پروفيسر اھم موضوع تي ليڪچر ڏيئي رھيو ھو. جيئن ھن ڪجھ لکڻ لاء بورڊ ڏي منھن ڪيو، ڪنھن شاگرد سيٽي وڄائي.
پروفيسر شاگردن ڏي مھڙ ڪئي.
”ڪنھن سيٽي وڄائي؟“
ڪوبہ شاگرد جواب ڏيڻ لاء آمادھ نہ ٿيو.
ھن پين بند ڪري کيسي ۾ وڌي ۽ رجسٽر کڻي ھلڻ لڳو.
”منھنجو ليڪچر پورو ٿيو ۽ اڄ ايترو ڪافي آھي.“
پروفيسر اڳتي ھلي رڪيو. رجسٽر واپس ٽيبل تي رکيو.
”چڱو مان توھان کي قصو ٻڌايان ٿو تہ جيئن پيريڊ جو وقت پورو ٿي وڃي.“
شاگردن سان مخاطب ٿيو
”رات مون سمھڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر ننڊ ڪوھين ميل پري ھئي ۔ سوچيم ۔ وڃي ڪار ۾ پيٽرول وجهرايان ٿو تہ جيئن ھن وقت پيدا ٿيل يڪسانيت ختم ٿي وڃي ۔ سمھڻ جو موڊ ٿئي ۽ صبح سويري پيٽرول وجهرائڻ جي زحمت کان بچي پوان.“
استاد جي قصي ۾ شاگردن جي دلچسپي وڌڻ لڳي. پروفيسر قصو وڌايو.
”مون پيٽرول وجهرائڻ لاء علائقي ۾ ھيڏي ھوڏي گاڏي ھلائڻ شروع ڪئي. ڪافي چڪرن کان پوء گهر واپسي لاء مون ڪار کي موڙيو تہ منھنجي نظر رستي تي بيٺل ھڪ ڇوڪري تي پئي. ڇوڪري نوجوان ۽ خوبصورت ھئي پر سينگاريل ۽ سجيل بہ. لڳي رھيو ھو تہ ڪنھن پارٽي تان واپس وري ھئي. مون ڪار وڃي ان جي ڀرسان روڪي ۽ پڇيو
”مان توھان کي توھان جي گهر ڇڏي سگهان ٿو.“
ڇوڪري وراڻيو
”ائين ڪرڻ تي توھان جي مھرباني ٿيندي. مون کي سواري نہ ملي رھي آھي.“
ڇوڪري اڳين سيٽ تي مون سان گڏ ويٺي. گفتگو ۾ انتھائي مھذب ۽ سلجهيل ۔ موضوع تي مڪمل عبور ۔ ڄڻ تہ علم ۽ ثقافت جو شاندار امتزاج ھئي.
مان جڏھن ھن جي ٻڌايل پتي تي ھن جي گهر پھتس تہ مون اعتراف ڪندي چيو
مون توھان جھڙو باشعور ۽ نفيس انسان ڪڏھن ناھي ڏٺو ۽ توھان منھنجي دل ۾ گهر ڪري ويا آھيو ۔ مون کي توھان سان پيار ٿي ويو آھي.“
مون صاف صاف چيو
”سچ پڇو تہ توھان شاھڪار عورت آھيو ۔ منھنجي توھان سان دل لڳي وئي آھي.“
گڏ گڏ مون ٻڌايو
”مان يونيورسٽي جو پروفيسر آھيان ۔ پي اڇ ڊي ڪئي آھي ۽ معاشري جو لاڀائتو ماڻھو آھيان.“
ڇوڪري مون کان فون نمبر گهريو تہ مون بنا ڪڇڻ جي ٺھ پھ ڏيئي ڇڏيو. منھنجي يونيورسٽي جو ٻڌي ڇوڪري ڏاڍي خوش ٿيندي چيو
”منھنجي ھڪ گذارش آھي.“
مون چيو
”حڪم ڪيو“
چوڻ لڳي
”منھنجو ڀاء توھان جي يونيورسٽي ۾ پڙھي ٿو ۔ گذارش آھي تہ ان جو خيال رکو.“
مان ڪپڙن ۾ نہ پئي ماپيس.
”ھي تہ ڪا وڏي ڳالھ ناھي. مون کي ان جو نالو ٻڌايو.“
مون چيو.
”مان توھان کي ان جو نالو نٿي ٻڌايان پر ان جي ھڪ نشاني ٻڌايان ٿي، توھان ھن کي اتي ئي سڃاڻي ويندا.“
مون تعجب مان پڇيو
”ڇا اھڙي ڪا خاص نشاني آھي جنھن سان مان ان کي سڃاڻي ويندس.“
چوڻ لڳي
”ھو سيٽيون ھڻڻ گهڻو پسند ڪندو آھي.“
پروفيسر جو ايترو چوڻ ۽ ڪلاس جي سڀن شاگردن جي نظر غير ارادي طور ان ڇوڪري ڏانھن کڄي وئي جنھن سيٽي وڄائي ھئي.
پروفيسر ڪرڙي نظر سان ان ڇوڪري کي ڏٺو.
بيھي رھ اڙي خوتا! تون ڇا ٿو سمجهين تہ مون ايڪشن ھڻندي پي ايڇ ڊي ڪئي آھي. پڪڙجي پئين نہ......!!!!!!!
0 comments:
Post a Comment