Tuesday, 8 January 2019
Monday, 7 January 2019
Sindhi folk wisdom سنڌي لوڪ ڏاھپ | علي مردان رھوجو
MyDairyAsgharSagar
January 07, 2019
Sindhi folk wisdom سنڌي لوڪ ڏاھپ
By Ali Mardan Rahoojo
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
1. هڪ لوهار جو ، سؤ سونار جو
One strike of Blacksmith is worth hundreds of a Goldsmith.
It implies, don’t plunge into petty gains and always aim for great objectives and exalted goals.
2. ڀلي ولو پر دڳ ڀلو
Better to take a long detour but tread on a smooth path.
It implies to endure pains and difficulty but be honest and straight forward to achieve the goal.
3. ڀاڙين جي آسري کوھ نہ کڄندا
Don’t rely on cowards and lazy while digging wells.
It implies, a coward will ditch you in the time of difficulty.
4. ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي ماني مان
How can a dog appreciate a loaf of bread.
It implies… don’t give unnecessary importance to a person of low caliber.
5. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا
A stick of powerful has two heads.
Might is right.
Selection, translation & context .. Ali M Ali Mardan Rahoojo
Sunday, 6 January 2019
Friday, 4 January 2019
اصغر ساگر | نڪوٽين Nicotine
MyDairyAsgharSagar
January 04, 2019
نڪوٽين Nicotine
”اصغر ساگر“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
نڪوٽين ڪيميائي مادو آھي جيڪو نائٽروجن تي مشتمل آھي جيڪو ڪيترن قسمن جي ٻوٽن مان ٺھيل آھي جنھن ۾ تماڪ بہ اچي وڃي ٿو. اھو ترڪيبي عمل ذريعي ٺاھيو وڃي ٿو. نڪوٽين قدرتي طور هڪ بي رنگ پاڻياٺ ٿئي ٿي، جيڪا ٻرڻ سان ناسي ۽ هوا ۾ وائکي ٿيڻ سان تماڪ جي بوءِ پيدا ڪري ٿي. نڪوٽينيا تماڪ Nicotiana tabacum نڪوٽين جو قسم جيڪو تماڪ جي ٻوٽن ۾ پاتو وڃي ٿو اھو نائيٽ شيڊ خاندان Nightshade family مان اچي ٿو. ڳاڙھا مرچ ۔ واڱڻ ۔ ٽماٽا ۽ پٽاٽا نائيٽ شيڊ خاندان جا مثال آھن. ان کان سوا نڪوٽين چانھن ۔ چاڪليٽ ۔ گوبي ۔ ساون مرچن ۽ ڪوڪا پلانٽ ۾ پاتي وڃي ٿي.
نڪوٽين پاڻ ڪينسر جو سبب يا پاڻ نقصانڪار ناھي پر اھو تماڪ جي گهڻي عادت ڏئي ٿو ۽ تماڪ تي ڀاڙيندڙ ماڻهن کي گهڻي نقصان جو شڪار ڪري ٿو. نڪوٽين ۾ اھڙي ڪو مواد ناھي جيڪو بيماري ۔ ڪينسر ۽ دل جي بيمارين جو سبب بنجي پر اھي ڏوھي ڪولتار Tar ۽ زھريليون گئسون Toxic gases آھن جيڪي ٻرندڙ تماڪ مان نڪرن ٿيون جڏھن تماڪ نوشي ڪجي ٿي. نڪوٽين خطرناڪ ناھي پر اھو پنھنجي نشي جي ھير ڏئي ٿو ۽ پنھنجي نشي جو عادي بنائي تماڪ نوشي طرف مائل ۽ راغب ڪري ٿو. نڪوٽين تماڪ جي عادت پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، نڪوٽين دل تي بہ اثر ڪندي آهي. جنھن ڪري دل جي ڌڙڪن وڌي ويندي آهي، نڪوٽين جي ڪري دل جون ناليون سُسَڻ لڳن ٿيون ان سان گڏ تماڪ ۾ ڪولتار Tar هوندو آهي، جيڪو انسان جي ڦڦڙن تي دونھين جو ڪارو تھ چاڙهي ڇڏيندو آهي، ان ڪري ساھ کڻڻ ۾ مشڪل ٿيندي آهي. نڪوٽين، انهن 4 هزارن کان وڌيڪ ڪيميائي مادن منجهان هڪ آهي، جيڪي تماڪ جي دونھين ۾ موجود ٿي سگهن ٿا ۽ اهو ئي دماغ تي اثر ڪندڙ اھم جزو آهي.
تماڪ کي چٻاڙڻ يا ڇڪي پيئڻ اڪثر ڪري تماڪ نوشي کان گهڻي نڪوٽين جسم ۾ آڻين ٿيون. نڪوٽين جا انساني جسم ۽ دماغ تي ڪيترائي گھرا اثر پيدا ٿين ٿا. نڪوٽين جسم ۾ نہ رڳو چمڙي، نَڪَ ۽ وات جي لعابي استر رستي داخل ٿئي ٿي تہ ڦڦرن ذريعي بہ جذب ٿي سگهي ٿي. جڏهن تہ سگريٽ رستي ڇڪجندڙ نڪوٽين کي دماغ تائين پھچڻ ۾ رڳو ڏهن سيڪنڊن جيترو وقت لڳي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ سِگار ۽ پائيپ ڇڪيندڙ جيئن تہ عام طور دونھون نٿا ڳھن، ان سبب جسم ۾ نڪوٽين وات جي لعابي استر رستي وڌيڪ آهستگيءَ سان پهچي ٿي. نڪوٽين کي ھيروئن وانگر ڇڏي نٿو سگهجي. نڪوٽين جا منفي اثر دل ۔ ھارمون ۽ معدي ۽ آنڊي جي سرشتي Gastrointestinal system کي متاثر ڪن ٿا. ڪجھ تحقيقن مطابق نڪوٽين ياداشت ۽ مرڪزي توجھ Concentration کي وڌائي ٿي. ھي اڏورڻن جي گهڻاڻ The rush of adrenaline جسم کي اڀار ڏئي ٿي ۔ تسڪين ڏئي ٿي ۽ جلدي گلوڪاڻ Glucose
کي ڪڍي ٿي ۽ ساھ Respiration ۔ بي پي Bp ۽ دل جي ڌڙڪي Heart rate کي وڌائي ٿي. نڪوٽين لبلبي جي ٻاھرين انسولين کي دٻائي ٿي ۽ تماڪ نوشين ۾ ڪجھ ڪثير شڪري Hyperglycemic پيدا ڪري ٿي.
نڪوٽين جو جسم تي اثر :-
نڪوٽين مسڪن (سڪون ڏيندڙ) sedative ۽ متحرڪ (تحريڪ ڏيندڙ) stimulant آھي. جڏھن جسم ۾ نڪوٽين اچي ٿي تہ ھڪ جهٽڪو Cick لڳي ٿو. اھو اڏور غدود adrenal glands جي ڪري ٿئي ٿو جنھن جو نتيجو اڏورڻي (اڏور ھارمون) adrenaline جي نيڪال سان نڪري ٿو. اڏورڻي (اڏور ھارمون) adrenaline جي واڌ سان جسم ۾ تحريڪ اچي ٿي جلدي گلوڪاڻ Glucose
وڌي ٿي ۽ دل جو ڌڙڪو heart rate ۽ بي پي Bp وڌي ٿو. نڪوٽين جي ڪري لبلبي Pancreas ۾ انسولين Insulin گهٽ ٺھي ٿي ۽ رت ۾ شڳر Blood sugar يا گلوڪاڻ Glucose وڌي وڃي ٿي. اڻ سڌي طرح نڪوٽين دماغ جي خوشي ۽ حوصلاافزائي واري جڳھ مان ڏوپن Dopamine جي نيڪال جو سبب ٿئي ٿو. ساڳو اثر ٿئي ٿو جڏھن ماڻھو ڪوڪين Cocaine يا ھيروئن Heroin پيئندا آھن. نشائي کي نڪوٽين مان ساڳي خوشي واري حس Pleasurable sensation ملندي آھي. نڪوٽين گهڻي پيئڻ سان اڃان وڌيڪ ڊوز جي ضرورت پوي ٿي. ڏوپن Dopamine دماغي ڪيميائي Brain chemical مادو آھي جيڪو جذبن Emotions ۔ چرپر Movements ۔ خوشي جي حس Sensations of pleasure ۽ ڏک جي حس Sensations of pain تي اثر وجهي ٿو. جيڪڏھن توھان جي ڏوپن Dopamine جي حد وڌي ٿي توھان جو اطمنياني احساس Feeling of contentment وڌي ٿو. نڪوٽين جي ڊوز تي ھوندو آھي فرد ڪيتري نڪوٽين واپرائي ٿو اوترو ان جو تنتي سرشتو اڀار کائي ٿو. نڪوٽين مسڪن (سڪون ڏيندڙ) پڻ Sedative وانگر ڪم ڪري ٿي.
نڪوٽين ۽ چانھن جو تعلق :-
چانھن جو جيتري قدر تعلق آھي ان ۾ تمام گهٽ نڪوٽين ٿئي ٿي جيڪا جسم تي نہ جھڙوڪر اثرانداز ٿئي ٿي 3 ڪلو چانھن ۾ 1 مائڪروگرام نڪوٽين ٿئي ٿي جيڪا گهٽ کان تمام گهٽ آھي پر چانھن کي گهڻي دير ڪاڙهڻ سان ان ۾ نڪوٽين جو ڪجھ مقدار وڌي ويندو آهي ان ڪري چانھن کي گهٽ ڪاڙھڻ کپي ۽ ڪڙڪ ڪري پيئڻ نہ کپي.
نڪوٽين ۽ ڪافي جو تعلق :-
ڪافي بابت خيال ڪيو ويندو آھي تہ ان ۾ نڪوٽين موجود آھي پر ھن مھل تائين سائنسي تحقيقن مان ثابت ٿيو آھي تہ ڪافي ۾ نڪوٽين جي موجودگي ناھي.
تماڪ کي ڇڏي ڪري ٻين شين ۾ نڪوٽين جي موجودگي قدرتي طور تي بھتر اثر مرتب ڪري ٿي جيڪڏھن انهن قدرتي شين کي محدود بنياد تي کاڌو وڃي. ھي رت کي عضون ڏانهن وڌائي ٿي. قدرتي شين ۾ ھن جي محدود مقدار واپرائڻ سان رت جي گردش بھتر رھي ٿي ۽ دل ۾ فعاليت رھي ٿي.
نڪوٽينيا تماڪ Nicotiana tabacum
نائيٽ شيڊ خاندان Nightshade family
زھريليون گئسون Toxic gases
معدي ۽ آنڊي جي سرشتي Gastrointestinal system
مرڪزي توجھ Concentration
اڏورڻن جي گهڻاڻ The rush of adrenaline
گلوڪاڻ Glucose
ساھ Respiration
دل جي ڌڙڪي Heart rate
نڪوٽين مسڪن (سڪون ڏيندڙ) Sedative
متحرڪ (تحريڪ ڏيندڙ) Stimulant
اڏور غدود Adrenal glands
جهٽڪو Cick
اڏورڻو (اڏور ھارمون) Adrenaline
لبلبو Pancreas
انسولين Insulin
رت ۾ شڳر Blood sugar
ڏوپن Dopamine
ڪوڪين Cocaine
خوشي واري حس Pleasurable sensation
خوشي جي حس Sensations of pleasure
ڏک جي حس Sensations
اطمنياني احساس Feeling of contentment
ڪولتار Tar
ڪثير شڪري Hyperglycemic
Thursday, 3 January 2019
Wednesday, 2 January 2019
An honesty is an introduction to itself ايمانداري پنھنجو تعارف پاڻ آھي. | اصغر ساگر
MyDairyAsgharSagar
January 02, 2019
An honesty is an introduction to itself
ايمانداري پنھنجو تعارف پاڻ آھي.
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
A customer asked him why you have put the paper bag under the weight?
Deeler replied: I do not sell the bag, but I sell the Tea inside the bag! This is rare..!!
Nowadays honest people like this one are too difficul to be found. ❤️
گراڪ ھن کان پڇيو تہ وزن واري پاسي ڪاغذي ٿيلهي ڇو رکي اٿئي؟
دڪاندار وراڻيس تہ آئون صرف چانھ پَـتِي ٿو وڪڻان، ٿيلهي نہ...!! اھو ورلي ورلي ٿيندو آھي..! اهڙا ايماندار انسان اڄڪلھ ڳولئي نٿا ملن...!! ❤️
ايمانداري پنھنجو تعارف پاڻ آھي.
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
A customer asked him why you have put the paper bag under the weight?
Deeler replied: I do not sell the bag, but I sell the Tea inside the bag! This is rare..!!
Nowadays honest people like this one are too difficul to be found. ❤️
گراڪ ھن کان پڇيو تہ وزن واري پاسي ڪاغذي ٿيلهي ڇو رکي اٿئي؟
دڪاندار وراڻيس تہ آئون صرف چانھ پَـتِي ٿو وڪڻان، ٿيلهي نہ...!! اھو ورلي ورلي ٿيندو آھي..! اهڙا ايماندار انسان اڄڪلھ ڳولئي نٿا ملن...!! ❤️
Tuesday, 1 January 2019
Sir Gregory perlman a great mathematician سر گريگوري پيرلمين عظيم روسي رياضيدان | اصغر ساگر
MyDairyAsgharSagar
January 01, 2019
Sir Gregory perlman a great mathematician
سر گريگوري پيرلمين عظيم روسي رياضيدان
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
رياضي ۾ گريگوري پيرلمين جو نالو معتبر حيثيت رکي ٿو. ھن عظمت کي برقرار رکندي ڏوڪڙن کي ڪابہ حيثيت نہ ڏني ۽ اخلاقي قدرن کي ھٿي ڏني. عظيم رياضيدان 2006ع ۾ مليل فيلڊ ميڊلن کي ٺڪرائيندي چيو
”مون کي نہ شھرت نڪي دولت ۾ دلچسپي آھي. مون کي چڙيا گهر جي جانورن وانگر پنھنجي نمائش ناھي ڪرائڻي. نہ مان ڪامياب آھيان نڪي مان ھيرو آھيان منھنجي ڪم کي ڏسو ۔ جيڪڏھن منھنجا ڏنل ثبوت درست آھن تہ مون کي ڪنھن بہ اعزاز جي ضرورت ناھي.“
وري 2010ع ۾ ھن ڏھ لک ڊالر انعام وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو
”انعام ڏيڻ جو فيصلو منصفاڻو ناھي ڇوجو جنھن مسئلي جي حل لاء مون کي انعام ڏنو پيو وڃي ان جي حل ۾ ايترو ٻئي رياضيدان جو ھٿ آھي جيترو منھنجو.“
ان کان پھرين 1996ع ۾ يورپين ميٿميٽڪس سوسائٽي جو انعام انهي بنياد تي ٺڪرايائين تہ ھن جو ڪم اڻپورو آھي.
گريگوري پيرلمن دنيا جي ڏيک ويک ڏيکاء ۽ نمائش کان اخلاقي طرح بيزار ٿي گوشہ نشيني اختيار ڪئي.
ھڪ لمحي لاء رڪي روز فيس بوڪ تي تصويرن تي فخر ڪندڙن لاء پيغام آھي تہ عظمت شھرت جي بک نٿي رکي پر اڀ جيڏو قد رکي ٿي. اڄ ڪلھ وڏي تعليمي قابليت روز فيس بوڪ تي فوٽو رکڻ آھي ۔ پنھنجي نمائش ڪرڻ آھي ۽ سڄو ڏينھن ويھي لائيڪ وٺڻي آھي جڏھن تہ پويان ڪوبہ تعليمي ڪارنامو نہ ھوندو آھي. تون مون کي قاضي چئو مان توکي حاجي چوان وارو سلسلو ھلي ٿو پيو. جتي سرٽيفڪيٽن ۽ عھدن جي ڊوڙ ھجي ۽ پنھنجي مشھوري جي تسڪين ھجي اتي روز دم گهٽجي ٿو پر سر گريگوري جي بيباڪ شخصيت کي ڏسي جان ۾ ساھ پئجي وڃي ٿو. شخصي ڄامڙن جي انبوھ کان پري اڪيلي سر گريگوري جي شخصيت ديوقامت لڳي ٿي. سر گريگوري پيرلمين جي شخصيت کي دلي سلام.
سر گريگوري پيرلمين عظيم روسي رياضيدان
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
رياضي ۾ گريگوري پيرلمين جو نالو معتبر حيثيت رکي ٿو. ھن عظمت کي برقرار رکندي ڏوڪڙن کي ڪابہ حيثيت نہ ڏني ۽ اخلاقي قدرن کي ھٿي ڏني. عظيم رياضيدان 2006ع ۾ مليل فيلڊ ميڊلن کي ٺڪرائيندي چيو
”مون کي نہ شھرت نڪي دولت ۾ دلچسپي آھي. مون کي چڙيا گهر جي جانورن وانگر پنھنجي نمائش ناھي ڪرائڻي. نہ مان ڪامياب آھيان نڪي مان ھيرو آھيان منھنجي ڪم کي ڏسو ۔ جيڪڏھن منھنجا ڏنل ثبوت درست آھن تہ مون کي ڪنھن بہ اعزاز جي ضرورت ناھي.“
وري 2010ع ۾ ھن ڏھ لک ڊالر انعام وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو
”انعام ڏيڻ جو فيصلو منصفاڻو ناھي ڇوجو جنھن مسئلي جي حل لاء مون کي انعام ڏنو پيو وڃي ان جي حل ۾ ايترو ٻئي رياضيدان جو ھٿ آھي جيترو منھنجو.“
ان کان پھرين 1996ع ۾ يورپين ميٿميٽڪس سوسائٽي جو انعام انهي بنياد تي ٺڪرايائين تہ ھن جو ڪم اڻپورو آھي.
گريگوري پيرلمن دنيا جي ڏيک ويک ڏيکاء ۽ نمائش کان اخلاقي طرح بيزار ٿي گوشہ نشيني اختيار ڪئي.
ھڪ لمحي لاء رڪي روز فيس بوڪ تي تصويرن تي فخر ڪندڙن لاء پيغام آھي تہ عظمت شھرت جي بک نٿي رکي پر اڀ جيڏو قد رکي ٿي. اڄ ڪلھ وڏي تعليمي قابليت روز فيس بوڪ تي فوٽو رکڻ آھي ۔ پنھنجي نمائش ڪرڻ آھي ۽ سڄو ڏينھن ويھي لائيڪ وٺڻي آھي جڏھن تہ پويان ڪوبہ تعليمي ڪارنامو نہ ھوندو آھي. تون مون کي قاضي چئو مان توکي حاجي چوان وارو سلسلو ھلي ٿو پيو. جتي سرٽيفڪيٽن ۽ عھدن جي ڊوڙ ھجي ۽ پنھنجي مشھوري جي تسڪين ھجي اتي روز دم گهٽجي ٿو پر سر گريگوري جي بيباڪ شخصيت کي ڏسي جان ۾ ساھ پئجي وڃي ٿو. شخصي ڄامڙن جي انبوھ کان پري اڪيلي سر گريگوري جي شخصيت ديوقامت لڳي ٿي. سر گريگوري پيرلمين جي شخصيت کي دلي سلام.
Disadvantages of tea چانھن جا نقصان |اصغر ساگر
MyDairyAsgharSagar
January 01, 2019
چانھن جا نقصان Disadvantages of tea
اصغر ساگر
برصغير ۾ چانھن جي مقبوليت کان ڪوبہ انڪار ناھي پر ھي مشروب دنيا جي ٻين حصن ۾ بہ پسند ڪيووڃي ٿو پر چانھن جو گهڻو استعمال نقصانڪار آھي. سائنسي تحقيقن مطابق ڪاري پتي ھجي يا سبز پتي وغيرھ محدود مقدار ۾ پيئڻ سان گهڻ پاسا فائدا ملن ٿا مدافعتي سرشتي کي طاقت ملي ٿي ۔ ھاضمي جو نظام بھتر ٿئي ٿو ۔ شرياني سرشتي جي وھڪ ۾ بھتري اچي ٿي مگر جڏھن اسان پتي سان کير ملايون ٿا تہ فائدا نقصان جي ور چڙھي وڃن ٿا.
جڏھن اسان ھن تحقيق کي ڏسون ٿا تہ ڳالھ پڌر پٽ ٿي وڃي ٿي.
“The Hong Kong government recently conducted a caffeine content study and found that Taiwanese milk tea contains a high amount of caffeine for a tea based drink. Of the 10 samples they tested, bubble tea ranged from 100-160mg of caffeine per serving, with the average being 130mg.
Drinking tea could help you lose weight, new research has found – but the effects are cancelled out if you add milk.”
”ھانگ ڪانگ حڪومت تازي تقابلي تحقيق ڪرائي ۽ پاتو تہ تائيواني کير چانھن جي پيئڻ جي بنياد تي ڪيفين جو وڏو مقدار رکي ٿي. 10 نمونن جي جائزي کانپوء کير واري چانھن في واپراء 100 ملي گرام جي سراسري سان 130 کان 160 ملي گرام تائين وئي.
چانھن پيئڻ تنھنجو وزن گهٽائڻ ۾ مددڪري ٿي ۔ نئين تحقيق مان پتو پيو آھي پر اثر ھليا وڃن ٿا جيڪڏھن کير شامل ڪيو وڃي تہ.“
لوڪ ھلي اوڀارو اسان ھلون لھوارا جي چوڻي مطابق اسان جي سماج ۾ ھڪ کير واري چانھن پيتي وڃي ٿي ٻيو وري چانھن کي ڪڙڪ ڪري پي مفت ۾ مرگهي ورتي وڃي ٿي اسان جي ماڻھو جا ٻئي ھٿ ڳلي ۾ ھوندا آھن يا بيمارن وانگر بستر تي ليٽيل ھوندو آھي. اسان کي ياد رکڻ کپي تہ اسان کي سائنسي تحقيق مطابق کير واري چانھن جي جهل آھي پر اسان جو ماڻھو ڪڙڪ چانھن پيڻ ڪري پاڻ صفرا جو مريض بنائي ٿو ۔ معدي ۽ جگر جي نظام کي خراب ڪري پاڻ کي شگر جي آور آڻي ٿو ۽ دماغ جي رڳن کي لھسائي پاڻ کي رت جي داٻ يا رت جي لاٿ جو مريض بنائي ٿو ۽ ڪنھن نہ ڪنھن مرض جو شڪار ٿي دوائن جي بيساکي تي ھلي ٿو.
چانھن ۾ ڪيفين ٿئي ٿي جنھن جي ڪري ننڊ جي خرابي جو مسئلو رھي ٿو ۽ ننڊ جي خرابي جي ڪري اڪثر پريشانين کي منھن ڏسڻو پوي ٿو. چانھن ۾ ھڪ ڪيميڪل ٿيوفلائين بہ آھي جيڪو قبضي جو سبب بنجي ٿو. اڪثر ماڻهو چانھن کي ھاضمي لاء بھتر سمجهن ٿا پر ھن جو زيادھ استعمال بدھاضمي جي صورت ۾ ظاھر ٿئي ٿو. گهڻا ماڻهو چانھن ۾ موجود ڪيفين جي ڪري پنھنجي مزاج ۾ سرور محسوس ڪندا آھن پر چانھن جي وڌيڪ استعمال جي ڪري ڪيفين جو وڌيڪ مقدار مزاج کي خراب ڪري ذھني دٻاء ۽ پريشاني کي وڌائي ٿو. مردن ۾ چانھن جو وڌيڪ استعمال غدودن جي بيماري جو سبب بنجي ٿي. جيڪڏھن ھي بيماري وڌي وڃي تہ غدودن جي ڪينسر جو روپ اختيار ڪري ٿي. ان ڪري بھتر آھي تہ چانھن کي اعتدال ۾ رھي پيتو وڃي ۽ ڪڙڪ چانھن کان پاسو ڪيو وڃي. گهڻي چانھن پيئڻ سان ڪافي مسئلا لاحق ٿين ٿا.
ٽين:- ھي کار جھڙو زھريلو جزو آھي جيڪو ٿوري دير لاء پيئندڙ کي تازو توانو ۽ چست تہ ڪري ٿو پر ذھن کي وري سست ڪري ٿو ڇڏي وڏي ڳالھ تہ جيڪڏھن اھو جزو نہ ملايو وڃي تہ چانھ پيئڻ جو ڪو بہ لطف نہ ٿو رھي.
ٽئنن:- ھي ھڪ زھريلو جزو آھي جيڪو % 15 چانھ مان حاصل ٿئي ٿو پر اھو جزو معدي ۾ ھاضمي جي رس کي بگاڙي ٿو جنھن جي ڪري ھاضمو خراب ٿئي ٿو.
ننڊ جا مسئلا :-
چانھن۾ موجود ڪيفين زيادھ پيشاب جو سبب بنجي ٿي خاص طور تي زيادھ پيئڻ جي صورت ۾ ننڊ خلل جو شڪار رھي ٿي ۽ بدھضمي بہ پيدا ٿئي ٿي.
قبض :-
چانھن ۾ موجود ھڪ ڪيميا Theophylline ٿيف جيڪو غذا جي عمل دوران ڊي ھائيڊريشن جو سبب بنجي ٿو اھو قبض جو شڪار ڪري ٿو. جيڪڏھن ڏسجي تہ چانھن آنڊن کي حرڪت ڏئي ٿي ۽ قبضي کان بچائي ٿي مگر زيادھ استعمال قبض کي وڌائي ٿي.
ذھني بي چيني :-
ڪيفين مزاج کي تسڪين ڏئي ٿي پر مثبت ھئڻ سان گڏ منفي اثر پڻ مرتب ڪري ٿي. زيادھ چانھن پيئڻ ننڊ جي ڪمي ۔ ذھني بي چيني ۽ دل جي ڌڙڪن جي رفتار وڌائي ٿي.
مثاني جو ڪينسر :-
زيادھ چانھن پيئڻ گردن تي اثرانداز ٿئي ٿي نتيجي مثاني جي ڪينسر جو خطرو اڀري اچي ٿو.
رت جي شريانين کي نقصان :-
چانھن ۾ موجود ڪيفين خون جي شريانين جي نظام ۾ بگيڙو وجهي ٿي ان ڪري دل جا مرض لاحق ٿي وڃن ٿا.
محققن مطابق
Tea is loaded with antioxidants called catechins, whether its black tea, green tea, etc. Previous research showed that drinking tea improves blood flow significantly, as compared to drinking plain water. But adding milk in tea, showed that completely blocked the antioxidant benefits of improved blood.
چانھن دافع تڪسيد مادن جن کي ڪٿئي سڏيو وڃي ٿو سان سرشار آھي چاھي اھا ڪاري چانھن ۔ سبز چانھن وغيرھ ھجي. اڳ جي تحقيق اھو ظاھر ڪيو تہ چانھن پيئڻ
اھم انداز ۾ سڌي پاڻي واري چانھن جي ڀيٽ ۾ رت جي وھڪ کي سڌاري ٿي. پر چانھن ۾ کير ملائڻ ڏيکاريو تہ ان مڪمل طور تي رت جي سڌاري وارن دافع تڪسيدي فائدن بند ڪيو.
It is particularly rich in antioxidants and vitamins. It is found to improve our immune system, to control blood sugar levels, reduce damage to cells and prevent cardiovascular diseases. But, if you add milk to your tea, its beneficial effects on your vascular system go away.
چانھن خاص طور تي وٽامنن ۽ دافع تڪسيدي مادن سان زرخيز آھي. اھا اسان جي مدافعتي نظام کي سڌارڻ ۔ رت جي شگر جي سطح کي ضابطي ۾ رکڻ ۔ گهرڙن جو نقصان گهٽائڻ ۽ دل جي بيمارين کي روڪڻ ۾ پاتي وڃي ٿي. پر جڏھن توھان پنھنجي چانھن ۾ کير ملايو ٿا تہ شرياني سرشتي تي ان جا فائديمند اثر ھليا وڃن ٿا.
بک مٽائڻ :-
چانھن بک ۽ پياس کي ختم ڪري ٿي ۔ ھاضمي جي قدرتي نظام ۾ خلل وجهي ٿي. صفرا کي وڌائي ٿي جنھن جي ڪري ھاضمي جو نظام بگڙي وڃي ٿو ۽ خطرناڪ اثر سالن کان پوء ظاھر ٿين ٿا.
شگر :-
چانھن جو زيادھ استعمال بڪين جي عمل ۾ خلل وجهي ٿو جنھن جي ڪري شگر جو عارضو جنم وٺي ٿو. شگر کان پھرين کنڊ واري چانھن ھلي ٿي پوء بنا کنڊ جي چانھن ھلي ٿي. پرھيز مٺي کان نہ پر چانھن کان ٿيڻ کپي ڇوجو معدي ۔ جيري ۽ لبلبي کي بيمار چانھن ڪري ٿي نڪي کنڊ.
اعصاب ڪمزور ٿيڻ :-
چانھن بک کي ختم ڪري ٿي. چانھ جڏھن پيتي وڃي ٿي ان وقت جسم ۾ تيزي پيدا ٿئي ٿي پر جڏھن ان جو اثر گهٽ ٿئي ٿو تہ جسم ۾ سستي وڌيڪ ۽ ڪمزوري پيدا ٿئي ٿي ۽ اعصاب ڪمزور ٿيڻ شروع ٿين ٿا.
چانھ جو عادي ٿيڻ :-
چانھن جو ڪمپنيون چانھن ۾ نشي آور شي جو ڪجھ مقدار وجهن ٿيون تہ جيئن ٿوري نشي جي ڪري ماڻهو جو دماغ سروري حالت ۾ رھي ۽ وقت بوقت ان کي چانھن جي طلب رھي. ان ڪري اھو چانھن جو عادي وڃي ٿو چانھن نہ پيئڻ جي صورت ۾ ان کي مٿي ۾ سور ۔ بدن ۾ سور ۽ ٿڪاوٽ جو احساس رھي ٿو.
چانھن ٺاھڻ جو طريقو :-
پھرين کير ۾ ڪجھ پاڻي وجهجي. کير ۽ پاڻي ديڳڙي ۾ وجهي ڪاڙھجي. جيئن ڪاڙھو اچي تہ پتي وجهجي. 4 ڪاڙھا اچن تہ کنڊ وجهي ملائي جلدي لاھجي.
ھي چانھن پيئڻ ۾ ذائقيدار رھي ٿي ۔ کنڊ جو ساء تازو رھي ٿو ۽ ننڍن لاء مفيد آھي.
اسان کي ياد رکڻ کپي تہ ھڪ ئي وقت کير ۔ پتي ۽ کنڊ کي ڪاڙھڻ سان چانھن بدمزو ٿي وڃي ٿي ۽ ان جي خوشگواري ھلي وڃي ٿي. چانھن پنھنجي تاثير ۾ خشڪ گرم آھي. جڏھن چانھن کي ڪڙڪ ڪري پيتو وڃي ٿو تہ اھا جيري کي گرمي ڏئي ٿي ۔ سوزاڪ پيدا ڪري ٿي ۔ ڏينھون ڏينھن صفرا کي وڌائي ڪمزور ڪري ٿي. ان ڪري چانھن ٺاھڻ جو مٿيون طريقو بھترين ۽ مفيد آھي.
Wednesday, 26 December 2018
Subscribe to:
Posts (Atom)











