Sunday, 4 August 2019

ڪرنگهوڏ Vertebra 💎اصغر ساگر💎

نموني ڪرنگهوڏ ٻن حصن تي مشتمل آھي ڪرنگهي جسم ۽ ڪرنگهي ڪمان. ڪنڊائين ڪرنگهي خاني ۾ ھر ڪرنگهوڏ پيچيدھ جوڙجڪ سان ھڏي ۽ ڪجھ شفاف ڪچوڏ سان جڙيل ھڪ بي ترتيب ھڏو آھي جن جو نسبتون پٺئين ڪنڊي جي ڀاڱن ۽ ڪرنگهي بڻن (نسلن) مطابق مختلف آھن.
 انساني ڪرنگهي خاني ۾ 33 ڪرنگهوڏا ۔ 7 ڪنڌاوان ڪرنگهوڏا ۔ 12 ڍڍي ڪرنگهوڏا ۔ 5 چيلهي ڪرنگهوڏا ۔ 5 ڳاري ڍونگروڏي ڪرنگهوڏا جيڪي ڍونگروڏ ٺاھن ٿا ۽ 3 کان 5 دمچي ڪرنگهوڏا جيڪي دمچي ٺاھن ٿا آھن. 
A typical vertebra consists of two parts: the vertebral body and the vertebral arch.
In the vertebrate spinal column, each vertebra is an irregular bone with a complex structure composed of bone and some hyaline cartilage, the proportions of which vary according to the segment of the backbone and the species of vertebrate.
There are thirty-three vertebrae in the human vertebral column—seven cervical vertebrae, twelve thoracic vertebrae, five lumbar vertebrae, five fused sacral vertebrae forming the sacrum and three to five coccygeal vertebrae, forming the coccyx.

Vertebra  ڪرنگهوڏ ۔ ڪرنگهي ھڏو

Vertebrae (Plural of vertebra)
ڪرنگهوڏا ۔ ڪرنگهي ھڏا

ڪرنگهي خانو ۔ ڍونگرو  Vertebral column

Backbone  پٺيون ڪنڊو ۔ پٺيون ھڏو

ڪرنگهو ۔ ريڙھ  Spine

Axial محوري ھڏو

نموني ڪرنگهوڏ ۔ نموني وارو ڪرنگهي ھڏو
Typical vertebra

ڪرنگهي جسم ۔ ريڙھي جسم  Vertebral body

Vertebral arch  ڪرنگهي ڪمان ۔ ڪرنگهي محراب

Vertebrate spinal column
ڪنڊائون ڪرنگهي خانو ۔ ڪنڊائون ريڙھي خانو

بي قائدي ھڏو ۔ بي ترتيب ھڏو  Irregular bone

Complex  پيچيدھ ۔ منجهيل

پيچيدھ  جوڙجڪ ۔ منجهيل جوڙجڪ
Complex structure

Composed of bone
ھڏي مان مرتب ٿيل ۔ ھڏي مان جڙيل

Hyaline  شفاف ۔اجرو

Cartilage  ڪچوڏ ۔ ڪچو ھڏ

شفاف ڪچوڏ ۔ اجرو ڪچوڏ  Hyaline cartilage

Proportions  نسبتون

Proportions of which   جن مان نسبتون

According to sth  ڪنھن شي مطابق

ڦاڪ ۔ ڀاڱو ۔ حصو Segment

Species  (بڻ ۔ نسل (جمع

ڪرنگهي بڻ   Species of vertebrate

Cervical   ڪنڌائون ۔ ڳاٽي وارو ۔ ڪنڌي

ڪنڌاوان ھڏا ۔ ڳاٽي وارا ھڏا Cervical vertebrae

ڍڍي ۔ سريري ۔ سيني وارو Thoracic

Thoracic vertebrae
ڍڍي ڪرنگهوڏا ۔ سريري ڪرنگهوڏا ۔ سيني وارا ھڏا

Lumbar  ڍاڪي ۔ چيلهي ۔ ڪمري

ڍاڪي ڪرنگهوڏا ۔ ڪمري ڪرنگهوڏا ۔ چيلهي ڪرنگهوڏا Lumbar vertebrae

Sacral
ڍونگروڏي ۔ پولهوڏي ۔ چتڙ جي ھڏي بابت ۔ ۔ پولھ جي ھڏي بابت

ڍونگروڏ ۔ پولهوڏ ۔ چتڙ جو ھڏو ۔ پولھ ھڏو ۔ ٽڪنڊي ھڏو Sacrum

ڍونگري ۔ پولهي ۔ چتڙ بابت Coccygeal

Coccyx  دنب ۔ پولھ ۔ دمچي ۔ چتڙ ۔ نھائين ۔ ڍونگري

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment