Saturday 1 February 2020

يڪار گهرڙن جو ارتقا Evoluation of Eukaryotes 💎دريا خان💎

اڳارن (اڳار گهرڙن)  Prokaryotes مان مراد جاندار آهي جن ۾ واضح مرڪز Neucleus ۽ جهلي Membrane - گهڱا (گهرڙ عضوا) Organelles ناهن پاتا ويندا جڏهن تہ يڪارن (يڪار گهرڙن) Eukaryotes ۾ واضح مرڪز Neucleus ۽ جهلي Membrane ۽ گهڱا (گهرڙ عضوا) Organelles پاتا ويندا آهن. زمين تي سڀ کان پھريان يڪار گهرڙن جو ارتقا ٿي گذريو. زندگي جي شروعات جي باري ۾ هڪ مفروضو اهو بہ آهي تہ زندگي جي شروعات سمنڊن ۾ موجود گرم پاڻي جي نيڪالن جن کي آبوگرمو ڇاڻ Hydrothermal vents چئبو آهي، انھن نيڪالن شروعاتي زندگي کي شروع ٿيڻ ۽ واڌ ويجھ جي لاءِ گھربل ضروري غذائي جزا Nutrients ڏنا. جاندارن جو هڪ گروپ جن کي آرڇو Orchaea چئبو آهي جيڪو 120 سينٽي گريڊ تائين جو پد برداشت ڪري سگھي ٿو ۽ ٻين جي نسبت گھڻو گھٽ ارتقائي تبديلين مان گذريو آهي ان مفروضي جي مدد ڪندو آهي.
قديم ماحول ۾ پيدا ٿيڻ وارا غذائي جزا Neutrients زندگي کي برقرار نہ رکي پئي سگھيا ان لاءِ جيڪڏهن زندگي کي جاري رهڻو هو تہ غذائي جزن جي فراھمي جو هڪ ٻيو ذريعو گھربل هو. اها ضرورت روشنائي ترڪيب Photosynthesis جي ذريعي پوري ٿي. پھرين روشنائي ترڪيبا جاندار Photosynthetic organisms هائيڊروجن جي پيداوار لاءِ هائيڊروجن سلفائيڊ جو استعمال ڪندا هيا جنھن سان ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي شڳر ۾ گھٽايو ويندو هو. پوءِ پاڻي ان مقصد لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. روشنائي ترڪيب وسيلي نيڪال ٿيڻ واري آڪسيجن کان زمين جي فضا ۾ آهستي آهستي تبديليون اچڻ لڳيون. فضا ۾ موجود اوزون تابڪاري شعاعن کي ڇنڊڻ ڇاڻڻ لڳي ۽ زمين جو موسمي وايومنڊل تابڪاريت کان آڪسار Oxidizing بڻجي ويو ۽ گھٽ ۾ گھٽ ڪجھ زندھ جاندار آڪسيجن استعمال ڪرڻ لڳا. هتي اهو واضع ڪجي تہ هاڻي تائين زندگي صرف پاڻي ۾ ممڪن هئي پر تقريبن چار سو ويھ ملين سال اڳ موسمي وايومنڊل ۾ اوزون تھ جي گھڻي مقدار جمع ٿي وئي جيڪا سج کان ايندڙ تابڪاري شعاعن کي روڪڻ لڳي ۽ خشڪي تي بہ زندگي ممڪن ٿي وئي پر موسمي وايومنڊل جي آڪسيجن ٺهڻ جو اهو مطلب بہ هو تہ هاڻي زندگي غير معمولي شروع نٿي ٿي سگھي. پاڻمرادو پيديت Abiogenesis وارو نظريو آهي جنھن موجب زندگي بي جان شين مان وجود ۾ آئي پر پاڻمرادو پيدا ٿيڻ صرف مخصوص حالتن ۾ موجود ٿي سگھي ٿو جنھن ۾ گهٽجندڙ وايومنڊل Reducing atmosphere هڪ اهم جزو آهي. هاڻي اسان جي موسمي وايومنڊل آڪسيڪار Oxidising بڻجي چڪو آهي ان لاءِ هاڻ جاندارن جي پاڻمرادو پيدا ٿيڻ ممڪن ناهي رهيو. پھريان جاندار گھڻا سادا اڳارا Prokaryotes هئا جيڪي تقريبن 3.5 بلين سال اڳ ظاهر ٿيا. يڪارن Eukaryotes بابت خيال آهي تہ اهي پھريون ڀيرو 1.5 بلين سال اڳ ظاهر ٿيا. 

يڪار گهرڙن Eukaryotes بابت نظريا:-
يڪارن جي ارتقاء بابت ٻہ مفروضا خيال پيش ڪيا ويندا آهن. پھريون جنھن کي منجھ پيدي مفروضو Endosymbiont hypothesis چئبو آهي، ان موجب ڪجھ جاندارن ٻين جاندارن کي ڳھي کائي ڇڏيو ۽ هضم ڪرڻ بجاء انھن کي مضبوط ڪيو ڪيو جنھن سان يڪارن جي شروعات ٿي، مثال طور ماڳوٽي Mitrochondrion جي باري ۾ اهو نظريو خيال ڏنو ويندو آهي تہ هڪ آڪسيجن خور غير واسي اموبي Anaerobic amoeboid ھڪ واسي جيوڙي Aerobic bacteria کي ڳھي ڇڏيو ۽ هضم ڪرڻ جي بجائي ان کي مظبوط ڪيو جنھن سان اھو واسي جيوڙو Aerobic bacteria غير واسي اموبي Anaerobic amoeboid جي اندر ماڳوٽو بڻجي ويو. مائٽوڪونڊريا ۾ الڳ سان موجود ڄڻ ڪڙي DNA ان مفروضي جي تائيد ڪندي آهي. 
يڪارن جي ارتقاء کي بيان ڪرڻ واري ٻئي مفروضي کي جهليو غلافي مفروضو Membrane invagination hypothesis چيو ويندو آهي. ان مفروضي موجب اڳارن prokaryotes جي گهرڙي جي جهلي اندر دٻجي وئي ۽ ان جي جينياتي مواد Genetic material کي وڪوڙي وڌو. جهلي جي منجھ غلافيت Invagination مان ٻٽي جهلي وارا گهڱا Double membrane bounded organelles پاڻمرادو وجود ۾ آيا ۽ پوءِ ارتقاء وسيلي يڪارا Eukaryotes ماڳوٽي Mitochondrion ۽  سارنگي Chloroplast وغيرھ ۾ تبديل ٿي ويا. يڪار گهرڙي جي ارتقاء جو صحيح ميڪانيت Mechanism جيڪو بہ هيو، يڪار گهرڙي جي بڻجڻ کان زندگي جي پيچيدگي ۽ وسعت ۾ ڊرامائي واڌارو ٿيو. شروع ۾ نوان بنجڻ وارا يڪار گهرڙا گھڻو ڪري اڪيلا رهيا پوءِ بہ انھن پاڻ ۾ ملي ڪري پيچيدھ جوڙجڪ بڻائي ورتي ۽ گهڻ گهرڙي جاندارن Multi cellular organism جي بڻجڻ جي وجھ بڻيا.

اڳارا ۔ اڳار گهرڙا Prokaryotes

مرڪز ۔ ناڀ Neucleus

 جهلي Membrane

گهڱا ۔ گهرڙي جا عضوا Organelles

گهڱو ۔ گهرڙي جو عضوا Organelle

 آبوگرمو ڇاڻ Hydrothermal vents

 غذائي جزا Nutrients

 آرڇو Orchaea

روشنائي ترڪيب Photosynthesis

روشنائي ترڪيبا جاندار   Photosynthetic organisms

آڪسار Oxidizing

 پاڻمرادو پيديت ۔ ازخود پيديت Abiogenesis

گهٽجندڙ وايومنڊل Reducing atmosphere

 يڪارا ۔ يڪار گهرڙا Eukaryotes

Endosymbiont hypothesis
منجھ پيدي نظريو ۔ پاڻ ۾ پيدا ٿيڻ وارو نظريو

 ماڳوٽو   Mitrochondrion

 ماڳوٽا   Mitrochondria

واسي جيوڙو    Aerobic bacteria

غير واسي اموبو   Aerobic amoeboid

 اموبو     Amoeboid

ڄڻ ڪڙي ۔ کھ    DNA

Membrane invagination hypothesis
جهليو منجھ غلافي مفروضو ۔ پردي منجھ غلافي مفروضو

جينياتي مواد ۔ ڄڻ مواد   Genetic material

 منجھ غلافيت Invagination

Double membrane bounded organelles
ٻٽي جهلي وارا گهڱا ۔ ٻٽي جهلي وارا گهرڙي عضوا

سارنگو ۔ سبزو    Chloroplast

ميڪانيت Mechanism

گهڻ گهرڙي جاندار Multicellular organism

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment