Saturday 9 November 2019

ڪيلو Banana 💎اصغر ساگر💎

ڪيلو مشھور ميوو ۽ سنڌ عام جام پاتو وڃي ٿو. معدنيات سان مالامال ۔ پوٽيشم سان ڀرپور ۔ غذائيت سان سرشار ۽ بھترين ذائقو رکندڙ آھي. ڪيلو گهٽ قيمت تي دستياب ۽ مارڪيٽ ۾ سستي قيمت تي موجود ھوندو آھي. ڪيلو غذائي کوٽ ۾ مفيد آھي. ھرڪو ماڻھو ڪيلو شوق سان کائي ٿو ڪي ڇلي ۔ ڪي کير ۾ ملائي شيڪ ڪري ۽ ڪي وري جوشاندي طور مطلب ڪيلو ھر رخ ۾ فائدا رکي ٿو. ڪيلو آمريڪا ۾ استعمال ٿيڻ وارن ميون ۾ پھرئين نمبر تي آھي. آمريڪي صوف ۽ مالٽي کان وڌيڪ پيسو ڪيلي تي خرچ ڪن ٿا
⏪ڪيلي ۾ موجود ڪيلرين جو تعداد ھن ريت آھي.
⏪ڪاربوھائیڊريٽ 27.2 گرام
⏪ڪیلشم 17ملي گرام
⏪میگنشم 14ملي گرام
⏪فاسفورس 36 ملي گرام
⏪سوڊیم 36 ملي گرام
⏪پوٽيشم 88ملي گرام
⏪جست 0.15 ملي گرام
⏪فولاد 0.36 ملي گرام
⏪تاندور 3.5 ملي گرام
⏪چرٻي 6.3 ملي گرام
⏪وٽامن بي 6 0.8 ملي گرام
⏪وٽامن سي 7 ملي گرام
⏪پروٽین 1.2 ملي گرام
⏪ڪیروٽین 78 ملي گرام
اسان مان ڪيترائي ماڻھو ڪيلو کائن ٿا پر ھن جي طبي افاديت کان اڻ واقف آھن ڪيلو غذائي جزن سان ڀرپور ميوو آھي. ڪيلي ۾ صوف کان چئوڻ تي پروٽين ۔ ٻيڻو نشاستو ۔ٽيڻو فاسفورس ۔ پنجوڻو وٽامن اي ۔ ٻيا  وٽامن ۽ معدنيات ٻيڻ تي آھن. ڪيلي ۾ ٽن قسمن جي شڳر پاتي وڃي ٿي.
⏪ کنڊاڻ  Sucrose
⏪ثمراڻ   Fructose
⏪ميٺاڻ   Glucose
⏪پيڄاڻ  Maltose
ڪيلو جسم ۾ طاقت ۽ توانائي بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ھن ۾ موجود نشاستو شڳر جي مقدار کي معمول تي آڻڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ان ڪري ڪيلي کي ضروري وٽامن سان ڀرپور ۽ غذائيت جو ڀرپور مرڪب قرار ڏنو ويو آھي. ان کان سواء ڪيلو يڪدم ديرپا ۽ حقيقي توانائي ميسر ڪري ٿو. تحقيق مطابق 2 ڪيلا ڏيڍ ڪلاڪن جي سخت جفاڪشي جي بحالي لاء ڪافي آھن.
ڪيلي ۾ تاندورا ۔ وٽامن جي ۽ وٽامن بي 6 ٿئي ٿي ان ڪري ڪيلي کائڻ سان دل کي تقويت ملي ٿي. ڪيلو کائڻ سان توانائي محسوس ٿيندي آھي. ان ڪري ورزشي ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ 2 ڪيلا کائڻ کپن تہ جيئن جسم ۾ کنڊ جي مقدار وڌي وڃي ان لاء جو ورزشي عمل ۾ کنڊ خرچ ٿئي ٿي.
ڪيلو پوٽيشم جو بھترين ذريعو آھي ۔ ھڏين کي سگھ ڏئي ٿو ۽ بي پي تي ضابطو رکي ٿو. ڪيلي ۾ وٽامن بي 6 موجود ٿئي ٿي جنھن جي ڪيلي کائڻ سان دل جي مرضن ۽ ڪينسر جو خطرو گهٽ رھي ٿو. ڪيلو وٽامن سي رکي ٿو ان ڪري چمڙي تي بھترين اثر مرتب ڪري ٿو. ڪيلي ۾ تاندور ٿين ٿا ان ڪري قبض جي شڪايت کي ختم ڪري ٿو ۽ ھاضمي جي نظام کي درست رکي ٿو. ڪيلي ۾ موجود ڪيروٽين موذي مرضن جو خاتمو ڪري ٿو. ڪيلو فطري طور تي تيزابيت گهٽ ڪندڙ آھي ان ڪري ان ڪري معدي جي السر ۽ آنڊن جي بيمارين ۾ مفيد آھي. سخت گرمي ۽ سخت سردي ۾ جسم جي پد ۾ توازن قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ڪيلي ۾ پوٽيشم جي جهجهي مقدار ٿئي ٿي جنھن جي ڪري ڪيلي کي پابندي سان کائيندڙن ۾ موت جا 20 صد امڪان گهٽ رھن ٿا. ڪيلي جو استعمال قبضي ۔ سيني جي جلن ۔ اعصابي ڇڪتاڻ ۔ السر ۽ پيٽ وارين عورتن جي گرمي پد تي ضابطو رکي ٿو جيڪو ھڪ وقت ماء ۽ عورت لاء مفيد آھي.

⏪ڪيلو بيري ميوي جو نسل :-
اڄ تائين ڪيلي کي رڳو ڪيلو سمجهي غلطي ڪئي وئي آھي. ڪيلي بابت هڪ نئون انڪشاف سامهون آيو آهي تہ ڪيلو دراصل ڪيلو نہ پر بيري جو نسل آهي (بيري مان مراد اسٽرابيري، بليڪ بيري ۽ بليو بيري وغيره).
امريڪي ماهر جوليا مارٽن 1987 ۾ هڪ تحقيقي مقالي ۾ ثابت ڪيو تہ ڪيلو ڪيلو نہ پر کريل بيري آهي. جوليا مارٽن مطابق ڪيلي ۾ اندر جيڪي هلڪڙا سنهڙا ڪارا داغ يا جيڪي ليڪون ھونديون آهن، اهي ثابت ڪن ٿيون تہ ڪيلو اصل ۾ بيري ئي آهي.

⏪سونھري ڪيلو :-
غريب ملڪن جي غذائي مناسبت کي پورو ڪرڻ لاء
هاڻي ماهرن وٽامن اي سان ڀريل هڪ سونهري ڪيلي کي تيار ڪيو آهي، جيڪو لاتعداد انساني زندگيون بچائي سگهي ٿو. ڪجھ ڪيلن کي پچائي کائڻ سان انهن مان نشاستي جي مقدار پوري ٿي ويندي آهي، پر ٻين غذائي شين (مائيڪرو نيوٽرينٽس) مثال طور وٽامن اي جي مقدار گهٽ ٿي ويندي آهي، هاڻي سوئيزرلينڊ جي هڪ زرعي بايو ٽيڪنالوجسٽ جيمز ڊيل گهٽ ۾ گهٽ ۱۰ سالن جي محنت کان پوءِ هڪ اهڙو ڪيلو تيار ڪيو آهي، جيڪو وٽامن اي سان مالا مال ۽ ان جي رنگ جي آڌار تي “سنهري ڪيلي“ جو نالو ڏنو ويو آهي. پروفيسر ڊيل موجب دنيا ۾ 6 کان 7 لک ٻار صرف وٽامن اي جي گهٽتائي ڪري هر سال موت جي منهن ۾ ھليا وڃن ٿا، غربت جي ڪري اهي ٻار وٽامن اي جي سپليمنٽ يا گوري کائڻ کان به محروم رهجي ويندا آهن، جنهن جي ڪري ۳ لک ٻار وٽامن اي جي گهٽتائي جو شڪار ٿيندا آهن، پر هاڻي اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته سنهري ڪيلي جي پيداوار سان ان ۾ گهٽتائي ضرور ايندي.

⏪(1) توانائي سان ڀرپور :-
ڪيلو پاڻ ۾ بھترين توانائي رکي ٿو.
ڪيلو کائڻ سان عضلات (عضلاتي عضون) خاص طور تي پنين جي پٽ ۽ ٽنگن جي ڇڪتاڻ ختم ٿي وڃي ٿي. توھان اڪثر رانديگرن کي راند جي دوري جي وقفي جي دوران ڪيلو کائيندي ڏٺو ھوندو. ڇوجو انهن کي ڪيلي کائڻ سان يڪدم توانائي ملي ويندي آھي. ڪيلو دنيا جي معروف ترين ايٿليٽن جو پسنديدھ ترين ميوو آھي. رانديگر پنھنجي جسم کي فٽ ڪرڻ لاء ڪيلو کائيندا رھن ٿا. جڏھن امتحان ھجي ۔ يا انٽرويو ھجي يا راند کيڏڻي آھي يا مسافري تي وڃڻو آھي ان کي ڪيلا ضرور کائڻ کپن ڇوجو جسم ۾ پوٽيشم جي وڌڻ سان توانائي اچي ويندي آھي ۔ چاق چوبند ھجڻ ڪري ڪوبہ ڪم خير خوبي سان ٿي وڃي ٿو ۽ گڏوگڏ ڪيلو گلوڪوز ۔ فرڪٽوز ۔ سيڪروز ۽ مالٽوز تي مشتمل ھوندو آھي جن ۾ توانائي جا قدرتي ذريعا موجود آھن.

⏪(2) ھاضمي جي عمل کي بھترين ڪندڙ :-
ڪيلي ۾ تاندور ٿين ٿا جيڪي ھاضمي جي عمل ۾ مدد ڪن ٿا. ڪيلن جي ڪري آنڊا متحرڪ رھن ٿا ۔ قبضي جي شڪايت نٿي رھي ۽ قبض ختم ڪري ٿو. ڪيلي ۾ خامرا Enzymes ٿين ٿا جيڪي ھاضمي کي درست رکن ٿا ۽ جسم مان زھريلن مادن ۽ نقصانڪار معدنيات کي ڪڍن ٿا. قبضي ھجي يا دست ڪيلا ٻنهي ۾ فائديمند آھن. جيڪڏھن ھاضمي ۾ گڙٻڙ ھجي تہ ان کي درست ڪري ٿو. معدي ۾ پاتو ويندڙ مفيد جراثيمن جو دوست آھي. سيني جي جلن ۔ معدي جي زخمن ۽ زھريلن مادن کي ختم ڪري سڪون پھچائي ٿو.

⏪(3) ڪوليسٽرول کي ضابطي ۾ رکندڙ :-
ڪيلي ۾ حل جوڳو تاندور پيڪٽن پاتو وڃي ٿو جيڪو رت ۾ ڪوليسٽرول جي سطح کي مستحڪم رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ان کان سواء رت ۾ خراب ڪوليسٽرول جي مقدار کي گهٽ ڪري ٿو. ڪﻴﻠﻲ ﺟﻮ روزانو ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ گڙدن ﺗﻲ ﭼﺮﭔﻲﺀَ ﺟﻲ تھ جي ﻣﻀﺒﻮﻃﻲ ﺧﺘﻢ ڪﺮﻱ ﺳﮅﻭ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ۽ گڙﺩﻱ ۽ ﺟﮕﺮ ﮐﻲ ﻃﺎﻗﺖ ڏيئي ﺭﺕ ﭘﻴﺪﺍ ڪندو ﺁﻫﻲ .

⏪(4) فالج کان حفاظت ڪندڙ :-
باقائدي ڪيلي کائڻ سان فالج پوڻ جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا ڇوجو ڪيلي ۾ ڪئلشم جي ججهي مقدار رت جي داٻ کي معتدل رکي ٿي ۽ ان کي وڌڻ نٿي ڏئي. ڪيلو ڌڙڪنن کي معمول تي رکڻ ۽ دماغي فالج کان بچائي ٿو.
 الاباما يونيورسٽي جي تحقیق مطابق پوٽاشم سان ڀرپور کاڌا خون جي شریانين جي سڪڙجڻ یا خون گھاٽي ٿيڻ جي ڄان وٺندڙ عمل کان تحفظ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. شریانین جي سختي ڪنھن بہ فرد ۾ ھرٽ اٽيڪ یا فالج جو خطري کي وڌائي ٿي .
ھن تحقیق مطابق پوٽاشم انهن جینن کي باقائده ڪري ٿي  ڇوجو اھا شریانين ۾ لچڪ برقرار رکي ٿي.
ھن تحقیق دوران ڪوئن کي زیادہ گهٽ، پوري یا زیادہ مقدار واري پوٽاشم سان ڀرپور کاڌا استعمال ڪرايا ويا.
نتيجن مان معلوم ٿيو تہ گهٽ پوٽاشم واري غذا سان شریانيون زیادھ سخت ۽ غیرلچڪدار ٿيون جڏھن تہ زیادھ پوٽاشم سان شریانين جي لچڪ ۾ اضافو ٿيو ۽ سختي بہ گهٽ ٿي.
محققن جو چوڻ آھي تہ روزانو صرف ھڪ ڪیلو کائڻ جي عادت فالج ۽ دل جي چاڙھ Heart attack کان بچاءُ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
ان جو چوڻ آھي تہ مناسب مقدار ۾ پوٽاشم جو استعمال خون جي شريانين ۾ پیدا ٿيڻ وارين پیچیدگین کان تحفظ ڏئي ٿو.
ھن تحقیق جا نتيجا طبی جریدي جرنل آف ڪلینیڪل انویسٽیگیشن ان سائٽ ۾ شائع ٿي.

 ⏪(5) معدي جي السر کان بچائيندڙ :-
ڪيلو معدي جي جلن کي گهٽ ڪري ٿو. ڪيلو انهن گهرڙن کي سرگرم رکي ٿو جيڪي معدي جي ڀتين سان جهلي بنائن ٿا ۽ معدي جي تيزابن جي حفاظت لاء اھا جهلي پردي طور ڪم ڪري ٿي. ڪيلو انهن جراثيمن جو خاتمو ڪري ٿو جيڪي السر جو سبب بنجن ٿا.

⏪(6) ذھني صلاحيتن کي بھتر بنائيندڙ :-
ڪيلي جي شيڪ پيئڻ سان ماڻھن خاص ڪري ٻارن جي ياداشت مضبوط ٿئي ٿي ۽ ھڏين کي طاقت ملي ٿي. ڪيلي ۾ موجود پوٽيشم جي وڏي مقدار ذھني صلاحيتن کي بھتر بنائي ٿي.

⏪(7) قوت مدافعت وڌائيندڙ :-
ڪيلي ۾ وٽامن بي ۽ وٽامن سي جا وڌيڪ قسم پاتا وڃن ٿا ان ڪري ڪيلو جسم جي قوت مدافعت وڌائي ٿو ۽ اعصابي نظام ۾ بھتري آڻي ٿو.

⏪(8) ھڏين کي مضبوط ڪندڙ :-
ڪيلي ۾ قدرتي کنڊ پاتي وڃي ٿي جنھن جي ڪري وڏي آنڊي ۾ پاتو ويندڙ فائديمند جراثيم جڙي ٿو جيڪو ڪيلشم جھڙي غذائي مواد کي جسم اندر جذب ڪري جي عمل کي بھتر بنائي ٿو.

⏪(9) مزاج کي خوشگوار ڪندڙ :-
ڪيلي کي روز جي غذائن ۾ شامل ڪرڻ پاڻ کي بيمارين کان بچائڻ آھي. ڪيلو ذھني مونجھ وارن مريضن ۾ نمايان تبديلي آڻي ٿو. ڪيلي ۾ ھڪ خاص قسم جي پروٽين جسم کي آرام پھچائي ٿي ۽ طبيعت تي خوشگوار اثر ڇڏي ٿي. ڪيلي کي Tryptophan amino acid جو اھم ذريعو شمار ڪيو وڃي ٿو جيڪو انسان جي نفسياتي حالت کي پرسڪون رکي ٿو ان ڪري ڪيلو ذھني دٻاء کي گهٽ ڪري ٿو ۔ جسم ۾ تازگي ۽ شگفتگي جو احساس پيدا ڪري ٿو ۽ ٿڪ ختم ڪري ٿو.

⏪(10) بڪين جي صحت برقرار رکندڙ :-
ڪيلي جي اندر تڪسيد روڪ جز جي وڏي مقدار موجود ٿئي ٿي جيڪا بڪين جي صحت کي قائم رکي ٿي. ڪيلي ۾ موجود پوٽيشم بڪين ۾ لوڻ جي وڌيل ۽ منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو جنھن جي نتيجي ۾ بڪيون پنھنجو ڪم سھولت سان ڪن ٿيون.

⏪(11) نظر وڌائيندڙ :-
روز ھڪ ڪيلو کائڻ سان نظر وڌي ٿي ۽ نظر جي گهٽ ٿيڻ جو خطرو نٿو رھي. ڪوئنز لينڊ يونيورسٽي جي تحقيق مطابق ڪيلي ۾ گجروڻ Carotene پاتي وڃي ٿي. گجروڻ Carotene جي ڪري ميوا ۽ ڀاڄيون مختلف رنگ وٺن ٿيون ڪڏھن ڳاڙھو ڪڏھن پيلو تہ ڪڏھن ٻيو رنگ. ھي جز جسم ۾ وڃي وٽامن اي جو روپ وٺي ٿو جيڪو اکين لاء تمام مفيد آھي. تحقيق مان اھا ڳالھ سامھون آئي تہ گجروڻ Carotene مختلف قسمن جي ڪينسر ۔ رت جي شريانين جي مرض ۽ شڳر کي تحفظ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

⏪(12) ننڊ ڏياريندڙ :-
ڪيلي ۾ وٽامن بي 6 موجود ٿئي ٿي جنھن ڪري ننڊ ڀرپور اچي ٿي. روز ننڊ جو ٽڪيون کائيندڙ مريض جيڪڏھن ڪيلي جو باقائدي استعمال ڪري تہ کيس ٽڪين جي ضرورت نہ پوندي. ڪيلي کائڻ سان مغز جي بيداري وڌي ٿي. ڪجھ ماڻھو ننڊ اچڻ جي ڪري ننڊآور دوائن جو سھارو وٺن ٿا جن جي پاسائتن نقصانن جي ڪري اھي جسماني طور تي وڌيڪ پيچيدگين جا شڪار ٿي وڃن ٿا.
صحت جي ماھرن جو چوڻ آھي تہ اھڙي مشڪل ۾ ڪيلي جي ڪري  پرسڪون ننڊ اچي ٿي. ڪيلي ۾ پوٽاشم ۽ ميگنيشم جي وافر مقدار ھجڻ ڪري پرسڪون ننڊ اچڻ لڳي ٿي - پٺاڙا مضبوط ٿين ٿا - آڪڙ ۽ ڇڪتاڻ نٿي ٿئي. جيڪي ماڻھو مسلسل بي خوابي جا شڪار آھن ڪوشش باوجود رات جو انهن کي ننڊ نٿي اچي انهن کي گهڻي تڪليف ڏسڻي پوي ٿي - ننڊ نہ اچڻ ڪري مختلف بيماريون جنم وٺن ٿيون ۽ شگر ۽ جسماني ڪمزوري جو خطرو وڌي وڃي ٿو.
اجزا :
ڪيلو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ھڪ عدد
پاڻي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ھڪ گلاس
دارچیني ۔۔۔۔۔۔۔۔2 گرام 
برتن ۾ پاڻي وجهي دارچيني - ڪيلا  ٽوٽا ڪري وجهي ڏھ منٽ تائين پچائجي ڇاڻي پيئجي.
رات جو سمهڻ کان پھرين ڪلاڪ پھرين پيئجي. روزانو استعمال ڪجي پرسڪون ننڊ ايندي.

⏪(13) رت جي داٻ کي پورو رکندڙ :-
ڪيلي ۾ ڪيلشم ٿئي ٿو جيڪو دل لاء بيحد مفيد آھي. ماھرن مطابق سوڊيم گهٽ کائجي ۽ پوٽيشم وڌيڪ. ان ڪري وڌووڌ ڪيلو کائڻ کپي ڇوجو ڪيلي ۾ پوٽيشم بي پي کي وڌڻ نٿو ڏئي ۔ فالج ٿيڻ کان روڪي ٿو ۽ رت جي داٻ کي معتدل رکي ٿو. ڪيلي ۾ ڀرپور پوٽيشم 10 سيڪڙو لوڻياٺ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۔ بڪين جي حفاظت ڪري ٿي ۽ دماغي طاقت ۾ اضافو ڪري ٿو جنھن جي ڪري رت جو داٻ معتدل رھي ٿو.

⏪(14) خوشي پيدا ڪندڙ :-
ڪيلي کائڻ کان پوء خوشي محسوس ٿيندي آھي ۔ ذھني مونجھ دور ٿي ويندي آھي. ڪيلي ۾ ٽرپٽوفين ٿئي ٿو جيڪو سيروٽونن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. سيروٽونن دماغ تائين خوشي جي لھر روانو ڪري ٿو ان ڪري خوشي محسوس ٿيندي آھي.

⏪(15) دست ۽ پيچش روڪيندڙ :-
جڏھن دست يا پيچش ٿي وڃي يا پيشاب ۾ سوزش ٿي وڃي تہ ان حالت ۾ ڪيلو پنھنجو ڪردار ڏيکاري ٿو.
ڪيلو ڏھي ۾ وجهي ملائي کائڻ سان پيچش ختم وڃي ٿي. 

⏪(16) رت پيدا ڪندڙ :-
ڪيلي ۾ فولاد ٿئي ٿو ان ڪري رتول پٿ Haemoglobin  پيدا ڪري ٿو  جنھن سان ھڏيون مضبوط ٿي وڃن ٿيون. گرمي ۾ ڪيلو کائڻ سان جسم جو گرمي پد گهٽجي وڃي ٿو تہ فرحت محسوس ٿيندي آھي ۽ ﺳﻨﻬﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﭤﻠﻬﺎ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ .

⏪(17) آزاد تڪسيدي جزن Free radicals کي ختم ڪندڙ :-
ڪيلو مجموعي طور تي صحت بخش آھي ڇوجو ان ۾ وٽامن اي ۽ وٽامن سي ٿئي ٿي جيڪا آزاد تڪسيدي جزن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جيڪي سرطان پيدا ڪن ٿا.
ڪيلي ۾ غذائيت سان گڏ ڪينسر جھڙي مرض
 کان نجات پائڻ جا خواص موجود آھن. ماھرن مطابق ڪيلي ۾  Tumor Necrosis Factor یعني TNF
جز ڪينسر جي جراثيمن کي ڪمزور ڪرڻ يا انهن کي پيدا ڪرڻ ۾ روڪي ٿو.

⏪(18) پيٽ وارين عورتن لاء بھترين :-
پيٽ وارن ڏھاڙن ۾ عورتون صبح جي وقت بيزاري محسوس ڪنديون آھن ڪيلو کائڻ سان اھا دور ٿي وڃي ٿي. ھن طريقي سان جسم ۾ آڪسيجن پھچي وڃي ٿي ۽ دل جي ڌڙڪنن ۾ توازن پيدا ٿي وڃي ٿو. اھڙي طريقي سان دماغ تائين آڪسيجن جي مناسب مقدار پھچي وڃي ٿي. ان کان سواء ڪيلو جسم ۾ پاڻي جي مقدار جو توازن رکي ٿو. ڪيلي کائڻ سان اھڙي ريت پيٽ وارين عورتن جو کاڌو ھضم ٿي وڃي ٿو ۽ ھاضمي جو نظام درست رھي ٿو.

⏪(19) ڊائيٽ لاء لاڀائتو :-
جيڪڏھن توھان ڊائيٽ ڪريو ٿا تہ ڪيلا کائو. ڪيلي ۾ حرارا گهٽ ٿين ٿا ۽ حل پذير ريشا ٿين ٿا ان ڪري ھاضمو درست رھي ٿو ۽ مطمئنتا رھي ٿي.

⏪(20) ماھواري Menses لاء بھترين :-
ڪيلو ماھواري ۽ حيض جي اچڻ لاء بھترين آھي. ڪپڙن کان اڳ يا پوء ڪيلي کي کائڻ سان ماھواري جو آڪڙ گهٽجي وڃي وڃي ٿو ۽ ماھواري آساني سان اچي ٿي ڇوجو ڪيلو مئگنيشم ۽ معدنيات سان مالامال آھي پر حيض دوران ڪيفين کان پرھيز ڪرڻ کپي ڇوجو ڪيفين حيض جي روڪ ڪري ٿو ڪيفين ۾ چانھن ۽ ڪافي اچي وڃن ٿا. ڪيلو حيض واري عورت جا درد تحليل ڪري ان کي پرسڪون ننڊ سمهاري ٿو.

⏪(21) خشڪ کنگھ ختم ڪندڙ :-
ڪيلو ﮐﺎﺋﮡ ﺳﺎﻥ خشڪ کنگھ ۾ ﻓﺎﺋﺪﻭ ٿئي ﭤﻮ ۽ ڳلي ﺟﻲ ﺧﺎﺭﺵ ﮐﻲ ﺧﺘﻢ ٿي ويندي ﺁﻫﻲ.

⏪(22) ٻارن لاء بھترين غذا :-
ڪيلو بھترين غذا ھئڻ ڪري ٻارن جي نشونما ۾ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري ٿو ۔ انهن جي ھڏين کي طاقت ڏئي ٿو ۽ کين چاق چوبند رکي ٿو. ﭔﺎﺭﻥ ﮐﻲ ﺭﻭﺯﺍﻧﻮ ﻫڪ ﮐﺎﻥ ٻہ ڪيلا ﮐﺎﺭﺍﺋﮡ ﺳﺎﻥ پيٽ ﺻﺎﻑ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ.

⏪(23) ڪيلو بطور ڀاڄي يا پڪوان :-
ڪيلو جٿي ڪٿي عام کاڌو ويندو آهي پر ڪيترن ئي آفريڪي ملڪن ۾ ان کي روز مرحا پڪوان جو نالو ڏنو ويو آهي. يوگينڊا ۽ ٻين مشرقي آفريقي ملڪن ۾ ڪچن ڪيلن کي ڀاڄي يا پڪوان طور پچايو ويندو آهي ۽ انهن کي روز کاڌو ويندو آهي، جنهن سان ماڻهن جي جسم ۾ وٽامن جي مقدار پوري ٿي ويندي آهي.

⏪(24) ڪيلي ۽ صوف جو ملڪ شيڪ :-
رت جي کوٽ اهڙو مسئلو آهي، جيڪو هر 10 مان 8 ماڻهن کي هوندو آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي تہ صوف ۽ ڪيلي جو جوس ٿولھ گهٽائڻ سان گڏوگڏ جسم ۾ آئرن جي سطح وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي. صحت جي عالمي اداري جي هڪ اندازي موجب دنيا جي 80 سيڪڙو آبادي فولاد جي کوٽ جو شڪار هوندي آهي، خاص طور ڳورهاري عورتن ۾ اهو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. صوف ۽ ڪيلو غذائيت سان ڀريل ميوا آهن. هڪ وچولي سائز جي صوف ۾ 95 ڪيلوريز، 25 گرام ڪاربوهائيڊريٽ، آئرن ۽ وٽامن سي هوندي آهي، جڏهن ته ڪيلي ۾ فولڪ ايسڊ ۽ وٽامن بي 12 جهڙيون خاصيتون موجود آهن، جيڪي رت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ فائديمند آهن. صوف نہ رڳو آئرن حاصل ڪرڻ لاءِ سٺو ذريعو آهي پر ان سان جسم کي پوٽيشم بہ ملندو آهي، جيڪو بلڊ پريشر کي معمول تي آڻڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اهڙي ريت ڪاپر بہ اهڙي معدنيات آهي، جيڪا جسم ۾ هيموگلوبن ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. ڪيلن ۾ آئرن جي وڏي مقدار موجود هوندي آهي، جڏهن تہ اهي فائبر ۽ پوٽيشم بہ فراهم ڪندا آهن.
⏪ملڪ شيڪ ٺاهڻ لاءِ شيون :-
⏪صوف    ھڪ عدد
⏪ڪيلا     2 عدد
⏪کير        گلاس
⏪پاڻي       3 گلاس
⏪کنڊ        مٺي آھر
⏪طريقو:
ڪيلي جي کَل لاهي ان جا ٽُڪرا ڪيو. صوف جي کَل لاھي ٽڪرن ۾ ڪَٽيو، هاڻ انهن کي جوسر ۾ وجهي ۽ کير پاڻي وجهي سڀني شين کي چڱي طرح بلينڊ ڪيو. پوء  لاهي گهر جي سڀن ڀاتين کي پياريو ۽ پاڻ بہ پيو. ان جوس جي استعمال سان رت جي کوٽ ختم ڪري سگهجي ٿي.
By Asghar Sagar
https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=1063421663812261&id=649790728508692

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment