دنيا ۾ ٻن قسمن جا ايٽمي ھٿيار ٿين ٿا. ھڪ ايٽم بم اي بم جيڪي جپان جي شھرن ھيروشيما ۽ ناگاساڪي تي آمريڪا وسايا. ٻيا وڌيڪ خطرناڪ قسم جا ھيڊروجن بم ٿين ٿا ايٽمي ھٿيارن جي ٽين قسم ان ھينس ريڊيئيشن اي آر سڏرائجي ٿي جن کي ماضي ۾ نيوٽران بم سڏيو ويو پر اھي ھاڻ استعمال نٿا ڪيا وڃن. اقوام متحدہ جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن برطانيا ۔ فرانس ۔ جرمني ۔ چين ۔ روس ۽ آمريڪا وٽ سرڪاري طور تي ھيڊوجن بم موجود آھن.
جوھري سائنسدانن مطابق جپان تي ڪيرايل ايٽم بمن کان ھڪ ھيڊروجن بم ھزارين ڀيرا وڌيڪ طاقت رکي ٿو. بي پناھ توانائي جي ڪري ھن بم کي سپر بمن ۾ جي خاني ۾ رکيو ويو آھي. حرارتي جوھري بم کي ھيڊروجن بم سڏيو وڃي ٿو. ھي حد کان وڌيڪ تباھي پکيڙي ٿو.
ايٽم بم طبيعات جي قانون جوھري ونڊ تي ڪم ڪري ٿو جنھن ۾ يورينيم جا ايٽم ڀڃ ڊاھ ۾ وڌيڪ تقسيم ٿي وڏي پيماني تي توانائي خارج ڪن ٿا ھن ھٿيار جو پھريون تجربو آمريڪا 1945ع ۾ نيو ميڪسيڪو ۾ ڪيو ھو.
ھيڊروجن بم يا حرارتي مرڪزي بم طبيعات جي قانون ايٽ Fusion تي ڪم ڪري ٿو جنھن ۾ 2 مرڪزا Nuclie ملي ھڪ ٿي توانائي خارج ڪن ٿا جنھن سان تمام گرمي پد وڌي وڃي ٿو اھو ساڳو عمل سج ۾ ٿئي ٿو جنھن جي ڪري ان مان توانائي خارج ٿئي ٿي. ھيڊروجن بم جو پھريون تجربو آمريڪا 1 نومبر 1952ع ۾ مارشل جزيري تي ڪيو جڏھن تہ روس 30 آڪٽوبر 1961ع ۾ ھيڊوجن بم جو تجربو ڪيو.
ھيڊوجن پنھنجي عمل ۾ جوھري بم ٿئي ٿو جيڪو جوھري ھٿيار سان واسطو رکي ٿو. جوھري ھٿيارن جا 2 قسم آھن.
(1) ڦانڊ ۔ ورھاست ۔ تقسيم ۔ ونڊ ۔ ڀڃ Fission
(2) ائٽ ۔ جوڙ ۔ تاليف ۔ ميلاپ ۔ ميل Fusion
1) ڦانڊ ۔ ورھاست ۔ تقسيم ۔ ونڊ ۔ ڀڃ Fission
پھرئين ورھاستي قسم جي جوھري بم کي ايٽم بم چئبو آھي. ھن عمل ۾ پھرين ايٽم بم کي ڀڃ Fission رستي ڦاڙيو وڃي ٿو. عام ايٽم بم ۾ انتھائي حرارت ۽ دٻاء جي ڪري جوھري ذرا پاڻ ۾ نٿا ملن پر مرڪزن جا ذرا ٽٽي باريڪ ذرن ۾ تقسيم ٿي بي پناھ توانائي خارج ڪن ٿا ھن عمل کي ڀڃ Fission چئبو آھي. ايٽم بم مرڪزي جي ٽوڙ Fission يعني يعني مرڪزي کي ٽڪڙن ۾ تقسيم ڪري توانائي پيدا ڪري ٿو. ھن بم ۾ يورينيم يا پلوٽينيم استعمال ڪئي وڃي ٿي. ٻئي طرف ھيڊوجن بم کي جوڙ Fusion جي عمل ۾ آندو وڃي ٿو. ھن عمل ذريعي 2 مرڪزن کي انتھائي گرمي ۽ داٻ سان پاڻ ۾ ملائي ھڪ ڪري بي انتھا توانائي پيدا ڪئي وڃي ٿي. فيوزن جي عمل جي نتيجي ۾ فيزن عمل جي ڀيٽ ۾ سوين ڀيرا وڌيڪ توانائي خارج ٿئي ٿي. نوٽ جوڳي ڳالھ آھي ھيڊروجن بم بنائڻ لاء ايٽم بم ضروري آھي ڇوجو ھيڊروجن بم بنائڻ لاء بي انتھا توانائي ۽ داٻ جي ضرورت پوي ٿي ۽ اھا صرف ايٽم بم جي ڌماڪي مان حاصل ڪري سگهجي ٿي.
2) ائٽ ۔ جوڙ ۔ تاليف ۔ ميلاپ ۔ ميل Fusion
ھيڊروجن بم جنھن کي حراررتي جوھري بم ۔ ايٽ بم يا ايڇ بم سڏيو وڃي ٿو. ھن کي ھيڊروجن بم ان ڪري سڏيو وڃي ٿو جو ھيڊوجن جي ٻن اھم جزن ڊيوٽريم ۽ ٽريٽيم استعمال ڪري ڌماڪاخيز مواد تيار ڪيو وڃي ٿو.
ڪنھن بہ ايٽم جي ذرن ۾ پروٽان ۽ نيوٽران ذرا پاتا وڃن ٿا. پروٽان تي واڌو بار ٿئي ٿو ان ڪري ايٽمي مرڪز ۾ موجود پروٽانن جي تعداد کي ايٽمي نمبر سڏيو وڃي ٿو. اھڙي طرح پروٽانن ۽ نيوٽرانن جي مجموعي تعداد کي ايٽمي مقدار سڏيو وڃي ٿو. ھر عنصر جو الڳ ايٽمي نمبر ٿئي ٿو. مثال طور ھيڊروجن جو ايٽمي نمبر ھڪ ٿئي ٿو جنھن جو مطلب آھي ايٽم جي مرڪزي ۾ ھڪ نيوڪليس پاتو وڃي ٿو. انهي مناسبت سان ھيليم جا 2 ايٽمي نمبر ۔ ڪاربان جا 6 .۔ آڪسيجن جا 8 ۽ يورينيم جا 92 ٿين ٿا.
نيوٽران تي ڪوبہ بار نٿو ٿئي ان جي گهٽ يا وڌيڪ ھجڻ ڪري ايٽم جو مايو تبديل ٿي وڃي ٿو. ھڪ ئي عنصر جا ٻہ مختلف ايٽمي مايا ايٽم بنجي وڃن ٿا جن کي آئسوٽوپ سڏيو وڃي ٿو.
ھيڊروجن بم جو ھڪ ٻيو نالو Fusion bomb بہ آھي ۽ ھنجي ڪم ڪرڻ جو اصول بہ اھوئي آھي. فيوزن جو مطلب ميلاپ يا جوڙ آھي. ھن عمل دوران 2 ھلڪا مرڪزا ٻٽوپ Deutrium ۽ ٽٽوپ Tritium پاڻ ۾ ٽڪرجي ملي ھڪ ٿي وڃن ٿا جنھن جي ڪري ايٽم کان وڌيڪ توانائي خارج ٿئي ٿي.
مرڪزي ۾ پروٽان ٿين ٿا ۽ پروٽانن تي واڌو بار ٿئي ٿو ٻہ واڌو بار ھڪ ٻئي کي پري ڌڪين ٿا اھڙي حالت ۾ ٻٽوپ ۽ ٽٽوپ ھڪ ٻئي جي ويجهو نٿا اچن. ان کان پھرين آئسوٽوپن کي ھڪ لک سينٽي گريڊ تي گرم ڪيو وڃي ٿو ۽ پوء اھي زبردست توانائي سان پاڻ ۾ ٽڪرائين ٿا جنھن جي ڪري بي انتھا توانائي خارج ٿئي ٿي.
ھيڊروجن جي پھرئين مرحلي ۾ ھن جي اندر موجود ايٽم کي ٽوڙيو وڃي ٿو جنھن جي ڪري تمام گهڻي گرمي ۽ دٻاء پيدا ٿئي ٿو اھو عمل ٻٽوپ ۽ ٽٽوپ کي پاڻ ۾ ملڻ تي مجبور ڪري ٿو. اھڙي طرح تمام گهڻي توانائي خارج ٿئي ٿي. ٻئي تاليفي قسم جي بم کي ھيڊوجن بم چئبو آھي جيڪو ايٽم بم جي ڀيٽ ۾ ھزارين ڀيرا وڌيڪ تباھ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ھيڊوجن بم کي حرارتي جوھري بم Thermonuclear bomb ۽ تاليفي بم Fusion bomb سڏيو وڃي ٿو. ھن ۾ جوھري ذرا بي انتھا توانائي پيدا ڪندي پگهري ھڪ جان ٿي وڃن ٿا جوھري ذرن جي ملڻ جي عمل کي تاليف Fusion سڏجي ٿو.
ايٽم بم جي پھرئين تجربي ۾ ايٽم بم کي ڦاڙيو وڃي ٿو جنھن جي ڪري وڌيڪ گرمي ۽ دٻاء پيدا ٿئي ٿو پوء ھيڊوجن بم ۾ ايٽ Fusion جي مدد سان ڌماڪو ڪيو وڃي ٿو جيڪو روايتي ايٽم بمن جي مقابلي ۾ تمام وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿو.
1952ع ۾ ھائيڊروجن بم واري ڌماڪي سان ڏھ ميگاٽن ھڪ ڪروڙ ٽي اين ٽي توانائي خارج ٿئي ٿي. 1961ع واري ھيڊوجن جي بم ڌماڪي ۾ 50 ميگاٽن ٽي اين ٽي توانائي موجود ھئي جنھن جا تابڪار ذرا 10 کان 20 ھزار ميلن جي ايراضي جي ھوا کي زھريلو ڪري سگهن ٿا ۽ ڌماڪي جي پيدا ٿيند ڙ تابڪار شاعن جي ڪري نظر ضايع ٿي وڃي ٿي. 50 ميگا ٽن ٽي اين ٽي واري بم جي ڦاٽڻ سان 7 سو پائونڊ جوھري ذرا خارج ٿين ٿا. بم جي ڦٽجڻ سان ڏيڍ ميل ڊگهو جوھري باھ جو گولو پيدا ٿئي ٿو جيڪو گرم گئسن تي مشتمل آھي. ماھرن جو چوڻ آھي تہ ھيڊوجن بم شھرن جي شھرن کي ھڪ لمحي ۾ پٽ ڪري سگهي ٿو ۽ 20 ھزار چورس ميلن تائين زھريلي گئس پکيڙي ڪروڙن ماڻھن کي ماري سگهي ٿو.
ھيڊروجن بم جي جوڙ شمسي عمل جي نقل آھي. سج ڪروڙن سالن کان حرارت ۽ روشني جي زبردست مقدار خارج ڪري رھيو آھي. سج ۾ نڪو ڪوئلو يا اھڙي قسم جو ٻارڻ ٿئي ٿو پر اتي ھيڊوجن گئس آھي جيڪا زبردست گرمي ۽ دٻاء سان ھيليم ۾ تبديل ٿيندي رھي ٿي. ھيڊوجن جا ايٽم مسلسل تاليف Fusion جي عمل ۾ داخل ٿيندا رھن ٿا ۽ انهن جي روشني بي انتھا گرمي ۽ روشني پيدا ڪندي رھي ٿي. ھتي ھيڊروجن جي ايٽم جڙڻ ۽ فنا ٿيڻ جو عمل خود بخود جاري رھي ٿو. ھن عمل ۾ ڪنھن ھٿراڌو نظام جي ضرورت نٿي پوي.
ايٽم بم جي پھرئين تجربي ۾ ايٽم بم کي ڦاڙيو وڃي ٿو جنھن جي ڪري وڌيڪ گرمي ۽ دٻاء پيدا ٿئي ٿو پوء ھيڊوجن بم ۾ فيوزن جي مدد سان ڌماڪو ڪيو وڃي ٿو جيڪو روايتي ايٽم بمن جي مقابلي ۾ تمام وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿو.
ماھرن جو چوڻ آھي تہ ھيڊروجن بم شھرن جي شھرن کي ھڪ لمحي ۾ پٽ ڪري سگهي ٿو ۽ 20 ھزار چورس ميلن تائين زھريلي گئس پکيڙي ڪروڙن ماڻھن کي ماري سگهي ٿو.
ھيڊروجن جو مرڪزي حصو ايٽم بم تي ٻڌل ٿئي ٿو جڏھن ايٽم ٽٽي ٿو تہ زبردست حرارت ۽ دٻاء پيدا ٿئي ٿو ھي دٻاء ۽ حرارت ھيڊروجن گئس جي جوھر کي ڪٺو ڪري ھيليم گئس ۾ تبديل ڪري ٿو ڀاري ھيڊروجن جا ايٽم وڏي تيزي سان ھيڏي ھوڏي گردش ڪن ٿا ۽ تپش جي ڪري اڃان بہ تيز ٿي وڃن ٿا اٽٽمن جي مرڪز ۾ ڀڃ ڊاھ ھئڻ ڪري وڏي پيماني تي توانائي خارج ٿئي ٿي ھي توانائي ڪيميائي طور تي پيدا ٿئي ٿي ھي توانائي جوھري توانائي جي ڀيٽ ۾ لکين ڀيرا گهٽ ٿئي ٿي. جوھري تاليف Nuclear fusion مان جيڪا توانائي نڪري ٿي اھا جوھري بم جي ھلڻ جي قوت کان 30 لک ڀيرا وڌيڪ ٿئي ٿي. ھيڊوجن بم اٽڪل 20 ميلن تائين تباھي مچائي سگهي ٿو. ھن مان جيڪي تابڪاري شعاع نڪرن ٿا اھي ھوا کي زھريلو بنائي ڇڏين ٿا.
ھيڊروجن پنھنجي جوڙ ۽ فعل ۾ ٽيلر الم طرحبند (Teller Ulam design مان فائدو وٺي ٿو جنھن ۾ ھيڊوجن بم جي ڦاٽڻ کان پھرين ھڪ مخصوص خاني ۾ ايٽم بم ڦاٽي ٿو يا سياٽجي ٿو اسان ائين چئي سگهون ٿا تہ پھرين ورھاستي بم ڦاٽي ٿو ۽ ان کان ٻيو تاليفي بم ڦاٽي ٿو پھرين ورھاستي بم جي ڌماڪي سان پيدا ٿيندڙ ڳاما ۽ ايڪس شعائون ھڪ ڪيپسول جيڪو ٽرائيٽم، ڊيوٽريم يا ليٿم ڊيوٽرائيڊ جو ٺھيل ٿئي ٿو ان تي ان تي دٻاء وجهي جوھري عمل جي ابتدا ڪن ٿا ۽ تاليف جي نتيجي ۾ نيوٽان جڙن ٿا جيڪي تاليفي ٻارڻ جي چوڌاري خستي يورينيم depleted uranium ۾ ورھاستي عمل شروع ڪري نہ صرف تاليفي رلمل جي حاصلات ۾ تمام گهڻو اضافو ڪن ٿا پر گڏ مرڪزي برسات nuclear fallout بہ.
ھيڊروجن ۾ موجود ھي سڀ جزا مرحلو Stage سڏرائن ٿا. پھريون ورھاستي بم يا جوھري بم جنھن کي ابتدائي مرحلو سڏجي ٿو ۽ ٻيو تاليفي بم يعني ھيڊروجن بم جنھن کي ثانوي مرحلو سڏجي ٿو. اھڙي طرح درجي درجي طاقتور ٿي جوھري ٻارڻ کي سلسليوار جوڙي بي انداز توانائي ۽ تباھڪار حرارتي مرڪزي ھٿيار thermonuclear weapon تيار ڪري سگهجي ٿو. چيو وڃي ٿو تہ ھيستائين ھن طريقي تي جوڙيل سڀ کان وڏو بم Tsar Bomba آھي جنھن کي روس تيار ڪيو ۽ ان جي توانائي 50 ميگا ٽي اين ٽي آھي.
ھڪ ميڳاٽن ڪروڙ ڪلوگرام جي برابر ٿئي ٿو.
0 comments:
Post a Comment