ٻار روئڻ لڳو مگر ماء ڌيان نہ ڌريو. ٻار جذبات ۾ رانڀاٽ شروع ڪيا، ماء ڊوڙندي اچي ھن کي ڳلي لڳايو. ڳلي لڳڻ شرط ٻار جو احتجاج ماٺو ٿي ويو ۽ کيس ننڊ اچي وئي پر ڪجھ دير تائين ڳوڙھا ھليا.
ھي روئڻ ۔ ھي ڳوڙھا ڳاڙڻ فطرت جي نشاندھي ڪن ٿا جيڪي ڪائنات ۾ معصوم روپ سروپ سان موجود آھن. ڪڪرن جو اڀ تي مڙڻ ۔ سارنگ جو ساٺ ڪرڻ ۔ پياسي ڌرتي کي پلر جي پالوٽ ڏيڻ ۽ ڌرتي تي سرسبز شادابي اچڻ ۔ ارزان ان ٿيڻ ۽ سنگهارن لاء سک ٿيڻ ھي سڀ ڪيفيتون فطرت جي زرخيز ھجڻ اشارو ڪن ٿيون.
سارنگ سار لَڌِي
آگَميا اَبَر
سَڄو سُونھن ٿَر
چُميو چُم مَلِير کي.
”اصغر ساگر“
محبوب جو رسڻ ۔ عاشق جو تڙپڻ ۔ حيلا وسيلا ھلائڻ ۔ ايلاز منٿون ڪرڻ ۔ ڪوبہ وس نہ ڇڏڻ ۔ فطرت اھو عشق انسان جي جيء سان جڙي ڇڏيو. محبت ۾ پاڻ کي ڪنھن سان منسوب ٿيڻ ۽ ان کان ڌار ٿيڻ دردن جو اڻ کٽ سلسلو جنھن ۾ ڳوڙھا ڳاڙڻا پون ٿا ۔ راتو ڏينھن روئجي ٿو ۽ ريجهائڻ لاء ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.
روئڻ سان جي ريجهن تہ راتو ڏينھن روئان
لاڙي لڙڪ اکين مان پيرين ھوند پوان
ڌرتي سڀ ڌوئان لڙڪن سان لطيف چوي.
”شاھ لطيف“
ڳوڙھا جتي عاشق پنھنجي جاني جي جدائي کي ظاھر ڪن ٿا، اتي پڇتاء وارا ڳوڙھا اکين ۾ ڪر کڻن ٿا ۽ روئندي پاڻ تي ملامت کڻڻي پوي ٿي. اتي ساڳي ھنڌ گوتم ٻڌ جو مرندي ڪامل مراقبو نظر اچي ٿو ۽ موت جي ڪابہ فلڪ سندس منھن تي نظر نٿي اچي، مرڻ وقت بہ گوتم ٻڌ ڌيان ۽ گيان ۾ رھيو.
ڌِيان گِيان مُراقبو
سوچُون سُونھن سُرڪ
سَدا کيڏِي مُرڪ
گوتَم تُنھنجي لَبن تي.
”اصغر ساگر“
ھندوستان ۾ ذات پات واري اونداهي نظام کي للڪاريندڙ ۽ ٻڌمت جو باني - انسانيت جي پرچار ڪندڙ - انساني محبت ۾ يقين رکندڙ ۽ مذھبن جي متڀيد کان مٿانھون سوچيندڙ سڌارٿ عرف گوتم ٻڌ جنھن کي کي کنڀيون ڏاڍيون وڻنديون هيون. سندس هڪ پيروڪار کنڀيون پچائي سندس خدمت ۾ پيش ڪيون ۔
اتفاقاً ان ۾ زهريليون کنڀيون بہ شامل ٿي ويون ، جيڪي گوتم ٻڌ کاڌيون ۔ ان کان پوءِ سندس طبيعت ناساز ٿيڻ لڳي. هاڻي سندس پوئلڳ کي پنھنجي غلطي ۽ لاپرواهي تي پشيماني ۽ شرمندگي ٿيڻ لڳي. پوئلڳ زارو زار روئڻ لڳو ۽ گوتم ٻڌ کان معافي گهرڻ لڳو.
مھاتما ٻڌ، جيڪو حد درجي جو رحمدل هو ، تنهن ھن ڳالھ کي ليکي ۾ نہ آندو - گوتم ٻڌ ھن سان اھڙي نموني ڳالهايو ڄڻ تہ ڪجھ ٿيو ئي نہ ھجي ۽ اطمينان سان کيس چوڻ لڳو :
"ڪا ڳالھ ناهي منهنجا دوست ! کاڌو واقعي مزيدار هو ۔ "
موت جو ڊِڄ نَہ مُنھن تي
نَظَر نَڪو نِراس
مُراقِبو قائِم يَڪو
ساڳا سَڀ اِحساس
کُنڀيُن جو سَواس
پڇ مرندي گوتم کان.
”اصغر ساگر“
اهڙي طرح ان زهر جي اثر سبب 483 ق۔م ۾ هن عظيم اڳواڻ جي وفات جو واقعو پيش آيو.
ڪن ڪن عاشقن دلپشوري طور بہ عشق ڪيو آھي ۽ يادن ۾ حوالي طور ناٽڪ نموني ڳاڙيا آھن. انهن ناٽڪ وارن ڳوڙھن کي بہ اسان جذباتي ڳوڙھا چونداسين.
ھڪ دفعي جوش مليح آبادي پنھنجي گهر ۾ ڪجھ بي تڪلف دوستن سان پنھنجي محبوبائن جو ذڪر ڪري رھيو ھو. ذڪر ڪندي ڪندي ھو ايترو جذباتي ٿي ويو جو ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. ايتري ۾ ھن جي گهر واري ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ جوش کي روئندو ڏسي روئڻ جو سبب پڇيو
جوش صاحب ورندي ڏني
”بس ٿورو اڳ امان ياد اچي وئي ھئي.“
ڳوڙھا وھائڻ جتي مرد جي جذبن جي اظھار ظاھر ڪن ٿا، اتي عورت جي معصومپائپ کي نمايان ڪن ٿا پر ڪڏھن ڪن جا ڳوڙھا مانگر مڇ جي ڳوڙھن وانگر لڳندا آھن. عام جائزي مطابق مرد سال ۾ ڏھ ڀيرا ڳوڙھا وھائي ٿو تہ عورتون سال ۾ 50 ڀيرا روئن ٿيون. اکين ۾ ڳوڙھن جا خاص غدود نير غدود Lacrimal glands ٿين ٿا جتان ڳوڙھا وھي نڪرن ٿا. ڳوڙھن جي مربوط نظام کي نيري سرشتو Lacrimal system چئبو آھي جيڪي اک ۾ ڳوڙھا پيدا ڪن ٿا ۽ ان کي ٻاھر خارج ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿا. جيڪي ڳوڙھا جذبن جي بي قابو ٿيڻ سان نڪرن ٿا، اھي انهن ڳوڙھن کان مختلف ٿين ٿا جيڪي عام طور تي مٽي پوڻ ۔ بصر ڪٽڻ جي خارج ٿيل گئس جي اثر جي ڪري خارج ٿين ٿا. اھي خارج ٿيندڙ ڳوڙھا ان گئس جي ڪري ٿين ٿا جيڪا بصر جي گهرڙن ۾ موجود گنڌو تيزاب sulfenic acid ۽ خاص خامري لسڻ Alliinase جي ميلاپ سان گنڌڪ گئس Sulphur gas جڙي ٿي جنھن کي نيرڪار جزي ترڪيب Lachrymatory-factor synthase سڏيو وڃي ٿو جنھن سان بصر پاڻ تي حملو ڪندڙ خردوبا Microbes ۔ جنگلي جانورن ۽ اسان کي رلائڻ لاء استعمال ڪن ٿا. گئس جي حالت ۾ گنڌڪ يا ٻئي ڪنھن جز جي ڪري اکين کي اھا تڪليف اچي ٿي جنھن کي توھان غير جذباتي چئي سگهو ٿا.
نير غدود Lacrimal gland اکين جي پنبڻين ھيٺان ٿورو مٿان واقع ٿين ٿا ۽ پنبڻين جهپٽڻ سان ڳوڙھا اک جي سطح تي اچن ٿا ۽ پوء ناسي نالين Lacrimal punctum ذريعي نڪ ۾ لھي اچن ٿا. جيڪڏھن ڳوڙھن جو وھڪرو وڌيڪ آھي تہ ناسي ناليون ڳوڙھن سان ڀرجي وڃن ٿيون ۽ ڳوڙھا اک تان ڇلڪي ڳلن تي قطرن جي صورت ۾ ٽم ٽم ٽمڪن ٿا.
اکين ۾ پوسل قائم رکڻ لاء ڳوڙھا ڪيترن نموني مفيد ٿين ٿا ۽ ھي لڳاتار جڙندا رھن ٿا. ھر سال اکين مان 15 کان 30 گيلن ڳوڙھا خارج ٿين ٿا. ڳوڙھن ۾ چرٻا Lipids ۔ پروٽين Protein ۔ تابڪارا Electrolyte ۽ لوڻياٺ موجود ٿين ٿا جيڪي اکين کي جيوڙن ۽ وائرن کان تحفظ ڏيڻ سان ٻين فائدن سان ھمڪنار ڪن ٿا. ڳوڙھن کي سائنسدانن ٽن قسمن ۾ ورھايو آھي.
(1) Psychic tears
جذباتي ڳوڙھا ۔ نفسي ڳوڙھا ۔ دماغي ڳوڙھا:
(2) Basal tears
اساسي ڳوڙھا ۔ اصلي ڳوڙھا ۔ بنيادي ڳوڙھا:
(3) Reflex tears
عڪسي ڳوڙھا ۔ بصري ڳوڙھا ۔ گئسي ڳوڙھا:
(1) Psychic tears
جذباتي ڳوڙھا ۔ نفسي ڳوڙھا ۔ دماغي ڳوڙھا:-
اھي وڏي جذبات جي ڪري رونما ٿين ٿا. ھي ڳوڙھا جذبن جي بي قابو ٿيڻ ۔ ڏک درد ۔ جسماني تڪليف يا غم خوشي جي ڪري نڪري اچن ٿا. جذباتي ڳوڙھن مان قدرتي طور تي ھڪ ھارمون لڪانتو Leu-enkephalin خارج ٿئي ٿو جيڪو درد جي شدت گهٽ يا ختم ڪري ٿو جنھن جي ڪري ڏک غم جي شدت گهٽ ٿئي ٿي ۽ توھان پاڻ کي ھلڪو محسوس ڪيو ٿا. روئڻ دوران دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي ۔ ساھ جي رفتار گهٽ ٿيڻ سان پگهر اچڻ لڳي ٿو ۔ ھڏڪيون پيدا ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿيون ۔ ڳوڙھن جي نڪ ۾ زڪام پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ ائين ڳلو وٺجي وڃي ٿو.
2) Basal tears
اساسي ڳوڙھا ۔ اصلي ڳوڙھا ۔ بنيادي ڳوڙھا:-
ھي ڳوڙھا اکين کي ھر وقت تر رکن ٿا ۽ خشڪ ٿيڻ نٿا ڏين ۽ جراثيمن کان بچائن ٿا.
(3) Reflex tears
عڪسي ڳوڙھا ۔ بصري ڳوڙھا ۔ گئسي ڳوڙھا ۔ اضطراري ڳوڙھا:
ھي ڳوڙھا پوتلي Cornea جي صفا رکڻ لاء جڙيل آھن. ھي ڳوڙھا اکين کي ڌوڙ ۔ دونھين يا بصر مان نڪرندڙ گئس يا ٻي ماحول جي ناسازگاري تي اچن ٿا.
ابھم ٻارن جي روئڻ کي جذبات جو اظھار نٿو سمجهيو وڃي پر والدين تائين ڳالھ پھچائڻ ۽ مڃرائڻ جو نمونو آھي جنھن بھاني سان ھن کي ٿيڻ واري تڪليف کان نجات ملي ٿي. ننڍي ٻار جي روئڻ کي جسماني درد ۔ بک لڳڻ ۔ ڊڄي وڃڻ ۽ ڪنھن ڳالھ تي غصو اچڻ يا ڳالھ مڃرائڻ ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو جڏھن تہ وڏي ٿيڻ سان اھي انداز ٻيو نمونو اختيار ڪن ٿا. جذبات ۾ رلائڻ جو ذميدار دماغ جو پنھنجو سرشتو انگڪار سرشتو Limbic system آھي جنھن ۾ جذبن کي اڀارڻ يا قابو ڪرڻ جو ذميدار ھڪ مخصوص حصو مغزوٽو Hypothalamus آھي جيڪو ٻيا اھم ڪم سرانجام ڏئي ٿو. ھي دماغ جي خودڪار اعصابي نظام جنھن تي توھان جو قابو ناھي، ان سان جڙيل ٿئي ٿو. اھو ھڪ ڳوڙھن وھائڻ واي نظام اعصابي نفوذي تنتابي (تنتي لعابو) Acetylcholine جي ذريعي نيريت Lacrimal system کي ضابطي ۾ رکي ٿو. ھن ھي اعصابي نفوذي جي تحريڪ ذريعي ڳوڙھن جي برسات شروع ٿئي ٿي.
سادي نموني اعصابي نظام غم ۽ خوشي ۽ ڏک ۽ درد کان متاثر ٿئي ٿو ۽ پوء ھي ڳوڙھن جي بھاني سان ڳوڙھن جي نظام کي حڪم جاري ڪري ٿو. ڳوڙھن ۾ ھر قسم جا خامرا ۔ چرٻا ۔ تابڪارا ۔ پاڻي ۽ نامياتي مرڪب ٿين ٿا. ڳوڙھن تي تحقيق ڪندڙ سائنسدانن ڳوڙھن جي فلم Tear film جي جي درجابندي کي ٽن تھن Layers ۾ ورھايو آھي.
(1) Oil layer = Lipid layer
تيلي تھ ۔ چرٻ تھ ۔ تيلي استر ۔ چرٻ استر
(2) Water layer = Aqueous layer
آبي تھ ۔ رطوبتي تھ ۔ آبي استر ۔ رطوبتي استر
(3) Mucin layer = Mucous layer
بلغمي تھ ۔ لعابي تھ ۔ بلغمي استر ۔ لعابي استر
اھي ٽئي تھ اسان جي اکين جي صحت برقرار رکڻ ۽ ڇوت ختم ڪرڻ لاء گڏجي ڪم ڪن ٿا. ڳوڙھن جا آبي پرت پروٽين ۔ پاڻي ۽ تابڪارن تي مشتمل ٿين ٿا جڏھن تہ ٻاھريون پرت جنھن کي Oily layer سڏيو وڃي ٿو ان ۾ ڪيترن قسمن جا چرٻا پاتا وڃن ٿا. ٽيون اندروني پرت Mucin layer آھي. ڪجھ سائنسدانن جو خيال آھي تہ جذباتي ڳوڙھن ۾ ڪجھ اھڙا پروٽين ۽ حرڪيرا Hormone پاتا وڃن ٿا جيڪي ٻين قسمن جي ڳوڙھن ۾ پاتا نٿا وڃن جن ۾ چوکيرو Prolactin حرڪيرو ۔ لڪانتو Leu-enkephalin سان گڏ پوٽيشم ۽ معدنيات Manganese شامل آھن.
اسان کي اھا ڳالھ بہ سمجهڻ کپي تہ جذبات ۾ روئڻ دماغ جي حڪمت عملي آھي جنھن سان وڌيڪ پھتل تڪليف ۔ غم ۔ خوشي جيڪا دماغ کي نقصان پھچائي ٿي ان کي روئڻ زائل ڪري ٿو ۽ ٻيھر جسم جان ۾ توازن قائم ڪري ٿو.
ڳوڙھا صحت لاء ضروري:-
دريا خان سنڌي روئڻ جي اھميت کي اجاڳر ڪندي لکي ٿو
” روئڻ انساني صحت لاءِ ضروري ۽ فائديمند آهي. انهيءَ لاءِ مرد، عورت، ٻار ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن کي هفتي ۾ هڪ دفعو لازم روئڻ گهرجي. روئڻ سان نفسياتي دٻاءۡ ۽ ٿڪاوٽ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. روئڻ وارو ماڻهو روئڻ کان پوءِ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري ٿو. سمهڻ، آرام وٺڻ ۽ هڪ ڪپ چانھن پيئڻ کان سٺو آهي تہ ھفتي ۾ هڪ دفعو روئي وٺجي. روئڻ سان زندگيءَ کي سٺو بنائڻ ۾ مدد ملي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي تہ روئڻ جي ڪوشش جي دوران اکين مان ڳوڙها جو اچڻ بہ لازمي آهي. جاپان ۾ هڪ ماڻهو ھيڊ ڦومي يوشيدافي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي جيڪو روائڻ جو ماهر آهي. اهو ماڻهن کي روئڻ جا طريقا سيکارڻ سان گڏوگڏ ان جي فائدي تي بہ ليڪچر ڏئي ٿو ۽ پنھنجي شاگردن کي اکين مان ڳوڙها ڳاڙڻ جا طريقا سيکاري ٿو. ھن جو جو چوڻ آهي تہ گانا ٻڌڻ، دردن ڀريون فلمون ڏسڻ ۽ ڪھاڻيون پڙهڻ سڀ معمول مطابق زندگيءَ جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون پر هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو روئڻ پرسڪون زندگيءَ ۽ پاڻ کي نفسياتي دٻاءُ کان بچائڻ لاءِ ڪافي آهي.“
روئڻ جا فائدا:-
اسان جي معاشري ۾ روئندڙ کي ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري کي جتي روئڻو پوي ٿو اتي اھي نٿا روئن. ھڪ تحقيق مطابق پاڪستان ۾ عورتون مھيني ۾ 5 يا 7 دفعا روئن ٿيون جڏھن تہ مرد مھيني ۾ ھڪ دفعو روئن ٿا. 5 اھڙيون بيماريون آھن جيڪي روئڻ سان ختم ٿين ٿيون. ان ڪري جيڪڏھن ڪنھن کي اھڙي بيماري آھي اھو روئي ان بيماري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو اھي بيماريون ھي آھن.
(1) ڇڪتاڻ ۽ مونجھ:
ھڪ نئين تحقيق مطابق روئڻ سان مونجھ جو خاتمو ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو فرحت محسوس ڪري ٿو. ماھرن مطابق روئڻ سان ٿوري ديرکان پوءِ ذھني مونجھ موڪلائي وڃي ٿي جنھن سان گھري ننڊ اچي ٿي. طبي سائنس مطابق روئڻ سان پراسمپٿيٽڪ سرشتو بيدار ٿي وڃي ٿو ۽ ھي تنتي سرشتو دماغ کي پرسڪون ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
(2) رت جو دٻاءُ:
رت جو دٻاءُ خطرناڪ بيماري ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جنھن جي ڪري دل جو دورو - بڪيون ختم ۽ فالج جھڙيون خطرناڪ بيماريون اچي وڃن ٿيون. ماھرن مطابق روئڻ سان رت جو دٻاء پورو پنو ٿي وڃي ٿو ۽ دل جون ڌڙڪنون قابو ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ ٺيڪ ٿي وڃن ٿيون.
(3) فاضل مادا خارج ٿين ٿا:
روئڻ سان اکين جي صفائي ٿئي ٿي ۽ مير نڪري وڃي ٿو. روئڻ سان گڏ بيڪار مادا خارج ٿين ٿا جيڪي ڇڪتاڻ دوران وڌن ٿا ۽ اسان جي جسم جي ڪورٽيسول حد ٺيڪ ٿي وڃي ٿي. ڪورٽيسول ھڪ ھارمون آھي جنھن جي وڌڻَسان ذھني مونجھ وڌي ٿي.
(4) موڊ تبديل ٿئي ٿو.
غصي ۽ پريشاني جي دوران مزاج ناگوار ٿي ويندو آھي ۽ روئڻ سان مينگانيز جي تعداد وڌيڪ خارج ٿئي ٿي جنھن ڪري اھا مزاج کي متاثر ڪري ٿي ۽ جڏھن اھا خارج ٿئي ٿي تہ اسان جو مزاج خوشگوار ٿي وڃي ٿو ۽ سڪون جي ننڊ اچي ٿي.
(5) درد جو خاتمو:
جسماني درد جي صورت ۾ روئڻ سان تڪليف گهٽ ٿئي ٿي اھڙي طرح شديد غم جي صورت ۾ روئڻ سان غم جي شدت گهٽ ٿئي ٿي ۽ دماغي ڇڪتاڻ ختم ٿي وڃي ٿي.
ماھرن جو چوڻ آھي تہ روئڻ سان ڳوڙھن سان گڏ جسم مان اھڙا ڪيميائي مادا خارج ٿين ٿا جيڪي جسماني دردن کي گهٽ ڪن ٿا ۽ غم جي احساس کي ميسارين ٿا.