يوناني فيلسوفن چار خلط مقرر ڪيا باھ ۔ پاڻي ۔ ھوا ۽ مٽي پر سوال ساڳو برقرار رھيو تہ ھي باھ ۔ مٽي ۔ پاڻي ۽ ھوا ڇا جا ٺھيل آھن. اھڙي نموني چار خلط ٺاھيا ويا صفرا ۔ بلغم ۔ دم ۽ خاڪي. ائين اڳتي ھلي مادي جو تصور آيو. مادي جي تصور اچڻ سان مادي جي جوڙجڪ ڏي ڌيان ڇڪجي آيو ۽ مادي جي ننڍڙي ذرڙي بابت سوال اڀرڻ لڳا.
توھان چوطرف نظر ڦيرائي ڏسو تہ توھان کي سھسين قسم جون شيون نظر اينديون ڪٿي نھرو ڪٿي پٽڙو ۽ ڪٿي گئس مادي جون صورتون نظر اينديون ظاھر ۾ مختلف پر باطن ۾ ھڪ اھي سڀ ايٽمن جون ٺھيل آھن.
مادي جو ننڍي ۾ ننڍو ذرو جيڪو پنھنجي جوڙ ۾ پورو ٿئي ٿو. ايٽم مادي جي وجود ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. ايٽم ڌم ڌماڪ کان پوء وجود ۾ آيو. ان کان پوء ايٽمن يڪجا ٿي ڪائنات کي جوڙيو جنھن ۾ سج ۔ چنڊ ۔ تارا ۽ گرھ اچي وڃن ٿا. ان کان پوء ايٽمن ڌرتي جي گولي تي زندگي جي شروعات ڪئي.
ايٽم جو پھرئين نظريي يونان ۾ جنم ورتو جيڪو وسيع پيماني تي مشھور ٿيو. تقريبن 460 سو قبل مسيح اڳ يونان ۾ فيلسوف ڊيموڪريٽس پيدا ٿيو جيڪو ھر مادي ۽ ڪائنات تي غور ڪندو ھيو. ان پنھنجي علم منطق سان سٽ سلجهايو ۽ فلسفي جي بنياد تي مادي جو نظريو پيش ڪيو
ڊيموڪريٽس جي نظريي مطابق ڪائنات جو سڄو مادو اڻ ٽوڙ ذري سان ملي ٺھيو آھي. جيڪڏھن ھڪ پٿر کي ٽوڙجي ۽ حصن ۾ تقسيم ڪندو وڃجي ھلي ھلي اھڙي ننڍڙي ذري تي پھچي وينداسين جنھن کي وڌيڪ حصن ۾ ٽوڙڻ ناممڪن آھي جنھن ايٽم جو نظريو پيش ڪيو جيڪو تصور ھن پنھنجي استاد ليوسي تان ورتو ۽ ان ذري کي ھن ايٽموس Atmos جو نالو ڏنو يعني اڻ ٽوڙ ذررڙو جيڪو اڳتي ڦري ايٽم جي نالي سان مشھور ٿيو جنھن جي معنا آھي ناقابل تقسيم. يوناني فيلسوف جو خيال ھو تہ ايٽم کي تباھ نٿو ڪري سگهجي ۽ ان جي وڌيڪ تقسيم ڪري نٿي سگهجي ايٽم جو ھي نظريو 23 سو سالن تائين رھيو.
1803ع ۾ سائنسدان جان ڊالٽن عملي طور تي ايٽمي نظريو پيش ڪيو ۽ ايٽم کي ذرو قرار ڏنو جيڪو برقي قوت وارن زورن ۽ اليڪٽرانن سان ڀريل آھي. ان کان پوء 1800ع ۾ جان ڊالٽن ڊيموڪريٽس جي ايٽم جي نظريي کي بنياد بنائي ڪجھ وڌيڪ شيون شامل ڪري ايٽم جو نظريو پيش ڪيو. ھن نظريي مطابق
مادو ايٽمن سان ملي ٺھيو آھي جنھن کي تقسيم ڪري نٿو سگهجي.
ايٽم کي اک سان ڏسي نٿو سگهجي.
ايٽم ۾ تغير ۽ تبدل آڻڻ ناممڪن آھي.
جڏھن عنصر ڪيميائي ميل ڪن ٿا تہ ان جو سبب ان جا ايٽم ٿي سگهن ٿا.
جان ملٽن جي ان نظريي سان گڏ ڪجھ مغالطا پيدا ٿيا جنھن جي ڪري ايٽم جو نظريو ڌنڌلايو ۽ ڊيموڪريٽس جو نظريو مبھم ٿي ويو.
1968ع ۾ پروٽان ۽ نيوٽران جي اندر ڪئار دريافت ڪيو ويو.ھر پروٽان ۽ نيوٽران جي اندر 3 ڪئار ٿين ٿا جيڪي پاڻ ۾ وڌيڪ جزن گلونس جي ذريعي جڙيل ٿين ٿا.
ھر ايٽم جو نيوڪليس ٿئي ٿو جنھن ۾ مختلف تعداد ۾ پروٽان ۽ نيوٽران ٿين ٿا. ان کان سوا اليڪٽران ٿين ٿا جيڪي نيوڪليس جي مدار ۾ گردش ڪن ٿا. ايٽم جي اندر اليڪٽران ۽ پروٽان برابر تعداد ۾ ٿين ٿا اليڪٽران تي ڪاٽو چاڄ ۽ پروٽان تي واڌو چاڄ ٿئي ٿي جنھن سان مثبت ۽ منفي برقي قوت رکڻ وارا اليڪٽران ۽ پروٽان ھڪ ٻئي جو توازن برقرار رکن ٿا. انهن عددن ۾ ھڪ بہ
مختلف ھجي تہ ايٽم جو وجود نہ رھي ھا ۽ برقي مقناطيسي توازن بگڙي وڃي ھا. اليڪٽران پروٽانن جي ڀيٽ ۾ ھلڪا ٿين ٿا. 1836 اليڪٽران ھڪ پروٽان جي برابر ٿين ٿا جڏھن تہ اليڪٽران ۽ پروٽان مقدار ۾ برابر ٿين ٿا. ڪنھن ايٽم ۾ ھڪ پروٽان جي اضافي سان اھو پروٽان ھڪ نئون ايٽم بنجي وڃي ٿو. جيڪو مادو ھڪ ئي قسم جي ايٽمن بڻيل ھجي اھو عنصر سڏجي ٿو. مثال ھيڊروجن ۔ آڪسيجن ۽ ڪاربان وغيرھ عنصرن جا مختلف قسم ٿين ٿا. ھاڻي تائين 118 عنصر دريافت ڪيا ويا آھن انهن مان گهڻا عنصر قدرتي آھن. سڀ کان سادو ترين ايٽم ھائيڊروجن جو آھي جنھن ۾ ھڪ اليڪٽران ۽ ھڪ پروٽان ٿئي ٿو جڏھن تہ نيوٽران نٿو ٿئي. ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ايٽمن جيملڻ سان ماليڪيول ٺھن ٿا مثال طور عنصر ھيڊروجن جا ٻہ ايٽم عنصر آڪسيجن جي ھڪ ايٽم سان ملايا وڃن ٿا تہ پاڻي جو ھڪ ماليڪيول تشڪيل پائي ٿو.
ھاڻي ھي معلوم ڪريون تہ ايٽم ۽ ان جا ذرا ڪيترا ننڍا ٿين ٿا. اليڪٽران کي وزن جي لحاظ کان ھلڪي ترين جزي ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ھڪ قطرو پاڻي جو وزن اليڪٽران جي ڀيٽ ۾ اربين ڀيرا وڌيڪ ٿئي ٿو. جيڪڏھن اسان پينسل سان ھڪ سينٽي ميٽر ليڪ ڪڍون تہ ان ليڪ ۾ 10 ڪروڙ ايٽم سمائجي سگهن ٿا. جيڪڏھن اسان ايٽم جي اسڪيل سان نقشڪاري ڪريون ۽ پروٽان ۽ نيوٽران جي قطر جي ماپ ھڪ سينٽي ميٽر رکون تہ اليڪٽران ۽ ڪئارن جي ماپ انساني وار جي ماپ کان ننڍي ٿيندي جڏھن تہ پوري ايٽم جي ماپ جي ماپ 30 فٽ بال جي ميدان جي برابر ھوندي. نيوڪليس ايٽم کان ايترو ننڍو ٿئي ٿو جو جيڪڏھن اسان ايٽم کي فٽ بال جي ميدان جيترو پکيڙيون تہ نيوڪليس ھڪ انگور جي داڻي برابر ٿيندو. ھاڻي اچو تہ ھن ڳالھ کي سمجهون تہ اليڪٽران نيوڪليس کان ڪيترو پري مخصوص مدار ۾ گردش ڪن ٿا. ان لاء نيوڪليس کي گولف جي بال برابر تصور ڪيو وڃي تہ ان جي چوڌاري گردش ڪرڻ وارن اليڪٽرانن جو پھريون مدار ان کان ھڪ ڪلوميٽر پري ھوندو. جڏھن تہ ٻيو مدار چار ڪلوميٽر ۽ ٽيون مدار 9 ڪلوميٽر پري ھوندو. اھڙي طرح باقي مدارن جو بہ قياس ڪري سگهجي ٿو. ھڪ ٻي حيرت انگيز ڳالھ اھا آھي تہ نيوڪليس جي جسامت ايٽم جي جسامت کان ايتري ننڍي ٿئي ٿي جو جو ان جو مقدار ايٽم جي ڪل مقدار جو 99.50 سيڪڙو ٿئي ٿو. ڪيتري حيرت انگيز ڳالھ آھي تہ ھڪ طرف ھڪ شي جو مقدار تقريبن سمورو حصو آھي ٻئي طرف نيوڪليس نہ ھجڻ جي جڳھ والاري ٿو ۽ ايٽم جو 99.999999999999 % حصو خالي آھي گڏوگڏ سائنسدانن صرف انهن قوتن کي دريافت ڪيو آھي تہ ننڍا ننڍا ايٽم پاڻ ۾ ڪيئن جڪڙيل آھن ۽ اھي طريقا بہ معلوم ڪيا آھن تہ برقي قوتن کي ايٽم کان ڌار ڪيئن ڪجي انهي طريقي کي نيوڪليئر پاور پلانٽ ۾ استعمال ڪري بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي.
نت نين ٽيڪنالاجين ۽ تجربن سان سائنسدان اسٽينڊرڊ ماڊل آف پارٽيڪلز جو نظريو پيش ڪن ٿا جنھن ۾ نيوڪليس جي گهر ۾ گهڙي پروٽان در کڙڪائي ٿو ۽ ان جي اندر ڪئارن Quarks جي دريافت ڪئي وڃي ٿي تہ پتو پوي ٿو تہ ڪئار تہ توانائي جي Vibratory strings آھن يعني توانائي جون ھي ڏوريون ھڪ خاص نموني Viberate ڪن ٿيون تہ ڪئار کي وجود ملي ٿو. مطلب اھو ٿيو تہ مادي جي سرزمين ڪئارن تي اچي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ھن سرزمين کان اڳتي توانائي جي دنيا شروع ٿي وڃي ٿي.
يعني ڪئار ئي بنيادي ذرا آھن جن کي وڌيڪ تقسيم ڪرڻ ناممڪن ھيو يعني ماديت جو جڳ ڪئارن کان شروع ٿئي ٿو. غور ڪيو وڃي تہ ڊيموڪريٽس جي ڳالھ ايتري سچي ۽ منطقي آھي جو مادي جي تقسيم در تقسيم سان اسان اھڙي ذري تي پھچي وڃون ٿا جنھن کي وڌيڪ تقسيم ڪرڻ ناممڪن آھي اھو ذرو ڪئار آھي. اڄ کان ھزار سال پھرين سائنس ان جزي تي پھچي ٿي پر فلسفي ان جي پيشنگوئي اڄ کان ھزارين سال پھرين ڪري ڇڏي ھئي پر جان ڊالٽن جو نظريو مغالطو پيدا ڪري چڪو ھيو ۽ جنھن کي ھو ايٽم تصور ڪري ويٺو ھو ڊيموڪريٽس جو اھو ايٽم نہ ھيو پر ڊيموڪريٽس ان جزي کي ايٽم چيو ھو جنھن جي تقسيم ممڪن نہ ھجي تہ مادي جي شروعات ڪيئن ٿئي ڇوجو اليڪٽران ۽ ڪئار ئي بنيادي جزا آھن جن کي ھاڻوڪي علم مطابق بنيادي جزا سڏيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏھن جديد سائنس اسان کي ان ذري جو پتو ڏئي جو اليڪٽران ۽ ڪئار جا بنيادي ايڪو ھجي تڏھن بہ ڊيموڪريٽس جو نظريو ھر صورت صحيح رھندو.
ويھين صدي۾ مادي ۽ توانائي جو اختلاف ختم ٿي ويو. سائنس ثابت ڪيو تہ ٻئي ھڪ ٻئي جون شڪليون آھن. ڪڏھن مادو توانائي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو ۽ ڪڏھن توانائي مادي ۾. ڪنھن مادي شي جو مقدار مستقل ٿي نٿو سگهي پر ان جي حرڪت تي دارومدار ٿئي ٿو ۽ اھا رفتار سان گڏ وڌندي ۽ گهٽجندي رھي ٿي. ھڪ مادي شي ڪڏھن ذري وانگر ھڪ ليڪ ۾ حرڪت ڪري ٿي ڪڏھن وري موجن وانگر پکڙجي اڳتي وڌي ٿي. مادي کي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي انهي اصول تي ايٽم جنم ورتو.
ايٽم جي باري ۾ 1985ع تائين ائين سمجهيو ويندو ھيو تہ ھن کي وڌيڪ حصن ۾ ٽوڙي نٿو سگهجي. ايٽم ۾ ٽي باريڪ ذرڙا اليڪٽران ۔ پروٽان ۽ نيوٽران ٿين ٿا. ايٽم جو مادو پکڙيل نٿو ٿئي پر ھن جي اندر جو نظام شمسي نظام وانگر آھي ۽ ذرا مقرر مدارن ۾ حرڪت ڪندا رھن ٿا. ايٽم جي ذرن جي درميان ايترو خال ٿئي ٿو جيترو سج ۽ گرھن جي درميان. ايٽم جي مرڪز ۾ ناڀ ٿئي ٿو جنھن جي ٽٽڻ سان ايٽم جي ماھيت تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ ايٽمي توانائي حاصل ٿئي ٿي.
موجودھ صدي ۾ زمان ۔ مڪان ۔ مادو ۔ توانائي ۔ عنصر ۽ قوت جھڙن بنيادي تصورن ۾ تبديلي اچي چڪي آھي. نيوٽن ھڪ ڏينھن چيو ھو تہ ڪائينات جي ھر حالت ۽ ھر گهڙي مقرر آھي ۽ مادو ان مطابق پنھنجي شڪل اختيار ڪري ٿو. 1927ع ۾ ھڪ پروفيسر ھائي زنگ دعوا ڪئي تہ ڪائنات ۾ ڪنھن ذري جو مستقبل قطعي طور تي مستقل ناھي پر ھو حالتون تبديل ڪري سگهي ٿو. اھي سڀ ڳالهيون ايٽم سان منسلڪ آھن.
مختلف سائنسدان دور در دور ايٽم جي نظريي تي پنھنجون تحقيقون پيش ڪندا رھيا ۽ وقت گذرڻ سان ايٽم جي نظريي جامع صورت ورتي.

ڊالٽن جو ايٽمي ماڊل:-
سن 1808ع ۾ سر جان ڊالٽن باضابطہ طور تي پھريون ايٽمي ماڊل پيش ڪيو. ھن ماڊل جا بنيادي نڪتا ھي آھن.
1 ھر قسم جومادو ننڍڙن باريڪ ذرڙن جو ٺھيل آھي جيڪو ناقابل تقسيم ۽ ناقابل فنا آھي يعني ايٽم کي وڌيڪ ٽوڙڻ ممڪن ناھي ۽ نہ ان جي اندر ماتحت ذرا ٿين ٿا.
2 ھڪ عنصر Element جا تمام ايٽم پنھنجي مقدار ۽ ٻين خواصن ۾ ھڪ جھڙا ٿين ٿا مثال سون ۔ چاندي ۽ ڪاربان وغيرھ. ٻن لفظن ۾ جنھن مادي جا تمام ايٽم ھڪ جھڙا ۽ ھڪ قسم جا ٿين ٿا انهن کي عنصر چيو ويندو.
3 اھڙا مادا جيڪي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ قسم جي ايٽمن جي ميلاپ سان جڙن ٿا انهن کي مرڪب چيو وڃي ٿو ڇوجو پاڻي مرڪب آھي اھو آڪسيجن ۽ ھيڊروجن جي ايٽمن جي ميلاپ سان عمل ۾ اچي ٿو.
4 ھڪ ڪيميائي ردعمل دراصل ايٽمن جي نئين سر ترتيب rearrangement آھي.
پھرئين نڪتي کان سوا ھن ماڊل جا ٻيا نڪتا صحيح آھن. بعد ۾ سائنسدانن جي وڌيڪ تحقيق پھرئين نڪتي جي چوڌار ڦرندي رھي. جان ڊالٽن جوپھريون جلد ئي غلط ثابت ٿي ويو ۽ ايٽم جي اندر وڌيڪ ذرا اليڪٽران ۔ پروٽان ۽ نيوٽران دريافت ٿيا. ان کان علاوه ايٽم کي جوھري ردعمل Nuclear reaction جي مدد سان تباھ ڪرڻ ممڪن ٿي ويو. جان ڊالٽن جي نظريي کي 1890ع ۾ جي جي ٿامسن ڪيٿوڊ ريز جي تجربي ۾ اليڪٽران کي دريافت ڪري باطل ثابت ڪري ڇڏيو ۽ ٻڌايو تہ ايٽم کي ورھائي سگهجي ٿو ۽ ايٽم جي اندر ڪاٽو چاڄ وارا اليڪٽران موجود ٿين ٿا ان ڪري ايٽم جي باري ۾ ڊالٽن جو نظريو غير معتبر ٿي ويو.

اليڪٽران جي دريافت:
سر جان ڊالٽن جي ماڊل کان پوء ايٽم جي اندروني جوڙجڪ معلوم ڪرڻ لاء ڪوششن جو آغاز ٿي ويو. ھن سلسلي ۾ شيشي جي اھڙي ڊسچارج نلي ٺاھي وئي جنھن کي ھوا کان خالي ڪيو ويو ۽ ان ۾ برقي ڌار گذاري وئي.
ھن تي پھريون تجربو 1838ع ۾ مائيڪل فيراڊي ڪيو. ھن چمڪدار شعائن جو مشاھدو ڪيو پر ان جي وضاحت نہ ڪري سگهيو تہ اھي شعاع ڪھڙا آھن. سن 1857ع ۾ جرمن سائنسدان گيرلز ڊسچارج ٽيوب جو نمونو وڌيڪ بھتر ڪيو.
1874ع ۾ وليم ڪروڪس انهن شعاع کي ڪيٿوڊ شعاع جو نالو ڏنو ۽ ثابت ڪيو تہ شعاعون ڪاٽو اليڪٽروڊ ڪيٿوڊ مان خارج ٿين ٿيون.
جي جي ٿامسن اھو سائنسدان ھو جنھن ڪيترن تجربن بعد قرار ڏنو تہ ڪيٿوڊ شعاع حقيقت ۾ ننڍڙا ذرا آھن جن تي ڪاٽو چاڄ آھي ۽ انهن جو پنھنجو مقدار ٿئي ٿو. انهن ذرن کي اليڪٽران چيو ويو. ھي ايترا ھلڪا ٿين ٿا جو اھي ايٽم کان 1840 ڀيرا ننڍا ٿين ٿا. ھر ايٽم ۾ اليڪٽران ٿين ٿا. ھن نظريي جان ڊالٽن جي نظريي تہ ايٽم ناقابل تقسيم ٿئي ٿو ان کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو

ٿامسن جو ايٽمي ماڊل
اليڪٽران جي دريافت بعد منطقي طور تي ايٽم جي بقايا ذري کي واڌو چاڄ وارو قرار ڏنو ويو. جي جي ٿامسن نئون ماڊل پيش ڪيو جنھن کي پلم پڊنگ ماڊل Plum pudding model جو نالو ڏنو ويو. ھن مطابق
1 ايٽم ناقابل ونڊ آھي.
2 ھن جي گهڻي قدر مقدار مثبت چاڄ واري ذري تي مشتمل آھي.
اليڪٽران ھن مثبت چاڄ اندر ساڪن حالت ۾ وکريل ٿين ٿا جيئن ڪيڪ ۾ ڪشمش وکريل ٿئي ٿي.
ايٽم جي مثبت ۽ منفي چاڄ مساوي ٿئي ٿي.
جي ٿامسن Plum Pudding نظريي سان ايٽم جي ساخت کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن مطابق ايٽم ھڪ گولو Sphere آھي جنھن ۾ واڌو وھڪ ڀريل ٿئي ٿي جڏھن تہ اليڪٽران ڪاٽو جزا ان ۾ موجود ٿين ٿا يعني پراڻي نظريي مطابق ايٽم تن تنھا ھيو ان جي گهر ۾ اليڪٽران پيدا ٿي چڪو ھيو.

ردرفورڊ جو ايٽمي ماڊل
ارنسٽ ردر فورڊ جيڪو جي جي ٿامسن جو شاگرد ھيو ان ٿامسن جي ماڊل کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو.
سن 1909ع ۾ ھن سوني جي باريڪ ورق تي الفا ذرن جي بمباري ڪندي ثابت ڪيو تہ
1 ايٽم جو گهڻو تڻو اندروني مقدار خالي ٿئي ٿو.
2 ايٽم جي تمام مثبت چاڄ ۽ گهڻو تڻو مقدار ان جي مرڪز ۾ موجود ناڀ Neucleus ۾ مرڪوز ٿئي ٿو.
(بعد ۾ ثابت ٿيو تہ نيوڪليس ۾ 2 ايٽمي ذرا پروٽان ۽ نيوٽران پاتا وڃن ٿا.پروٽان تي مثبت چاڄ ۽ نيوٽران تي ڪابہ چاڄ ناھي.)
3 تمام نيوٽران نيوڪليس جي چوڌاري گردش ڪندا رھن ٿا جيئن سج جي چوڌاري گرھ.
ايٽم جي دنيا ۾ نيوڪليس جو اچڻ باقي ھيو جنھن جو سھرو رڌرفورڊ Rutherford ڏي وڃي ٿو. ھن پنھنجي گولڊ فائل تجربي سان ثابت ڪيو تہ ايٽم جي درميان ھڪ سخت حصو ٿئي ٿو جنھن کي نيوڪلس سڏجي ٿو ۽ ٻڌايو تہ نيوڪليس تي واڌو چاڄ آھي جڏھن تہ اليڪٽران جيڪي نيوڪليس جي چوڌاري ڦرن ٿا انهن تي ڪاٽو چاڄ آھي. ھن نظريي کي Rutherfords planetary model سڏيو وڃي ٿو ڇوجو ھن جو مثال اسان کي سولر سسٽم ۾ ملي ٿو. شايد ھن جي فڪر ھي نظريو شمسي نظام مان ورتو ھجي.
ردرفورڊ جي ماڊل جون خرابيون
ردر فورڊ جو ايٽمي ماڊل ڪنھن حد تائين درست ھيو پر ھي ٻن مظھرن جي وضاحت ڪري نہ سگهيو.
1 ايٽم جي اخراجي ۽ انجذابي طيف Spectrum حاصل ٿيڻ جا سبب ڇا آھن.
(طيف Spectrum مان مرداد روشني جي اھا رنگ پٽي آھي جنھن جي مخصوص اڳاڻ Frequency ٿئي ٿي جيئن انڊلٺ ۾ ھر رنگ جي ڌار الڳ الڳ ڏيکاري ڏئي ٿي.)
2 اليڪٽران گهمندي پنھنجي توانائي خرچ ڇو نٿو ڪري؟ جيڪڏھن ان جي توانائي خرچ ٿي رھي آھي تہ ان کي نيوڪليس ۾ ڪرڻ کپي.

نيوٽران جي دريافت:
جيمز چيڊوڪ نيوٽران جي ايجاد ڪري ايٽم جي گهر ھڪ نئين جزي جي پيدائش جو اعلان ڪري ڇڏيو.

بوھر جو ايٽمي ماڊل
ڊينمارڪ جي سائنسدان نيل بوھر Neil Bohr ردرفورڊ جي خامين کي دور ڪري 1913ع ۾ پنھنجو ايٽمي ماڊل پيش ڪيو. ھي اھو وقت ھيو جڏھن مقداري نظريي Quantum theory فزڪس جي شعبي ۾ ھلچل مچائي ڇڏي.
ھن تناظر ۾ پيش ڪيل بوھر جي ايٽمي ماڊل جا نڪتا ھي آھن.
1۔ جيتوڻيڪ اليڪٽران نيوٽران جي چوڌاري گردش ڪن ٿا پر نيوڪليس کان ان جي گردش جو مفاصلو طئي شدھ ٿئي ٿو. انهن طئي شدھ رستن کي آربٽ چئبو آھي. اليڪٽران انهن مقرر آربٽن جي انحرافي نٿا ڪن.

2۔ جيستائين اليڪٽران ڪنھن ھڪ آربٽ ۾ گردش ڪندا رھن ٿا ھي توانائي جذب يا خارج نٿا ڪن.
3۔ ڪوبہ اليڪٽران ان وقت توانائي جذب يا خارج ڪري ٿو جيڪڏھن اھو ڪنھن ھيٺئين آربٽ کان ھيٺ يا مٿئين آربٽ کان مٿي آربٽ ۾ ڇلانگ لڳائي ٿو ۽ ھي اھو وقت ٿئي ٿو جڏھن اسپيڪٽرم جوڙجڪ پائن ٿا.
🔹پروٽان ۽ نيوٽران ڳرا ذرا ٿين ٿا ۽ انهن جي مقدار تقريبن ھڪ جيتري ٿئي ٿي. نيوٽران 1838.7 اليڪٽرانن جي برابر جڏھن تہ پروٽان 1836.1 اليڪٽرانن جي برابر. ھي ٻئي ايٽم جا ذرا نيوڪليس ۾ پاتا وڃن ٿا.
اسان ڄاڻون ٿا تہ ايٽم جا بنيادي ٽي ذرا آھن.
(1) اليڪٽران Electron
(2) پروٽان Proton
(3) نيوٽران Neutron

1) اليڪٽران Electron
اليڪٽران ھلڪو ذرو ٿئي ٿو ۽ ھي نيوڪليس جي چوڌاري تيز رفتار سان گردش ڪن ٿا. اليڪٽران تي ڪاٽو چاڄ ٿئي ٿي پر ان جي مقدار پروٽان جي واڌو چاڄ جي برابر ٿئي ٿي يعني ھڪ پروٽان ۽ ھڪ نيوٽران ھجي اتي چاڄ نيوٽرل ٿي وڃي ٿي. ايٽم ۾ واڌو چارج رکندڙ مرڪز ٿئي ٿو،جنهن جي چوڌاري ڪاٽو ذرڙا يعني اليڪٽران،توانائي جي خاص رستن يعني توانائي سطح(Energy levels) تي چڪر لڳائين ٿا،جنهن جي ڪري سندن توانائي چڪر هڻڻ ۾ خارج نٿي ٿئي.اليڪٽران توانائي خارج تڏهن ڪري ٿو جڏهن اليڪٽران مٿين توانائي سطح(Higher Energy Level) کان هيٺين تونائي سطح(Low Energy Level) ۾ اچي ٿو. جڏهن اليڪٽران مٿئين تونائي سطح() کان هيٺين تونائي سطح() ڏانهن اچن ٿا تـ تونائي جو خاص مقدار خارج ڪن ٿا،جنهن کي هيٺين رياضي اظهار ذريعي لکبو:
E=hf
E=توانائي،h=ميڪس مستقل،f=فريڪيونسي
جڏھن ڪو به ذرڙو مثال طور اليڪٽران،پنهنجي مخالف ذري پازيٽران سان ملي ٿو ته اهي هڪ ٻئي کي تباھ ڪن ٿا ۽ ٻنهي جو مايو، ڦوٽان جي “گهڻ توانائي جوڙ“ ۾ تبديل ٿئي ٿو.
ان عمل کي فنائيت چئجي ٿو.

When a particle such as an electron meets its antiparticle, a positron, they destroy each other and their masses are converted into a high energy pair of photons in a process called annihilation.
(2) پروٽان Proton
پروٽان تي واڌو چاڄ ٿئي ٿي جڏھن تہ نيوٽران تي ڪابہ چاڄ ناھي. سڀ کان دلچسپ ڳالھ ھي آھي تہ ڪائنات جي تمام ايٽمن جي پروٽانن ۔ اليڪٽرانن ۽ نيوٽرانن ۾ معمولي بہ فرق نٿو ٿئي.
مثال پاري جي ايٽم ۾ 80 پروٽان ٿين ٿا پر جيڪڏھن ان جو ھڪ پروٽان ڪڍيو وڃي تہ ھي سون بنجي پوي ٿو ڇوجو سون جي ھڪ ايٽم ۾ 79 پروٽان ٿين ٿا يا ھن جو الٽ بہ ڪري سگهجي ٿو. اھڙي طرح جيڪڏھن سون جي ايٽم مان ھڪ پروٽان ڪڍجي تہ ھي پلاٽينيم بنجي وڃي ٿو. فزڪس جي عالمگير اصول مطابق ائٽم جي مرڪز ۾ جيتري تعداد ۾پروٽان (مثبت چارج) وڌندا اوتري ئي تعدا ۾ اليڪٽران(منفي چارج)به وڌندا ويندا.

ھي ايٽم جو بنيادي ذرو آھي. ھن تي ڪابہ چاڄ ناھي. ھڪ ايٽم ۾ اليڪٽران ۽ پروٽان جي تعداد ھميشہ برابر ٿئي ٿي جڏھن تہ نيوٽران جي تعداد پروٽان جي برابر يا ٿوري وڌيڪ ٿئي ٿي.
ھاڻي اچون ٿا ايٽم جي سائيز تي. ھڪ ايٽم ايترو ننڍو ٿئي ٿو جو ان جو تصور ڪري نٿو سگهجي. ھڪ ڪاربان جي ايٽم جي ايٽم مثال وٺجي ان جو قطر diameter) 0.154) نينو ميٽر بيھي ٿو. ھڪ نينو ميٽر ھڪ ملي ميٽر جو ڏھ لکون حصو آھي. ڄڻ تہ توھان پنھنجي پينسل سان ڪاغذ تي ھڪ نقطو لڳايو ٿا تہ ان نقطي ۾ ڪروڙين ايٽم سمائجي وڃن ٿا. انهن ايٽمن مان جڙندڙ ماليڪيولن جي تعداد لکين ناھي پر ڪروڙن تائين وڃي پھچي ٿي.
ڪائنات ۾ 120 قسمن جا ايٽم پاتا وڃن ٿا ڇوجو ھڪ عنصر ۾ ھڪ قسم جا ايٽم ٿين ٿا تنھنڪري عنصرن جي تعداد بہ اوتري آھي پر ايٽمن مان بنجندڙ ماليڪيولن جي تعداد لکين ناھي پر ڪروڙن تي وڃي پھچي ٿي.

0 comments:
Post a Comment