Wednesday 5 February 2020

سچو گھ Butter ghee 💎اصغر ساگر💎

سچو گھ سون سالن کان برصغير ۾ کاڌن جي زينت رھيو آھي. اڳ ۾ سچي گھ جي ڪري زندگي ھشاش بشاش ۽ صحتمند ھوندي ھئي. ڊالڊا گھ اچڻ سان دل جا عارضا وڌيا ۽ معدي جي عمل ۾ ڪمزوري آئي. بناسپتي گھ اڳتي ھلي ڪوليسٽرول جو وڏو سبب بنيو تہ اڳتي ھلي تيل بہ بذات خود ڪوليسٽرول جو سبب بنيو.
بناسپتي گھ ۽ تيل ٻئي عضلاتي اعصابي تاثير رکن ٿا جيڪي نبضن کي سڪيڙن ٿا جڏھن تہ مينھن جو گھ اعصابي عضلاتي ۽ ڳئون جو گھ اعصابي غدي تاثير رکن ٿا جيڪي نہ ڪوليسٽرول پيدا ڪن ٿا ۽ نہ ئي دل ۽ جگر جا مرض پيدا ڪن ٿا.
ڊاڪٽر وسنت لاڊجو ڪتاب ‘Ayurveda – The Science of Self-Healing’ جا  مصنف آھن ۽ پاڻ ميڪسيڪو جي آيورويد انسٽيٽيوٽ جا ڊئريڪٽر آھن. ان مطابق سچو گھ اسان جي جسم کي چڪنائي فراھم ڪري ٿو تہ جيئن لچڪ پيدا ٿئي. ھاضمي کي درست ڪري ٿو - قوت مدافعت ۾ اضافو ڪري ٿو - معدي جي السر ۽ آنڊن جي جلن ۾ ڪمي ڪري ٿو - زخمن جي ڀرڻ جي رفتار وڌائي ٿو - ياداشت ۽ ذھانت کي تيز ڪري ٿو- جسم ۾ سرخ خلين کي وڌائي ٿو - ٻين بيمارين ۾ مفيد آھي ۽ اھو ڪافي ناھي تہ گھ ۾ وٽامن اي - وٽامن اي - وٽامن ڊي ۽ ٻيون شيون بہ شامل آھن. سچي گھ ۾ Lectose نشاستيدا مٺاڻ ۽ Milk suger کيراڻي کنڊ نٿي ٿئي. ھي cholesterol منفي بلغم کي نٿو وڌائي. گھ ۾ Conjugated Linoleic Acid يا CLA شامل ٿئي ٿو جيڪو گاھ مان حاصل ٿئي ٿو جيڪو وزن کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
عام تيل کي پچائڻ سان  ان ۾ Free radicals تڪسيدي جز پيدا ٿي وڃن ٿا جيڪي مختلف بيمارين جو سبب بنجن ٿا. ان جي ابتڙ سچي گھ ۾ Saturated bonds رچيل بندن تي مشتمل چڪنائي ٿئي ٿي جنھن جي ڪري Free radicals تڪسيدي جز  تمام گهٽ ٺھن ٿا. ان ڪري بيمارين جو خدشو نٿو رھي.
انسٽيٽيوٽ انڊين جنرل آف ميڊيڪل ريسرچ ۾ شايع ٿيل ھڪ رپورٽ ۾ ڳئون جي کير مان بنايل گھ ڪينسر کان بچاء ۾ مددگار ۽ مفيد آھي۔
ماھرن جو چوڻ آھي تہ روزانو ھڪ چمچو گھ کي پنھنجي خوراڪ جو حصو بنائجي محض ھڪ چمچو استعمال ڪرڻ سان ڪافي فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا.

سچو گھ فائدن سان سان سرشار آھي. ھنجي جي فائدن تي سرسري نظر رکجي ٿي.

کائڻ جو ذائقو :-☆
ديسي گھ کائڻ ۾ خوشذائقہ رھيو آھي. ھزارن سالن کان استعمال ٿيندو پيو اچي.

خراب نہ ٿو ٿئي :-☆ 
ديسي گھ فرج ۾ يا ٻاھر رکڻ سان خراب نٿو ٿئي - پنھنجي ساڳي ماھيت برقرار رکي ٿو.

غذائیت :-☆ 
گھ ۾ وٽامن ڊي ۽ وٽامن اي وافر مقدار ۾ پاتا وڃن ٿا جيڪي جسم کي براھ راست نشاستو فراھم ڪن ٿا ۽ جسم کي توانائي فراھم ڪن ٿا. گھ غذائيت جي ڪري جسم ۾ جلدي جذب ٿي وڃي ٿو. گھ ۾ فيٽو ايسڊ جي وچولي درجي جي مقدار پاتي وڃي ٿي جيڪا جسم ۾ توانائي ذخيرو ڪرڻ جو اھم ذريعو آھي.

وزن ۾ ڪمي:-☆ 
دیسی گھ ۾ موجود فيٽي ايسڊ  توانائی جي نظام کي متوازن رکن ٿا - چرٻي جلائن ٿا ۽ وزن کي گهٽ ڪن ٿا.

مدافعتی نظام :-☆  
ٻين تيلن جي برعڪس گھ ۾ موجود تيزاب آنڊن ۾ وائرسن بيڪيٽريائن کي گڏ ٿيڻ نٿا ڏين ۽ ان ۾ موجود فائبر مدافعتي ھاضمي جي نظام کي بھتر بنائن ٿا.

سوزش ۽ ڪینسر :-☆ 
محققن مطابق گھ ۾ موجود جزا ڪينسر ٿيڻ کان روڪين روڪين ٿا.

بک ۾ اضافو :-☆ 
گھ ۾ موجود جزا ھاضمي جي نظام کي بھتر بنائي بک ۾ اضافو ڪن ٿا. جديد تحقيق مطابق منفي جذبات جيڪي ڪيميائي عمل جي ڪري اڀرن ٿا جن جي ڪري چرٻي گڏ ٿئي ٿي گھ ان ڪيميائي عمل کي روڪي ٿو.

وٽامن سان ڀرپور :-☆
سچو گھ وٽامن سان مالا مال ھوندو آھي. ھڪ چمچي گھ ۾ وٽامن اي (ھڏين، چمڙي اور جسماني دفاعي نظام کي بھتر بنائيندڙ)، وٽامن ڊي (ڪیلشم جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏيندڙ)، وٽامن اي (اکين ۽ دماغ جي لاءِ بھترین) ۽ وٽامن بي (خون پٽڙو  ڪرڻ ۾ مددگار) موجود آھن، ھي اھي وٽامن آھن جن جي جسم کي ضرورت پوي ٿي.

صحتمند چرٻي :-☆
گھ ۾ رچيل چرٻي (Saturated fat) موجود ٿئي ٿي جنھن جو استعمال معتدل مقدار ۾  ڪرڻ کپي خاص طور تي انهن کي جيڪي دل جي مرضن سان ٻہ چار ھجن، مگر ان ۾ سڻڀائون تيزاب (Fatty acid) بہ موجود ٿئي ٿو جيڪو گهرڙاتي تبديلي (Metabolism) تي مثبت اثر مرتب ڪري ٿو، ھي سڻڀائون تيزاب دماغی فعل ۽ اعصابی نظام تي بہ مثبت اثر مرتب ڪري ٿو.

معدي جي لاءِ بھترین :-☆
گھ ۾ اھڙو سڻڀائون تيزاب موجود ٿئي ٿو جو غذائي نالي جو ورم گهٽ ڪري ٿو ۽ ھاضمي جي نظام کي بھتر ڪري ٿو.

غذا جي نقصانڪار جزن کي دور ڪندڙ :-☆
زیادھ درجہ حرارت ۾ پچڻ وارا کاڌا جيڪڏھن گھ مان بنايا وڃن تہ ان ۾ پیدا ٿيندڙ مضر صحت جزن Free radicals تڪسيدي جزن جي بنجڻ جي فڪر نہ ٿي رھي، جڏھن تہ سچي گھ مان پچيل  پڪوانن ۾ ائين نہ ٿو ٿئي۔

ڪینسر کان تحفظ :-☆
ڪوجیگیٽڊ لینولیس ایسڊ نالي جز جسماني وزن ۾ ڪمي ۽ رت جي دٻاء (Blood Pressure) سمیت مختلف قسم جي ڪینسر خلاف مزاحمت ڪري ٿو، تہ بہ سائنسدانن جو چوڻ آھي تہ ھن حوالي سان وڌيڪ تحقیق جي ضرورت آھي، پر ھي  واضح رھي تہ دیسي گھ ۾ قدرتي طور تي جز ڪافي مقدار ۾ ٿين ٿا۔

جلد کي ھموار ڪندڙ :-☆
گھ مان جلڻ جي ڪري زخم یا سوڄ وغیرہ لاء سچو گھ  قدرتی دوا طور  بہ متاثر حصي کي لڳائي استعمال ڪري سگهجي ٿو، ڇوتہ ھن جي ورم ۾ ڪمي اچڻ جا امڪان ٿين ٿا.

پیٽ کي ڀريل رکي ٿو :-☆
گھ ۾ موجود چرٻي پيٽ ڀرڻ جو احساس طویل وقت تائين برقرار رکي ٿي، ماھرن مطابق گھ ۾ موجود صحت بخش چرٻي پیٽ کي زیادہ دیر تائين ڀري رکڻ سان گڏ ننڊ ۾ بھتري، جسماني وزن ۾ ڪمي ۽ ڪافي بار تہ مضر بلغم (Colestrol) جي سطح ۾ بہ ڪمي آڻن ٿا۔

سنڌن جي سور لاءِ مفید :-☆
دیسي گھ جو گهڻ وقتي استعمال نہ صرف توھان جي جسم ۾ موجود چرٻي کي گهٽ ڪري ٿو پر ھي پٺن کي بہ مضبوط بنائڻ سان گڏ ھڏين اور سنڌن جي سور جي شڪار ماڻهن جي لاءِ بہ مؤثر آھي۔ ديسي گھ سنڌن کي صحتمند رکي ٿو ۽ خاص ڪري سردين ۾ سنڌن جي سور وارن ماڻھن کي تمام مفيد آھي.

وارن کي تر رکندڙ :-☆
ديسي گھ سرديء ۾ جلد کي خشڪي کان نجات ڏياري ٿو خاص ڪري ان کي ڳاري وارن ۾ تيل طور ھڻڻ سان نہ صرف مٿي جي خشڪي ھلي وڃي ٿي پر وار چمڪدار ٿي وڃن ٿا.

اکين جي بصارت ۾ مفيد :-☆
ھن ۾ موجود وٽامن اي بصارت کي تيز ڪري ٿو جڏھن تہ اکين تي پوندڙ دٻاء جو بھترين علاج آھي ۽۽ خصوصن اکين جي بيماري گلاڪوما ۾ فائدي بخش آھي.

معدنيات جذب ڪندڙ :-☆
ديسي گھ نہ صرف غذائيت سان ڀرپور آھي پر ٻين وٽامنن ۽ معدنيات کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

زخم ۾ خوراڪ طور :-☆
جيڪڏھن جسم تي ڪو زخم لڳي وڃي تہ پنھنجي خوراڪ ۾ سچو گھ شامل ڪجي ڇوجو ھي زخمن کي ڀري ٿو.

حافظي ۾ مفيد :-☆
دماغ ۽ ياداشت لاء ديسي گھ کي بھترين نسخو قرار ڏنو ويو آھي.ھي نہ صرف دماغ جي خلين کي صحتمند رکي ٿو پر حافظي کي بہ تيز ڪري ٿو.

بيڪيٽيريائي ڇوت روڪيندڙ :-☆
گھ ۾ سڻڀائين تيزاب جي ڪري بيڪيٽيريا آنڊن ۾ رھي نٿا سگهن - رڳن ۾ تراھٽ ۽ لساڻ قائم رھي ٿي.

ٻارن جا ڏند آساني سان نڪرڻ :-☆
ٻارن جي ڏند نڪرڻ وقت جيڪڏھن سچو گھ بڊن تي ھڻجي تہ ڏند آساني سان نڪري ايندا.

پوڙھائپ روڪ :-☆
 ھي پوڙھائپ روڪ Anti aging ھئڻ ڪري وڏي حد تائين جواني سان سرشار ڪرڻ وارو ٽانڪ آھي.

رت صاف ڪندڙ :-☆
ھي رت کي صاف ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.

جسم جي افزائش ڪندڙ :-☆
جن ماڻھن جو ھاضمو ٺيڪ آھي انهن لاء ڪمال جي شي آھي. انهن جي جسم جي افزائش ڪري ٿو.

توليدي مادي کي درست ڪندڙ :-☆
جنسي بیمارین کان بچڻ لاء بھترین آھي.تولیدي مادي جي تمام بیمارین ۽ ڪمزورين کي مناسب طريقي سان روڪ ٿام ڪي ٿو.

طاقت سان ڀرپور :-☆
دیسی گھ صحت،طاقت ۽ توانائي جو ذريعو آھي. نيم گرم کير سان چمچو گھ ملائي پيئڻ سان جسم کي ٽاڪسنن کان دور ڪري ٿو. جسماني ڪمزوري ۽ جسم ۽ مزاج جي گرمي ۽ خشجي جي شڪايت دور ڪري ٿو ۽ جسم ۾ سوزش جي ڪمي ڪري ٿو.

نڇون اچڻ - نڪ ۾ خارش:-☆
سمهڻ وقت سچي گھ جا ٻہ قطرا نڪ ۾ وجهجن.
افاقو ٿيندو.

نڪ جي ھڏي جو وڌڻ:-☆
جنھن جي نڪ جي ھڏي ابتدائي وڌي رھي ھجي اھو رات جو گھ جا ٻہ ڦڙا نڪ ۾ وجهي ۽ صبح جو نيراني وات جي پڪ آڱر سان نڪ ۾ ھڻي. ھن عارضي کان نجات ملندي ويندي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment