Thursday 30 May 2019

اس لڳڻ ۔ ڏينھن لڳڻ Sun stroke 💎اصغر ساگر💎

اونهاري جا ڏينھن وڏا ۽ گرم ٿين ٿا ڇوجو سج پنھنجي آب تاب سان چمڪندو رھي ٿو ۽ زمين تي شعائن جا گولا وسائي ٿو. ھن گرمي جي ڪري انسان جي جسم جو گرمي پد وڌي وڃي ٿو. اڪثر ماڻهو اس ۾ نڪرن ٿا ۽ اس جي پرواھ نٿا ڪن، نتيجن ڏينھن لڳي وڃي ٿو. ڏينھن لڳڻ ڪري انسان جو دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو. جيڪڏھن ان جو جلدي علاج نہ ڪرايو وڃي تہ اھو موت ور چڙھي سگهي ٿو. گرمي جي موسم ۾ پگهر اچڻ ڪري جسم ۾ لوڻياٺ ۽ پاڻي جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ۽ مٺاڻ جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ۽ ھاضمي جي بگڙڻ جي ڪري معدي جا مسئلا ڪر کڻن ٿا.
اسان کي ڄاڻ رکڻ کپي تہ اسان جي جسم جو گرمي پد ھميشہ 37 ڊگري سينٽيگريڊ رھي ٿو. ھن درجي حرارت تي اسان جي جسم جا سڀ عضوا صحيح نموني ڪم ڪن ٿا.
مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۔ ٻارن ۽ پوڙھن کي جلدي ڏينھن لڳي ٿو ڇوجو انهن ۾ قوت برداشت جي کوٽ ٿي وڃي ٿي.
 پگهر جي صورت ۾ پاڻي خارج ڪري جسم 37 ڊگري سينٽيگريڊ گرمي پد برقرار رکي ٿو. مسلسل پگهر وھڻ جي صورت ۾ پاڻي پيئندو رھڻ انتھائي مفيد ۽ ضروري آھي. جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري اسان جو جسم پگهر جي ذريعي پاڻي جي خارج ٿيڻ کي روڪي ٿو.
جڏھن ٻاھر گرمي پد 45 ڊگري سينٽيگريڊ کان وڌيڪ ٿي وڃي ٿو ۽ جسم جو ٿڌاڻ سرشتو ٺپ ٿي وڃي ٿو تڏھن جسم جو گرمي پد 37 ڊگري سينٽيگريڊ کان وڌي وڃي ٿو.
موسم جي ھي سختي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اس لڳڻ جي صورتحال پيدا ڪري ٿي. ھي اثر خط استوا جي ٺيڪ مٿان سج جي ٽچڪڻ جي ڪري ٿين ٿا.
جسم جو گرمي پد جڏھن 42 ڊگري سينٽيگريڊ تي پھچي ٿو تڏھن رت گرم ٿيڻ لڳي ٿو ۽ رت ۾ موجود پروٽين پچڻ لڳن ٿا ۔ ڏورا ڪڙڪ ٿيڻ لڳن ٿا، ان وقت ساھ کڻڻ لاء ضروري ڏورا ڪم ڪرڻ بند ڪن ٿا ۔ جسم جو پاڻي گهٽ ٿيڻ ڪري رت گهاٽو ٿيڻ لڳي ٿو ۔ بي پي گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ اھم عضون خاص ڪري دماغ تائين رت جي رسائي بند ٿي وڃي ٿي. انسان سڪتي ۾ ھليو وڃي ٿو ۽ آھستي آھستي عضوا ڪم ڪرڻ بند ڪن ٿا ۽ موت رونما ٿي وڃي ٿي.

علامتون :-
ڏينھن لڳڻ ڪري مريض جي چمڙي خشڪ ۽ گرم ٿئي ٿي.
مريض کي اڀساھي ٿي وڃي ٿي ۽ ساھ کڻڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.
پگهر اچڻ بند ٿي وڃي ٿو.
جسماني گرمي پد وڌي وڃي ٿو.
دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي.
مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۔ ٻارن ۽ پوڙھن کي جلدي ڏينھن لڳي ٿو ڇوجو انهن ۾ قوت برداشت جي کوٽ ٿي وڃي ٿي.
اوچتو مٿي ۾ سور پوڻ.
اکين آڏو انڌيرو اچڻ.
مٿو ڦرڻ.
الٽي اچڻ.
ساھ کڻڻ ۾ مشڪل اچڻ.
اوچتو شديد ڪمزوري ٿيڻ.
بي ھوشي.
دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ.
بخار ٿيڻ.
چمڙي جلدي ڳاڙھي يا خشڪ ٿيڻ.
تمام تيز بخار ٿيڻ.
ڪپڙا سنها پارائجن.
مٿي ۔ نرڙ ۔ بغلن ۽ رانن تي ٿڌيون پٽيون رکجن.
وقت بوقت متاثر کي وھنجاريندو رھجي.
متاثر کي بروقت اسپتال پھچائجي.

احتياط :-
گرمي جي ڏينھن ۾ مسلسل پاڻي پيئندو رھجي جيئن جسم جو گرمي پد 37 ڊگري سينٽيگريڊ رھي سگهي
گرمي ۾ 12 کان 3 بجي تائين گهر ۔ ڪمري يا آفيس ۾ رھڻ جي ڪجي.
ڏينھن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 کان اٺ لٽرن تائين پاڻي پيئڻ گهرجي.
بي پي تي نظر کڻ گهرجي.
سج جي گرمي ڪيڏي مھل بہ لڳي سگهي ٿي.
ٿڌي پاڻي سان وھنججي.
گوشت جو استعمال گهٽ ۾ گهٽ ڪجي.
ميوا ۽ سبزيون وڌ ۾ وڌ استعمال ڪجن.
ڪمري ۾ پاڻي جا 2 يا 3 ٽب ڀري رکجن جيئن ڪمري جو گرمي پد نہ وڌي ۽ آلاڻ برقرار رھي.

 اپاء :-
متاثر ماڻھو کي ٿڌي جڳھ ۾ منتقل ڪجي.
ٽنگون جسم کان مٿي رکجن.
جلدي پاڻي پيارجي.
ڪپڙا سنها پارائجن.
مٿي ۔ نرڙ ۔ بغلن ۽ رانن تي ٿڌيون پٽيون رکجن.
وقت بوقت متاثر کي وھنجاريندو رھجي.
متاثر کي بروقت اسپتال پھچائجي.

تدبيرون :-
اونهاري ۾ ٿڌن ۽ تسڪين ڏيندڙ شربتن جو وڌ کان وڌ استعمال ڪجي جيئن ڏينھن لڳڻ کان بچي سگهجي.

ليمي جو پاڻي :-
ليمو تڪسيد روڪ ٿئي ٿو. ھن ۾ تاندور ۽ نشاستو وافر مقدار ۾ پاتو وڃي ٿو. ليمو پاڻي جسم کي تازگي توانائي بخشي ٿو. ھي چمڙي کي رونق ڏيڻ کان سوا ھاضمي جي نظام کي بھتر ڪري ٿو ۔ نزلي زڪام کان تحفظ ڏئي ٿو ۽ گرمي جي اثر کي زائل ڪري ٿو.

لسي ۽ ڏھي :-
ڏھي ۾ معدني طاقت ٿئي ٿي ان ۾ پروٽين ڪيلشم وٽامن اي وٽامن بي وٽامن سي ۽ وٽامن اي ٿئي ٿو جيڪو جسم ۾ ٿڪ ۔ ڪمزوري ۽ لوڻياٺ دور ڪري ٿو. گرمي ۾ لسي يا مٺي لسي پاڻي جي کوٽ پوري ڪري ٿي ۽ گرمي جي شدت کي گهٽ ڪري ٿي.

مٺي لسي ڪيئن ٺاھجي ھي ڪڙي کولي پڙھندا.
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2019/05/blog-post_40.html

ڏھي ڪيئن ٺاھجي ھي ڪڙي کولي پڙھندا.
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2019/04/blog-post_28.html

ستو کا شربت :-
ستو جو شربت اونهاري ۾ فرحت بخش ٿئي ٿو ھن ۾ موجود تاندورا قبض جي شڪايت ختم ڪن ٿا ۔ پيٽ جي سور کي دفع ڪن ٿا ۽ پيٽ ۾ خرابي کي پيدا ٿيڻ نٿا ڏين ۽ پاڻي جي کوٽ پوري ڪري ٿو.

جو جو ستو ڪيئن ٺاھجي ھي ڪڙي کولي پڙھندا.
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2019/05/blog-post_37.html

تخم بالا جو شربت :-
تخم بالا جو شربت گرمي جو ٽوڙ رکي ٿو. ھي شربت دل کي باغ بھار رکي ٿو ۔ گرمي جي اثر کان بچائي ٿو ۽ جسماني قوت برداشت کي مضبوط رکي ٿو.

تخم بالا ۽ ھنداڻي جو شربت ڪيئن ٺاھجي ھي ڪڙي کولي پڙھندا.
https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2019/05/blog-post_55.html
املي الوبخارا شربت :-
اونهاري ۾ املي الوبخارا جي شربت کان وڌيڪ ٻيو ڪوبہ شربت نہ ملندو. اھي پورھيت جيڪي اس ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ سڄو ڏينھن لوڙين ٿا انهن کي ڏينھن جو شربت املي الوبخارا پيئڻ کپي. سائين محبوب منگي ڦلجي اسٽيشن جيڪو ديڳون پچائڻ جو ڪم ڪندو ھو. ان جو چوڻ ھو تہ ڀلي ڏينھن تتو ھجي مان شربت املي الوبخارا پي ڪم ڪندو آھيان مون تي گرمي جو اثر ناھي ٿيندو. بلڪل حقيقت آھي اونهاري ۾ پورھيتن کي شربت املي الوبخارا دتو ڪمپني يا قرشي ڪمپني يا اشرف ڪمپني وٺي ڏينھن جو پيئڻ کپي ۽ اس جي حملن کان بچڻ کپي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment