌو کائون ٿا تہ جسم صفرا کي خارج ڪرڻ جو اشارو ڏئي ٿو ۽ صفرا پتي مان نڪري ننڍي آنڊي ذريعي کاڌي تي پوي ٿي ۽ کاڌو ھضم ٿيڻ جي مرحلن مان گذري ٿو.
پتو اھڙي ڳوٿري آھي جيڪو صفرا Bile کي ذخيرو ڪري ٿو جيڪا جيري جي رطوبت آھي ۽ سڻڀ کي ھضم ٿيڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ھي ڳوٿري 4 انچ ڊگهي ۽ 1 انچ ويڪري ٿئي ٿي. جڏھن غذا آنڊن ۾ پھچي ٿي تہ پتو ان وقت آنڊن ۾ صفرا نالي ذريعي صفرا کي خارج ڪري کاڌي کي ھضم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو.
جيڪڏھن پتو ٺيڪ ڪم ڪري ٿو تہ جسم جو ڪاروھنوار ٺيڪ ھلي ٿو. جرڪڏھن توھان ڪجھ گهڻو چرٻيدار کاڌو کائو ٿا تہ پتي جو مقدار وڌي ٿو يا سڪڙجي ٿو نتيجي طور پت Cholesterol جي ڪري پتي ۾ مواد ڄمڻ شروع ڪري ٿو ۽ پتو بلاڪ ٿيڻ ڪري شديد درد محسوس ٿئي ٿو. عضوي کي جڏھن سڪون ملي ٿو تہ درد بہ غائب ٿي وڃي ٿو. گهڻي کائڻ جي ڪري جڏھن پتو سڄڻ يا وڌڻ لڳي ٿو تہ ان کي طبي زبان ۾ پتيڙ Cholecystitis چئبو آھي جيڪو پٿري جي علامت پڻ آھي. جيڪڏھن پتو درست ڪم نہ ڪري رھيو آھي تہ پٿري سان گڏ معدي ۾ تيزابيت ۔ گيس ۔ آت ۔ الٽي ۽ معدي ۾ درد جھڙا مسئلا ڪر کڻن ٿا. پتي جي پٿري تڏھن ٺھي ٿي جڏھن بدھضمي جي ڪري صفرا پتي ۾ قلمن جي شڪل اختيار ڪري ٿي. صفرا نالي ۾ رڪاوٽ جي ڪري پيٽ جي مٿئين حصي ۾ درد ٿي سگهي ٿو پر ڪجھ مريضن کي درد محسوس ناھي ٿيندو، مثال طور ھي درد اچانڪ ٿي سگهي ٿو ۽ ڪيترن ڪلاڪن تائين رھي سگهي ٿو. پتي جي پٿري جسامت جي لحاظ کان ڪيترن قسمن جي ٿئي ٿي ۽ ھي گولف جي بال برابر وڏي يا واري جي ذري جيتري ٿي سگهي ٿي. ھڪ وقت پتي ۾ ڪيترن نمونن جون پٿريون پيدا ٿي سگهن ٿيون. پتي ۾ پٿري اڪثر ماڻهن کي ٿئي ٿي پر ھر شخص کي ان جي تڪليف نہ ٿي ٿئي ان ڪري پتي جي پٿري جي علامتن کان باخبر رھڻ ضروري آھي.
علامتون:
پتي جي پٿري جا آثار ۽ علامتون گهڻن نمونن جون ٿين ٿيون ۽ گهڻن ماڻهن کي ھي بہ معلوم ناھي ھوندو تہ انهن کي پٿري آھي. تقريبن اسي سيڪڙو ماڻهو پتي جي پٿري جا شڪار ھوندا آھن، انهن کي ڪنھن بہ قسم جو درد يا علامت محسوس ناھي ٿيندي. اڪثر مريضن کي پتي ۾ پٿري ھئڻ باوجود تڪليف نٿي ٿئي ۽ اتفاقن پٿري جي موجودگي جو شڪ پيدا ٿئي ٿو. عام طور تي ھن جون علامتون ان وقت ظاھر ٿين ٿيون جڏھن ڪا پٿري صفرا نالي ۾ رڪاوٽ وجهي ٿي تہ علامتون ھيٺيون ٿي سگهن ٿيون.
ساڄي يا کاٻي پاسراٽي ھيٺان درد ھي علامت پتي جي پٿري جي ابتدائي علامت آھي. ھي درد ڪڏھن ھلڪو ۽ ڪڏھن شديد نوعيت جو ٿئي ٿو ۽ ڪڏھن چڀن سان شروع ٿي وڃي ٿو ڇوجو پتو ھاضمي جي نظام درست نہ ھئڻ ڪري پنھنجو فعل ٺيڪ نموني انجام نٿو ڏئي جنھن جي نتيجي ۾ ڪجھ کائڻ پيئڻ کان پوء آت محسوس ٿين ٿا يا الٽي اچي سگهي ٿي.
ڇوت جي صورت ۾ بخار ٿي وڃي ٿو.
پتي ۾ پيپ پئجي سگهي ٿي جنھن جي ڪري پيٽ ۾ شديد قسم جو درد پوي ٿو.
ٻيون علامتون ھي بہ ٿي سگهن ٿيون.
رت جو لاٿ.
ھر ٿوري دير کان پوء حاجت محسوس ٿيڻ.
بدھضمي ۔ گئس جا مسئلا.
کائڻ کان پوء پيٽ ڦوڪجڻ.
قبضي.
مٿو چڪرائڻ.
رت جي کوٽ.
چھري تي داڻا.
چمڙي تي ڦرڙا.
چمڙي تي ڦرڙيون.
دل ڦرڻ.
آت.
الٽي.
پيٽ ۾ درد.
گھري ساھ کڻڻ ۾ تڪليف.
ساڄي يا کاٻي ڪنڌ ۾ درد جو احساس.
نالين ۾ رڪاوٽ جي ڪري پتي ۾ سوزش.
نالين ۾ رڪاوٽ جي ڪري لبلبي ۾ سوزش.
وڏي عمر جي ماڻهن کي پتي ۾ ڪينسر ھجڻ.
پيٽ جي مٿئين ساڄي پاسي درد ٿيڻ جيڪو جلدي وڌي وڃي ٿو ۽ اچانڪ پيدا ٿئي ٿو ھن کي پتي جو دورو سڏيو وڃي ٿو.
ساڄي ڪلھي طرف ۽ پٺي مٿان ساڄي طرف درد ٿيڻ
آت ۽ الٽي محسوس ٿيڻ.
درد ھڪ ڪلاڪ کان ڪيترن ڪلاڪن تائين رھي سگهي ٿو درد عام طور تي پيٽ ڀري کائڻ کان پوء ٿئي ٿو.
پتي جي پٿري جي ڪري صفرا نالي يا جيري کي ڇوت لڳي سگهي ٿو نتيجي طور بخار ۽ سائي ظاھر ٿئي ٿي.
علاج نہ ٿيڻ جي صورت ۾ پٿري جي ڪري اڃان وڌيڪ پيچيدگيون ڪر کڻن ٿيون.
جيڪڏھن پتي جي پٿري جو مقدار وڌي وڃي تہ آنڊي جو منھن بند ٿي وڃي ٿو پر اھو اڪثر گهٽ ٿئي ٿو پر ھي موتمار ٿي سگهي ٿو. جيڪڏھن خدانخواستہ پتو ڦاٽي پوي ۽ مريض کي احساس بہ نہ رھي تہ خطرناڪ قسم جي ڇوت پکڙجي سگهي ٿو.
خاص علامتون:
پيٽ ۾ درد:
معدي ۾ درد پتي جي مسئلن جي سڀ کان عام علامت آھي. ھي سور پيٽ جي مٿئين ساڄي پاسي ٿئي ٿو، ڪڏھن ڪڏھن ھي سور چيلھ تائين يا سڄي ڪلھي تائين پھچي وڃي ٿو. ھن سور جي شدت تيز ڌار وانگر ٿئي ٿي جيڪا ڪلاڪ تائين ھلي ٿي ۽ پوء غائب ٿي وڃي ٿي.
درد جي اچ وڃ:
پتي جي درد جي لھر جي مد ۽ رخصتي عام ٿئي ٿي. ھي علامت پٿري جي ٺھڻ جو اشارو ڏئي ٿي. ڪيئي ماڻهو ھن کي لبيڙ (لبلبي جي سوزش) سمجهن ٿا پر لبلبي جي سوزش ڪلاڪن تائين ھلي ٿي جڏھن تہ خارش بہ ٿئي ٿي ان جي برعڪس پتي ۾ اھڙو درد نٿو ٿئي.
کائڻ کان پوء خاص علامتون:
چڪنائي ۽ چرٻي وارن کاڌن کائڻ سان طبيعت بگڙي ٿي ۽ پتو متاثر ٿئي ٿو. ماھرن مطابق سڻڀ واري غذا استعمال ڪرڻ سان چرٻي آنڊن ۾ داخل ٿئي ٿي تہ ھڪ حرڪيرو Harmone خارج ٿئي ٿو جيڪو پتي کي سڪيڙي ٿو نتيجي طور تڪليف جو احساس ٿئي ٿو.
آت ۔ الٽي يا معدي ۾ جلن ۾ اڀرڻ:
ھي علامت عام نٿي ٿئي ۽ ٻين طبي مسئلن جو سبب ٿي سگهي ٿي. اڪثر پتي جا مريض ان علامت کي معدي جي تيزابيت يا جلن ۾ اضافو سمجهن ٿا پر قي يا الٽي پتي جي پٿري طرف ڪو مثالي اشارو ناھي پر علامتون نظر اچن تہ ڊاڪٽر سان رجوع ڪجي خاص ڪري ان صورت ۾ جڏھن بار بار الٽي اچي.
پيشاب جو رنگ گھرو ٿيڻ ۽ ڦوڳ جو ھلڪو ٿيڻ:
جڏھن صفرا کي پٿري بلاڪ ڪري ٿي تہ غذا مان چرٻي ھضم نٿي ٿئي نتيجي طور پيٽان نڪتل ڦوڳ سڻڀو ۽ ترندي نظر اچي ٿو ۽ پيشاب جي رنگت گھري ڦڪي ٿي وڃي ٿي.
چمڙي يا اکين تي پيلاڻ اچڻ:
اکين يا چمڙي ۾ پيلاڻ پتي جي پٿريء جي نشاني آھي، ھي اھو وقت ٿئي ٿو جڏھن پٿري پتي مان نڪري صفناڙ (صفرا نالي) Bile duct يا لبناڙ (لبلبي جي نالي) کي بلاڪ ڪري ٿي. ھي پيلي رنگت رنگت مختلف مرضن سائي يا رت جي کوٽ جي علامت ٿي سگهي ٿي.
سبب:
جسم ۾ داخل ٿيڻ کان پوء سڻڀ ۽ خاص طور تي حيواني ذريعن مان حاصل ڪيل شين ۾ پت Cholesterol پاتي وڃي ٿو جيڪا پاڻي ۾ حل نہ ٿئي ٿو پر پت صفرا ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. جڏھن جگر صفرا بنائي ٿو تہ ان ۾ پت جو ھڪ حصو موجود ٿئي ٿو جيڪو مرڪب جي شڪل ۾ پتي ۾ گڏ ٿئي ٿو پر پتي جي ڪجھ بيمارين جي ڪري صفرا جي پيدائش جو عمل غلط ٿي وڃي ٿو. ائين بہ ٿئي ٿو جو صفرا ۾ پت Cholesterol گهڻو اچي وڃي ٿو جو اھو صفرا ۾ حل نہ ٿئي ٿو نتيجي طور قلم ٺھڻ لڳن ٿا ۽ پٿريون ٺھڻ شروع ٿي وڃن ٿيون. صحتمندي ۾ پٿرين جي ٺھڻ جا امڪان نٿا رھن. پتيڙ (پتي ۾ سوزش) اچڻ ڪري پت ڄمي ٿو. انهي ڳالھ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ 80 سيڪڙو ماڻهن کي نہ صرف سوزش ٿئي ٿي پر پٿريون بہ ٺھن ٿيون.
پتي جي پٿري جا ٻہ قسم آھن جن ۾ رنگدار پٿري ۽ پتدار پٿري شامل آھن. رنگدار پٿري تڏھن جڙي ٿي جڏھن صفرا ۾ سرخ صفرا Bilirubin پاتي وڃي ٿي ھي پٿريون ڪاريون يا گھريون ڪٿئي رنگ جون ٿين ٿيون. پتدار پٿري مختلف جزن سان ملي ٺھي ٿي پر ھن جو گڏيل جزو پت تحليل نٿو ٿئي. ھي پٿري اسي سيڪڙو مريضن کي ٿئي ٿي ھي پٿريون خاص ڪري پيلي رنگ جون ٿين ٿيون. ھي پٿريون معالج کي سمجھ ۾ نہ ٿيون اچن پر ڪجھ ڳالهين مان رھنمائي وٺي سگهجي ٿي.
صفرا ۾ وڌيڪ پت Cholesterol ھجڻ
پتو پت Cholesterol سان ڀرجي وڃي ٿو.
صفرا ۾ وڌيڪ سرخ صفرا Bilirubin اچڻ پٿرين بنجڻ جي علامت آھن ھن ۾ گهڻيون پٿريون ٺھن ٿيون جن جي وڌڻ جا خطرا ھنن ۾ رھن ٿا.
عورت ھجڻ.
ٿولھ جو شڪار ٿيڻ.
تاندوري غذا گهٽ کائڻ.
سڪر جو شڪار ٿيڻ.
پت گهٽائڻ جو دوائون کائڻ.
سٺ سال يا سٺ سال جي عمر کان مٿي پھچڻ.
تيزي سان وزن گهٽجڻ.
اھڙين دوائن جو استعمال ڪرڻ جن ۾ ايسٽروجن شامل ھجي.
رک ڪرڻ:
ڪجھ ماڻهو وڌيڪ رک ڪري وزن گهٽ ڪن ٿا مگر نتيجي طور جيري ۾ پت Cholesterol جي وڌڻ جي ڪري پتي جا مسئلا ڪر کڻن ٿا ڇوجو بکئي پيٽ رھڻ سان پتي جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي.
عورت ۾ وڌيڪ امڪان:
طبي ماھرن مطابق بيدرو Estrogen پتي جي پٿري ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. عورتن ۾ وڌيڪ مقدار ۾ پائڻ وارو ھي حرڪيرو صفرا ۾ پت کي وڌائي ٿو جڏھن تہ زچگي دوران اھو ڪٺو ٿئي ٿو، ھي اھڙي ڳاڙھي پاڻيٺ آھي جنھن کي جسم آساني سان جذب ڪري نٿو پائي.
خانداني تاريخ:
جيڪڏھن خاندان ۾ ڪنھن کي پتي جي پٿري جي شڪايت رھي چڪي آھي تہ توھان کي ھي عارضو ٿي سگهي ٿو. محققن جي خيال ۾ مخصوص جين Gene صفرا ۾ پت Cholesterol جي مقدار وڌائڻ جو سبب بنجن ٿا.
ٿولھ:
جيڪڏھن توھان جو جسماني وزن وڌيڪ آھي تہ توھان جي جسم ۾ پت جي وڌيڪ وڌڻ جا امڪان رھن ٿا جنھن جو مطلب ٿيو پتي جي پٿري ٿيڻ جا امڪان رھن ٿا، خاص طور تي پيٽ نڪرڻ تي 90 سيڪڙو امڪان رھن ٿا.
جسماني وزن ۾ کوٽ:
جيڪڏھن جسماني وزن تمام تيزي سان گهٽ ٿئي ٿو تہ ھي بہ پتي جي پٿري ٿيڻ جو امڪان آھي ڇوجو گهٽ حرارن Calories واريون غذائون پتي لاء سخت ٿين ٿيون.
غذا:
چرٻي ۽ پت Cholesterol واريون ڀرپور غذائون پتي جي پٿري جي خطري جو سبب بنجن ٿيون.
سڪر Sugar:
جيڪڏھن سڪر Sugar ٿي وڃي ۽ بڪيون متاثر ٿي رھيون ھجن تہ رت ۾ چرٻي جي ھڪ قسم جي وڌڻ جا امڪان رھن ٿا جيڪا پتي جي پٿري جي وڌڻ جو امڪان وڌائي ٿي.
عمر:
چاليھ سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن ۾ پتي جي پٿري جا وڌيڪ امڪان رھن ٿا.
تشخیص:
معالج جي لاء پٿري جي تشخيص ڪرڻ مشڪل آھي. جسماني معائنو ۔ مريض جي طبي تاريخ ڄاڻڻ ۽ علامتن جي باري ۾ ٻڌائڻ سان گڏ ھيٺيون ٽيسٽون ٿيڻ کپن.
(1) Common Imaging Test
عام عڪسري ٽيسٽ:
پيٽ جو الٽراسائونڊ ۽ سٽي اسڪين سان معالج کي پتي ۽ عضون کي ڏسڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. مختلف جاچن Scans ۽ عڪسرن Images سان پٿري ڏسي سگهجي ٿي.
(2) Blood Testing:
رت جي ٽيسٽ:
پٿري جي ممڪن پيچيدگي کان بچڻ لاء مريض جو رت ورتو وڃي ٿو. انهن ٽيسٽن سان يرقان ۔ ڇوت ۽ لبيڙ (لبلبي جي سوزش) ڏسي سگهجي ٿي جيڪڏھن الٽراسائونڊ ۽ سي ٽي اسڪن سان ڪجھ واضح نظر نہ اچي رھيو ھجي.
(3) Advanced Imaging
اڳيئي عڪسريت:
ضرورت پوڻ تي ڊاڪٽر وڌيڪ اڳيئي عڪسريت وٺي سگهي ٿو تہ جيئن ڏسي سگهي تہ پٿري جي ڪري مريض جي صفرا نالي ۾ رڪاوٽ تہ پيدا ٿي نہ رھي آھي.
(4) Magnetic resonance imaging MRI
چقمقي لاڙي عڪسريت:
ھي عڪسريت جسم جي اندرين عضون کي ڏسڻ ۽ جاچڻ لاء استعمال ٿئي ٿي.
(5) Endoscopic Retrograde Cholangiopancreatography (ERCP)
دوربين ڀرڪي صفنيڙولبوخاڪو:
ھن ٽيسٽ سان صفنيڙ (صفرا نلي جي سوزش) معلوم ڪري سگهجي ٿي.
(6) Hepatobiliary Iminodiacetic Acid Scan (HIDA)
صفراوي امينوسيٽي جاچ:
ھن ٽيسٽ دوران پتي جي پٿري جو پتو پوي ٿو
ممڪن پيچيدگيون:
اھڙا ماڻهو جيڪي پتي جي پٿري جا شڪار ٿين ٿا انهن کي مختلف پيچيدگيون لاحق ٿين ٿيون.
صفرا نالي ۾ رڪاوٽ:
صفرا نالي جيري يا پتي کان ننڍي آنڊي ۾ صفرا کڻي وڃي ٿي ۽ بند ٿيڻ جي صورت ۾ پتي جي سوزش لاحق ٿي سگهي ٿي.
پتي جي سوزش:
جيڪڏھن پٿري پتي کان اچي صفرا نالي ۾ ڦاسجي وڃي تہ پتي جي سوزش ٿي سگهي ٿي.
لبناڙ Pancreatic duct ۾ رڪاوٽ:
ھي اھڙي نالي آھي جيڪا خاص عرقن کي ان منزل تائين پھچائي ٿي جو ھاضمو بحال رھي ٿو. پتي جي پٿري لبناڙ ۾ ڦاسي سگهي ٿي ۽ لبنيڙ Pancreatitis لبلبي کي سوزش ڏيئي سگهي ٿي. اھڙي صورتحال ۾ مريض کي اسپتال ۾ وقت گذارڻو پوي ٿو.
تشخیص
پٿرين ۾ جيڪڏھن چن جي مقدار وڌيڪ ھجي تہ پٿريون ايڪسري ۾ نظر اچن ٿيون نہ تہ ان جي تشخيص جو ذريعو الٽراسائونڊ آھي جنھن جي مدد سان نہ صرف پٿرين جي خبر پوي ٿي پر مقدار پڻ معلوم ٿئي ٿو.
علاج
طب جديد ۾ پتي جي پٿري جو علاج ناھي شديد سوزش دوران الٽي ۔ آت ۔ بدھضمي ۔ معدي جي سوزش ۽ درد جي علامتن مطابق علاج ڪيو وڃي ٿو ۽ پتي جي ھر بيماري جو علاج آپريشن آھي. جن ماڻهن جو پتو ڪڍيو وڃي ٿو اھي عمر ڀر بدھضمي جو شڪار رھن ٿا ۽ سڻڀ ھضم ڪري نٿا سگهن.
اپاء:
ڪڏھن کاڌو نہ ڇڏجي:
اڳ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ صفرا ان اوقت خارج ٿئي ٿي جڏھن اسان ڪجھ کائون ٿا جڏھن اسان وقت تي کاڌو نٿا کائون تہ ھي پاڻيٺ پتي ۾ جمع ٿيندي رھي ٿي جنھن ۾ پت جي سطح وڌي وڃي ٿي ۽ وقت سان گڏ ھي چرٻيلو مواد ڄمي پٿري جي شڪل اختيار ڪري ٿو.
اناج بھترين دوست:
اناج جيئن ڪڻڪ ۔ جو يا ٻيا ان تاندوريدار ٿين ٿا جيڪي دل کي تحفظ ڏيئي پتي کي پٿري کان دور رکن ٿا تاندوري جو استعمال ھاضمي جي نظام کي متحرڪ ڪري پت کي جسم کان خارج ڪري صفرا جي عمل کي درست رکي ٿو. وڌيڪ تاندورن واريون شيون پتي کي ٺيڪ حالت ۾ رکن ٿيون.
وزن وڌڻ نہ ڏيڻ:
ٿولھ وڌڻ ڪري ٻين مرضن سان گڏ پتي جي پٿري جو خطرو رھي ٿو. ھڪ تحقيق مطابق ٿلھن ماڻهن کي پتي جي پٿري 3 ڀيرا وڌيڪ خطرو رھي ٿو ڇوجو وڌيڪ ٿولھ پتي جي مقدار کي وڌائي ٿي ۔ ان جي فعل کي متاثر ڪري ٿي جنھن سان پت وڌي ٿو.
ميون ۽ سبزين سان رغبت رکڻ:
ميون ۽ پنن وارين سبزين ۾ وٽامن سي ۽ وٽامن اي موجود رھي ٿي جيڪي جسم کي مختلف خطرن کان بچائين ٿيون. ميون ۽ سبزين ۾ تاندوري جو مقدار وڌيڪ ٿئي ٿو جيڪو دير تائين پيٽ کي ڀري رکي ٿو جنھن سان ٿولھ نٿي ٿئي ۽ ٿولھ جي گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي.
تريل شيون گهٽ استعمال ڪرڻ:
تريل چرٻيدار شيون پتي جي فعل کي مشڪل بنائين ٿيون اھڙين غذائن ۾ سڻڀ وڌيڪ ٿئي ٿي جيڪا جسم ۾ پت جي سطح کي وڌائي ٿي نتيجي طور پتي ۾ پٿري جو خطرو وڌيڪ رھي ٿو. اھڙين غذائن ۾ حرارا وڌيڪ ٿين ٿا جنھن سان ٿولھ جا امڪان رھن ٿا ۽ نقصانن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو.
ڀرڀرين Berries جو استعمال:
ڀيريون ۽ سبزرون وٽامن سي سان ڀرپور ٿين ٿيون طبي تحقيق مطابق وٽامن سي پتي جي پٿري جا امڪان گهٽ ڪري ٿي ۽ پت کي گهٽ ڪري ٿي نتيجي طور صفرا وڌي ٿي ۽ پتي جي پٿري جو خطرو نٿو رھي. جسم ۾ وٽامن سي جي کوٽ جي ڪري صفرا ۾ پت وڌي ٿي نتيجو پتي جي پٿري جي صورت ۾ نڪري ٿو.
مناسب مقدار ۾ پاڻي جو استعمال:
زندگي ۾ پاڻي جي اھميت کان انڪار ناھي، ھن جي کوٽ جي ڪري ٻين مرضن سان گڏ پتي کي نقصان پھچي ٿو ڇوجو پاڻي پتي مان وڌيڪ پت کي خارج ڪري ٿو ۽ پٿري سان گڏ ٻين مرضن کان بچائي ٿو.
زيتون:
زيتون جو تيل دل سان گڏ پتي کي متحرڪ رکي ٿو ۔ پتي ۾ پت کي وڌڻ نٿو ڏئي ۽ صفرا نالي ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪري ٿو.
جسماني سرگرميون:
جسماني سرگرمين سان حرارا جلن ٿا ۔ مزاج خوشگوار ٿئي ٿو ۽ پتي جا مرض پيدا نٿا ٿين. طبي تحقيق مطابق جسماني سرگرمين سان پتي جا 25 سيڪڙو مرض گهٽائي سگهجن ٿا.
گريون استعمال ڪرڻ:
بادام ۔ اخڙوٽ ۔ گريون تاندوري ۽ صحت بخش چرٻي سان ڀرپور ٿين ٿيون. ھنن ۾ ڪيئي اھڙا جزا ٿين ٿا جيڪي جسم ۾ پت جي جذب ٿيڻ جي عمل کي بند ڪن ٿا جنھن جي ڪري پتي جي پٿري کان تحفظ ملي وڃي ٿو.
گوشت:
وڏي گوشت ۾ وڌيڪ پروٽين ٿئي ٿي جنھن جي ڪري پتي يا جيري تي سوڄ ٿي سگهي ٿي سن ڪري چرٻيدار گوشت کي پتي جي مرض ۾ کائڻ کان پرھيز ڪجي.
بچاء جون تدبيرون:
جسماني وزن کي صحتمند سطح تي برقرار رکجي.
تاندورن سان ڀتپور غذائون کائجن.
رفائين غذا کان پرھيز ڪجي.
پت وارين شين کان پرھيز ڪجي.
وڏ پروٽيني شين جيئن وڏي گوشت ۔ بيدي ۽ چڻي جو استعمال نہ ڪجي.
تريل شين سان رغبت نہ رکجي.
پيٽ ڀري کاڌي کائڻ کان پرھيز ڪجي.
ڪولا بوتلن پيئڻ کي ڇڏي ڏجي.
تيز کاڌن کي ھٿ نہ لائجي.
پتي جي پٿري جي شڪار ماڻهن کي غذا جو خاص خيال رکڻ کپي جيئن ٿولھ نہ اچي.
چرٻيدار ۽ پتدار کاڌن جيئن بيدو ۔ مکڻ ۔ گوشت ۔ تريل شيون ۽ چڻي کان پرھيز ڪرڻ کپي.
چقندر ۔ کيري ۽ ڳاڙھي گجر جو رس پيئجي تہ جيئن پتي جي پٿري جي قدرتي طور صفائي ٿي وڃي.
علاج
گهڻن ڪيسن ۾ پٿي مسئلن جو سبب نٿي بنجي ان ڪري سرڄري نٿي ڪئي وڃي پر جڏھن علامتون شدت اختيار ڪن ۽ سرڄارو سرڄري جي تجويز ڏئي تہ ھرگز دير نہ ڪجي. ڏٺو ويو آھي تہ اڪثر پتي ڪڍرائڻ کان ڊڄن ٿا انهن کي ذھن نشين ڪرڻ کپي تہ پتو ڪڍرائڻ بعد جيري ۾ ٺھڻ وارو صفراوي مادو آنڊن ۾ وڃي پنھنجو ڪم آساني سان سرانجام ڏئي ٿو پر سرڄري ۾ دير خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.