ھڪ ڪاٺير سان شينھن جي دوستي ٿي وئي. ڪاٺير جڏھن بہ ڪاٺيون ڪرڻ ايندو ھيو، ٻئي ويھي ڪچھري ڪندا ھئا. ڪاٺير شينھن وٽ بي خوف ويھندو ھيو ڇوجو ڪاٺير کي يقين ھيو تہ شينھن ھن کي ڪوبہ نقصان نہ پھچائيندو. ھڪ ڏينھن ھڪ ماڻھو ٻنهي کي گڏ ويٺل ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو. شير جي وڃڻ کان پوء اھو شخص وڌي ھن ڏي آيو.
”مون کي تنھنجي عقل تي حيرت ٿئي ٿي تون روز شينھن سان گڏ ويھين ٿو توکي نقصان پھچي تہ“ ان شخص ڳالھ کي چوريو
”شير منھنجو دوست آھي مون کي ھن تي ڀروسو آھي مون کي نقصان نہ پھچائيندو.“ ڪاٺير چيو
”مان تنھنجو دوست آھيان تون مون تي اعتبار ڪري سگهين ٿو پر درندي تي نہ. ڪيڏي مھل بہ حملو ڪري توکي کائي سگهي ٿو.“
ڪاٺير کي ڳالھ دل سان لڳي. ڪاٺير شينھن کان ٽارو ڪرڻ لڳو. شينھن روز ھن جو انتظار ڪندو ھيو پر ھن اچڻ ڇڏي ڏنو. نيٺ شينھن کي سڄي ماجرا جي خبر پئجي وئي.
شينھن ڪاٺير سان مليو. شينھن ڏکارو لڳي رھيو ھو.
”ھن ڪھاڙي سان منھنجي پٺي تي وار ڪر“ شينھن ڏک مان چيو.
”تون پاڳل ٿي ويو آھين مان دوست ٿي توتي ڇو وار ڪندس“
شير ضد تي اڙيو رھيو. مجبورن ڪاٺير ڪھاڙي سان شير تي وار ڪيو. شير کي گھرو زخم رسيو پر شير ٻڙڪ نہ ڪڍي. شير ڳوڙھا ڳاڙھيندي خاموشي سان ھليو ويو. ھن واقعي کان پوء شير انهي حالت ۾ ڪاٺير سان ملندو رھيو. وقت گذرندو رھيو، زخم ڀرجندو رھيو. زخم ختم ٿيا تہ شير ڪاٺير کي چيو
”ڏس! تنھنجي ڪھاڙي جي وار جو زخم ختم ٿي چڪو آھي ۽ نشان بہ ناھن رھيا پر تو مون کي درندو چئي جيڪو زخم رسايو آھي اھو اڃان تائين ڀريو ناھي.“
شير جي ڳالھ ٻڌي ڪاٺير شرمندو ٿيو ۽ واعدو ڪيو تہ اڳتي دوستي جي اعتبار کي نہ ٽوڙيندو.
سبق :- دوستي شڪ کان مٿي آھي دوست کي دوست تي اعتبار ڪرڻ کپي ۽ ٻين جي ڳالهين تي لڳڻ نہ کپي.
0 comments:
Post a Comment