Friday, 31 May 2019

نِرجَل ۔ نِرجَر ۔ نَرڳار Vitreous ۔ Vitreous humor ۔ Vitreous body 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نرجل جسم ھڪ صاف ڳار آھي جيڪو انسانن ۽ ٻين ڪرنگهيدار جانورن جي نرحس ۽ بلور جي وچ ۾ خال کي ڀري ٿو. انهي کي خوش ڳار يا سادي نموني نرجل جي حوالي سان ڄاتو وڃي ٿو. اھو 99 سيڪڙو پاڻي تي مشتمل ٿئي ٿو ۽ باقي ڪولاڄي ۔ پروٽينن ۔ لوڻن ۽ مٺاڻن وارو آھي. پاڻي کان ڪولاڄي شرح باوجود نرجل ۾ مستقل جيلي وانگر پاڻيٺ آھي.
The vitreous body is the clear colorless gel or fluid that fills the space between the lens and the retina of the eyeball of humans and other vertebrates. It is often referred to as the vitreous humor or simply "the vitreous". 99% of it consists of water and the rest is a mixture of collagen, proteins, salts and sugars. Despite the water-to-collagen ratio, the vitreous has a firm jelly-like consistency.

Vitreous
نرجل ۔ نرجر ۔ نرڳر ۔ نرڳار ۔ خوش ڳر ۔ اک جو شفاف پاڻيٺي ڳار

Vitreous body ڳار جسم ۔ ڳر جسم

بي رنگ ڳر ۔ بي رنگ جيل Colorless gel

Colorless fluid
بي رنگ پاڻيٺ ۔ بي رنگ ڳر

Space  خال ۔ خلا

بلور   Lens

Retina  نرحس ۔ نرجوت ۔ نرعڪس ۔ حس جهلي

Eyeball  اک بال

ڪرنگهيدار ۔ ريڙھدار  Vertebrates

Vitreous humor خوش ڳار

 ڪولاڄو ۔ ميلاڄو  Collagen

Proteins  پروٽين

لوڻ  Salts

Sugars  کنڊون

پڪو     Firm

Water-to-collagen ratio
پاڻي کان ڪولاڄي شرح

Jelly-like consistency
مستقل جيل جھڙي پاڻيٺ

ڪَنوٺِي ۔ ڪَنيڍِي Vestibule 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪنوٺي اندريين ڪن ۾ پيچڳي ھڏي جو وچون حصو آھي ۽ ڪن چر پويان ۽ ٽن اڌ گول نالين پويان دھلڙي جي وچ تي آھي. ھي لاطيني لفظ vestibulum ۽ ادبي لفظ an entrance hall تان اچي ٿو. اھا توازن ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي. ڪنوٺي جون ٻہ جهليدار ڳوٿريون ٿين ٿيون چموٿي ۽ ڳوٿاري۔اھي پاٿر عضوا سڏجن ٿا. ڪنوٺي ۽ اڌ گول ناليون توازن جي حس ۾ ملوث ٿين ٿيون. ڪنوٺي ۾ چموٿي ۽ ڳوٿاري دماغي حالت ۾ ڪشش جي حوالي سان موٽ ڏين ٿيون. ڪنوٺي اندريين ڪن جو اھم حصو آھي ۽ انهن اھم جوڙجڪن مان ھڪ آھي. ڪنوٺي جو اھم ڪارج ڪشش ۽ لڪيري تيزي ۾ تبديلين کي سڃاڻڻ آھي
The vestibule is the central part of the bony labyrinth in the inner ear, and is situated medial to the eardrum (tympanic cavity), behind the cochlea, and in front of the three semicircular canals. The name comes from the Latin vestibulum, literally an entrance hall.
It plays role in equilibrium. There are two membranous sacs of the vestibule, the utricle and the saccule, they are known as the otolith organs. The vestibule and the semicircular canals are involved in the sense of equilibrium. Utricle and saccule within the vestibule respond to changes in the position of the head with respect to gravity (linear acceleration).
The vestibule is an important part of inner ear and is one of these important structures. The vestibule's main function is to detect changes in gravity and linear acceleration.

Vestibule  ڪنوٺي ۔ ڪنيڍي

پيچڳي ھڏي Bony labyrinth

Medial  درميان ۔ وچ

Eardrum (Tympanic cavity)
دھلڙي ۔ دجهلي ۔ واڄ جهلي

Cochlea  ڪن چر ۔ ڪن ڪوڀ ۔ ڪن ڀاڏ

Semicircular canals
اڌ گول ناليون

Equilibrium  توازن

Membranous sacs
ڳوٿر جهليون ۔ ٿيلهي جهليون

Utricle  چموٿي ۔ ڪنوٺي جي چم واري ننڍي ٿيلهي

Saccule ڳوٿاري ۔ ٿيلهاري ۔ ڪنوٺي جي ننڍڙي ٿيلهي

Linear acceleration  خطي تيزي

اندريون ڪن Inner ear

Thursday, 30 May 2019

اس لڳڻ ۔ ڏينھن لڳڻ Sun stroke 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اونهاري جا ڏينھن وڏا ۽ گرم ٿين ٿا ڇوجو سج پنھنجي آب تاب سان چمڪندو رھي ٿو ۽ زمين تي شعائن جا گولا وسائي ٿو. ھن گرمي جي ڪري انسان جي جسم جو گرمي پد وڌي وڃي ٿو. اڪثر ماڻهو اس ۾ نڪرن ٿا ۽ اس جي پرواھ نٿا ڪن، نتيجن ڏينھن لڳي وڃي ٿو. ڏينھن لڳڻ ڪري انسان جو دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو. جيڪڏھن ان جو جلدي علاج نہ ڪرايو وڃي تہ اھو موت ور چڙھي سگهي ٿو. گرمي جي موسم ۾ پگهر اچڻ ڪري جسم ۾ لوڻياٺ ۽ پاڻي جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ۽ مٺاڻ جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ۽ ھاضمي جي بگڙڻ جي ڪري معدي جا مسئلا ڪر کڻن ٿا.
اسان کي ڄاڻ رکڻ کپي تہ اسان جي جسم جو گرمي پد ھميشہ 37 ڊگري سينٽيگريڊ رھي ٿو. ھن درجي حرارت تي اسان جي جسم جا سڀ عضوا صحيح نموني ڪم ڪن ٿا.
مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۔ ٻارن ۽ پوڙھن کي جلدي ڏينھن لڳي ٿو ڇوجو انهن ۾ قوت برداشت جي کوٽ ٿي وڃي ٿي.
 پگهر جي صورت ۾ پاڻي خارج ڪري جسم 37 ڊگري سينٽيگريڊ گرمي پد برقرار رکي ٿو. مسلسل پگهر وھڻ جي صورت ۾ پاڻي پيئندو رھڻ انتھائي مفيد ۽ ضروري آھي. جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري اسان جو جسم پگهر جي ذريعي پاڻي جي خارج ٿيڻ کي روڪي ٿو.
جڏھن ٻاھر گرمي پد 45 ڊگري سينٽيگريڊ کان وڌيڪ ٿي وڃي ٿو ۽ جسم جو ٿڌاڻ سرشتو ٺپ ٿي وڃي ٿو تڏھن جسم جو گرمي پد 37 ڊگري سينٽيگريڊ کان وڌي وڃي ٿو.
موسم جي ھي سختي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اس لڳڻ جي صورتحال پيدا ڪري ٿي. ھي اثر خط استوا جي ٺيڪ مٿان سج جي ٽچڪڻ جي ڪري ٿين ٿا.
جسم جو گرمي پد جڏھن 42 ڊگري سينٽيگريڊ تي پھچي ٿو تڏھن رت گرم ٿيڻ لڳي ٿو ۽ رت ۾ موجود پروٽين پچڻ لڳن ٿا ۔ ڏورا ڪڙڪ ٿيڻ لڳن ٿا، ان وقت ساھ کڻڻ لاء ضروري ڏورا ڪم ڪرڻ بند ڪن ٿا ۔ جسم جو پاڻي گهٽ ٿيڻ ڪري رت گهاٽو ٿيڻ لڳي ٿو ۔ بي پي گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ اھم عضون خاص ڪري دماغ تائين رت جي رسائي بند ٿي وڃي ٿي. انسان سڪتي ۾ ھليو وڃي ٿو ۽ آھستي آھستي عضوا ڪم ڪرڻ بند ڪن ٿا ۽ موت رونما ٿي وڃي ٿي.

علامتون :-
ڏينھن لڳڻ ڪري مريض جي چمڙي خشڪ ۽ گرم ٿئي ٿي.
مريض کي اڀساھي ٿي وڃي ٿي ۽ ساھ کڻڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.
پگهر اچڻ بند ٿي وڃي ٿو.
جسماني گرمي پد وڌي وڃي ٿو.
دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي.
مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۔ ٻارن ۽ پوڙھن کي جلدي ڏينھن لڳي ٿو ڇوجو انهن ۾ قوت برداشت جي کوٽ ٿي وڃي ٿي.
اوچتو مٿي ۾ سور پوڻ.
اکين آڏو انڌيرو اچڻ.
مٿو ڦرڻ.
الٽي اچڻ.
ساھ کڻڻ ۾ مشڪل اچڻ.
اوچتو شديد ڪمزوري ٿيڻ.
بي ھوشي.
دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ.
بخار ٿيڻ.
چمڙي جلدي ڳاڙھي يا خشڪ ٿيڻ.
تمام تيز بخار ٿيڻ.
ڪپڙا سنها پارائجن.
مٿي ۔ نرڙ ۔ بغلن ۽ رانن تي ٿڌيون پٽيون رکجن.
وقت بوقت متاثر کي وھنجاريندو رھجي.
متاثر کي بروقت اسپتال پھچائجي.

احتياط :-
گرمي جي ڏينھن ۾ مسلسل پاڻي پيئندو رھجي جيئن جسم جو گرمي پد 37 ڊگري سينٽيگريڊ رھي سگهي
گرمي ۾ 12 کان 3 بجي تائين گهر ۔ ڪمري يا آفيس ۾ رھڻ جي ڪجي.
ڏينھن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 کان اٺ لٽرن تائين پاڻي پيئڻ گهرجي.
بي پي تي نظر کڻ گهرجي.
سج جي گرمي ڪيڏي مھل بہ لڳي سگهي ٿي.
ٿڌي پاڻي سان وھنججي.
گوشت جو استعمال گهٽ ۾ گهٽ ڪجي.
ميوا ۽ سبزيون وڌ ۾ وڌ استعمال ڪجن.
ڪمري ۾ پاڻي جا 2 يا 3 ٽب ڀري رکجن جيئن ڪمري جو گرمي پد نہ وڌي ۽ آلاڻ برقرار رھي.

 اپاء :-
متاثر ماڻھو کي ٿڌي جڳھ ۾ منتقل ڪجي.
ٽنگون جسم کان مٿي رکجن.
جلدي پاڻي پيارجي.
ڪپڙا سنها پارائجن.
مٿي ۔ نرڙ ۔ بغلن ۽ رانن تي ٿڌيون پٽيون رکجن.
وقت بوقت متاثر کي وھنجاريندو رھجي.
متاثر کي بروقت اسپتال پھچائجي.

تدبيرون :-
اونهاري ۾ ٿڌن ۽ تسڪين ڏيندڙ شربتن جو وڌ کان وڌ استعمال ڪجي جيئن ڏينھن لڳڻ کان بچي سگهجي.

ليمي جو پاڻي :-
ليمو تڪسيد روڪ ٿئي ٿو. ھن ۾ تاندور ۽ نشاستو وافر مقدار ۾ پاتو وڃي ٿو. ليمو پاڻي جسم کي تازگي توانائي بخشي ٿو. ھي چمڙي کي رونق ڏيڻ کان سوا ھاضمي جي نظام کي بھتر ڪري ٿو ۔ نزلي زڪام کان تحفظ ڏئي ٿو ۽ گرمي جي اثر کي زائل ڪري ٿو.

لسي ۽ ڏھي :-
ڏھي ۾ معدني طاقت ٿئي ٿي ان ۾ پروٽين ڪيلشم وٽامن اي وٽامن بي وٽامن سي ۽ وٽامن اي ٿئي ٿو جيڪو جسم ۾ ٿڪ ۔ ڪمزوري ۽ لوڻياٺ دور ڪري ٿو. گرمي ۾ لسي يا مٺي لسي پاڻي جي کوٽ پوري ڪري ٿي ۽ گرمي جي شدت کي گهٽ ڪري ٿي.

مٺي لسي ڪيئن ٺاھجي ھي ڪڙي کولي پڙھندا.
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2019/05/blog-post_40.html

ڏھي ڪيئن ٺاھجي ھي ڪڙي کولي پڙھندا.
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2019/04/blog-post_28.html

ستو کا شربت :-
ستو جو شربت اونهاري ۾ فرحت بخش ٿئي ٿو ھن ۾ موجود تاندورا قبض جي شڪايت ختم ڪن ٿا ۔ پيٽ جي سور کي دفع ڪن ٿا ۽ پيٽ ۾ خرابي کي پيدا ٿيڻ نٿا ڏين ۽ پاڻي جي کوٽ پوري ڪري ٿو.

جو جو ستو ڪيئن ٺاھجي ھي ڪڙي کولي پڙھندا.
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2019/05/blog-post_37.html

تخم بالا جو شربت :-
تخم بالا جو شربت گرمي جو ٽوڙ رکي ٿو. ھي شربت دل کي باغ بھار رکي ٿو ۔ گرمي جي اثر کان بچائي ٿو ۽ جسماني قوت برداشت کي مضبوط رکي ٿو.

تخم بالا ۽ ھنداڻي جو شربت ڪيئن ٺاھجي ھي ڪڙي کولي پڙھندا.
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2019/05/blog-post_55.html
املي الوبخارا شربت :-
اونهاري ۾ املي الوبخارا جي شربت کان وڌيڪ ٻيو ڪوبہ شربت نہ ملندو. اھي پورھيت جيڪي اس ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ سڄو ڏينھن لوڙين ٿا انهن کي ڏينھن جو شربت املي الوبخارا پيئڻ کپي. سائين محبوب منگي ڦلجي اسٽيشن جيڪو ديڳون پچائڻ جو ڪم ڪندو ھو. ان جو چوڻ ھو تہ ڀلي ڏينھن تتو ھجي مان شربت املي الوبخارا پي ڪم ڪندو آھيان مون تي گرمي جو اثر ناھي ٿيندو. بلڪل حقيقت آھي اونهاري ۾ پورھيتن کي شربت املي الوبخارا دتو ڪمپني يا قرشي ڪمپني يا اشرف ڪمپني وٺي ڏينھن جو پيئڻ کپي ۽ اس جي حملن کان بچڻ کپي.

Wednesday, 29 May 2019

ڄار جو وڻ Salvaora oleoides 💎ليکڪ:- شمس الدين زئنور ۔ مشڪور ڦلڪارو💎

MyDairyAsgharSagar

کبڙ يا ڄار (Salvadora oleoides) سنڌ ۾ ٿيندڙ هڪ  عام وڻ آهي. هيءُ وڻ سنڌ جي سامونڊي علائقن، بدين، ٺٽي کان سواءِ ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ڪاڇي ۽ ٻين علائقن ۾ بہ ٿئي ٿو. ڄار پاڪستان جي ٻين ڀاڱن: ديري غازي خان، ديري اسماعيل خان، بھاول پور، تونسا ۽ لسٻيلي ۾ وڏي مقدار ۾ ٿئي ٿو. هيءُ وڻ هندستان، آفريڪا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ بہ ٿيندو آهي. هند ۾ هن کي جهاڪ ۽ جل بہ چوندا آهن.
ڄار مان انيڪ فائدا آهن. ڄار جون ٽاريون پٽي ماڻهو ڏندڻ طور ڪم آڻيندا آهن. هن وڻ جي ميوي کي ’پيرُون‘ چوندا آهن، جڏهن ته ڄار جا پَنَ ٻاڪرو مال ۽ اُٺ شوق سان کائيندا آهن. ڄار جو وڻ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو وڏو حصو جذب ڪري، آڪسيجن خارج ڪندو آهي. ڄار جو هڪ وڻ روزانو 60 کان 80 گيلن پاڻي زمين مان فضا ۾ موڪلي، ماحول کي صاف ۽ خوشگوار بنائيندو آهي.
ڄار ٿر جو اهم ۽ هميشه سائو رهندڙ وڻ آهي. ڄار جا پيرونءَ ٿر جي ماڻهن لاءِ ڄڻ تہ انگور هجن جيڪي هو شوق سان کائيندا آهن. جنهن سال ڄارين ۾ پيرون تمام گهڻا ٿين ته، اهو انهي سال گهڻي برسات وسڻ جو اهڃاڻ آهي. ڄار جي جنهن پاسي پيرونءَ گهڻا ٿين انهي پاسي برسات به گهڻي وسندي، وري ڪڏهن ڪڏهن ڄاريون هڪ علائقي ۾ پيرون گهڻا ڪن تہ ٻئي علائقي جون ڄاريون پيرونءَ گهٽ ڪن. جنهن علائقي ۾ پيرونءَ وڌيڪ ٿين اتي برسات بہ وڌيڪ پوي ۽ جنهن علائقي ۾ پيرونءَ گهٽ ٿين، اتي برسات بہ گهٽ پوڻ جا اهڃاڻ آهن.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ ڄار جو وڻ گهميل ۽ خشڪ علائقن ۾ ٿيندو آهي. هن وڻ جا پن علائقائي ۽ موسمي لحاظ کان ڪجھ ڌار ڌار قسم بہ آهن. ٿر ۾ ڄار جو قسم ريگستاني آهي. ڄار جو وڻ موسمي اثرن کي برداشت ڪندڙ وڻ آهي. انهي ڪري ٿر جھڙي ريگستان ۾ بہ هي سدائين سائو رهندو آهي. ڄار جو وڻ ، زمين ، هوا ، گهم وغيره مان کاڌ خوراڪ حاصل ڪندو رهندو آهي. ٿر ۾ ڄار جو وڻ اپريل کان مئي مھيني تائين پيرونءَ جهليندو آهي. مارچ کان ڄارين ۾ ٻور جنھن کي مڪ سڏيو ويندو آهي ٿيڻ شروع ٿيندي آهي . مارچ کان ٿر ۾ ڏکڻ جي هوا لڳڻ شروع ٿيندي آهي، جنھن ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي. ٿر جي ڄار جيئن تہ ريگستاني وڻ اهي، انهي ڪري ريگستاني ٻين ٻوٽن جيان هي پڻ پاڻي جي ضرورت هوا جي گهم مان پوري ڪندي آهي. انهي ڪري ڄار جي جنھن پاسي مارچ جون هوائون وڌيڪ لڳنديون انهي پاسي هو وڌيڪ ٻور جهليندو آهي، نتيجي ۾ انهي پاسي پيرون پڻ وڌيڪ ٿيندا آهن. جنهن سال مارچ کان ئي هوا ۾ گهم جو مقدار وڌڻ شروع ٿيندو آهي انهي سال اها وڌندڙ گهم اڳتي هلي مينهن جو مانڊاڻ ٺاهڻ ۾ مدد ڪندي آهي. برساتون بہ انهي سال وڌيڪ وسنديون آهن پر جنھن سال مارچ اپريل ۾ هوا ۾ گهم گهٽ مقدار ۾ هوندي انهي سال مينھن پڻ گهٽ وسڻ جو امڪان پيدا ٿي ويندو آهي. انهي سال گهم گهٽ ملڻ ڪري گهربل پاڻي جي ضرورت جي پورائي نہ هئڻ ڪري ۽ تيز هوائن لڳڻ ڪري ڄارين جو ٻور وڌيڪ ڇڻندو آهي ۽ انهي سال پيرونءَ پڻ گهٽ پيدا ٿيندا آهن .
ڄار جي انهي مشاهدي ۽ مطالعي مان ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ٿئي ٿي . انهي ڪري جديد سائنس پڻ ، موسمي سببن جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي صحيح هئڻ جي تصديق ڪري ٿو.

روز جهولو لڳي روز پيرونء پچن، شال ماروء اچن 
ھن وقت ٿر توڻي بر ۾ بنا ڪنھن برسات جي به ڄارين ۾ لڳل پيرو پچي راس ٿيڻ بعد پٽن تي ڇڻن پيا ۽ مارو ماڻهو قدرت جي انهي سوغات جو پاڻ بہ سواد وٺن پيا تہ گڏوگڏ  اهي ميڙي 60 کان 80 روپئي ڪلو جي حساب سان ننگر پارڪر، مٺي، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ، ڏانو ۽ کوکروپار جي بازارين ۾ وڪرو ڪري پنهنجون ننڍيون ضرورتون بہ پوريون ڪن پيا. 
هن موسم کي پيرون چونڊي جي موسم بہ چئجي ٿو. ٿري عورتون، ٻار، جوان، ٻڍا ٽولن جي صورت ۾ صبح سوير اسر ويل جهنگ ۾ وڃي ڄار جي وڻن تي چڙهي پيرون چونڊي لاهين ٿا ۽ پوء يا تہ هول سيل ۾ دڪاندارن کي ڏين يا ڇٻن ۾ پيرون وجهي گهر گهر گهٽي گهٽي هوڪو ڏيئي پيرون کپائين ۽ ان مان اٽو ۽راشن پاڻي  وٺن.
مئي ۽ جون مهينا ٿر توڻي سنڌ جي بئراجي ايريا ۾ موجود ڄارين يا کٻڙن يا کٻڙين  ۾ پيرون ٿيندا آهن. گهڻا ماڻهو انکي پيلهون بہ چون ٿا. ٿر ۾ جتي سندن پيدائش توڻي واهپو گهڻو آهي اتي ڪَچن پيرن کي مَاڇڪ ۽ پڪن کي پيرون چوندا آهن. ٿر ۾ صبح ٿيڻ سان ئي عورتون ۽ ٻار، ٽٻڪ ٽٻڪڙا ، ديڳڙيون ۽ ٽڀا کڻي پيرونءَ جي ڄارين تي چڙهي پيرون چونڊين ٿا. پيرون ٿر جا ڄڻ تہ انگور آهن.
ٿري تازا پٽيل پيرون ترت کائن بہ ۽ بچيل سڪائين بہ. پيروئن کي ڪپڙو وڇائي ان تي سڪائڻ لاءِاس ۾ رکي ڇڏيندا آهن انهن کي وقت به وقت ڪاٺي سان پيا اٿلائيندا آهن پر هٿ ڪو نه لڳائيندا آهن، ڇو جو هٿ لڳائڻ سان پيرون خراب ٿي ويندا آهن. پوري نموني سڪڻ کانپوءِ انهن کي ڪپڙي جي ڳوٿرين يا ڪنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ رکيو ڇڏين. ڏڪار وقت اهي پيرون بہ سندن خوراڪ جو اهم وسيلو آهن. انهن سڪايل پيروئن کي ڪوڪڙ بہ چوندا آهن.
ٿري پيروئن جو ڳڙ بہ ٺاهين ٿا. ڪندا ڇا آهن جو پيرن کي ماٽي ۾ وجهي پوءِ جهيرڻي يا منڌيءَ سان ولوڙي پاڻي ڪري پوءِ انکي ڇاڻي ٻج ڌار ڪري، باقي رس کي ڪاڙهي خشڪ ٿيڻ کان پوءِ ڪڍي ٿانوَ ۾ رکيو ڇڏين ٿا. ضرورت وقت پيروئن جي ان ڳُڙ کي چمچي سان ڪڍي کائيندا آهن.
پيرون بيمارين ۾ بہ علاج طور ڪم اچي ٿو. جيري جي گرمي ۔ سائي ۽ ڪن رڳ جو شافي علاج آھي. 
مارئي کي عمر سومري جي محل ۾ قيد دوران پيرن جي تانگھ هوندي جنهن کي شاعرن ڳايو بہ آهي جيئن ...
جتي روز پيرون پٽن تي پچن ٿا
اتان منهنجا مارو ميارون مڪن ٿا.
ڄار کي اسان جي سنڌي شاعرن پڻ پنھنجي شاعري ۾ پوئي ان جي اھميت کي اجاڳر ڪيو آھي. اياز ساھڙ ھن نظم ۾ ڄار بابت بھترين منظرنگاري پيش ڪئي آھي.
نظم :- پيرون
شاعر :- اياز ساھڙ

وڏي هيءَ ڄار ساڏوهي،
مَنجهس پيرون پَڪا پيلا،
چڙھان ٿي اڄ  مَٿي لِيلا،
ڪري چونڊو چَروڙي ۾،
وڃي ڏينديس مِٺي وَر کي،
ٿڪي جيڪو مزوري ۾،
مٺو گهر رات جو ايندو،
ڦُٽيءَ پرڀات جو ويندو!

پُراڻي ڄار پاٿارو،
وڍي هن مان وڏو ٽارو،
ڏني هُئين اوٽ آڏي ڪا،
وٺي برسات زوراور،
جُهڪو ٿيو جهوپڙو منهنجو،
اُنهيءَ ويلي وڌم ڀاڪر،
ٺڪاءَ ھُن گوڙ جي سان گڏ،
بدن منهنجو ڀِنو سارو،
تڏھوڪو هُو سَڄو منظر،
اکين آڏو تري اڄ پيو،
اندر منهنجو ٺَري اڄ پيو!

سڱر جو ساڳ ۽ پيرون،
ڏيئي جنهن تي زبر زيرون،
ويهي هِن ڄار ۾ هر هر،
تَڪيم راهون جي تارن ۾،
اڃان تائين سڄڻ تَنهن جون،
نه وسرن ٿيون اُھي ديرون،
ڪُنوارپ جو تڏھوڪو هي،
وري اڄ ياد ماضي پيو،
ڪَرائي ياد  تازي  پيو!!

اَکوپ ۔ اَکوپو ۔ اَکوت Choroid ۔ Choroidea ۔ Choroid coat 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اکوپ جنھن کي اکوت يا اکوپو سڏيو وڃي ٿو، اھو اک جو نسي تھ آھي جيڪو مليل اوڄن تي مشتمل ٿئي ٿو ۽ نرحس ۽ اکاڇ جي وچ ۾ ٿئي ٿو. انساني اکوپو اک جي 0.2 ملي ميٽر گهڻي دوري کان گهاٽوترين ٿئي ٿو جڏھن تہ اھو ٻاھرين ايراضي کان 0.1 ملي ميٽر تائين سوڙھو ٿئي ٿو.
اکوپ نرحس کي غذائي جزا پھچائي ٿو ۽ اک جي پد ۽ مقدار کي برقرار رکي ٿو. اکوپي دورو جيڪو اک ۾ سموري رت جي وھڪ جو سمورو 85 سيڪڙو بيھي ٿو اھو گهٽ آڪسيجني مواد جي نسبت سان وڏو وھڪي سرشتو آھي. اکوپي دوري تي خاص طور تي مضبوط عصبيت سان ضابطو پاتو وڃي ٿو ۽ ھن کي پاڻ موافق سمجهيو نٿو وڃي. پاڻ موافقيت جي کوٽ اکوپي کي عيني تراھٽي داٻ سان پاڻ آڌاري بنائي ٿي 
The choroid, also known as the choroidea or choroid coat, is the vascular layer of the eye, containing connective tissues, and lying between the retina and the sclera. The human choroid is thickest at the far extreme rear of the eye (at 0.2 mm), while in the outlying areas it narrows to 0.1 mm.
The choroid supplies the outer retina with nutrients, and maintains the temperature and volume of the eye. The choroidal circulation, which accounts for 85% of the total blood flow in the eye, is a high-flow system with relatively low oxygen content. The choroidal circulation is controlled mainly by sympathetic innervation and is considered not to be autoregulated. This lack of autoregulation makes the choroid more dependent on the ocular perfusion pressure.

Choroid
Choroidea
choroid coat
Vascular layer
 اکوپ ۔ اکوپو ۔ اکوت ۔ اک جو تھ ۔ نسي تھ ۔ نسيڄي تھ ۔ نسن جو تھ

Connective tissues
مليل اوڄا ۔ گڏيل اوڄا

Retina نرحس ۔ نروپ ۔ نرعڪسي ۔ حس جهلي

اکاڇ ۔ اک جي اڇاڻ  Sclera

Rear  دور ۔ پرتي ۔ پري

گهڻو دور ۔ گهڻو پرتي Far extreme rear

Outlying areas  ٻاھرين ايراضي

غذائي جزا Nutrients

Temperature  پد

مقدار  Volume

Choroidal circulation
اکوپي وھڪ ۔ اکوپي دورو

To accounts for بيھڻ

 سموري رت وھڪ Total blood flow

High-flow system
وڏ وھڪي سرشتو

With relatively
جي لاڳاپي سان ۔ جي نسبت سان

Low oxygen content
گهٽ آڪسيجني مواد

Sympathetic innervation
مضبوط عصبيت ۔ تقويت اعصاب

Autoregulated پاڻ موافق ۔ پاڻ رواجي ۔ خود باقائدا

کوٽ ۔ ڪمي  Lack

Autoregulation پاڻ موافقت ۔ پاڻ رواجي ۔ پاڻ باقائدي

Dependent پاڻڀر ۔ پاڻ آڌاري

Ocular perfusion pressure
عيني تراھٽي داٻ ۔ بصري تراھٽي داٻ ۔ عيني آلاڻ داٻ

ڪنوپ ۔ پاٿر ۔ ڪسنگ Otolith ۔ Statoconium ۔ Otoconium۔ Statolith 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪنوپ  Otolith ھڪ يوناني لفظ جنھن جي معنا ὠτο-, ōto- ear + λῐ́θος, líthos, a stone ڪن جو پٿر آھي اھو خاص ڪري ڪرنگهيدارن جي ڪنوٺي سرشتي ۾ اندريين ڪن جي ڳوٿاري يا چموٿي ۾ ڪيلشم ڪاربونيٽي جوڙجڪ آھي.
An otolith, a greek word which means : ὠτο-, ōto- ear + λῐ́θος, líthos, a stone) is a calcium carbonate structure in the saccule or utricle of the inner ear, specifically in the vestibular system of vertebrates.

Otolith
Statoconium
Otoconium
Statolith
ڪنوپ ۔ پاٿر ۔ ڪسنگ ۔ ڪن جو پٿر

Calcium carbonate structure
ڪئلشم ڪاربونيٽي جوڙجڪ

Saccule
ڳوٿاري ۔ ٿيلهاري ۔ ڪن جي ننڍڙي  ڳوٿري

Utricle
چموٿي ۔ چم جي ٿيلهي ۔ ڪن جي چم جي ننڍڙي ٿيلهي

Inner ear  اندريون ڪن

Vestibular system
ڪنوٺي سرشتو ۔ ڪن جي اندرين ڪوٺي جو سرشتو

Vertebrates
ڪرنگهيدارن ۔ ريڙھدارن

Tuesday, 28 May 2019

تنارو ۔ تاڪڙو ۔ تارول Limbus ۔ Corneal limbus 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
پوتوِي تَنارو Corneal limbus پوت Cornea ۽ اکاڇ Scelra (اک جي اڇاڻ) جو ڪنارو آھي. تَنارو پوتوِي اَستَرِي نِتمايو جي رونما ٿيڻ جي عام جڳھ آھي. تنارو شعاعن تي ٻڌل ڏوراڄِي ڪَڙين تي مشتمل ٿئي ٿو جنھن کي ووڳٽ جي جهنگلي طور ڄاتو وڃي ٿو. ووڳٽ جا جهنگلا  اک جي چوڌاري مٿي ۽ ھيٺ چوٿائي ۾ وڌيڪ عام ٿين ٿا.
The corneal limbus is the border of the cornea and the sclera (the white of the eye). The limbus is a common site for the occurrence of corneal epithelial neoplasm. The limbus contains radially-oriented fibrovascular ridges known as the palisades of Vogt that may harbour a stem cell population. The palisades of Vogt are more common in the superior and inferior quadrants around the eye.

Corneal  پوتوِي ۔ پوتِلوِي

پوتوِي تَنارو    Corneal limbus

Cornea  پوت ۔ پوتلي ۔ نِرملي

Sclera = The white of the eye
اَکاڇ ۔ اک جي اڇاڻ

Limbus
تَنارو - تاڪڙو - تارول - پوت جو ڪنارو ۔ پوتلي جو ڪنارو

عام جڳھ Common site

Occurrence رونما ٿيڻ ۔ لاحق ٿيڻ

Epithelial اَسترِي ۔ ليڪي

شعاعي    Radially

Radially-oriented  شعائن تي ٻڌل

نتمايو - نئون مايو - نئون واڌ مايو  Neoplasm

Corneal epithelial neoplasm
پوتِوِي اَسترِي نِتمايو - پوتِوِي اَسترِي نئون مايو

Ridges ٻنا ۔ ڪڙيا

Fibrovascular  ڏوراڄي ۔ ڏورن تي ٻڌل اوڄا

Radially-oriented fibrovascular ridges
شعائن تي ٻڌل ڏوراڄي ٻنا ۔ شعائن تي ٻڌل ڏوراڄي ڪڙيا

Palisade
ويري ۔ ڪناري ۔ جهنگلو ۔ ڪٽھڙو

Palisades of Vogt
ووڳٽ جون ڪناريون ۔ ووڳٽ جون ويريون ۔ ووڳٽ جا جهنگلا ۔ ووڳٽ جا ڪٽھڙا
نوٽ :- ووڳٽ رومن محل آھي جيڪو پوت Limbus طور استعمال ٿيو آھي.

To harbour  سانڍڻ ۔ ڪناري ڏيڻ ۔ وير ڏيڻ

Stem cell  ڪچ گهرڙو ۔ خام گهرڙو

Stem cell population
ڪچ گهرڙي جي آبادي

Superior  مٿي ۔ بالا

ھيٺ  Inferior

Quadrants چوٿايون ۔ چوٿ

Monday, 27 May 2019

نرم ڪَچوڏ ۔ نرم ڀُرٽوڏ Elastic cartilage ۔ Yellow cartilage 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نرم ڪَچوڏ يا پيلو ڪَچوڏ ٻاھريين ڪن ۔ ڪَناسِي ۽ ڪاڪڙي ۾ ھاڻوڪي ڪچوڏ جو نمونو آھي. اھو لچڪي اوڄي ڪارج ۽ ميلاڄي جي نموني جا ii اوڄا رکي ٿو. اصول وارو پروٽين لچڪِي آھي.
نرم ڪچوڏ اوڄوي طور شيشي نما ڪچوڏ جھڙو ٿئي ٿو پر اھو نھري قالب ۾ ڪيترن پيلن لچڪي اوڄن تي مشتمل ٿئي ٿو. اھي اوڄا سٿا ٺاھين ٿا جيڪي خوردبين ۾ ڪارا ظاھر ٿين ٿا. اھي اوڄا نرم ڪچوڏن کي وڏي لچڪ ڏين ٿا تہ جيئن اھي بار بار مڙڻ جي مزاحمت رکي سگهن. ڀرٽاڄا اوڄن جي وچ ۾ ٿين ٿا. اھو ڪاڪڙي (نڙگهٽ جي حصي)، آروتي (ڪيترن چوپاين جي ٻاھرين ڪن ڦڙڪن) ۾ ملي ٿو. لچڪي اوڄا ورھوف جي داغي طريقي مطابق ڪاري جامني يا ڪاري جي داغ سان بيھن ٿا.
Elastic cartilage or yellow cartilage is a type of cartilage present in the outer ear, Eustachian tube and epiglottis. It contains elastic fiber networks and collagen type II fibers.[1] The principal protein is elastic.
Elastic cartilage is histologically similar to hyaline cartilage but contains many yellow elastic fibers lying in a solid matrix. These fibers form bundles that appear dark under a microscope. These fibers give elastic cartilage great flexibility so that it is able to withstand repeated bending. The chondrocytes lie between the fibres. It is found in the epiglottis (part of the larynx) and the
pinnae (the external ear flaps of many mammals). Elastin fibers stain dark purple/black with Verhoeff's stain.

نرم ۔ لچڪي  Elastic

Elastic cartilage = yellow cartilage
نرم ڪَچوڏ ۔ نرم ڀُرٽوڏ ۔ نرم ڀُرٽڻو ۔ نرم ڪُرٽڻو ۔ نرم ڪُرٽڻو ھڏ ۔ نرم ڀُرٽڻو ھڏ ۔ نرم ڪَچو ھڏ ۔ ڦڪو ڪَچوڏ ۔ ڦڪو ڀُرٽوڏ ۔ ڦڪو ڀُرٽڻو ۔ ڦڪو ڪُرٽڻو ۔ ڦڪو ڀُرٽڻو ھڏ ۔ ڦڪو ڪُرٽڻو ھڏ ۔ ڦڪو ڪَچو ھڏ

Outer ear  ٻاھريون ڪن

ڪَناسِي ۔ ڪن جي ناس Eustachian tube

Epiglottis  ڪاڪڙو

Elastic fiber networks
لِچَڪِي اوڄِي نيٽورڪ

Collagen  ڪولاڄو ۔ ميلاڄو

Collagen type II fibers
ڪولاڄي نموني ii جا اوڄا


Principal protein اصولي پروٽين

نرم  Elastic

Histologically   اوڄوي طور

ساڳو   Similar

Hyaline  شيشي نما

شيشي نما ڪچوڏ Hyaline cartilage

Yellow elastic fiber
ڦڪا نرم اوڄا

Solid matrix  نھري قالب

اوڄا    Fibers

Bundles  سٿا

خوردبين  Microscope

Flexibility  لچڪ

مزاحمت ڪرڻ To withstand

Repeated bending بار بار مڙڻ

Chondrocytes
ڀُرٽاڄا ۔ ڪُرٽاڄا ۔ نرم ھڏ ٺاھڻ وارو اوڄا

Pinnae = Pinna ٻھروتي ۔ آروتي

External ear flaps
ٻاھريان ڪن ڦڙڪا

Elastin fibers  لچڪي اوڄا

داغ ۔ چٽو ۔ ڌٻو  Stain

Dark purple =Black  ڪارو جامني

ورھوف جو داغي طريقو Verhoeff's stain

ڪرڙ ۽ ڏيلها Caper tree and caper fruit💎شمس الدين زئنور💎

MyDairyAsgharSagar
ڪرڙ جي وڻ کي انگريزي ۾ Caper tree ۽ ڏيلهن کي Caper fruit چئبو آهي. ڏيلها ڪچا هوندا آھن تہ انهن کي ”ڏؤنرا“ چئبو آهي ۽ پچي ڳاڙها ٿيا تہ ”پڪا“ سڏبا آهن. ڏؤنرن مان سانڌاڻو ٺهندو آهي. پيرونء جي ابتڙ ڏيلها نہ ايترا مشھور آهن جو بازار ۾ ملن ۽ نہ ئي وري ان کي هر ماڻهو کائي سگهي ٿو ڇو تہ ڏيلهي  جي صرف ڳر مٺي آهي باقي ٻج سخت ڪوڙو آهي. ٿر جي ڏڪاريل جوء ۾ ڌنارن توڙي ڏاگهن جي ڌراڙن ۽ اوٺين جي مرغوب غذا آهي. ڏيلها سخت قبض  بہ ڪندا آهن. ‎ڪرڙ جو ظاهر ٺوڙھو وڻ ڏاڍو گهاٽو ٿيندو آھي، تنھن ڪري پنن نہ ھوندي بہ ڇانوَ ڏيندو آھي. هي وڻ پري کان ائين نظر ايندو آهي ڄڻ ڪا زائفان وار کولي اوڪڙو ويٺي هجي. ھي وڻ ايترو تہ گهاٽو ٿئي ٿو جو پکي بہ مٿان ويھنس پر منجهس اندر وڃيو ڪونہ سگهن ڇو تہ سندس گهاٽين ڏانڊين ۾ ننڍا ڪنڊا بہ ٿين ٿا. ان ڪري ھن ۾ آکيرا پڻ گهٽ ڏسجن ٿا پر نوريئڙو سولائيءَ سان چڙھيو، اندر گهڙيو وڃي ۽ آکيرو بہ ٺاھي.  پاڻمرادو ٿيندڙ ڪرڙ الاهي سخت جان وڻ آهي. هن ۾ پنن جي جڳھ تي ٽاريون، ڏانڊيون ۽ ڪنڊا ٿين ٿا. ‎ماروئڙا ھن جي پُسِيءَ (گلن) مان ٻوڙ رڌيندا آھي، جيڪو ڏاڍو مزيدار ٿيندو آھي. حڪيم ھن جو ڪاٺ ٻاري اتت يا باھ تي دوائن جو زھريلو اثر ماريندا آھن. ھن جي ڪاٺيءَ مان ٿاڌل گهوٽڻ جو ڏنڊو پڻ بي مثال ٺھي ٿو. هيء وڻ اڃ (تاس) جو ڏاڍو آھي، تنھن ڪري سخت سوڪھڙي ۾ بہ پنھنجي واڌ ويجھ جاري رکندو آھي پر جيئن ٻيا وڻ گهٽجي ويا آھن، تيئن ھاڻ ھي وڻ بہ گهڻو گهٽجي ويو آھي.

ڏيلهي ۾ موجود ٻج ئي ڪرڙ جو تخم هوندو آهي. انسانن سان گڏ ڏيلهي کي جهرڪيون، بربلون، ٿاريلون، ملهالا، چيھا، وهيا ۽ ٻيا پکي به ٺونگاري مِٺي ڳر ڳڙڪائيندا ويندا آهن. ان ڳر سان گڏ ٻج بہ سندن گجين ۾ هليو ويندو آهي، پر اهو هنن جي ڳچين ۾ هضم نہ ٿيندو آهي ۽ وٺين لاهڻ سان سڄو سارو وڃي پٽ تي ڪِرندو آهي. ان ٻج جي سُڪي وڃڻ تي جڏهن بہ واءَ، واچوڙا ۽ جهڪون لڳنديون آهن تہ اهڙن ٻجن کي اُڏائي ڪٿي جو ڪٿي وڃي ڦٽو ڪنديون آهن،  وري مٿان جڏهن مينهن ۽ برساتن جا وسڪارا ٿيندا آهن تہ ٻجن مان اول ڪرِڙيون پوءِ رفتہ رفتہ وڌي وڏا وڻ ٿين ٿا. وڏي ۾ وڏي ڪرڙ جي وڻ جي ڊيگھ اٽڪل ڏهاڪو کن فوٽ ٿئي ٿي؛ پر ٿُڙ جي ٿلهائي يا موڪرائي جو گهيرو وٺڻ ڪاڻ ٻنهي هٿن جي پنجن کي ان جي گرد ڦيرائبو تہ پاڻ ۾ ملڻ کان انهن جي ڀڪوڙڻ جي وچ کان وڌيڪ هوندو آهي. وڇوٽيءَ ۾ مهمائڻ ۽ سمائجڻ کان وڌيڪ هوندو آهي.

ڪنڊيدار وڻ هئڻ ڪري ٻھراڙين جا ماڻهو پنھنجن گهرن، واڙن، وٿاڻن، کيتن ۽ پوکن کي ڪرڙن جي ڍنگهرن جا ٻيانن تي پور کڻي انهن  جي بچاءَ ۽ حفاظت لاءِ چوڌاري لوڙها ڏيئي ڇڏيندا آهن. گهرن ڪاڻ، ڪرڙ وڻ جا ڏار، ٽار وڍي ڪپي انهن جي هيٺئين ۽ مٿئين پاسن جي ڇل وٺي جاءِ جي کڻن جيتري ماپ وٺي ٺاهين ٿا، انهن کي چون ’ڪايا‘. جاءِ جي ڀتين مٿان رکن ’داسا‘ انهن داسن مٿان ڇڊا ڇڊا رکن ڪام يا وري ڪرڙ جون سنهڙيون لامون. ٽاريون ۽ ڇانيون اڌوريون ڇانگي گڏ ڪن ٿا انهن کي چون جهڪ. اهو جهڪ  ڪاين مٿان پکيڙين، مٿانئن وري بُھ گاري سان ڇت کي لنبي ڇڏين ٿا. انهيءَ واسطي سوگهي ۽ مضبوط گهر، واڙي، وٿاڻ جي لنگھ وٽ ٻيلنگھ يا ٻه منگها کوڙي ان کي چون کڙھ، ۽ رات جو ان مٿان ڍنگر رکي لنگھ بند ڪندا آهن.

ڪرڙ جي ڪاٺ مان هارپ، واسطي گڏ واري رنبي جو ڳن ڏاٽن  جا ڳن، ڪوڏر ۽ ڪھاڙين، ڪھاڙن جا ڳن، هر جا مُٺيا، پاهوڙيون ڏانداريون پڻ ڪرڙ مان هونديون آهن. ٻيانيون جن سان ڍنگر کڻي لوڙها ڏين ٿا. هن جي ڪاٺ مان اٽِيون، گليون، بدوڙا ۽ ڏڪر، ڦرموٽيون، لاٽون، چڪريون، چوپڻ جون ساريون يا ڳوٽول گليلون، ڪوڙڪن جون ڪاٺيون ٺھن ٿيون جن سان بربليون ڦاسائين ٿا. ٻارن جي پنڌ سکڻ جو پڻ ٽہ ڦيٿيون ۔ ٽيڪڻيون ٻارن کي ويھاري ڇڪڻ وارا گاڏا، ليڪن ڪڍڻ وارا زول ۽ ٻيا سامان: سونگا جن ۾ زالون ڳھ ڳٺا وجهي رکن، ناس جون سونگيون دٻليون پڻ. هٿڻ، ٽوڙهيون، گهوٻاٽا، ڌڪا، لٺيون، بانٺا بہ پر اڄ انهي اسبابن جي ٺاهڻ وارا ڪاريگر ڄڻ آهين ئي ڪو نہ ...
” ويچارا وليداد چئي ولر ڪري ويا.“

گهر ڌڃاڻيون ڪرڙن جا ڏار نمائي پسي ڏؤنر پڪن جون جهون ڀري گهرن  ۾ آڻي، پُسي سنڌڻيون بہ هيون تہ رڌنديون بہ هيون، ڏؤنرا بہ سنڌبا هئا، پر پڪن  يا ڏيلهن جي ڳر ڪپڙي مان ڇاڻي رس ڪڍي اُن ۾ مٺو ڀت، تاهري رڌي کائين ٿا. جن جو پُٽاڻو اولاد نہ بچندو هو تہ اهي نئين ڄاول ٻار جو نالو ”ڪرڙ“ رکندا هئا تہ وڏي ڄمار ماڻيندو هيو. 
ڀٽ ڌڻي جي سورمي مارئي جي تانگھ کي بيان ڪرڻ لاء لطيف سائين ڪرڙين جو استعمال ڪيو آهي...

عمر لانڍين ۽ لوڙهن سان نہ ماڙيون تو مٽائينديس
لين لاڻين ۽ ڪرڙن ۾ پکا پنھنجا وسائينديس!

Sunday, 26 May 2019

تارو ۔ اک جو تارو💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
انسانن ۔ گهڻن چوپيرن ۽ پکين ۾ تارو (جمع تارا) اک ۾ سنهي گول جوڙجڪ وارو ماڻڪي جي قطر ۽ ماپ ۽ ائين نرحس ڏي پھچندڙ روشني جي مقدار کي ضابطي ۾ رکڻ لاء ذميوار ٿئي ٿو. اک جي رنگ کي تاري جي ان رنگ سان بيان ڪري سگهجي ٿو. بصري اصطلاحن ۾ ماڻڪي اک جي ھلائيندڙ آھي جڏھن تہ جڏھن تہ تارو پيجهلي آھي. تارو انسانن ۾ پنھنجي مرڪز ۾ (ماڻڪي گول ڪاري جڳھ) سان نموني طور نيرو ۔ سائو يا ڀوري رنگ جو، ۽ اڇي اکاڇ سان گهيريل ٿئي ٿو.
In humans and most mammals and birds, the iris (plural: irides or irises) is a thin, circular structure in the eye, responsible for controlling the diameter and size of the pupiland thus the amount of light reaching the retina. Eye color is defined by that of the iris. In optical terms, the pupil is the eye's aperture, while the iris is the diaphragm.
The iris in humans is the colored (typically blue, green, or brown) area, with the pupil (the circular black spot) in its center, and surrounded by the white sclera.

Iris  تارو ۔ اک جو تارو

چوپيرا   Mammals

Irides =  irises  تارا اک جا تارا

گول جوڙجڪ  Circular structure

Diameter  قطر

ماڻڪي  Pupil


Retina
نرحس ۔ نروپ ۔ نرجوت ۔ نرعڪسي ۔ حس جهلي ۔ سھڃي

Aperture  ھلائيندڙ

Diaphragm
پاڇھ ۔پاجهلي ۔ پاسراٽين جو ڇھ ۔ پاسراٽين جي جهلي

Typically  نموني طور

نيرو   Blue

Green  سائو

ڀورو   Brown

Sclera  اکاڇ ۔ اک جي اڇاڻ

ڪَچوڏ Cartilage💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪَچوڏ (ڪچو ھڏ) جسم جو اھم جوڙجڪي مرڪب آھي. اھو پڪو اوڄو آھي پر نرم ۽ ھڏي کان گهڻو وڌيڪ لچڪيدار آھي. ڪچوڏ جسم جي ڪيترن علائقن ۾ پاتو ويندڙ ملائيندڙ اوڄو آھي جيڪو ھڏن جي جوڙن جيئن ٺُوٺُن ۔ گوڏَن ۔ مُرن ۽ پاسِراٽين جي پِڇاڙين تي مشتمل ٿئي ٿو.
Cartilage is an important structural component of the body. It is a firm tissue but is softer and much more flexible than bone. Cartilage is a connective tissue found in many areas of the body including: Joints between bones e.g. the elbows, knees, ankles and ends of the ribs.

Cartilage
ڪَچوڏ ۔ ڪَچو ھڏ

Structural component
جوڙجڪي مرڪب

Firm tissue  پڪو اوڄو

وڌيڪ نرم Softer

Much more flexible
گهڻو وڌيڪ لچڪيدار

Connective tissue  ملائيندڙ اوڄو

Joints between bones
ھڏن جا جوڙ ۔ ھڏن جا سَنڌ

Elbows  ٺُوٺُون

گوڏا  Knees

Ankles  مُرا ۔ مُريا

پاسِراٽين جون پِڇاڙيون Ends of the ribs

Saturday, 25 May 2019

اَکامو ۔ اَکُوٻو Fovea💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اک ۾ اَکامو نرحس جي زرداغ ۾ ھڪ ننڍڙي کڏ آھي جيڪا سڀن جو چٽو ڏيک آھي. فقط اَکامي ۾ نِبات گهرڙن تي سڌي روشني ڏيڻ لاء نِرحَس جا پاسي تي تھ پکڙيل ٿين ٿا. اھي نِبات گهرڙا ٿين ٿا جيڪي تکي ۾ تکا عڪس ڏين ٿا. انهي کي وچ اکامو يا اکامو وچون چئجي ٿو.
In the eye, Fovea is a tiny pit located in the macula of the retina that provides the clearest vision of all. Only in the fovea are the layers of the retina spread aside to let light fall directly on the cones, these are the cones cells that give the sharpest image. It is also called the central fovea or fovea centralis.

Fovea
اَکامو - اکاڏو - اَکُوٻو - اَکاھي - اک جي کڏ

Tiny  ننڍڙي

Pit
کڏ ۔ کاھي ۔ کُوٻو ۔ کُوھاڏو ۔ کُھاڏو ۔ چُر ۔ پئوڻ ۔ ڪوڀ ۔ ڀاڏ

Located  واقع

زَرداغ ۔ زَرداس ۔ سِيئر ۔ سِيئرو Macula

Retina
نِرحَس ۔ نِروپ ۔ نِرجوت ۔ نِرعڪسي ۔ حَس جهلي ۔ سُھڃي

Clearest vision چٽي ۾ چٽو ڏيک

تھ Layers

Aside  پاسي تي

نبات گهرڙا ۔ مخروط گهرڙا Cones cells

Cone cell نبات گهرڙو ۔ مخروط گهرڙو

عڪس  Image

Central fovea  وچ اَکامو ۔ وچ اَکُوٻو ۔ وچ اکاڏو

Fovea centralis
اَکامو وچون ۔ اَکُوٻو وچون ۔ اَکاڏو وچون

ڪاڪڙو Epiglottis 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪاڪڙو نڙي ۾ ھڪ ڦَڙڪو آھي جيڪو کاڌي کي ساھ نالي ۽ ڦڦڙن ۾ وڃڻ کان روڪي ٿو. ڦڙڪو گِگلِي سان ڍڪيل ڪچوڏِي جو ٺھيل آھي جيڪو نڙگهٽ جي داخلا واري جڳھ سان مليل آھي. اھو ظاھري طور زبان ۽ موڙوڏي جي پويان مٿان جي تدبير رکي ٿو ۽ پٺيان اشارو ڪري ٿو.
The epiglottis is a flap in the throat that keeps food from entering the windpipe and the lungs. The flap is made of elastic cartilage covered with a mucous membrane, attached to the entrance of the larynx. It projects obliquely upwards behind the tongue and the hyoid bone, pointing dorsally.

Epiglottis  ڪاڪڙو

ڦَڙڪو   Flap

Throat  نڙي ۔ ڳلو

روڪڻ  To keep

Windpipe  ساھ نلي

ڦڦڙ     Lungs

ڪچوڏي ۔ ڀرٽوڏي  Cartilage

Elastic cartilage
نرم ڪَچوڏِي - نرم ڀُرٽوڏِي - نرم ڪچي ھڏي


Mucous membrane
گگلي ۔ گگ جهلي ۔ گگ واري جهلي

Larynx  نڙگهٽ ۔ نڙسرو

داخلا واري جڳھ  Entrance

To project تدبير رکڻ

ظاھري طور  Obliquely

Upwards  مٿان

زبان ۔ ڄڀ Tongue

Hyoid bone
موڙوڏي ۔ ڄڀوڏي ۔ زبان جي پاڙ تي واقع U جي شڪل واري ھڏي.

To point  اشارو ڪرڻ

پويان کان ۔ پٺ کان Dorsally

Friday, 24 May 2019

زَرداغ ۔ زَرداس ۔ سِيئَرو Macula 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
زَرداغ اک جي پويان نِرحَس جو حصو آھي. اھو آسي پاسي فقط 5 ملي ميٽر ٿئي ٿو. زَرداغ نِرحَس جو وچون علائقو آھي ۽ نِرُوپ ماھرن جي خاص دلچسپي رھيو آھي. ياد رکڻ کپي تہ نِرحَس روشني وارو حِساس اوڄو آھي جيڪو اک جي اندر ليڪون ڪڍي ٿو. زَرداغ نِرحس جو مرڪزي ڪارج آھي. اھو ڏسڻ جي سگھ ڏئي ٿو ۽ بھترين نظري رنگ ڏئي ٿو.
The macula is part of the retina at the back of the eye. It is only about 5mm across. The macula is the central area of the retina and is of particular interest to retina specialists. Remember, that the retina is the light sensitive tissue which lines the inside of the eye. The macula is the functional center of the retina. It gives us the ability to see “20/20” and provides the best color vision.

Macula  زَرداغ ۔ زَرداس ۔ سِيئَر ۔ سِيئَرو

Retina
نرحَس -  نِرُوپي - نِرجوتِي ۔ نِرڌار - حَس جهلي - نِرعڪسي - سُھڃِي

At the back of جي پويان ۔ جي پٺيان

Across آسپاس ۔ آسي پاسي ۔ پاسي تي

مرڪزي علائقو Central area

Particular interest to sb
ڪنھن جي خاص دلچسپي

Light sensitive tissue
جوتِي حِساس اوڄو

To line ليڪ ڪڍڻ ۔ ليڪون ڪڍڻ

جي اندران Inside of

Functional center ڪارجِي مرڪز

سگھ  Ability

Best color vision
بھترين نظري منظر ۔ بھترين ڏيکي منظر

نِڙمَٿ ۔ نِڙبالا 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نڙگهٽ جا ٽي حصا آھن.
(1) نِڙمَٿ جيڪو ڪاڪڙي تي مشتمل آھي.
(2) نِڙوٽِي جيڪا آڏورين تي مشتمل آھي.
(3) نِڙپُٺ.
نِڙمَٿ نِڙگهٽ جو مٿيون حصو آھي جيڪو ڪاڪڙي تي مشتمل ۽ آڏورين مٿان آھي.
There are three parts of the larynx.
(1) The supraglottis including the epiglottis.
(2) The glottis including the vocal cords.
(3) The subglottis.
Supraglottis is the upper part of the larynx including the epiglottis and above the vocal cords.

Larynx   نِڙگَهٽ ۔ نِڙسُرو

Supraglottis
نِڙمَٿ ۔ نِڙبالا ۔ نڙگهٽ جو مٿيون حصو

Epiglottis  ڪاڪڙو

نِڙوٽِي ۔ نڙگهٽ جو ٽنگ   Glottis

Vocal cords  آڏوريون ۔ آوازي ڏوريون

Subglottis
نِڙپُٺ ۔ نِڙلَٿ ۔ نڙي جو ھيٺون حصو

Thursday, 23 May 2019

نِرحَس - نِرُوپي - نِرجوتي Retina 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نِرحَس حس جهلي آھي جيڪا اک بال جي پويان اندريين تھ ۾ ليڪ ڌارائون ڪڍي ٿي. اھا ڪيترن تھن تي مرتب ٿئي ٿي انهن مان ھڪ ھڪ خاص گهرڙن تي مشتمل ٿئي ٿي جن کي فوٽوگرافر سڏبو آھي. نِرحَس روشني حاصل ڪري ٿي جنھن تي بلور مرڪوز ٿيل ھوندو آھي ۔ روشني کي تنتي اشارن ۾ تبديل ڪري ٿي ۽ انهن اشارن کي عڪسي سڃاڻپ لاء دماغ ڏي موڪلي ٿي.
The retina is the sensory membrane and thin layer that lines the inner surface of the back of the eyeball. It's composed of several layers, including one that contains specialized cells called photoreceptors. It is located near the optic nerve. Retina receives light that the lens has focused, converts the light into neural signals, and sends these signals on to the brain for 
visual recognition.


Retina
نرحَس - نِرُوپي - نِرجوتِي - حَس جهلي - نِرعڪسي - نرڌار

حس جهلي Sensory membrane

Inner surface  اندريون تھ

مرتب ھجڻ ۔ مرتب ٿيڻ  To be composed

Specialized cells  خاص گهرڙا

فوٽوگرافر ۔ فوٽو ڪڍندڙ Photoreceptors

To be located  واقع ھجڻ ۔ واقع ٿيڻ

نظري تنت ۔ بصري تنت Optic nerve

To be focused مرڪوز ٿيڻ ۔ مرڪوز ھجڻ

اعصابي اشارا ۔ تنتي اشارا Neural signals

Visual recognition  عڪسي سڃاڻپ


نڙگهٽ Larynx 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نڙگهٽ آوازي خاني جو ٻيو نالو آھي. اھا نال بالغن ۾ لڳ ڀڳ 2 انچ يا 5 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. اھو ڳچيء ۾ ھوا نالي (ساھ نالي) مٿان ۽ کاڌ نالي اڳيان ٿئي ٿو. ڳچي جي مٿئين حصي جي کاڌ نالي کي نڙي يا ڳلو چئبو آھي.
اھو ساھ جي سرشتي جو حصو آھي ۽ نڙي ۽ ساھ نالي جي وچ ۾ واقع ٿئي ٿو. انسان نڙگهٽ کي ساھ کڻڻ ۔ ڳالهائڻ ۽ ڳيھڻ لاء استعمال ڪن ٿا.
The larynx is another name for the voice box. It's a tube about 2 inches (5cm) long in adults. It sits above the windpipe (trachea) in the neck and in front of the food pipe. The food pipe in the upper part of the neck is called the pharynx. It is part of the respiratory system and is located between the pharynx and the trachea. Humans use the larynx to breathe, talk, and swallow.

Larynx  نڙگهٽ ۔ نڙنال ۔ نڙي جو گهٽ

Voice box ۔ Larynx
آوازي خانو ۔ آوازي بڪسو ۔ آوازي ڪوٺي

Long  ڊگهو
بالغ  Adults

Windpipe (trachea) ھوا نالي ۔ ساھ نالي

Neck  ڳچي

کاڌ نلي ۔ نڙي  Foodpipe

Upper part  مٿيون حصو

نڙي  Pharynx

Respiratory system ساھ جو سرشتو

ساھ کڻڻ  To breathe

To talk  ڳالهائڻ

ڳيھڻ  To swallow

ايٽم بم Atom bomb 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ايٽم ۾ ڪجھ قوتون ڪمزور ٿين ٿيون ۽ ڪجھ مضبوط. اھي قوتون جيڪي مرڪزي کي قائم رکن ٿيون اھي مضبوط قوتون سڏرائين ٿيون.  انهن جي ڪري مرڪزي ۾ موجود نيوٽران ۽ پروٽان پاڻ ۾ مضبوطي سان جڙيل رھن ٿا. اھڙا ايٽم جيڪي ناپائدار يا تابڪار ٿين ٿا انهن ۾ ھي قوتون پائدار يا غير تابڪار ايٽمن جي نسبت ڪمزور ٿين ٿيون.ايٽم تصور کان باريڪ ذرو ٿئي ٿو جنھن جو قطر لڳ ڀڳ 8۔10 ٿئي ٿو. ھن جي تصور کي سمجهڻ لاء فٽ بال جي جسامت کي ذھن ۾ رکجي. ھڪ فٽبال لڳ ڀڳ 7 سينٽي ميٽر قطر جو ٿئي ٿو. جيڪڏھن ايٽم فٽ بال جي جسامت جيترو ھجي تہ اصل فٽ بال 3044 ميل اوچو ٿيندو. ايٽم بم طبيعات جي قانون مطابق جوھري ونڊ Fission تي ڪم ڪري ٿو جنھن ۾ يورينيم جا ايٽم ڀڃ ڊاھ ۾ وڌيڪ تقسيم ٿي وڏي پيماني تي توانائي خارج ڪن ٿا.
بنيادي طور تي ايٽم مان ٻن طريقن سان توانائي حاصل ڪجي ٿي.

1) ڦانڊ ۔ ورھاست ۔ تقسيم ۔ ونڊ ۔ ڀڃ    Fission

(2) ائٽ ۔ جوڙ ۔ تاليف ۔ ميلاپ ۔ ميل      Fusion

1) ڦانڊ ۔ ورھاست ۔ تقسيم ۔ ونڊ ۔ ڀڃ    Fission 
ھن طريقي ۾ ھڪ نيوٽران ڀڃ جوڳي ايٽم سان ٽڪرائي ٿو ۽ ان کي ٽوڙي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ٿو. ھن طريقي ۾ يورينيم 235 يا پلوٽينيم 239 استعمال ٿئي ٿو.پھرئين ورھاستي قسم جي جوھري بم کي ايٽم بم چئبو آھي. ھن عمل ۾ پھرين ايٽم بم کي ڀڃ Fission رستي ڦاڙيو وڃي ٿو. عام ايٽم بم ۾ انتھائي حرارت ۽ دٻاء جي ڪري جوھري ذرا پاڻ ۾ نٿا ملن پر مرڪزن جا ذرا ٽٽي باريڪ ذرن ۾ تقسيم ٿي بي پناھ توانائي خارج ڪن ٿا ھن عمل کي ڀڃ  Fission چئبو آھي. ايٽم بم مرڪزي جي ٽوڙ Fission يعني يعني مرڪزي کي ٽڪڙن ۾ تقسيم ڪري توانائي پيدا ڪري ٿو. ھن بم ۾ يورينيم يا پلوٽينيم استعمال ڪئي وڃي ٿي.

(2) ائٽ ۔ جوڙ ۔ تاليف ۔ ميلاپ ۔ ميل Fusion
ھن طريقي ۾ 2 ننڍا ايٽم ملي ھڪ وڏو ايٽم ٺاھن ٿا جنھن مان وڏي توانائي خارج ٿئي ٿي عمومن ھيڊروجن جا 2 ھم جڳھا Isotopes ٻٽوپ ۽ ٽٽوپ ملي ھڪ وڏو مرڪزو ھيليم بنائن ٿا. سج ۾ ھي عمل ئي توانائي جي نيڪال جو سبب بنجي ٿو. ياد رکڻ کپي تہ جوڙ عمل Fusion ۾ ٽوڙ عمل Fission کان وڌيڪ توانائي خارج ٿئي ٿي.
ايٽم بم لاء بنيادي طور تي ٻن شين جي ضرورت پوي ٿي.

(1) ٽوڙ جوڳو مادو fissionable material
(2) گهوڙو   triggering device جيئن بندوق جو گهوڙو

 ايٽم ٽن بنيادي ذرن سان جڙي ٿو. مرڪزي حصي (مرڪزي) ۾ نيوٽران ۽ پروٽان ٿين ٿا. پروٽان تي واڌو بار ۽ نيوٽان تي ڪوبہ بار ناھي. ٽيون ذرو اليڪٽران ٿئي ٿو جيڪو ايٽم جي چوڌاري ڦري ٿو ان تي ڪاٽو بار آھي. پروٽانن جي تعداد اليڪٽرانن جي برابر ٿئي ٿي. ان ڪري عام حالت ۾ ايٽم ۾ اليڪٽرانن جي ڪاٽو ۽ پروٽانن جي واڌو بار جي برابر ۽ مخالف ھجڻ ڪري ميل واقع ٿئي ٿي. ڪنھن ايٽم ۾ پروٽانن جي تعداد کي ايٽمي نمبر سڏجي ٿو ۽ ايٽم جي مرڪزي ۾ پروٽانن ۽ نيوٽرانن جي مجموعي کي تور نمبر Mass number چئجي ٿو.
زمين تي ڪجھ عنصر عام ٿين ٿا جيئن ھيڊروجن ۔ ڪاربان ۔ آڪسيجن وغيرھ. ھاڻي تائين 100 کان وڌيڪ عنصر دريافت ٿي چڪا آھن. ايٽم کي سمجهڻ لاء اچو تہ ھمٽوپ Isotope کي سمجهون. ھم ٽوپ Isotopes جو مطلب ھڪ جڳھ تان نڪرڻ آھي. ھم ٽوپ ڪنھن عنصر جا ايٽم ٿين ٿا جن جو ايٽمي نمبر (پروٽانن جي تعداد) برابر ھجي پر تور نمبر (پروٽانن ۽ نيوٽرانن جو مجموعو) مختلف ھجي. مثال يورينيم جا ٽي ھم ٽوپ ٿين ٿا جيڪي U238 92، U23592 92U233 آھن. ٽئي يورينيم آھن پر ان ۾ ايٽمي نمبر (پروٽانن جي تعداد) ھڪ جيتري ٿئي ٿي پر تور نمبر (پروٽانن ۽ نيوٽرانن جو مجموعو) مختلف ٿئي ٿو. ٽنهي ھم ٽوپن ۾ ھي فرق نيوٽرانن جي مختلف ھجڻ جي ڪري آھي.
 ايٽم جي ذري مان گرمي ڪيئن خارج ٿئي ٿي اچو تہ نيوٽن جي مساوات E=mc2 سمجهون. ھي E اينرجي يعني توانائي آھي. m ايٽم جي تور آھي ۽ c روشني جي رفتار آھي جيڪا 3 لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ آھي. ھن مساوات جو مطلب مادو توانائي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو ۽ توانائي مادي ۾. سولن لفظن ۾ ھيئن سمجهجي تہ مادي جي مناسب مقدار کي جيڪڏھن روشني جي رفتار سان ضرب ڪجي تہ جواب تمام وڌيڪ ايندو جيڪو توانائي جي مقدار جو تعين ڪندو. مساوات ۾ ڏسجي تہ m ۽ c جو مربع پاڻ ۾ ضرب کائي رھيا آھن. ڏسجي تہ ايٽم باريڪ ترين ذرو ٿئي ٿو پر ان ۾ موجود مادي جي ٿورڙي مقدار کي جيڪڏھن روشني جي رفتار جي مربع سان ضرب کائي ٿي تہ تمام وڌيڪ مقدار جي ٿوانائي بنجي وڃي ٿي. ائين کڻي سمجهجي تہ تمام باريڪ شي روشني جي رفتار سان ھلي ٿي تہ اھا توانائي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. عام طور تي ايٽم بم لاء يورينيم ڌات استعمال ٿئي ٿي. ھن جو ايٽمي وزن ڪافي وڌيڪ ٿئي ٿو يعني ھن جا ايٽم قدرتي طور تي پاتل ٻين ايٽمن کان ڪافي وڌيڪ ٿين ٿا ھن جي مرڪزي ۾ ذرن جي تعداد ڪافي وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ ھن جي مرڪزي ۾ ذرن جي صورت ۾ موجود اضافي مادو ھن ۾ توانائي جي نيڪال جو سبب بنجي ٿو. جيڪڏھن 7 ڪلوگرام يورينيم کي روشني جي رفتار جي مربع C2 سان ضرب ڪجي تہ 2.1 جول توانائي خارج ٿئي ٿي. ڀيٽ سان معلوم ٿيندو تہ 60 واٽ جو بلب ھڪ سيڪنڊ ۾ 60 جول توانائي خرچ ڪري ٿو. توھان اندازو لڳايو تہ ڏيڍ پاء بلند درجي جي رچيل يورينيم مان ھڪ لک گيلن پيٽرول جي برابر توانائي حاصل ٿئي ٿي. ايترا گيلن پيٽرول 5 ڪمرن ۾ سمائجي سگهن ٿا جن جي ڊيگھ ۔ ويڪر ۽ اوچائي 50 50 فٽ ھجي. ان سان توھان کي ھڪ بال جيتري يورينيم۔235 جي رچيل مادي ۾ موجود توانائي جو اندازو ٿي ويو ھوندو.
ايٽم بم کي سمجهڻ لاء ھيٺين اصطلاحن کي سمجهڻ کپي.

تابڪار زوال:
تاب جو مطلب روشني آھي يعني شعاعن نڪرڻ جي ڪري تابڪار مادي جي مقدار ۾ کوٽ اچڻ. ھن عمل ۾ تابڪار مادي ايٽم جي مرڪزي ۾ موجود ذرا تمام تيزي سان نڪرن ٿا جو ھي ذرا شعائن جو روپ ڌارين ٿا.
تابڪار زوال ٽن قسمن جو آھي.

الفا زوال:
تابڪار ايٽم جي مرڪز مان 2 پروٽان ۽ 2 نيوٽران پاڻ ۾ جڙجي نڪرن ٿا. 2 پروٽان ۽ 2 نيوٽران پاڻ ۾ جڙجي ھيليم بنجي وڃن ٿا. ٻين لفظن ۾ الفا زوال ۾ ايٽم جي مرڪزي مان ھيليم جا ذرا نڪرن ٿا.

بيٽا زوال:
بيٽا ذرا اليڪٽرانن تي مشتمل ٿين ٿا ۽ اليڪٽران مرڪز جي اندر سري کان موجود ئي نٿا ٿين. تہ پوء اليڪٽران جي خارج ٿيڻ جي ڇا معنا؟
دراصل مرڪزي جي اندر موجود نيوٽران پاڻ واڌو ۽ ڪاٽو بارن جو مجموعو ٿئي ٿو پر ھي ٻنهي قسمن جا چارج تعداد ۾ برابر ٿين ٿا. ھي بار اليڪٽرانن ۽ پازيٽرانن جي شڪل ۾ ٿين ٿا. ھي ٻئي ذرا مقدار ۾ برابر پر چارج ۾ مخالف ٿين ٿا. نيوٽران جا ھي ساختي جزا عام حالت ۾ ھڪ ٻئي جي اثر کي زائل ڪندا رھن ٿا جنھن سان نيوٽران رلمل رھي ٿو. جڏھن ھن مان ھڪ اليڪٽران نڪري ٿو تہ ان ۾ ھڪ اڪائي ڪاٽو بار جي ڪمي اچي ٿي ۽ ھڪ اڪائي واڌو بار جو اضافو ٿي وڃي ٿو جنھن سان ھڪ نيوٽران ھڪ پروٽان ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. اھڙي طرح بيٽا زوال ۾ نيوٽران پروٽان ۾ تبديل ٿي اليڪٽران يعني بيٽا ذرا خارج ڪري ٿو. ھن عمل سان گڏ گڏ پروٽان بہ ھڪ پازيٽران خارج ڪري نيوٽران ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. پازيٽران تي مشتمل شعائون واڌو شعائون سڏرائين ٿيون.ھي بہ بيٽا شعاعن سان گڏ خارج ٿين ٿيون. 

گاما زوال:
گيما زوال ۾ تابڪار ايٽم جي مرڪزي مان برقي مقناطيسي شعاع بہ نڪرن ٿا جڏھن ھڪ ايٽم ٽٽي ٻن حصن ۾ ورھائجي ٿو ۽ ان سان گڏ 2 يا 3 نيوٽران خارج ٿين ٿا. ھي نيوٽران بہ مرڪزي مان تيز رفتار شعائن جي صورت ۾ نڪرن ٿا.

جوھري ٽوڙ: 
يورينيم 235 کي ايٽم جي ٻارڻ ۽ جوھري بٺي nuclear reactor لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. دراصل يورينيم قدرتي طور تي پاتل عنصرن ۾ سڀ کان ڀاري ٿئي ٿو. ھن جا 2 ھم ٽوپ Isotopes ٿين ٿا.
يورينيم 235
يورينيم 238
يورينيم 235 ۾ ھي اضافي خوبي ٿئي ٿي تہ ھي زنجيري ٽوڙ عمل لاء يورينيم 238 کان وڌيڪ موزون ٿئي ٿو. جيڪڏھن ھن جي مرڪزي تي ھڪ نيوٽران اچي ٽڪرائي تہ مرڪزو ان کي جذب ڪري وٺي ٿو ۽ خود ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿو ۽ 2 يا 3 نيوٽران خارج ٿين ٿا. 2 نوان بنجندڙ ننڍا ايٽم گڏ گڏ گاما شعاع خارج ڪن ٿا ڇوجو انهن جي نئين حالت وجود ۾ آيل ٿئي ٿي. ھي ڳالھ ياد رکڻ کپي تہ ايٽم پرجوش يا مشتعل حالت مان معتدل حالت ۾ اچي ٿو تہ شعائون خارج ڪري ٿو. ھن مد ۾ 2 ڳالهيون اھم آھن.
جوھري بم ۾ ھڪ ايٽم ٽٽڻ سان جيڪي 2 نيوٽران نڪرن ٿا اھي اڳين 2 ايٽمن کي ٽوڙين ٿا ۽ گڏ 2 کان 4 نيوٽران نڪرن ٿا. ھي چار نيوٽران وري چار ايٽمن کي ٽوڙين ٿا، انهن چئن ايٽمن مان وري اٺ نيوٽران نڪرن ٿا. اٺ نيوٽران 8 ايٽمن کي ٽوڙين ٿا ۽ انهن اٺ ايٽمن مان 16 نيوٽران نڪرن ٿا. ائين وڌڻ جو سلسلو ھلندو رھي ٿو. اھڙي طرح يورينيم جي مادي ۾ جڏھن ھڪ نيوٽران گهڙي ٿو تہ اھو ھڪ ايٽم ٽوڙي ٿو. اھڙي طرح نڪرندڙ نيوٽران باقي ايٽمن سان تخريب شروع ڪن ٿا. توھان کي ھي ڄاڻي حيراني ٿيندي تہ پوري مادي جي ٽٽڻ جو عمل ھڪ پيڪو سيڪنڊ ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿو يعني 0٫000000000001 سيڪنڊ ۾ ھي عمل مڪمل ٿي وڃي ٿو. جوھري بم ۾ استعمال ٿيندڙ يورينيم گهٽ ۾ گهٽ 90 ڏينھن تائين رچيل ھجڻ کپي. ھن جو مطلب ٿيو تہ يورينيم جي مادي ۾ 90 سيڪڙو ذرا يورينيم 235 جا ھجن ۽ باقي 10 سيڪڙو يورينيم 238 جا ھجن.

فاصل تور ۔ مقداري حد Critical mass:
ٽوڙ جوڳي مادي جي مقداري حد گهٽ ۾ گهٽ مقدار ٿئي ٿي جيڪا ٽوڙ عمل رکڻ لاء ضروري آھي. ايٽمي بم ۾ ٽوڙ مادي کي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ماتحت مقداري حد sub critical masses جي صورت ۾ رکيو وڃي ٿو تہ جيئن ٽوڙ مادو ڦٽجي نہ پوي ۔ بلڪل ايئن جيئن ھنداڻي جون 2 ڦاڪون ڪري رکيون وڃن. ٻئي ملي مقداري حد کان وڌي وڃن پر الڳ الڳ مقداري حد کان گهٽ رھن. انهن ٻنهي مقداري حدن کي جڏھن تيزي سان يڪ جان ڪيو وڃي ٿو تہ مادي جي مقداري حد مقدار کان وڌي سٻر مقداري حد Super critical masses بنجي وڃي ٿي ۽ ان سان گڏ نيوٽران ان مقدار سان ٽڪرائي تہ زنجيري ٽوڙ عمل شروع ٿي وڃي ٿو ۽ وحدت ۾ سارو مادو ڦاٽي ايٽم بم جو مرحلو پورو ڪري ٿو. ايٽم بم بنائڻ ۾ اصل مسئلو انهن ٻنهي ماتحت مقدارن کي قريب آڻڻ ۽ ھڪ جان بنائڻ آھي. ائين ڪرڻ لاء 2 طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا.

1۔بندوقي ڀڙڪاء جو طريقو:
مٿين مقداري حد ۾ نيوٽران جنريٽر ذريعي نيوٽران پيدا ڪري داخل ڪيا وڃن ٿا. ھي جنريٽر پلونيم ۽ برينيم جي ٻن سرن تي مشتمل ٿئي ٿو جنھن جي درميان ٽوڙ مادي جي ھڪ چپ نما تھ ٿئي ٿي. جڏھن ٻہ ماتحت مقداري حدون ھڪ ٻئي ويجهون آنديون وڃن ٿيون تہ عين ان وقت پلونيم جي سر مان الفا ذرا نڪرن ٿا. ھي الفا ذرا وري بريليم 9 سان ٽڪرائن ٿا جنھن سان بريليم 8 جڙي ٿو ۽ ان سان گڏ آزاد نيوٽان جڙن ٿا. ھي نيوٽران ٽوڙ عمل Fission reaction شروع ڪن ٿا. آخر ٽوڙ عمل ھڪ گهاٽي ٽوڙ جوڳي مادي ۾ محدود ٿي وڃي ٿو جيڪو عام طور تي يورينيم 238 جو بڻيل ٿئي ٿو.

2۔بندوقي ڀڃ طريقو: 
ھي سادو طريقو آھي جنھن ۾ ٻہ ماتحت مقداري حدن کي ويجهو آڻي يڪجان بنايو وڃي ٿو. جھڙي طرح اسان ھنداڻي کي چيڪ ڪرڻ لاء ان کي چتي ھڻون ٿا ۽ وري ٽڪڙي کي ٻيھر ھنداڻي سان جوڙيون ٿا. اھڙي طرح نيوٽران جنريٽر جي چوڌاري يورينيم 235 جو گولو بنايو وڃي ٿو جنھن مان ھڪ ٽانڪي ڪڍي وڃي ٿي. ھي ٽانڪي يا يورينيم جو ٽڪڙو بندوق جي گولي وانگر گولے تي فائر ڪيو وڃي ٿو جنھن سان ھي ٽڪڙو ھنداڻي جي چتي وانگر گولے جي خالي جڳھ کي ڀري يڪجان ٿي وڃي ٿو ۽ گولے جي ڪل مقدار مٿين مقداري حد بنجي وڃي ٿي. فائر سان گڏ نيوٽران جنريٽر ھلي پوي ٿو. اھڙي طرح ساري مادي ۾ ٽوڙ عمل شروع ٿي وڃي ٿو يورينيم 235 جي ھي گولي ھڪ وڏي نل Tube جي سري تي ٿئي ٿي جڏھن تہ نيوٽران جنريٽر جي چوڌاري جڙيل گولے جو نل ٻئي سري تي نصب ٿئي ٿو. يورينيم جي گولے پويان TNT ٽرائي نائتروٽائلن جو بارود ٿئي ٿو جيئن ئي بارود کي باھ لڳي ٿي تہ ان مان پيدا ٿيندڙ گئس مان گولي انتھائي جٽاء سان يورينيم جي گولے ڏي ھلي ٿي ۽ اتي پنھنجي جڳھ ۾ گهڙي گولے کي يڪجان ڪري ٿي. وچ ۾ نيوٽران بم ھلي پوي ٿو، اھڙي طرح ايٽم بم ڦٽجي پوي ٿو.
ھتي ھڪ سوچڻ جي ڳالھ آھي تہ جڏھن يورينيم جي گولي تيزي سان يورينيم جي گولے سان ٽڪرائي ٿي تہ بجاء يڪجان ٿيڻ جي ٽڪڙو واپس اچي سگهي ٿو. ھن مسئلي کي حل ڪرڻ لاء مقناطيس جي ٻن قطبن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھڪ قطب يورينيم جي گولي سان گڏ ٿئي ٿو ۽ ٻيو مخالف گولے سان. جيئن گولي گولے سان ٽڪرائي ٿي تہ ٻئي قطب ھڪ ٻئي کي ڪشش ڪن ٿا. اھڙي طرح ٻئي ٽڪڙا پاڻ ۾ ٽڪرائن ٿا ۽ واپس وڃڻ جو مسئلو حل ٿي وڃي ٿو. ھي آھي ايٽم بم جڙڻ جو مختصر عمل.