Saturday 9 November 2019

خامرو Enzyme 💎اصغر ساگر💎

خامرا پروٽينن جي عمارت جي بنيادن مان آھن ۽ ھر جاندار جي گهرڙن ۾ پاتا ويندڙ سڀ کان عام ۽ ڪثير مقدار جا وڏا ماليڪيول دراصل پروٽين ئي آھن. پروٽين امينو تيزاب ماليڪيولن سان ملي شڪل پائن ٿا ۽ امينو تيزاب ۔ ڪاربان ۔ ھيڊروجن ۔ نائٽروجن ۽ گنڌڪ جھڙن عنصرن سان ملي جڙن ٿا. امينو تيزابن جي تعداد ڏسجي تہ 20 آھي پر مختلف ترتيبن سان اربھا پروٽين جوڙي سگهجن ٿا ۽ ھي پروٽين ھڪ جاندار جي جسم ۾ تمام مختلف نوعيتن جا ڪم سرانجام ڏيئي سگهن ٿا.
خامرا گهرڙن جي ڪيميائي رد عمل کي ھلائين ٿا. جيڪڏھن ھي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين تہ انهن کي وري ھڪ وقت ۽ تيزي سان ھلائڻ تمام ڏکيو آھي. سائنسدان ھن مھل تائين اھڙو متبادل نظام ٺاھڻ ۾ ناڪام ويا آھن. حقيقت ھي آھي تہ اھي خامرن جھڙو واحد نمونو ٺاھي نٿا سگهن جنھن رد عمل سان خامرا عمل کي ھلائين. خامرن جو ڪم پروٽين جي ڪيميائي ردعمل کي عمل ڏيڻ ۽ تيز ڪرڻ آھي ۽ ٻيا ڪم جيئن پروٽين وري ٺاھڻ ۔ قابو ڪرڻ ۽ نقل ڪرڻ وغيرھ جي تڪميل ڪن ٿا. ھي ناممڪن آھي تہ ھڪ نامعقول واقعي جي نتيجي ۾ پنھنجو پاڻ وجود اچن.
ڪنھن ھڪ جملي کي پڙھڻ ۾ ڪجھ سيڪنڊ  درڪار ٿين ٿا پر جيڪڏھن جسم جو ڪو خامرو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي تہ ان جملي کي پڙھڻ ۾ 15 سو سال لڳي ويندا. خامرا گهرڙن کي متحرڪ ڪري ردعمل شروع ڪن ٿا ۽ ان عمل جي رفتار کي 10 ارب ڀيرا وڌيڪ تيز ڪن ٿا. خامرن جي غيرموجودگي ۾ اھي گهرڙا جيڪي ڪم شروع ڪرڻ جي انتظار ۾ رھن ٿا ۽ ٻيا گهڻا ردعمل سرانجام ڏين ٿا جيڪي توھان کي زندھ رکن ٿا جيتوڻيڪ اھي ھڪ ٻئي کان بي خبر ھجن ٿا ۽ متحرڪ نٿا ٿين. توھان جي ھن جملي ختم ڪرڻ کان پھرين ھڪ ھڪ ٿي مري ويندا جنھن جي نتيجي ۾ توھان جملو لکڻ کان پھرين مري ويندا.
خامرا حياتياتي ماليڪيول نموني طور پروٽين آھن جيڪي خاص طور تي ڪيميائي عملن جي شرح کي تيزي ڏين ٿا جيڪي گهرڙن جي اندر جڳھ وٺن ٿا. اھي زندگي لاء اھم ۽ جسم ڪارجن جي وشال حد جيئن ھاضمي ۾ اضافو ۽ گهرڙبدليت Metabolism کي ھلائين ٿا.
خامرا گهرڙن ۾ پروٽيني ماليڪيول آھن. خامرا  جسم ۾ ڪيميائي ردعملن کي تيزي ڏين ٿا پر مرحلي ۾ عادي نٿا ٿين ان ڪري اھي وري ۽ وري استعمال ٿين ٿا. خامرن سان ڪيميائي ردعمل تمام تيز ھلن ٿا بغير خامرن جي ڪيميائي عمل سست ٿي سگهن ٿا.
خامرا امينو تيزاب جا ٺھيل آھن ۽ اھي پروٽين آھن. جڏھن خامرو جڙي ٿو تہ اھو خاص ترتيب ۾ 100 کان 1000 امينو تيزابن جي وچ تائين ڪڙي سان جڙي ٿو. ان کان پوء امينو تيزاب ور جي خاص شڪل وٺن ٿا.
لڳ ڀڳ خامرن کي ڪاشي تباھ ڪري سگهي ٿي اھو گهڻو يا ٿورو لوڻ يا گهڻو يا ٿورڙو pH ۔ گرمي ۔ بخار ۔ يا ٻيا خامرا. ڪابہ شي جيڪا ھلڪي نموني اھڙي جوڙجڪ کي خراب ڪري ٿي ۽ خامرن کي تباھ ڪري ٿي.
پروٽين جا 4 وڏا قسم آھن
(1) تندڪار Fibrous
(2) جهلي Membrane
(3) بي ترتيب پروٽين Disordered protein
(4) گول پروٽين Globular protein
پروٽين جي قسمن ۾ شامل گول پروٽين ھڪ تھدار ٿري ڊائمينشن ساخت ۽ گول يا بال نما ماليڪيول آھي جنھن ۾ خامرا Enzymes ۔ اجسا Antibodies  ۽ ٻيا اھم پروٽين اچن ٿا. رت جي ڳاڙھن گهرڙن ۾ موجود ھيموگلوبن بہ انهن مان ھڪ آھي جيڪا گول پروٽين جي ئي ھڪ خاص قسم حياتياتي عمل انگيز Biological catalyst آھي جيڪا جيڪا جسم ۾ ٿيندڙ ڪيميائي عملن Chemical reactions جي رفتار تيز ڪري جسم کي تيزي سان توانائي فراھم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي ان کي خامري جو نالو ڏنو ويو آھي. خامرا مختلف پروٽينن سان ملي شڪل پائن ٿا. ھي ڪيترن قسمن جا ٿين ٿا ۽ ھن مھل تائين 2 ھزار کان وڌيڪ قسمن جا خامرا دريافت ڪيا ويا آھن. اھي خامرا مختلف شڪل شبيھ سان مختلف نوعيت جي پيچيدھ ۽ وڏن ماليڪيولن کي ٽوڙي سادن ۽ ننڍن ماليڪيولن ۾ ٽوڙي جسم کي تيزي سان توانائي پھچائڻ جو ڪم ڪن ٿا ۽ جسم جي گهرڙ بدل نظام Metabolism system ۾ بيحد اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ھر خامرو پنھنجي ھڪ مخصوص شڪل ۽ مختلف پروٽينن جي ترتيب رکي ٿو جيڪا مختلف ماليڪيولن کي پاڻ سان جوڙڻ ۽ پوء ڪيميائي ميل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. خامري جو اھو حصو جتي نامياتي ۽ غيرنامياتي مادن جا ماليڪول اچي جڙن ٿا يا فٽ ٿين ٿا انهن کي ساھنڌ Active cite سڏيو وڃي ٿو جيڪي دراصل خامرن جي سطح تي ھڪ ونگ يا خال ٿين ٿا. اھي پيچيدھ گهرڙا يا وڏا ماليڪيول جيڪي خامرن جي ساھنڌ Active cell جي اندر فٽ ٿيڻ جھڙا ٿين ٿا اھي اچي ونگ يا ڏار ۾ جڙن ٿا يا فٽ ٿين ٿا انهن کي خمرا Substrates سڏيو وڃي ٿو. ڪنھن ٻي شڪل شبيھ جي ماليڪيول سان خامري جو ميل ان ساھنڌ Active cite جي خاص شڪل جي ڪري ممڪن نٿو ٿئي. ھڪ خامرو تڏھن سرگرم ٿئي ٿو جڏھن مخصوص شڪل جي خمرن Substrates سان ان جو ميلاپ ٿئي ٿو. ھي ميلاپ ان ڪري ٿئي ٿو جو وڏا ماليڪيول تمام وڏي تيز ۽ ناموافق حرڪت ڪندي خامري سان ٽڪرائن ٿا ۽ خامري جي ساھنڌ Active cite ۾ اچي جڙن ٿا يا فٽ ٿين ٿا. جڏھن خمرا Substrates خامرا پاڻ ۾ جڙن ٿا تہ انهن جي پوري شڪل شبيھ کي خامري خمري پيچيدگي  Enzyme-substrate complex سڏيو وڃي ٿو. خمرن Substrates جي وچ ۾ خامرا ڪيميائي ميل تيز ڪن ٿا ۽ ھي سادن ۽ ننڍن ماليڪيولن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ پوء خامرا بي حد سادن ماليڪيولن يا اپت کي خارج ڪن ٿا. ھن پوري عمل ۾ خامرن ۾ ڪنھن بہ قسم جي تبديلي رونما نٿي ٿئي ۽ وري اھي ڪم ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿا.
 خامرا نہ مرن ٿا ۽ نڪي انهن جو شمار جاندار يا بي جان شين ۾ ٿئي ٿو. ھي پنھنجو ڪم لڳاتار ڪندا رھن ٿا ۽ جڏھن انهن جي ماحول جي پي ايڇ يا گرمي جي سطح انهن لاء نامناسب ٿي وڃي ٿي تہ انهن جي شڪل شبيھ ۽ خاصيتن ۾ تبديليون اچن ٿيون ۽ انهن کان ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ڇڄي وڃي ٿي تڏھن ھي خامرا جسم جي گهرڙن ۾ تحليل ۽ ضم ٿي وڃن ٿا. 
خامرن جا قسم ڀاڃو خامرو Catabolic enzyme ۽ تعميري خامرو Anabolic enzyme ڪيميائي عمل ۾ تيزي پيدا ڪري ڪنھن جاندار جي جسم ۾ کي تيزي سان توانائي پھچائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا.
خامرن جا 6 درجا جوڙيا ويا آھن جيئن خامرن کي آساني سان نالو ڏيئي سگهجي. اھي درجا آھن.

Oxidoreductases
تَڪسِيفو ۔ تَخفِيفو ۔ تَڪسِيدِي تَخفِيفو ۔ تَڪسِيدي ڇانٽو ۔ تَڪسِيد گهٽ ڪندڙ

Transferases
مَٽ سَٽو - مَٽ پذير - بدل پذير - مُنتَقلو ۔ تبديل ٿيندڙ

Hydrolases
آبيو ۔ آب آور ۔ ھيڊِيو - آب پَذير

Lyases
کارِيو ۔ سَجِيو ۔ کار آور - سَجِي آور

Isomerases
ھمسريو ۔ ھم ترڪيبيو ۔ ھم جزيو - ھَم ذَرڙِيو

Ligases.
سَنڌِيو ۔ ٻَنڌِيو ۔ تَنجِيو

ھي بين الاقوامي درجابندي خامرن لاء استعمال ڪئي وڃي ٿي.
ٻيا مختلف ٽي اھم خامرا ٿين ٿا جيڪي جسم ۾ ڪيميائي ردعمل کي تحريڪ ڏين ٿا ۽ ڪار وھنوار کي ھلائين ٿا.

(1) گيگو ۔ گيڦو ۔ گيفو  Amylase
Amylase and other carbohydrase enzymes break down starch into sugar.
گيگا ۽ ٻيا نشاستي خامرا نشاستي کي ٽوڙي کنڊ ۾ تبديل ڪن ٿا.

(2) ليحو ۔ لَحميو ۔ ماسيو Protease

Protease enzymes break down proteins into amino acids.
ليحي خامرا پروٽينن کي ٽوڙي امينو تيزابن ۾ تبديل ڪن ٿا.

(3) سينڀو ۔ گِيھو ۔ ليغو   Lipase
Lipase enzymes break down lipids (fats and oils) into fatty acids and glycerol.
سينڀا خامرا چرٻن کي ٽوڙي چرٻ تيزاب (چرٻين ۽ گھن) ۽ گلسراڻ ۾ تبديل ڪن ٿا.
 ان کان سوا معدي ۾ پيدا ٿيندڙ پِپيڻ Pepsin ۽ ٽِپيڻ Trypsin خامرا پيچيدھ ۽ وڏن پروٽينن جي ماليڪيولن کي ٽوڙي سادن ماليڪيولن ۾ تبديل ڪري قابل ھضم بنائن ٿا.

خامرن جي اھميت:
ھاضمي وارا خامرا گهڻو ڪري لبلبي ۔ معدي ۽ ننڍي آنڊي ۾ ملن ٿا. ايتريقدر جو کائڻ وقت گگ غدود ھاضميدار خامرا پيدا ڪري کاڌي جي ٽوڙ وارا ماليڪيول پيدا ڪري ٿو.
خامرا پروٽين آھن جيڪي جسم ۾ ڪيميائي رد عملن جي رفتار کي ھٿ وس رکن ٿا. اھي رد عمل آھستي جڳھ وٺي جيون کي جاري رکن ٿا. اھي ھڪٻئي سان ڳانڍاپي رکڻ ۾ مدد ڪري گهرڙن جي واڌ ويجھ ۔ زندگي ۽ موت تي ضبط رکن ٿا. پروٽينن کي ٽوڙي امينو تيزابن ۾ تبديل ڪرڻ لاء خامرن جي ضرورت پوي ٿي جيڪي ڪيمياڪاري ڪري زندگي ۾ پيچيدھ ردعمل ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿا. اسان کي ڄاڻ ھئڻ گهرجي تہ امينو تيزاب ئي زندگي جي علامت آھن.

کاڌا جن ۾ خامرا ملن ٿا:
کاڌا جيڪي قدرتي خامرا رکن ٿا انهن ۾ انناس Pineapples ۔ پپيتو Papaya ۔ انب Mango ۔ ماکي Honey ۔ ايڪڏو Avocado ۔ ڪيفر Kefir ۔ گوبي جي کٽاڻ sauerkraut ۔ ڪمچي kimchi ۔ مسو miso ۔ ڪيوي ميوو kiwifruit ۽ ادرڪ ginger ۾ ملي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment