Tuesday, 1 January 2019

Disadvantages of tea چانھن جا نقصان| اصغر ساگر

 چانھن جا نقصان  Disadvantages of tea
اصغر ساگر

برصغير ۾ چانھن جي مقبوليت کان ڪوبہ انڪار ناھي پر ھي مشروب دنيا جي ٻين حصن ۾ بہ پسند ڪيووڃي ٿو پر چانھن جو گهڻو استعمال نقصانڪار آھي. سائنسي تحقيقن مطابق ڪاري پتي ھجي يا سبز پتي وغيرھ محدود مقدار ۾ پيئڻ سان گهڻ پاسا فائدا ملن ٿا مدافعتي سرشتي کي طاقت ملي ٿي ۔ ھاضمي جو نظام بھتر ٿئي ٿو ۔ شرياني سرشتي جي وھڪ ۾ بھتري اچي ٿي مگر جڏھن اسان پتي سان کير ملايون ٿا تہ فائدا نقصان جي ور چڙھي وڃن ٿا.
جڏھن اسان ھن تحقيق کي ڏسون ٿا تہ ڳالھ پڌر پٽ ٿي وڃي ٿي.
“The Hong Kong government recently conducted a caffeine content study and found that Taiwanese milk tea contains a high amount of caffeine for a tea based drink. Of the 10 samples they tested, bubble tea ranged from 100-160mg of caffeine per serving, with the average being 130mg.
Drinking tea could help you lose weight, new research has found – but the effects are cancelled out if you add milk.”
”ھانگ ڪانگ حڪومت تازي تقابلي تحقيق ڪرائي ۽ پاتو تہ تائيواني کير چانھن جي پيئڻ جي بنياد تي ڪيفين جو وڏو مقدار رکي ٿي. 10 نمونن جي جائزي کانپوء کير واري چانھن في واپراء  100 ملي گرام جي سراسري سان 130 کان 160 ملي گرام تائين وئي. 
چانھن پيئڻ تنھنجو وزن گهٽائڻ ۾ مددڪري ٿي ۔ نئين تحقيق مان پتو پيو آھي پر اثر ھليا وڃن ٿا جيڪڏھن کير شامل ڪيو وڃي تہ.“  
 لوڪ ھلي اوڀارو اسان ھلون لھوارا جي چوڻي مطابق اسان جي سماج ۾ ھڪ کير واري چانھن پيتي وڃي ٿي ٻيو وري چانھن کي ڪڙڪ ڪري پي مفت ۾ مرگهي ورتي وڃي ٿي اسان جي ماڻھو جا ٻئي ھٿ ڳلي ۾ ھوندا آھن يا بيمارن وانگر بستر تي ليٽيل ھوندو آھي. اسان کي ياد رکڻ کپي تہ اسان کي سائنسي تحقيق مطابق کير واري چانھن جي جهل آھي پر اسان جو ماڻھو ڪڙڪ چانھن پيڻ ڪري پاڻ صفرا جو مريض بنائي ٿو ۔  معدي ۽ جگر جي نظام کي خراب ڪري پاڻ کي شگر جي آور آڻي ٿو ۽ دماغ جي رڳن کي لھسائي پاڻ کي رت جي داٻ يا رت جي لاٿ جو مريض بنائي ٿو ۽  ڪنھن نہ ڪنھن مرض جو شڪار ٿي دوائن جي بيساکي تي ھلي ٿو.
چانھن ۾ ڪيفين ٿئي ٿي جنھن جي ڪري ننڊ جي خرابي جو مسئلو رھي ٿو ۽ ننڊ جي خرابي جي ڪري اڪثر پريشانين کي منھن ڏسڻو پوي ٿو. چانھن ۾ ھڪ ڪيميڪل ٿيوفلائين بہ آھي جيڪو قبضي جو سبب بنجي ٿو. اڪثر ماڻهو چانھن کي ھاضمي لاء بھتر سمجهن ٿا پر ھن جو زيادھ استعمال بدھاضمي جي صورت ۾ ظاھر ٿئي ٿو. گهڻا ماڻهو چانھن ۾ موجود ڪيفين جي ڪري پنھنجي مزاج ۾ سرور محسوس ڪندا آھن پر چانھن جي وڌيڪ استعمال جي ڪري ڪيفين جو وڌيڪ مقدار مزاج کي خراب ڪري ذھني دٻاء ۽ پريشاني کي وڌائي ٿو. مردن ۾ چانھن جو وڌيڪ استعمال غدودن جي بيماري جو سبب بنجي ٿي. جيڪڏھن ھي بيماري وڌي وڃي تہ غدودن جي ڪينسر جو روپ اختيار ڪري ٿي. ان ڪري بھتر آھي تہ چانھن کي اعتدال ۾ رھي پيتو وڃي ۽ ڪڙڪ چانھن کان پاسو ڪيو وڃي. گهڻي چانھن پيئڻ سان ڪافي مسئلا لاحق ٿين ٿا.

ٽين:- ھي کار جھڙو زھريلو جزو آھي جيڪو ٿوري دير لاء پيئندڙ کي تازو توانو ۽ چست تہ ڪري ٿو پر ذھن کي وري سست ڪري ٿو ڇڏي وڏي ڳالھ تہ جيڪڏھن اھو جزو نہ ملايو وڃي تہ چانھ پيئڻ جو ڪو بہ لطف نہ ٿو رھي.

ٽئنن:- ھي ھڪ زھريلو جزو آھي جيڪو % 15 چانھ مان حاصل ٿئي ٿو پر اھو جزو معدي ۾ ھاضمي جي رس کي بگاڙي ٿو جنھن جي ڪري ھاضمو خراب ٿئي ٿو.

ننڊ جا مسئلا :-
چانھن۾ موجود ڪيفين زيادھ پيشاب جو سبب بنجي ٿي خاص طور تي زيادھ پيئڻ جي صورت ۾ ننڊ خلل جو شڪار رھي ٿي ۽ بدھضمي بہ پيدا ٿئي ٿي. 

قبض :-
چانھن ۾ موجود ھڪ ڪيميا Theophylline ٿيف جيڪو غذا جي عمل دوران ڊي ھائيڊريشن جو سبب بنجي ٿو اھو قبض جو شڪار ڪري ٿو. جيڪڏھن ڏسجي تہ چانھن آنڊن کي حرڪت ڏئي ٿي ۽  قبضي  کان بچائي ٿي مگر زيادھ استعمال قبض کي وڌائي ٿي.

ذھني بي چيني :-
ڪيفين مزاج کي تسڪين ڏئي ٿي پر مثبت ھئڻ سان گڏ منفي اثر پڻ مرتب ڪري ٿي. زيادھ چانھن پيئڻ ننڊ جي ڪمي ۔ ذھني بي چيني ۽ دل جي ڌڙڪن جي رفتار وڌائي ٿي.

مثاني جو ڪينسر :-
زيادھ چانھن پيئڻ گردن تي اثرانداز ٿئي ٿي نتيجي مثاني جي ڪينسر جو خطرو اڀري اچي ٿو.

رت جي شريانين کي نقصان :-
چانھن ۾ موجود ڪيفين خون جي شريانين جي نظام ۾ بگيڙو وجهي ٿي ان ڪري دل جا مرض لاحق ٿي وڃن ٿا.
محققن مطابق
Tea is loaded with antioxidants called catechins, whether its black tea, green tea, etc. Previous research showed that drinking tea improves blood flow significantly, as compared to drinking plain water. But adding milk in tea, showed that completely blocked the antioxidant benefits of improved blood.
چانھن دافع تڪسيد مادن جن کي ڪٿئي سڏيو وڃي ٿو سان سرشار آھي چاھي اھا ڪاري چانھن ۔ سبز چانھن وغيرھ ھجي. اڳ جي تحقيق اھو ظاھر ڪيو تہ چانھن پيئڻ 
اھم انداز ۾ سڌي پاڻي واري چانھن جي ڀيٽ ۾ رت جي وھڪ کي سڌاري ٿي. پر چانھن ۾ کير ملائڻ ڏيکاريو تہ ان مڪمل طور تي رت جي سڌاري وارن دافع تڪسيدي فائدن بند ڪيو.
It is particularly rich in antioxidants and vitamins. It is found to improve our immune system, to control blood sugar levels, reduce damage to cells and prevent cardiovascular diseases. But, if you add milk to your tea, its beneficial effects on your vascular system go away.
چانھن خاص طور تي وٽامنن ۽ دافع تڪسيدي مادن سان زرخيز آھي. اھا اسان جي مدافعتي نظام کي سڌارڻ ۔ رت جي شگر جي سطح کي ضابطي ۾ رکڻ ۔ گهرڙن جو نقصان گهٽائڻ ۽ دل جي بيمارين کي روڪڻ ۾ پاتي وڃي ٿي. پر جڏھن توھان پنھنجي چانھن ۾ کير ملايو ٿا تہ شرياني سرشتي تي ان جا فائديمند اثر ھليا وڃن ٿا. 

بک مٽائڻ :-
چانھن بک ۽ پياس کي ختم ڪري ٿي ۔ ھاضمي جي قدرتي نظام ۾ خلل وجهي ٿي. صفرا کي وڌائي ٿي جنھن جي ڪري ھاضمي جو نظام بگڙي وڃي ٿو ۽ خطرناڪ اثر سالن کان پوء ظاھر ٿين ٿا.

شگر :-
چانھن جو زيادھ استعمال بڪين جي عمل ۾ خلل وجهي ٿو جنھن جي ڪري شگر جو عارضو جنم وٺي ٿو. شگر کان پھرين کنڊ واري چانھن ھلي ٿي پوء بنا کنڊ جي چانھن ھلي ٿي. پرھيز مٺي کان نہ پر چانھن کان ٿيڻ کپي ڇوجو معدي ۔ جيري ۽ لبلبي کي بيمار چانھن ڪري ٿي نڪي کنڊ. 

اعصاب ڪمزور ٿيڻ :-
 چانھن بک کي ختم ڪري ٿي. چانھ جڏھن پيتي وڃي ٿي ان وقت جسم ۾ تيزي پيدا ٿئي ٿي پر جڏھن ان جو اثر گهٽ ٿئي ٿو تہ جسم ۾ سستي وڌيڪ ۽ ڪمزوري پيدا ٿئي ٿي ۽ اعصاب ڪمزور ٿيڻ شروع ٿين ٿا.

چانھ جو عادي ٿيڻ :-
چانھن جو ڪمپنيون چانھن ۾ نشي آور شي جو ڪجھ مقدار وجهن ٿيون تہ جيئن ٿوري نشي جي ڪري ماڻهو جو دماغ سروري حالت ۾ رھي ۽ وقت بوقت ان کي چانھن جي طلب رھي. ان ڪري اھو چانھن جو عادي وڃي ٿو چانھن نہ پيئڻ جي صورت ۾ ان کي مٿي ۾ سور ۔ بدن ۾ سور ۽ ٿڪاوٽ جو احساس رھي ٿو.

چانھن ٺاھڻ جو طريقو :-
پھرين کير ۾ ڪجھ پاڻي وجهجي. کير ۽ پاڻي ديڳڙي ۾ وجهي ڪاڙھجي. جيئن ڪاڙھو اچي تہ پتي وجهجي. 4 ڪاڙھا اچن تہ کنڊ وجهي ملائي جلدي لاھجي.
ھي چانھن پيئڻ ۾ ذائقيدار رھي ٿي ۔ کنڊ جو ساء تازو رھي ٿو ۽ ننڍن لاء مفيد آھي.
اسان کي ياد رکڻ کپي تہ ھڪ ئي وقت کير ۔ پتي ۽ کنڊ کي ڪاڙھڻ سان چانھن بدمزو ٿي وڃي ٿي ۽ ان جي خوشگواري ھلي وڃي ٿي. چانھن پنھنجي تاثير ۾ خشڪ گرم آھي. جڏھن چانھن کي ڪڙڪ ڪري پيتو وڃي ٿو تہ اھا جيري کي گرمي ڏئي ٿي ۔ سوزاڪ پيدا ڪري ٿي ۔ ڏينھون ڏينھن صفرا کي وڌائي ڪمزور ڪري ٿي. ان ڪري چانھن ٺاھڻ جو مٿيون طريقو بھترين ۽ مفيد آھي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment