Saturday, 8 February 2020

بُقراط Hippocrates 💎اصغر ساگر💎

ترڪي ۽ يونان جي درميان سمنڊ ايجين Aegean sea موجود آھي. انهن ۾ ننڍا ننڍا ڪيئي ٻيٽ آھن. جن تي ڪڏھن يونان ۔ ڪڏھن اٽلي ۽ ڪڏھن ترڪي جي حڪومت رھي. انهن مان ھڪ ٻيٽ جو نالو ڪوس Cos آھي جيڪو ايشيائي ڪوچڪ جي ڀرسان واقع آھي. ان جزيري ۾ 460 قبل مسيح م بقراط جو جنم ٿيو. ھي اھو زمانو ھيو جڏھن يونان کي عروج حاصل ھيو. نامور ھستيون دمقراط Demo Crates ۔ سقراط Socrates ۽ افلاطون Plato ان زماني جي پيداوار آھن. تاريخ جي ستم ظريفي اھا آھي تہ بقراط جي ننڍپڻ ۽ حاصل ڪيل تعليم جو پتو نٿو پوي. صرف ايتري خبر پوي ٿي تہ ان دور ۾ توھم پرستي ۽ جادو ٽوٽڪن جو رواج ھيو. ان دور ۾ بيمارين کي ديوتائن جي نافرماني جي سبب جي ڪري آيل عذاب سمجهيو ويندو ھيو جنھن کي ٽارڻ لاء انسانن ۽ جانورن جي قرباني ڏني ويندي ھئي تہ جيئن ديوتا خوش ٿي عذاب کي ھٽائين. جڏھن ڪو ماڻهو بيمار ٿيندو ھيو تہ ڪڪڙ يا جانور قربان ڪري ان جو صدقو ڏيندا ھيا. بقراط پنھنجي دور ۾ وھمن جي نفي ڪئي ۽ عقيدن جي صريحن خلاف ورزي ڪندي بيمارين جي آسيب ۔ خريب ۔ تعويذن ۽ ٽوڻن جي انڌيري مان ڪڍي سائنسي بنيادن تي اسپتال قائم ڪئي. ھن پنھنجي علاج دوران انساني جسم جي ساخت ۽ مختلف عضون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. بقراط ان عقيدي کي رد ڪيو تہ مرض آسمان کان اچن ٿا. ھن ان عقيدي جي بہ نفي ڪئي تہ آسمان طرفان نيڪ ماڻهن لاء آزمائش ۽ برن ماڻهن لاء سزا موڪلي وڃي ٿي. بقراط جي مشاھدي جي قوت ايتري اونهي ھئي جيترو عميق. ھن ۾ تجربن مان زبردست نتيجو حاصل ڪرڻ جي صلاحيت ھئي. بقراط جتي وڏو فلسفي آھي اتي وڏي پائي جو حڪيم پڻ آھي. بقراط پھرين پاڻي جي مزاج بابت ٻڌايو. ھن انساني جسم جي مختلف ھنڌن جي پاڻي جا اثر بيان ڪيا. ھو ڪنھن علائقي مان پاڻي کڻي ان علائقي جي ماڻهن جو مزاج ٻڌائيندو ھيو. ھن پنھنجي گهر جي ڀرسان باغ لڳايو ھو جتي مريضن جو علاج ڪندو ھيو. ان باغ جو نالو بيمارستان رکيو. ھي تاريخ جي سيني ۾ محفوظ ڪيل دنيا جي پھرين اسپتال آھي جتي ھي مريضن جو منطق جي بنياد تي علاج ڪندو ھيو.
بقراط ھڪ خوش دل ۔ سنجيدھ ۽ بردبار شخص ھيو. ھن کي پنھنجي دور ۾ ايتري عزت سان ڏٺو ويندو ھيو جو ماڻهو ھن کي ديوي ۽ ديوتائن جو اولاد سمجهندا ھيا. ھن جي بيمارستان اسپتال ۾ ڪيئي ڀيرا ھن جا مخالف ۽ دشمن علاج لاء آيا. جيڪڏھن سقراط چاھي ھا تہ انهن کي موت جي منھن ۾ ڌڪي پئي سگهيو پر ھن علاج دوران پنھنجي مسيحائي برقرار رکي. ھن علاج وقت اھو نہ ڏٺو تہ ڪير دوست آھي، ڪير دشمن آھي، ھن پنھنجي پيشي جي فرضداري کي مٿانھون سمجهيو. ھن ان بنياد تي پنھنجي شاگردن کي مريضن بابت نصيحتون ڪيون ۽ کين سڄي زندگي انهن تي ڪاربند رھڻ لاء انهن کان حلف ورتو. جڏھن ڪوبہ شاگرد ھن وٽ طب جي تعليم سکڻ ايندو ھيو، ھي ان کي شاگرد بنائڻ کان پھرين حلف وٺندو ھيو. ھن مطابق مريض جو علاج بغير ڪنھن تعصب ۔ رنگ ۔ نسل ۽ قوم جي ڪرڻ کپي. ھن مريضن جي علاج ۔ فلاح ۔ بھبود ۽ ان سان شفيق ورتاء رکڻ بابت اصول مرتب ڪري ”عھدنامو بقراط“ ڪتاب لکيو جنھن جي اھميت اڄوڪي دور ۾ بہ دائم قائم آھي. ھن جي موت 370 قبل مسيح ۾ ٿي. پنھنجي موت کان اڳ بقراط وصيعت ڪئي تہ ھن جي قبر ۾ ھن سان گڏ لوھي صندوقچي رکي وڃي جنھن ۾ ھن پنھنجا ڪتاب سانڍي رکيا ھئا. بقراط جي موت کان ڪيترا سال پوء جوليس سيزر ھن جي قبر وٽان گذريو. ھن کي ٻڌايو ويو تہ ھي حڪيم بقراط جي قبر آھي. جوليس سيزر پنھنجي دور ۾ بقراط جي وڏي تعريف ٻڌي ھئي ۽ ھي بقراط جو وڏو مداح بہ ھيو. سيزر حڪم ڏنو تہ ھن جي قبر کي اکاڙي ان جي جڳھ تي عاليشان مقبرو قائم ڪيو وڃي. جڏھن بقراط جي قبر کي اکاڙيو ويو تہ ان جي قبر مان لوھي صندوقچي برآمد ٿي. جڏھن ان کي کوليو ويو تہ ان مان ڪجھ يوناني لکيل تحريرون مليون. سيزر جلد ئي انهن تحريرن کي پنھنجي زبان ۾ ترجمو ڪرايو. ترجمي ڪرائڻ بعد سيزر کي معلوم ٿيو تہ بقراط پنھنجي ھڪ تحرير ۾ موت جي پنجويھ نشانين جي نشاندھي ڪئي آھي، جنھن شخص ۾ جيڪڏھن انهن نشانين مان ھڪ نشاني ملي وڃي تہ ان شخص جي موت ويجهي يقيني آھي. اھو ساڳيون نشانيون جوليس سيزر سکي ورتيون. جوليس سيزر انهن نشانين جي بنياد تي ڪنھن شخص کي ڏسي ٻڌائي سگهندو ھيو تہ ھن جي موت ويجهڙ ۾ واقع ٿي ويندي. 
 علم طب کي سائنسي بنيادن تي قائم ڪرڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ڪري بقراط کي طب جو باني سڏيو وڃي ٿو.
نامور يوناني طبيب ۔ ڏاھي ۽ فلسفي بقراط جو چوڻ آھي غذ کي دوا ۽ دوا کي غذا بنائجي.
ڪيتري ڪمال جو قول آھي جيڪڏھن ھن قول تي عمل ڪجي ھوند گهڻا عارضا دور ٿي وڃن ۽ زندگي سڦل ٿي وڃي.
بقراط جو قول آھي تہ بيماري جو علاج سڀ کان پھرين غذا سان ڪرڻ کپي. بقراط جي ان تحقيق جي تصديق ڪئي وئي آھي تہ مناسب غذا جي استعمال سان ڪيترائي پيچيدھ مرض جن ۾ دل جا عارضا شامل آھن يقيني طور تي انهن کان تحفظ حاصل ڪري سگهجي ٿو.
بقراط علاج ڪرڻ لاء نبض جي تشخيص جو علم ڏنو. ھن مطابق نبض خاموش اعلانچي آھي جيڪا باطني حالتن کي پنھنجي رفتار ۾ ٻڌائي ٿي. جيڪي حڪيم انهن تي دسترس نٿا رکڻ انهن لاء گونگي آھي.
بقراط قبضي بابت ٻڌائي ٿو تہ جھڙي طرح اجابت پيٽان نرم اچي ٿي اھا خطرناڪ آھي اھڙي طرح اجابت جيڪا پيٽان سخت اچي ٿي اھا پڻ نقصانڪار آھي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment