ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو تہ مڇر رت ڇو پيئندا آهن ۽ ڇا مڇر خالي رت تي ئي گذارو ڪندا آهن يا ٻئي ڪنھن شيء تي بہ؟..!
ماهرن موجب هن مهل تائين مڇرن جي حصن جا عضوا هڪ سئو ملين سال پراڻا دريافت ٿيا آهن يعني زمين تي ڊائنوسارن جي موجودگي کان بہ پھريان مڇر موجود هيا.
مڇر ٻوٽن ۔ گلن ۽ فروٽن جو رس بہ چوسيندا آهن. مڇر پکين، چمڙن، ڪرڙين ۽ ڏيڏر جي اهم خوراڪ هجن ٿا ۽ انھن پاران ڪيل گند مڇين جي خوراڪ پڻ هجي ٿو.
جيڪڏهن مڇر يا مکيون ختم ٿي وڃن تہ اهي جانور بہ ختم ٿي ويندا جيڪي مڇرن ۽ مکين تي گذارو ڪندا آهن. جيڪڏهن اهي جانور ختم ٿي وڃن تہ انھن کي شڪار ڪندڙ جانور بہ بک وگهي مري ويندا ۽ انهن جو ايڪولوجيڪل اثر ايترو گهڻو ٿي ويندو جو اسان ان جو اندازو بہ نٿا لڳائي سگھون.
مڇر جا 3500 سئو کان مٿي قسم هجن ٿيون جن مان صرف سئو کن قسم نقصانڪار آهن.
ڇا اوهان کي خبر آهي تہ مڇر جي خوراڪ رت بلڪل ناهي هوندي. اهي رت تڏهن چوسيندا آهن جڏهن انهن کي پنھنجا آنا ڏيڻا پون ٿا. هي رت انھن جي آنن کي پروٽين ڏيندو آهي جيڪڏهن اهي رت نہ چوسين تہ انھن جي آنن مان ٻچا نہ نڪرندا يا گھڻا ئي ڪمزور پيدا ٿيندا، مڇر مختلف گاھ ۽ ٻوٽن جو رس خوراڪ واسطي ڪتب آڻيندا آهن.
مڇر پنھنجي حس جي ذريعي هڪ سئو سٺ فٽ جي پنڌ کان پتو لڳائي وٺندو آهي تہ اوھان ڪٿي آهيو.
گهڻو ڪري مادي مڇر جو نشانو O بلڊ گروپ وارا وڌيڪ بڻبا آهن. ان کان پوءِ بي B ۽ پوءِ اي A وارن ڇھاسي سيڪڙو ماڻھن جي جسم مان اهڙا سگنل نڪرندا آهن جن کي مڇر محسوس ڪري وٺندو آهي ۽ انهن جي رت جي گروپ جو پتو لڳائي وٺندو آهي.
گھڻو ڪري صحت مند ۽ تندرست ماڻھن جي جسم مان ساہ ذريعي گھڻو ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ ڪڍندا آهن. مڇر کي انساني پگھر پاڻ ڏي ڪشش ڪري ٿو ۽ ماڻھو جنھن جو جسم ڪنھن بہ وجھ سان گرم هجي اھو گرم جسم انھن جي پسند آهي. جڏھن ورزش جي دوران اوھان کي پگهر ٿيندو آهي تہ اوهان جي جسم جو پد گرم هوندو آهي تہ ويھڻ سان ئي مڇرن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. اسان جي جسم تي حفاظت جي لاءِ ڪجھ بيڪٽيريا هوندا آهن جيڪي چمڙي تي اهڙا ڪيميڪل ٺاهيندا آهن جيڪي مڇر محسوس ڪري سگهن ٿا.
چٽي رنگ ۽ ڪاري ڳاڙهي ۽ ان طرح جهڙا تيز رنگ وارا ڪپڙا مڇرن کي پري پري تان نظر ايندا آهن ۽ اهي ئي شڪار ٿيندا آهن. جيڪي شراب پيئندا آهن انهن ڏي بہ مڇر ڇڪ ڪندو آھي.
مڇر انسانن کان علاوه وڌيڪ رت ٻين جانورن ۽ پکين جو بہ پيئندا آهن جن ۾ پيرن وارا جانور ڪتا ۔ ٻليون ۽ ٻيا شامل آهن جيڪي مختلف بيماريون ڏيندا آهن جن مان ورمز ۽ لنگ ورمز وغيره جيڪا انھن ڪارڻ ڦهلبي آهي.
عام حالتن ۾ مادي مڇر ڪجھ هفتن تائين زندھ رهندي آهي ۽ نر مڇر هڪ هفتي تائين. انھن جي زندگي جو گھڻو ڪري گذارو پد ۽ نمي ۽ موسم تي هوندو آهي ۽ گهڻي ٿڌ جي موسم ۾ هي ميلاپ ڪندا آهن جنھن کي ڊائپش چئبو آهي ۽ ڪجھ مڇر گرم جڳھن تي پنھنجو گھر ٺاهيندا آهن جيئن گٽر نالين جا پائپ ۽ گندگي وارا هنڌ ۽ ڪچرو.
سڄي دنيا ۾ مڇرن جا 3500 سئو کن مختلف قسم آهن.
سڄي دنيا ۾ هڪ ملين ماڻھون هر سال مڇرن جي چڪ جي ڪري موت جو شڪار ٿيندا آهن. مليريا بيماري مڇرن جي مدد سان ڦھلبي آهي جيڪا سڀ کان عام بيماري آهي ۽ هڪ مليريا مڇر تقريبن سئو کن ماڻھن کي ان جو شڪار بڻائي سگهي ٿو.
مادي مڇر جو رت چوسڻ وارو گهڻو پسند وارو جانور گهوڙو مينھن هوندي آهي ۽ ٻيا جانور جيڪي ڪاربن ڊاء آڪسائيڊ گهڻو ڪڍندا آهن انکان پوءِ انسان ۽ ٻيا چمڙي وارا جانور.
ڇا مڇر بہ هڪ ٻئي جو رت چوسيندا آهن؟
جي بلڪل: اهي هڪ ٻئي جو رت بہ چوسندا آهن
مڇرن جي خوراڪ رت کان علاوه نيڪٽر رس ۽ پاڻي هجي ٿي جيئن ٻيا جيت گلن مان نيڪٽر رس حاصل ڪندا آهن. خالي مادي مڇر پنھنجي نسل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ رت چوسڻ کي ترجيح ڏيندي آهي ۽ نر مڇر ۾ رت چوسڻ وارو حصو ناهي پاتو ويندو.
مڇر رت چوسڻ کان سوا بہ زندھ رهي سگهن ٿا رت ۾ نيڪٽر جي نسبت گهڻي وڌيڪ طاقت هوندي آهي. ان ۾ موجود پروٽين ۽ آئرن ۽ ٻيا نيوٽرينٽس آنن لاءِ مفيد هجن ٿا
مڇر هڪ دفعو چڪ هڻڻ سان ٽي ملي گرام رت چوسيندا آهن.
نر ۽ مادي مڇر ۾ فرق ڪيئن ڪجي؟
نر مڇر جا اينٽينا جيان وار پرن سان ڀريل هوندا آهن جن سان اهي مادي مڇر جو پري کان پتو لڳائي سگهندو آهي. ان جي ابتڙ مادي مڇر جا اينٽينا جيان گهٽ وار ٿين ٿا. مادي مڇر نر مڇر کان گھڻي ڀاڱي وڏي هوندي آهي.
مڇر جي چڪ هڻڻ سان خارش ۽ سوزش ٿئي ٿي ۽ مادي مڇر چڪ هڻڻ دوران رت کي ڄمائڻ کان روڪڻ لاءِ Saliva گگ استعمال ڪندي آهي. ان ۾ پروٽين رت کي ڄمڻ کان روڪيندا آهن. هي ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ اسان جي جسم جو الرجڪ ري ايڪشن هوندو آهي.
مڇرن کي ڇھ ٽنگون ۽ ٻہ اکيون هونديون آهن ۽ 47 کن ڏند پر اهوئي انسان جيان نہ پر عاري بليٽ جيان اڳيان کان هوندا آهن.
مڇر جسماني لحاظ کان ٽي ايم ايم کان پنجويھ ايم ايم تائين ٿئي ٿو. مليريا مڇر گھڻو ڪري پنج ايم ايم جو ٿئي ٿو. دنيا ۾ مختلف ملڪن جي مڇرن جا مختلف نالا رکيا ويا آهن جيئن ”نو سي يومس“ ”سائوٿي ارن هائوس“ ”مرشا اور مليريا“ ”نارٿين هائوس“ ”يلو فيور“ ايشيائي ٽائيگر وغيره.
مڇر جي چڪ سان بخار 265 عيسوي ۾ پاتو ويو. تاريخ ۾ ان بخار جو ذڪر سترهين صدي ۾ بہ آيو آهي. ڊينگي مڇر مختلف ملڪن ۾ ٽائرن ۽ ٻين شين وسيلي ريلن ذريعي مختلف ملڪن ۾ پھتو.
ياد رهي تي مڇر جون ڇھ ٽنگون هونديون آهن. ان کان وڌيڪ ٽنگون رکندڙ مڇر جھڙو ڏيک ڏيندڙ ٻئي نسل جا جيت هوندا ۽ جيڪي وڏا پڻ ٿيندا آھن ۽ گهڻو ڪري باغن ۾ پاتا ويندا آهن جن کي اسان مڇر سمجهي ماري ڇڏيندا آهيون اهوئي دراصل مڇر ناهين هوندا. ڊينگي مڇر جي جسم تي اڇا چٽڪا هوندا آهن ۽ اهو وڏو ناهي ٿيندو.
مڇر ڏينھن جو گهرن جي اونداهي وارين جڳھن ۽ گندگي وارين جڳھن تي ننڊ ڪندا آهن. گهڻا ٻوٽن ۽ وڻن ڏي واپس هليا ويندا آهن
مڇر کان احتياط:
گهر ۾ يا گهر جي ٻاهران پاڻي ڪٿي بہ هجي تہ اهو سڪائي ڇڏجي.
جيڪڏھن گهر ۾ ڪونڊين وارا ٻوٽا آهن تہ انهن ۾ پاڻي نہ بيهڻ ڏجي
پنهنجي گھر جي ٻاهران کان گند ڪچرو صاف ڪري ڇڏجي.
رڌڻي ۾ غير ضروري شيون جيئن ٽائر ۽ پراڻا سامان نہ رکجن.
جارن ۽ کڙڪين تي ڄار لڳائجن.