سڪر ھڪ دائمي مرض آھي، جڏھن لبلبي ۾ پيدا ٿيندڙ حرڪيري نسريڻ (نسر حرڪيري) Insulin جي کوٽ ٿي وڃي ٿي تہ رت ۾ مٺ Glucose جي مطلوبا مقدار وڌي وڃي ٿي ۽ سڪر Sugar پيدا ٿئي ٿي. سڪر Sugar جسم جي اھڙي حالت آھي جيڪا رت ۾ نسريڻ Insulin جي کوٽ سان پيدا ٿئي ٿي يا جڏھن جسم کي پنھنجي پيدا ڪيل نسريڻ Insulin جي استعمال ۾ دقت پيدا ٿئي تہ سڪر Sugar پيدا ٿئي ٿي. انسان جو انحصار سڪر تي ٿئي ٿو جيڪو نسريڻ جي بنياد تي ٿئي ٿو. جسم ۾ نسريڻ جي غير موجودگيء سان جسم ۾ رت جي وھڪ دوران گهرڙن ۾ رت جذب ڪرڻ جي اھليت نٿي رھي. مٺ Glucose کنڊ ناھي جو عام دڪانن ۾ دستياب ٿئي ٿي پر ھي قدرتي نشاستو آھي جنھن سان اسان جو جسم توانائي پيدا ڪري ٿو. رت ۾ مٺ جي سطح کي ضابطي ۾ رکڻ جو ڪم لبلبي Pancreas ۾ پيدا ٿيندڙ ھڪ حرڪيرو Harmone ڪري ٿو جنھن کي اسان نسريڻ (نسر حرڪيرو) Insulin سڏيون ٿا. سڪر جسم جي اھڙي حالت آھي جيڪا رت ۾ نسريڻ Insulin جي پھرين قسم نسريڻ Insulin جي کوٽ جي ڪري ٿئي ٿي جڏھن تہ سڪر جو ٻيو قسم نسريڻ جي گهٽ موٽ جي ڪري ٿئي ٿو، اھي ٻئي سبب ماڻهو کي مٿ مٺرت (دموي سڪر) Hyperglycemia طرف وٺي وڃن ٿا. دموي سڪر جسم ۾ علامتون پيدا ڪري ٿي جنھن ۾ وڌ پيشاب Polyurea جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي جيڪا جسم ۾ وڌ پاڻيٺ جو سبب بنجي ٿي نتيجي طور ڌنڌلاھٽ Blurred vision، ٿڪ Fatigue، نوام Lethargy جھڙا مسئلا ڪر کڻن ٿا. 1921ع ۾ نسريڻ جي طبي دستيابي کان پوء سڪر Sugar جو علاج موجود آھي پر وسيع بنياد تي ميسر ناھي. سادي سڪر عام سڪر آھي جنھن ۾ ڪثرت سان پٽڙو پيشاب اچي ٿو جيڪا نڪي يا جهاڳ غدود Pituitary gland جي ڪري پيدا ٿئي تي. سادي سڪر مٿپس سڪر Diabetes insipidus پورپس حرڪيري Vasopressin harmone جي کوٽ جي ڪري لاحق ٿئي ٿي جيڪو پيشاب کي ضابطي ۾ رکي ٿو. اڪثر ڪري کنڊ کي سڪر جو سبب ٻڌايو وڃي ٿو. ان جو ڪردار وڏ سڪرت High blood sugar جو وڌيل سبب آھي. سڪر جا 2 سبب آھن.
(1) وڏ سڪرت High blood sugar
(2) گهٽ سڪرت Low blood sugar
مٺ Glucose جي سطح مستحڪم ڪرڻ لاء نسريڻ جي ضرورت پوي ٿي جڏھن تہ نسريڻ قدرتي طور تي جسم ۾ موجود ھجڻ کپي.
جسم ۾ سڪر جي سطح کائڻ جي بي ترتيبي سان وڌي ٿي. جسم جي اندروني نظام جي ڪم ڪار مطابق حرڪيرو نسريڻ جسم ۾ مٺ جي سطح کي ضابطي ۾ رکڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاء ٿئي ٿي. جڏھن ان ۾ مسلسل رڪاوٽ اچي ٿي تہ سڪر جي مريضن ۾ بي قائدگيون رونما ٿين ٿيون.
پيشاب ۾ اضافو
بک ۾ اضافو
اڃ ۾ اضافو
لبلبي ۾ نسريڻ Insulin جي کوٽ ٻن سببن جي ڪري ٿئي ٿي.
(1) لبلبي ۾ نسريڻ جي پيداوار يا گهٽ ٿي وڃي ٿي يا ختم ٿي وڃي ٿي.
(2) لبلبي ۾ نسريڻ پيدا ٿئي ٿي پر ڪنھن سبب جي ڪري ان جو اثر ختم ٿي وڃي ٿو. ھن ڪيفيت کي نسريڻ جي بي اثري چوندا آھن.
مٺ Glucose اسان جي جسم جو انتھائي لازمي ۽ مستقل جزو آھي. اسان پنھنجي خوراڪ ۾ جيتريون بہ نشاستيدار شيون استعمال ڪيون ٿا، اھي اسان جي آنڊن ۾ وڃي مٺ Glucose ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون ۽ اھا مٺ Glucose اسان جي رت ۾ شامل ٿي وڃي ٿي. اسان جي جسم جا عضوا مٺ Glucose کي ٻارڻ وانگر استعمال ڪري توانائي حاصل ڪن ٿا. جيڪڏھن رت ۾ مٺ Glucose نہ ھجي يا تمام گهٽ ھجي تہ عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا. پر ھڪ ٺيڪ انسان جي رت جي مٺ Glucose جي مقدار قدرت جي طئہ ٿيل حدن جي اندر رھي ٿي جڏھن تہ سڪر Sugar ۾ مٺ ٺيڪ حالت کان وڌي وڃي ٿي.
سڪر جي تشخيص:
جيڪڏھن ڪنھن کي سڪر Sugar ٿئي تہ ان کي پنھنجي سڪر جي مقدار چيڪ ڪرائڻ کپي. جيڪڏھن ڪنھن جي جسم جي رت ۾ مٺ Glucose مقرر مقدار کان وڌيڪ آھي تہ ان کي شڳر جي علامت ھجي يا نہ ھجي پر ان کي شڳر ٿي چڪي آھي. اھڙي طرح ڪنھن ۾ سڪر جو علامتون پاتيون وڃن ٿيون جڏھن تہ ان جي سڪر پوري پني ھوندي آھي ان کي اڃان سڪر ناھي ٿي.
علامتون:
بار بار ۽ وڌيڪ پيشاب اچڻ خاص ڪري رات جو سمهڻ دوران پيشاب لاء بار بار اٿڻ
بار بار پياس لڳڻ ۽ ڳلو خشڪ ٿيڻ
گهڻي بک لڳڻ ۽ گهڻي کاڌي کائڻ باوجود وزن گهٽ ٿيڻ
ڪمزوري محسوس ٿيڻ ۽ جلدي ٿڪ ٿيڻ
وري وري ڇوتي مرض لڳڻ جن مان مشڪل سان مريض ٺيڪ ٿيو ھجي.
نظر جي ڪمزوري يا ڌنڌلاھٽ
ھٿن پيرن جو سن ٿيڻ ڄڻ تہ چمڙي ۾ ڪيڙا چري پري رھيا ھجن.
سڪر جي تشخيص لاء رت ۾ مٺ Glucose جي مقدار:
ٺيڪ سڪر جي حد
126 يا وڌيڪ 101 ۔ 125
ٺيڪ سڪر جي حد
140 کان وڌيڪ 141 ۔ 199
سڪر جا قسم:
سڪر ڪيترن قسمن جي ٿي سگهي ٿي، ان جا جيترا قسم ھجن پر ھڪ ڳالھ ساڳي ٿئي ٿي، اھا ڳالھ ھي آھي تہ سڪر جي سڀني قسمن ۾ سڪر سڪرت Blood sugar پوراڻ کان وڌيڪ ٿئي ٿي.
سڪر جا اھم قسم ھي آھن.
(1) سڪر نمونو ھڪ Type One Diabetes:
پراڻي زماني ۾ بہ ھن بيماري کي سڪر چيو ويندو ھيو. انسان جو دارومدار سڪر تي ٿئي ٿو جيڪو نسريڻ جي بنياد تي ٿئي ٿو. جسم ۾ نسريڻ جي غير موجودگيء سان جسم ۾ رت جي وھڪ دوران گهرڙن ۾ رت جذب ڪرڻ جي اھليت نٿي رھي، ھي حالت سڪر نمونو ھڪ ۾ پيدا ٿئي ٿي. ھن حالت ۾ لبلبو نسريڻ ٺاھڻ بند ڪري ٿو ۽ ھي کوٽ ايتري تيزي سان پيدا ٿئي ٿي جو ڪجھ ڏينھن ۾ ئي مريض سڪر جو مريض ٿي وڃي ٿو. ھن بيماري جون علامتون شديد ٿين ٿيون ۽ سڃاڻپ ۾ دير نٿي لڳي. سڪر جو علاج نسريڻ جي ٽڪن تي ھلي ٿو. سڪر نمونو ھڪ جو علاج ھميشہ ڪنھن ماھر کان ڪرائڻ کپي. ھي سڪر پاڪستان ۾ گهٽ آھي. ھي سڪر لبلبي ۾ موجود بيٽا گهرڙن Beta cells جي ڪري جن ۾ نسريڻ جي مقدار ۾ گهٽتائي ٿي وڃي ٿي جنھن ڪري بيٽا گهرڙن جي خرابي T گهرڙن T sells جي حملي جي ڪري ٿئي ٿي. پھرئين قسم جو علاج نسريڻ جي جسم ۾ داخلا ۽ سڪرت (سڪري رت) Blood sugar جي نگراني آھي. نسريڻ جي عدم موجودگي جي ڪري مٺرت تيزابيت (دموي سڪري تيزابيت) Ketoacidosis لاحق ٿي وڃي ٿي. علاج ۾ غذائي ۽ جسماني مشق بہ شامل ڪئي وڃي تہ بہ ھي پيشقدمي بيماري کي روڪي نٿي سگهي.
(2) سڪر نمونو ٻہ Type Two Diabetes:
جسم ۾ قدرتي طور تي نسريڻ جو ھجڻ ضروري آھي. اسان کي ڳالھ نوٽ ڪرڻ کپي تہ اسان جو جسم رت کان مٺ Glucose وٺي ٿو جيڪو سڪر جي عام شڪل آھي. جيڪي ماڻهو ٿولھ جو شڪار ٿيڻ ٿا، انهن ۾ وڌيڪ سڪرت Blood sugar جا امڪان ٿين ٿا. سڪر جو عمل وڌيڪ عورتن کي متاثر ڪري ٿو جيڪي پيٽ سان ھجن ٿيون. پيٽ دوران وڌيڪ عورتن جي سڪر Sugar جي سطح وڌي ٿي ۽ انهن جي جسم جي گهرڙن ۾ مٺ Glucose جي اچ وڃ رکڻ لاء نسريڻ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت نٿي رھي جنھن جو سبب رت جو چاڙھ آھي.
ھن قسم جي سڪر وڌيڪ ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ 95 سيڪڙو ماڻهو ھن سڪر مان متاثر ٿيل آھن. ھي سڪر گهڻو ڪري بالغ ماڻهن کي ٿئي ٿي جنھن کي وڏ عمر سڪر سڏيو وڃي ٿو. سڪر جي ٻي قسم نسريڻ جي خلاف مدافعت يا حساسيت ۽ نسريڻ جو گهٽ اخراج آھي. جسماني اوڄن جي نسريڻ کي موٽ ڏيڻ لاء گهرڙجهلي Cell membrane ۾ موجود نسر موصولا Insulin receptor ڪارفرما ٿين ٿا. بيماري جي پھرين مرحلن ۾ گهرڙن ۾ نسريڻ جي موٽ گهٽ ۽ رت ۾ نسريڻ وافر مقدار ۾ ٿئي ٿي. ھي سڪر عمر جي ڪنھن بہ حصي ۾ لڳي سگهي ٿي. ھڪ ڳالھ نوٽ ڪجي تہ ھن بيماري ۾ نسريڻ بي اثر ٿي وڃي ٿي يعني لبلبو نسريڻ ٺاھي ٿو پر اھا اثر نٿي ڏيکاري. نسريڻ جي بي اثري تي لبلبو اڃان وڌيڪ نسريڻ ٺاھڻ لڳي ٿو ۽ پنھنجي وس وت کان وڌيڪ ڪم ڪري ٿو نتيجي طور لبلبو ٿڪجي پوي ٿو، نسريڻ Insulin جي بي اثري سان گڏ نسريڻ گهٽجڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ رت ۾ مٺ Glucose وڌي وڃي ٿي. نسريڻ جي بي اثري صرف نسريڻ نٿي وڌائي پر ٻيا خطرا کڻي اچي ٿي. اھڙي صورتحال ۾ ڪيئي قدم کڻي سگهجن ٿا جن سان نسريڻ جي موٽ وڌيڪ ۽ لبلبي ۾ پيدا ٿيندڙ نسريڻ جي مقدار ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي جيئن جيئن بيماري پراڻي ٿئي ٿي نسريڻ جي مقدار ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ نيٺ نسريڻ کي طبي طور تي بدل ٿيڻ جي ضرورت پوي ٿي
حملي سڪر Gestational diabetes:
جيڪڏھن ڪنھن عورت کي حمل دوران سڪر ٿي وڃي جنھن کي پھرين سڪر نہ ھئي تہ ھن سڪر کي حملي سڪر سڏيو وڃي ٿو. حملي شڳر Gestational diabetes گهڻن ڳالهين ۾ ھي سڪر سڪر جي ٻئي قسم سان ھڪجھڙائي رکي ٿي. ھن جي نسريڻ يا تہ گهٽ ٺھي ٿي يا گهٽ موٽ ڏئي ٿي. ھي سڪر ٻار جي پيدائش وقت وڌي ٿي يا غائب ٿي وڃي ٿي. حملي سڪر قابل علاج آھي. 20 کان 30 سيڪڙو عورتون ھن شڳر جو سڪر ٿي وڃن ٿيون.
احتياط ۽ اپاء:
جڏھن سڪر جو علامتون اچن ٿيون بلڪل محتاط رھڻ کپي ۽ احتياطن ۽ اپائن کان ڪم وٺڻ کپي. سڪر جي دوا ضرور وٺڻ کپي. جيڪڏھن ناغو ڪبو تہ اعصابي ۽ دلي بيماريون ڪر کڻي سگهن ٿيون. ڊاڪٽر جي ھدايت مطابق دوا يا نسريڻ وٺڻي پوندي.
(1) تماڪ نوشي ترڪ ڪجي:
تماڪ نوشي نہ صرف سڪر کي وڌائي ٿي پر ان سان منسلڪ ھر مسئلي کي پيچيدھ بنائي ٿي. تماڪ نوشي رت ۾ مٺ Glucose کي وڌائي ٿو. تماڪ رت جي مشڪن کي تنگ ڪري، سوزش جو سبب بنجي ٿو. تماڪ نوشي بڪين جي بيماري ۔ اعصاب ۔ ٽنگ ۽ پيرن جي بيمارين جا خطرا وڌائي ٿي. سڪر جي مريضن کي غذا ۾ توازن رکڻ کپي ۽ تماڪ نوشي کان پاسو ڪجي.
چٽپٽين شين کان پرھيز ڪرڻ:
چٽپٽيون شيون ۽ چٽ پٽا کاڌا مٺ Glucose ۾ اضافو ڪري سگهن ٿا. جڏھن توھان ڪيئي ڪلاڪ کاڌو نٿا کائو تہ توھان جو جسم ازخود مٺ کي ٻارڻ طور جيري مان خارج ڪري ٿو جنھن سان جسم ۾ ڪمزوري رونما ٿي وڃي ٿي ۽ سڪر Sugar جي ٻي قسم خطرناڪ ٿي سگهي ٿي ڇوجو جيرو تعين ڪرڻ جي قابل نٿو رھي. جڏھن رت جي وھڪ ۾ جاري ٿيندڙ مٺ Glucose جي ضرورت پوي ٿي تہ ھڪ ننڍو نشاستي وارو مواد ڪجھ کاڌي سان کائڻ سان جيري کي اشارو ڏئي ٿو.
(3) مانجهاندو گهر جو تيار ڪيل کائجي:
منجهند جو کاڌو گهر جو ٺھيل کائجي ڇوجو ھوٽل جو کاڌو تيز کاڌو ٿئي ٿو. گهر جي کاڌي کائڻ سان سڪر وچٿري رھي ٿي.
(4) باقائدگي سان ورزش ڪرڻ:
جن کي شڳر جو عارضو آھي انهن کي باقائدگي سان ورزش ڪرڻ کپي. ورزش جسم جي ٿولھ کي وڌڻ نٿي ڏئي ۔ چرٻي ۾ کوٽ آڻي ٿي ۔ رت ۾ مٺ Glucose تي قابو رکي ٿي ۽ نسريڻ Insulin لاء بھترين آھي. روز پنڌ ڪرڻ شڳر واري لاء بھترين نتيجا آڻي ٿو.
(5) کاڌي جو رڪارڊ رکڻ:
وزن ۽ رت ۾ سڪر کي پورو پنو رکڻ لاء کاڌي جو رڪارڊ رکڻ کپي. جيڪو کائو ٿا ۔ جيڪو کائيندئو ۽ جيڪو کاڌو آھي، ان کي ڪاپي تي رکڻ کپي جنھن سان اھا خبر پوندي تہ ڪھڙو کاڌو ڪھڙي وقت کائڻو آھي.
(6) ڏندن جي صحت برقرار رکڻ:
شڳر ڏندن لاء مسئلا پيدا ڪري ٿي. جڏھن ٿڪ ۾ مٺ جي مقدار وڌي ٿي تہ سڪر جي بہ مقدار وڌي ٿي. ٿڪ ۾ پوري پني مٺ ڏندن کي ڇوت کان بچائي ٿي پر جڏھن وڌي وڃي ٿي تہ مھارن کي بيماري لڳي وڃي ٿي ۽ ان عارضي کي ختم ڪرڻ لاء مشڪل وقت کي منھن ڏيڻو پوي ٿو.
(7) ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي:
ڏينھن جو سمهڻ وقت جيڪڏھن ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي يا سھڪو ٿئي تہ ھي نشاني سڪر جو امڪان ٿي سگهي ٿي ۔ نسريڻ جي خطري کي وڌائي ٿي ۽ سڪر تي قابو پائڻ ۾ رڪاوٽ وجهي سگهي ٿي.
(8) پيرن جي سنڀال ڪرڻ:
سڪر اعصابي مرض ٿي سگهي ٿو ھي عارضو اڪثر پيرن کان پيدا ٿئي ٿو ۽ پير جھڙوڪر سن محسوس ٿين ٿا يا سوڄ اچي وڃي ٿي يا ڦلوڪڻا پيدا ٿي وڃن ٿا. ان ڪري ضروري آھي تہ پيرن کي روز ھلڪي گرم پاڻي سان ڌوئڻ کپي ۔ اگهاڙين پيرين نہ ھلڻ کپي ۽ سائيڪل موٽر نہ ھلائڻ کپي ڇوجو انجڻ جي گرمي پيرن کي لھسائي سگهي ٿي.
شراب نوشي:
شراب نوشي کان پاسو ڪرڻ کپي ڇوجو شراب نوشي بڪين تي ھاڃيڪار اثر وجهي ٿي ۽ سڪر واري مريض جي طبيعت بگڙي سگهي ٿي.