Wednesday, 22 May 2019

💎ڦوپل گل Amarphopallus Titanium💎

MyDairyAsgharSagar

پوت ۔ پوتِلِي - نِرملِي Cornea 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
پوت (پوتِلِي) اک جو اڳيون شفاف حصو آھي جنھن ۾ تارو ۔ ماڻِڪِي ۽ اڳين ڪوٺي اچي وڃن ٿا. پوتِلِي اڳين ڪوٺي ۽ بلورن سان روشني کي موڙي ٿي جيڪا پوتِلِي سان لڳ ڀڳ ٻہ ڀاڱي ٽي اک جي سموري بصري سگھ جي مطمئنتا ڏئي ٿي.   
The cornea is the transparent front part of the eye that covers the iris, pupil, and anterior chamber. The cornea, with the anterior chamber and lens, refracts light, with the cornea accounting for approximately two-thirds of the eye's total optical power.

Cornea
پوت ۔ پوتِلِي - نِرملِي - نِروتِي - نِروجِهي - قَرنيو - چَشم - اک جي سخت شفاف جهلي

Transparent front part
اڳيون شفاف حصو

Iris  تارو ۔ پُتلي ۔ اَکوٽو

ماڻِڪي  Pupil

Anterior chamber  اڳين ڪوٺي

لڳ ڀڳ  Approximately

Two-thirds ٻہ ڀاڱي ٽي

Eye's total optical power
اک جي سموري بَصرِي سگھ ۔ اک جي سموري نَظرِي سگھ

اَکاڇو Sclera🌷اصغر ساگر🌷

MyDairyAsgharSagar
اَکاڇ اک جو اڇو حصو آھي جيڪو نِروتِي جي آسپاس آھي. درحقيقت، اکاڇ اک بال جي تھ ايراضي جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ جوڙجڪ ڪري ٿو جيڪو نروتي کان نوري تنت جي سموري رستي تائين پکڙيل آھي جيڪو اک جي پٺ جو وجود رکي ٿو. صرف اکاڇ جي اڳئين حصي جو ننڍو حصو نظر اچي ٿو.
The sclera is the white part of the eye that surrounds the cornea. In fact, the sclera forms more than 80 percent of the surface area of the eyeball, extending from the cornea all the way to the optic nerve, which exits the back of the eye. Only a small portion of the anterior sclera is visible.

sclera = The white of the eye
اَکاڇ ۔ اک اَڇ ۔ اک جو اڇو حصو

Cornea
نِروجِهي ۔ نِروتِي ۔ اک جي نرت جو شفاف حصو

Eyeball  اک بال

نوري تنت ۔ بصري تنت Optic nerve

Small portion  ننڍو حصو

اکاڇ جو اڳيون حصو Anterior sclera

Visible ڏسڻ جوڳو

Tuesday, 21 May 2019

نڙڳل ۔ نڙکاڌ Hypopharynx 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نِڙڳَل ڳلي جو حصو آھي جيڪو نِڙگَهٽ جي ڀرسان ۽ پويان آھي. نِڙڳَل کاڌ نلي ۾ داخليت رکي ٿو. کاڌو وات کان نڙڳل ۽ کاڌ نلي مان وڃي ٿو ۽ پوء معدي ۾ اچي گذري ٿو.
The hypopharynx is the part of the throat (pharynx) that lies beside and behind the larynx. The hypopharynx is the entrance into the esophagus. Food goes from the mouth and through the hypopharynx and esophagus, where it then passes into the stomach.

Hypopharynx
نِڙڳَل ۔ نِڙکاڌ ۔ کاڌي جي نڙي وارو خانو

Throat (Pharynx) ڳلو ۔ نڙي

نِڙگهٽ ۔ نِڙي جو گهٽ Larynx

Entrance  داخليت

کاڌ نلي ۔ کاڌي جي نلي Esophagus

Stomach  معدو

Monday, 20 May 2019

نِڙمُک ۔ نِڙمنھن💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نِڙمُک ڳلي جو وچون خانو آھي. اھو ناڳَل (مٿيون خانو)  ۽ نِڙڳل (ھيٺيون خانو) جي وچ ۾ ڳلي جو علائقو آھي. نِڙمُک ۾  ٻيرڙا ۔ زبان جي بنياد ۔ نرم پرت ۽ نِڙڀتيون اچي وڃن ٿيون.
The oropharynx is the middle compartment of the pharynx, i.e. throat; it is the region of the throat between the nasopharynx (top compartment) and hypopharynx (bottom compartment). The oropharynx includes the tonsils, tongue base, soft palate, and pharyngeal walls.

Oropharynx نِڙمُک ۔ نِڙمنھن

وِچون خانو Middle compartment

Pharynx  نڙي ۔ ڳلو

Nasopharynx (Top compartment)
ناڳَل ۔ مٿيون خانو ۔ نڙي جو مٿيون خانو

Hypopharynx (bottom compartment)
نِڙڳَل ۔ نڙي جو ھيٺيون حصو

ٻيرڙا    Tonsils

Tongue base  زبان جو بنياد

نرم پرت     Soft palate

Pharyngeal walls
نِڙڀِتيون ۔ نڙي جو ڀتيون

Pharyngeal  نِڙي ۔ ڳلو

Sunday, 19 May 2019

ھيڊروجن بم ۔ ھائيڊروجن بم Hydrogen bomb🌷اصغر ساگر🌷

MyDairyAsgharSagar
دنيا ۾ ٻن قسمن جا ايٽمي ھٿيار ٿين ٿا. ھڪ ايٽم بم اي بم جيڪي جپان جي شھرن ھيروشيما ۽ ناگاساڪي تي آمريڪا وسايا. ٻيا وڌيڪ خطرناڪ قسم جا ھيڊروجن بم ٿين ٿا ايٽمي ھٿيارن جي ٽين قسم ان ھينس ريڊيئيشن اي آر سڏرائجي ٿي جن کي ماضي ۾ نيوٽران بم سڏيو ويو پر اھي ھاڻ استعمال نٿا ڪيا وڃن. اقوام متحدہ جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن برطانيا ۔ فرانس ۔ جرمني ۔ چين ۔ روس ۽ آمريڪا وٽ سرڪاري طور تي ھيڊوجن بم موجود آھن.
جوھري سائنسدانن مطابق جپان تي ڪيرايل ايٽم بمن کان ھڪ ھيڊروجن بم ھزارين ڀيرا وڌيڪ طاقت رکي ٿو. بي پناھ توانائي جي ڪري ھن بم کي سپر بمن ۾ جي خاني ۾ رکيو ويو آھي. حرارتي جوھري بم کي ھيڊروجن بم سڏيو وڃي ٿو. ھي حد کان وڌيڪ تباھي پکيڙي ٿو. 
ايٽم بم طبيعات جي قانون جوھري ونڊ تي ڪم ڪري ٿو جنھن ۾ يورينيم جا ايٽم ڀڃ ڊاھ ۾ وڌيڪ تقسيم ٿي وڏي پيماني تي توانائي خارج ڪن ٿا ھن ھٿيار جو پھريون تجربو آمريڪا 1945ع ۾ نيو ميڪسيڪو ۾ ڪيو ھو. 
ھيڊروجن بم يا حرارتي مرڪزي بم طبيعات جي قانون ايٽ Fusion تي ڪم ڪري ٿو جنھن ۾ 2 مرڪزا Nuclie ملي ھڪ ٿي توانائي خارج ڪن ٿا جنھن سان تمام گرمي پد وڌي وڃي ٿو اھو ساڳو عمل سج ۾ ٿئي ٿو جنھن جي ڪري ان مان توانائي خارج ٿئي ٿي. ھيڊروجن بم جو پھريون تجربو آمريڪا 1 نومبر 1952ع ۾ مارشل جزيري تي ڪيو جڏھن تہ روس 30 آڪٽوبر 1961ع ۾ ھيڊوجن بم جو تجربو ڪيو.
ھيڊوجن پنھنجي عمل ۾ جوھري بم ٿئي ٿو جيڪو جوھري ھٿيار سان واسطو رکي ٿو. جوھري ھٿيارن جا 2 قسم آھن.

(1) ڦانڊ ۔ ورھاست ۔ تقسيم ۔ ونڊ ۔ ڀڃ    Fission
(2) ائٽ ۔ جوڙ ۔ تاليف ۔ ميلاپ ۔ ميل      Fusion

1) ڦانڊ ۔ ورھاست ۔ تقسيم ۔ ونڊ ۔ ڀڃ    Fission
پھرئين ورھاستي قسم جي جوھري بم کي ايٽم بم چئبو آھي. ھن عمل ۾ پھرين ايٽم بم کي ڀڃ Fission رستي ڦاڙيو وڃي ٿو. عام ايٽم بم ۾ انتھائي حرارت ۽ دٻاء جي ڪري جوھري ذرا پاڻ ۾ نٿا ملن پر مرڪزن جا ذرا ٽٽي باريڪ ذرن ۾ تقسيم ٿي بي پناھ توانائي خارج ڪن ٿا ھن عمل کي ڀڃ  Fission چئبو آھي. ايٽم بم مرڪزي جي ٽوڙ Fission يعني يعني مرڪزي کي ٽڪڙن ۾ تقسيم ڪري توانائي پيدا ڪري ٿو. ھن بم ۾ يورينيم يا پلوٽينيم استعمال ڪئي وڃي ٿي. ٻئي طرف ھيڊوجن بم کي جوڙ Fusion جي عمل ۾ آندو وڃي ٿو. ھن عمل ذريعي 2 مرڪزن کي انتھائي گرمي ۽ داٻ سان پاڻ ۾ ملائي ھڪ ڪري بي انتھا توانائي پيدا ڪئي وڃي ٿي. فيوزن جي عمل جي نتيجي ۾ فيزن عمل جي ڀيٽ ۾ سوين ڀيرا وڌيڪ توانائي خارج ٿئي ٿي. نوٽ جوڳي ڳالھ آھي ھيڊروجن بم بنائڻ لاء ايٽم بم ضروري آھي ڇوجو ھيڊروجن بم بنائڻ لاء بي انتھا توانائي ۽ داٻ جي ضرورت پوي ٿي ۽ اھا صرف ايٽم بم جي ڌماڪي مان حاصل ڪري سگهجي ٿي.

2) ائٽ ۔ جوڙ ۔ تاليف ۔ ميلاپ ۔ ميل      Fusion
ھيڊروجن بم جنھن کي حراررتي جوھري بم ۔ ايٽ بم يا ايڇ بم سڏيو وڃي ٿو. ھن کي ھيڊروجن بم ان ڪري سڏيو وڃي ٿو جو ھيڊوجن جي ٻن اھم جزن ڊيوٽريم ۽ ٽريٽيم استعمال ڪري ڌماڪاخيز مواد تيار ڪيو وڃي ٿو.
ڪنھن بہ ايٽم جي ذرن ۾ پروٽان ۽ نيوٽران ذرا پاتا وڃن ٿا. پروٽان تي واڌو بار ٿئي ٿو ان ڪري ايٽمي مرڪز ۾ موجود پروٽانن جي تعداد کي ايٽمي نمبر سڏيو وڃي ٿو. اھڙي طرح پروٽانن ۽ نيوٽرانن جي مجموعي تعداد کي ايٽمي مقدار سڏيو وڃي ٿو. ھر عنصر جو الڳ ايٽمي نمبر ٿئي ٿو. مثال طور ھيڊروجن جو ايٽمي نمبر ھڪ ٿئي ٿو جنھن جو مطلب آھي ايٽم جي مرڪزي ۾ ھڪ نيوڪليس پاتو وڃي ٿو. انهي مناسبت سان ھيليم جا 2 ايٽمي نمبر ۔ ڪاربان جا 6 .۔ آڪسيجن جا 8 ۽ يورينيم جا 92 ٿين ٿا. 
نيوٽران تي ڪوبہ بار نٿو ٿئي ان جي گهٽ يا وڌيڪ ھجڻ ڪري ايٽم جو مايو تبديل ٿي وڃي ٿو. ھڪ ئي عنصر جا ٻہ مختلف ايٽمي مايا ايٽم بنجي وڃن ٿا جن کي آئسوٽوپ سڏيو وڃي ٿو.
ھيڊروجن بم جو ھڪ ٻيو نالو Fusion bomb بہ آھي ۽ ھنجي ڪم ڪرڻ جو اصول بہ اھوئي آھي. فيوزن جو مطلب ميلاپ يا جوڙ آھي. ھن عمل دوران 2 ھلڪا مرڪزا ٻٽوپ Deutrium ۽ ٽٽوپ Tritium پاڻ ۾ ٽڪرجي ملي ھڪ ٿي وڃن ٿا جنھن جي ڪري ايٽم کان وڌيڪ توانائي خارج ٿئي ٿي.
مرڪزي ۾ پروٽان ٿين ٿا ۽ پروٽانن تي واڌو بار ٿئي ٿو ٻہ واڌو بار ھڪ ٻئي کي پري ڌڪين ٿا اھڙي حالت ۾ ٻٽوپ ۽ ٽٽوپ ھڪ ٻئي جي ويجهو نٿا اچن. ان کان پھرين آئسوٽوپن کي ھڪ لک سينٽي گريڊ تي گرم ڪيو وڃي ٿو ۽ پوء اھي زبردست توانائي سان پاڻ ۾ ٽڪرائين ٿا جنھن جي ڪري بي انتھا توانائي خارج ٿئي ٿي. 
ھيڊروجن جي پھرئين مرحلي ۾ ھن جي اندر موجود ايٽم کي ٽوڙيو وڃي ٿو جنھن جي ڪري تمام گهڻي گرمي ۽ دٻاء پيدا ٿئي ٿو اھو عمل ٻٽوپ ۽ ٽٽوپ کي پاڻ ۾ ملڻ تي مجبور ڪري ٿو. اھڙي طرح تمام گهڻي توانائي خارج ٿئي ٿي. ٻئي تاليفي قسم جي بم کي ھيڊوجن بم چئبو آھي جيڪو ايٽم بم جي ڀيٽ ۾ ھزارين ڀيرا وڌيڪ تباھ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ھيڊوجن بم کي حرارتي جوھري بم Thermonuclear bomb ۽ تاليفي بم Fusion bomb سڏيو وڃي ٿو. ھن ۾ جوھري ذرا بي انتھا توانائي پيدا ڪندي پگهري ھڪ جان ٿي وڃن ٿا جوھري ذرن جي ملڻ جي عمل کي تاليف Fusion سڏجي ٿو.
ايٽم بم جي پھرئين تجربي ۾ ايٽم بم کي ڦاڙيو وڃي ٿو جنھن جي ڪري وڌيڪ گرمي ۽ دٻاء پيدا ٿئي ٿو پوء ھيڊوجن بم ۾ ايٽ Fusion جي مدد سان ڌماڪو ڪيو وڃي ٿو جيڪو روايتي ايٽم بمن جي مقابلي ۾ تمام وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿو.
1952ع ۾ ھائيڊروجن بم واري ڌماڪي سان ڏھ ميگاٽن ھڪ ڪروڙ ٽي اين ٽي توانائي خارج ٿئي ٿي. 1961ع واري ھيڊوجن جي بم ڌماڪي ۾ 50 ميگاٽن ٽي اين ٽي توانائي موجود ھئي جنھن جا تابڪار ذرا 10 کان 20 ھزار ميلن جي ايراضي جي ھوا کي زھريلو ڪري سگهن ٿا ۽ ڌماڪي جي پيدا ٿيند ڙ تابڪار شاعن جي ڪري نظر ضايع ٿي وڃي ٿي. 50 ميگا ٽن ٽي اين ٽي واري بم جي ڦاٽڻ سان 7 سو پائونڊ جوھري ذرا خارج ٿين ٿا. بم جي ڦٽجڻ سان ڏيڍ ميل ڊگهو جوھري باھ جو گولو پيدا ٿئي ٿو جيڪو گرم گئسن تي مشتمل آھي. ماھرن جو چوڻ آھي تہ ھيڊوجن بم شھرن جي شھرن کي ھڪ لمحي ۾ پٽ ڪري سگهي ٿو ۽ 20 ھزار چورس ميلن تائين زھريلي گئس پکيڙي ڪروڙن ماڻھن کي ماري سگهي ٿو.
ھيڊروجن بم جي جوڙ شمسي عمل جي نقل آھي. سج ڪروڙن سالن کان حرارت ۽ روشني جي زبردست مقدار خارج ڪري رھيو آھي. سج ۾ نڪو ڪوئلو يا اھڙي قسم جو ٻارڻ ٿئي ٿو پر اتي ھيڊوجن گئس آھي جيڪا زبردست گرمي ۽ دٻاء سان ھيليم ۾ تبديل ٿيندي رھي ٿي. ھيڊوجن جا ايٽم مسلسل تاليف Fusion جي عمل ۾ داخل ٿيندا رھن ٿا ۽ انهن جي روشني بي انتھا گرمي ۽ روشني پيدا ڪندي رھي ٿي. ھتي ھيڊروجن جي ايٽم جڙڻ ۽ فنا ٿيڻ جو عمل خود بخود جاري رھي ٿو. ھن عمل ۾ ڪنھن ھٿراڌو نظام جي ضرورت نٿي پوي.
ايٽم بم جي پھرئين تجربي ۾ ايٽم بم کي ڦاڙيو وڃي ٿو جنھن جي ڪري وڌيڪ گرمي ۽ دٻاء پيدا ٿئي ٿو پوء ھيڊوجن بم ۾ فيوزن جي مدد سان ڌماڪو ڪيو وڃي ٿو جيڪو روايتي ايٽم بمن جي مقابلي ۾ تمام وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿو.
 ماھرن جو چوڻ آھي تہ ھيڊروجن بم شھرن جي شھرن کي ھڪ لمحي ۾ پٽ ڪري سگهي ٿو ۽ 20 ھزار چورس ميلن تائين زھريلي گئس پکيڙي ڪروڙن ماڻھن کي ماري سگهي ٿو.
ھيڊروجن جو مرڪزي حصو ايٽم بم تي ٻڌل ٿئي ٿو جڏھن ايٽم ٽٽي ٿو تہ زبردست حرارت ۽ دٻاء پيدا ٿئي ٿو ھي دٻاء ۽ حرارت ھيڊروجن گئس جي جوھر کي ڪٺو ڪري ھيليم گئس ۾ تبديل ڪري ٿو ڀاري ھيڊروجن جا ايٽم وڏي تيزي سان ھيڏي ھوڏي گردش ڪن ٿا ۽ تپش جي ڪري اڃان بہ تيز ٿي وڃن ٿا اٽٽمن جي مرڪز ۾ ڀڃ ڊاھ ھئڻ ڪري وڏي پيماني تي توانائي خارج ٿئي ٿي ھي توانائي ڪيميائي طور تي پيدا ٿئي ٿي ھي توانائي جوھري توانائي جي ڀيٽ ۾ لکين ڀيرا گهٽ ٿئي ٿي. جوھري تاليف Nuclear fusion مان جيڪا توانائي نڪري ٿي اھا جوھري بم جي ھلڻ جي قوت کان 30 لک ڀيرا وڌيڪ ٿئي ٿي. ھيڊوجن بم اٽڪل 20 ميلن تائين تباھي مچائي سگهي ٿو. ھن مان جيڪي تابڪاري شعاع نڪرن ٿا اھي ھوا کي زھريلو بنائي ڇڏين ٿا.
ھيڊروجن پنھنجي جوڙ ۽ فعل ۾ ٽيلر الم طرحبند (Teller Ulam design مان فائدو وٺي ٿو جنھن ۾ ھيڊوجن بم جي ڦاٽڻ کان پھرين ھڪ مخصوص خاني ۾ ايٽم بم ڦاٽي ٿو يا سياٽجي ٿو اسان ائين چئي سگهون ٿا تہ پھرين ورھاستي بم ڦاٽي ٿو ۽ ان کان ٻيو تاليفي بم ڦاٽي ٿو پھرين ورھاستي بم جي ڌماڪي سان پيدا ٿيندڙ ڳاما ۽ ايڪس شعائون ھڪ ڪيپسول جيڪو ٽرائيٽم، ڊيوٽريم يا ليٿم ڊيوٽرائيڊ جو ٺھيل ٿئي ٿو ان تي ان تي دٻاء وجهي جوھري عمل جي ابتدا ڪن ٿا ۽ تاليف جي نتيجي ۾ نيوٽان جڙن ٿا جيڪي تاليفي ٻارڻ جي چوڌاري خستي يورينيم depleted uranium ۾ ورھاستي عمل شروع ڪري نہ صرف تاليفي رلمل جي حاصلات ۾ تمام گهڻو اضافو ڪن ٿا پر گڏ مرڪزي برسات  nuclear fallout بہ.
ھيڊروجن ۾ موجود ھي سڀ جزا مرحلو Stage سڏرائن ٿا. پھريون ورھاستي بم يا جوھري بم جنھن کي ابتدائي مرحلو سڏجي ٿو ۽ ٻيو تاليفي بم يعني ھيڊروجن بم جنھن کي ثانوي مرحلو سڏجي ٿو. اھڙي طرح درجي درجي طاقتور ٿي جوھري ٻارڻ کي سلسليوار جوڙي بي انداز توانائي ۽ تباھڪار حرارتي مرڪزي ھٿيار thermonuclear weapon تيار ڪري سگهجي ٿو. چيو وڃي ٿو تہ ھيستائين ھن طريقي تي جوڙيل سڀ کان وڏو بم Tsar Bomba آھي جنھن کي روس تيار ڪيو ۽ ان جي توانائي 50 ميگا ٽي اين ٽي آھي.
ھڪ ميڳاٽن ڪروڙ ڪلوگرام جي برابر ٿئي ٿو.

ناڳل Nasopharynx🌷اصغر ساگر🌷

MyDairyAsgharSagar
ناڳل نڪ جي پويان ڳلي جو مٿيون حصو آھي. ناڳل لڳ ڀڳ 5 انچ ڊگهي پوري نالي آھي جيڪا نڪ جي پويان شروع ٿئي ٿي، نڪ کي وات سان ملائي ٿي جيڪا ماڻھو کي نڪ ذريعي ساھ کڻڻ ڏئي ٿي ۽ ھوا نالي ۽ کاڌ نلي وٽ ختم ٿئي ٿي. کاڌ نلي ڳلي کان مادي ڏي وڃي ٿي.
Nasopharynx is the upper part of the pharynx (throat) behind the nose. The pharynx is a hollow tube about 5 inches long that starts behind the nose, connects the nose to the mouth, which allows a person to breathe through the nose and ends at the top of the trachea (windpipe) and esophagus. Esophagus goes from the throat to the stomach.

Nasopharynx   ناڳل ۔ ناس کي ڳلي سان ملائيندڙ نالي

Pharynx (throat) ڳلو

پوري نالي   Hollow tube

Trachea (windpipe)
سارڳ ۔ ساھ جي رڳ ۔ ساھ نلي ۔ ھوا نلي

Esophagus  کاڌ نلي ۔ کاڌي جي نلي

Saturday, 18 May 2019

ڪنالي Ear canal💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪنالي جنھن کي ٻاھرين ڪن نالي سڏيو وڃي ٿو اھا ھڏي ۽ چمڙي تي مشتمل رستو آھي جيڪو دھلڙي ڏي وڃي ٿو. ڪن ڪن نالي تي مشتمل آھي جن کي ٻاھريون ڪن ۔ وچون ڪن ۽ اندريون ڪن سڏيو وڃي ٿو.
اھا رستو آھي جيڪو ٻاھريين ڪن کان اندريين ڪن ڏي وڃي ٿو. بالغ انسان جا ڪن پاپڙي کان دھلڙي ڏي وڃن ٿا ۽ 2.5 سينٽي ميٽر ڊيگھ ۾ آھن ۽ 0.7 سينٽي ميٽر قطر ۾ آھن. 
The ear canal, also called external acoustic meatus, external auditory meatus, EAM is a passage comprised of bone and skin leading to the eardrum. The ear is comprised of the ear canal also known as the outer ear, the middle ear, and the inner ear.
It is a pathway running from the outer ear to the middle ear. The adult human ear canal extends from the pinna to the eardrum and is about 2.5 centimetres in length and 0.7 centimetres in diameter.

The ear canal ۔ external acoustic meatus ۔ external auditory meatus ۔ EAM
ڪنالي ۔ ڪن نالي ۔ ٻاھرين ڪن نالي

Eardrum دھلڙي ۔ دھلڙي ۔ واڄ جهلي

ٻاھريون ڪن  Outer ear

The middle ear  وچون ڪن

اندريون ڪن The inner ear

Adult human ear canal
بالغ انسان جي ڪن نالي

Pinna پاپڙي

ايڇ آء وي ۽ ايڊز ڇا آھن؟ What are HIV and AIDS?🌷زبيدہ جوڻيجو🌷

MyDairyAsgharSagar
ھيومن اميونوڊفيشينسي وائرس HIV ھڪ اھڙو وائرس اھي جيڪو اسان جي جسم جي دفاعي نظام کي ڪمزور ڪري ٻين بيمارين ۽ انفيڪشنن جو خطرو وڌائي ڇڏيندو آھي. علاج کان سوا اھو وائرل انفيڪشن وڌي بيماري جي وڌيڪ خطرناڪ اسٽيج تائين پھچي وڃي ٿو جنھن کي ايڊز AIDS چئجي ٿو. جن ملڪن ۾ علاج جا جديد طريقا موجود آھن ۽ جتي صحت کي برقرار رکڻ جي صورتحال بھتر آھي اتي ماڻھو تمام گھٽ ايڊز جي اسٽيج تي پھچن ٿا. 
جنھن ماڻھو جي رت ۾ HIV موجود آھي اھو بہ زندگي سراسري طور اوتري ماڻي سگھي ٿو جيتري ڪو عام نارمل ماڻھو جيڪڏهن ھو سختي ۽ پابنديء سان علاج وٺندو رھي ته ..
رت جي اڇن جزن جي ھڪ قسم ٽي-گهرڙن تي HIV حملو ڪندو اھي جيڪي رت جي دوري دوران مختلف بيمارين جي جراثيمن ۽ مختلف جيو گھرڙن جي خرابين کي ڳولي لھي درست ڪندا رھندا آھن. جڏھن HIV انھن ٽي-گهرڙن ۾ گھڙي ويندو آھي تہ سندن ڪم جي صلاحيت ختم ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پوء جسم ۾ مختلف بيمارين جي خلاف ويڙھ ۽ مدافعت جي قوت ختم ٿيو وڃي جنھن جي نتيجي ۾ مختلف ڪينسر ۽ انفيڪشن ٿيڻ جو خطرو وڌيو وڃي. 
ھي HIV ھڪ سڄي زندگي گڏ رھندڙ انفيڪشن آھي! 
پر بھرحال علاج وسيلي بيمارين کي منھن ڏيڻ جي قابل ٿيڻ کان پوءِ HIV کي انتھائي سنجيدھ سطح تان ھٽائي سگھجي ٿو  ۽ ٻئي ماڻھو تائين منتقل ٿيڻ جي جوکي کي بہ گھٽائي سگھجي ٿو.

ايڊز Aids :-
ايڊز HIV انفيڪشن جي آخري اسٽيج آهي ۽ ھڪ ڀيرو جنھن کي ايڊز ٿي وئي تہ ان کي ڪينسر ۽ مختلف انفيڪشنن ٿيڻ جا خطرا وڌي ويندا آهن. علاج کان سوا HIV انفيڪشن ايڊز ۾ بدلجي ويندو آهي ڇو جو آھستي آھستي جسم جو مدافعتي سرشتو ختم ٿيندو ويندو آهي. 
بھرحال وڌندڙ ء جديد ART ( اينٽي ريٽرو وائرل ٽريٽمنٽ) جو مطلب آهي تہ ماڻھن جو تمام گھٽ انگ ھاڻي ايڊز جي اسٽيج تي پھچي ٿو جن سببن جي ڪري HIV ھڪ ماڻھو مان ٻئي ماڻهوءَ تائين پکڙي ٿو.

سبب ۽ اپاء :-
(1) رت  Blood
(2) مرد جو پاڻي Semen
(3) عورت جي جسم جو پاڻي Vaginal secretions 
(4) ڪاڪوس جي جاء جو پاڻي Anal secretions
(5) ٿڃ. 
(6) ھڪ ڳورھاري عورت جنھن کي HIV انفيڪشن ھجي سا پنھنجي ٻار ۾ اھو وائرس ڳرڀ دوران، ويم ۾ يا ٿڃ پيارڻ وسيلي منتقل ڪري سگھي ٿي. 
(7) ھڪ شخص کان ٻئي تائين منتقل ٿيڻ لاء مٿين ذريعن ۾ وائرس جو لوڊ وڌيڪ ھئڻ ضروري آهي نہ تہ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ۾ Undetectable ( اڻ سڃاڻپ جوڳو وائرس جيڪو رت جي ٽيسٽ ۾ نہ اچي سگھي ) آھي تہ اھو وائرس منتقل نٿو ٿي سگهي ۽ ان سطح تائين اھي ماڻھو اچي سگھن ٿا جيڪي سختي ۽ پابندي سان علاج وٺندا رھن. 
(8) انھن کي پابندي سان مانيٽر ڪرڻ ضروري اھي. ان جو اھو مطلب ناھي تہ HIV ختم ٿي ويو . ان جو مطلب آهي پنھنجي علاج سان سختي سان ٻڌل رھڻ .
(9) مختلف ماڻھن جي لاء HIV مان ايڊز ۾ بدلجڻ جو خطرو مختلف آھي.

ايڇ آء وي جا جوکائتا پھلو Riscue factor :-
(1) ماڻھو جي عمر 
(2) جسم جي قوت مدافعت HIV ڏانهن
(3) بھترين طريقي سان صحت جو خيال رکندڙ
(4) ٻين انفيڪشن جي موجودگي
(5) جينياتي خصوصيت HIV جي مختلف strains ڏانهن. 
(6) دوائن ڏانھن مختلف HIV Strains جي مدافعت Resistance.

علامتون :-
(1) گھڻو ڪري ٻيا بيڪٽريا، وائرس، فنگس ۽ پيراسائيٽ ئي HIV جون علامتون ظاھر ٿيڻ جا سبب بڻبا آهن. 
(2) ڪجھ ماڻهو م HIV جي وائرس جي منتقل ٿيڻ جي ڪجھ مھينن يا ايتري تائين جو ڪجھ سالن تائين بہ علامتون ظاھر نہ ٿينديون آھن. 
(3) جيتوڻيڪ 80 سيڪڙو ماڻهن م وائرس جي جسم ۾ گھڙڻ کان پوءِ 2 کان 6 ھفتن دوران ھڪ فلو جيان علامتون ( زڪام، ڇڪون، بخار) پيدا ٿينديون آهن جنھن کي Acute Retroviral Syndrome چوندا آهن.

ابتدائي علامتون :-
(1) بخار
(2) سياڪڙو
(3) سنڌن جو سور
(4) جسم جو سور
(5) ڳلي جو سور.    
(6) پگھر جو اچڻ خاص طور تي رات م 
(7) وڌيل غدود
(8) ڇپاڪو
(9) ڪمزوري
(10)وات م ڦلوڪڻا
مٿيون علامتون انھن ۾ بہ ٿينديون آھن جن جو مدافعتي نظام مختلف وائرسن سان وڙھي رھيو ھجي. جيتوڻيڪ جن ۾ مٿين علامتن مان گھڻيون موجود ھجن ۽ ڪنھن طرح اھي HIV منتقل ٿيڻ جي جوکي تي ھجڻ دوران  6 ھفتن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو ھجي تن کي ٽيسٽ ڪرائڻ گھرجي. 
گھڻن ڪيسن ۾ ان شروعاتي Retro viraral syndrome جي علامتن کان پوءِ ڪيترن سالن تائين اھي علامتون وري پيدا نہ بہ ٿي سگھن ٿيون . 
ان دوران وائرس مسلسل وڌندو رھي ٿو ء مدافعتي نظام ء عضون کي تباھ ڪندو رھي ٿو. بنا علاج جي جيڪو وائرس کي روڪي ، ھي ڍرو عمل سراسري 10 سالن تائين جاري رھي سگھي ٿو . 
ھڪ ماڻھو HIV سان گڏ اڪثر ڪي بہ علامتون  ناھي ڏيکاريندو، بھتر محسوس ڪندو آھي ء بلڪل صحتمند نظر ايندو آهي . 
ھن مرحلي کي ART ( اينٽي ريٽرو وائرل ٽريٽمنٽ)  تي سختي سان عمل ڪري سولائي سان ٽوڙي سگھجي ٿو ۽ وائرس کي مڪمل دٻائي سگھجي ٿو. زندگي ڀر پُر اثر ART وٺندڙ مدافعتي نظام کي تيندڙ نقصان کي روڪي سگھي ٿو. 
علاج کان سوا HIV بيمارين سان وڙھڻ جي قوت ختم ڪريو ڇڏي، جنھن جي ڪري ماڻھو خطرناڪ بيمارين جي ور چڙھيو وڃي . ھن اسٽيج کي AIDs يا Stage 3 HIV سڏجي ٿو.

ايڊز ء HIV بابت پيدا ٿيندڙ غلط فھميون :- 
ھي وائرس ھٿ ملائڻ ، ڳلي لڳائڻ، چُمڻ، ڇڪون ڏيڻ، ٽوال ونڊ ڪرڻ يا ٿانون ۾ گڏ کائڻ وغيره سان ناھي پکڙجندو. 
ٿُڪ، لڙڪ، ڪاڪوس، پيشاب ۾ وائرس ناھي ھوندو.

تشخيص Diagnose:-
ھن وائرس جي سڃاڻ ڪرڻ انھي لاء ضروري آھي تہ جيئن علاج ڪرائي سگھجي ۽ سخت دفائي مشڪلاتن ۽ بيمارين کان بچي سگھجي. 
ڪوبہ ڊاڪٽر رت سان HIV لاءِ ٽيسٽ ڪري سگھي ٿو. 
ھڪ ڀيرو پازيٽو اچڻ جو مطلب اھي ته HIV اينٽي باڊيز رت ۾ موجود آهن. پازيٽو رزلٽ ڏيڻ کان پھرين ٻيو ڀيرو ٽيسٽ ڪرڻ ضروري آهي . 
گھر تي ٽيسٽ ڪرڻ واريون ڪٽس بہ دستياب آھن. 
3 کان 6 مھينا وٺي سگھي ٿو HIV ٽيسٽ م ظاهر ٿيڻ ۾ . تنھن ڪري وري ٽيسٽ ڪرڻ ضروري آهي. 
گذريل 6 مھينن دوران رسڪ تي ھجڻ وارا بہ ھڪ دم ٽيسٽ ڪرائي سگھن ٿا. 
ڪنھن بہ علاج سان HIV يا AIDS کي ختم نٿو ڪري سگهجي. 
جيتوڻيڪ علاج سان صورتحال کي وڌڻ کان روڪي سگھجي ٿو ۽ عان طور تي HIV سان گڏ ماڻھو کي ھڪ ڊگھي ء صحتمند زندگي گذارڻ جو موقعو ملي سگھي ٿو. 
جيترو جلد ART شروع ڪبي تہ ان سان زندگي جي معيار کي ۽ مدت کي وڌائي سگھجي ٿو ء ٻئي ۾ منتقل تيڻ جي رسڪ کي بہ گھٽائي سگھجي ٿو. 
علاج سان وائرس کي Non dictate able ليول تائين گھٽائي سگھجي ٿو. 
Post-exposure prophylaxis
جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي يقين آهي ته ھن کي گذريل ٽن ڏينهن ۾ وائرس منتقل ٿي سگھي ٿو ته ھو PEP ميڊيسن وٺي جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي ته 28 ڏينهن تائين ۽ HIV مانيٽر ڪندو رھي.

Friday, 17 May 2019

ڪناسي Eustachian tube💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪناسي ھڪ نالي آھي جيڪا وچين ڪن کي ناڳَل سان ملائي ٿي جيڪا مٿئين ڳلي ۽ ناس جي پٺ تي مشتمل آھي. اھا وچئين ڪن اندر داٻ کي ھٿ وس ڪري ٿي ۽ جسم جي ٻاھران انهي کي ھوا جي داٻ سان برابر ڪري ٿي.
The eustachian tube is a canal that connects the middle ear to the nasopharynx, which consists of the upper throat and the back of the nasal cavity. It controls the pressure within the middle ear, making it equal with the air pressure outside the body.

Eustachian tube ڪناسي

وچون ڪن Middle ear

Nasopharynx ناڳَل ۔ نَڪاڳَل

مٿيون ڳلو Upper throat

Back of the nasal cavity ناسُوٺ - ناس جي پُٺ

To controll ھٿ وس ڪرڻ

داٻ   Pressure