Monday, 8 July 2019

نرگسيت Narcissism 💎اصغر ساگر💎

نرگسيت علم نفسيات جو هڪ خاص اصطلاح آهي. نرگسيت نالو ۽ مفھوم هڪ قديم يوناني ديومالائي قصي تان ورتو ويو آهي، جنھن مطابق قديم يونان ۾ Narcissus نارسس نالي هڪ خوبصورت نوجوان رهندو هو، جيڪو درياھ جي ديوتا Cephissus جو پٽ هو. نارسس کي پنهنجي سونھن تي گهڻو ناز هوندو هو. ڪيتريون ئي حسين عورتون سندس عشق ۾ مبتلا هيون، پر هن ڪڏهن بہ ڪنھن عورت جي محبت کي قبول نہ ڪيو. کيس چاهيندڙن ۾ هڪ خوبصورت عورت ايڪو (Echo) پڻ هئي. ايڪو گهڻا ئي حيلا وسيلا هلائي نرگس کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هُن ايڪو طرف ڪو ڌيان ئي نہ ڏنو. ايڪو، نارسس جي ان مغرور رويي ۽ سندس دل ڀڃڻ جي دانهن نيميسس ديوي (Nemesis) کي ڏني، جنھن نارسس جي غرور کي ٽوڙڻ ۽ کيس سزا ڏيڻ لاءِ، کيس پنھنجي ئي محبت ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ نارسس هر وقت نديءَ جي ڪناري تي ويھي، پاڻيءَ ۾ پنھنجو پاڻ کي ڏسندو رهندو هو. ھن جو پنھنجي پاڻي جي عڪس سان ايترو عشق ٿي ويو جو ماني ڪونہ کائيندو ھيو بک ۾ پاڻي ۾ پنھنجو عڪس ويٺو ڏسندو ھيو. ھي عڪس ڏسندي نہ لڏندو ھيو متان عڪس ٽڪڙن ۾ تقسيم ٿي وڃي. نيٺ هڪ ڏينھن پاڻ کي ڏسندي نديءَ ۾ ٻڏي مري ويو. سندس موت کي يادگار ۽ ٻين لاءِ مثال بنائڻ لاءِ ديويءَ کيس گل جي روپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هڪ نئين گل ”نرگس“ جو وجود پيو، جيڪو اڪثر ندين ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي ڦٽندو آهي ۽ ان جا گل پاڻيءَ طرف جهڪي ٽڙندا آهن. ائين جيئن آبي آرسيءَ ۾ پاڻ پسي رهيا هجن! ان حوالي سان ان ڪيفيت جي نالي کي نرگسيت Narcissism چيو ويو. ھي ھڪ ديومالائي قصو آھي پر ان جي نالي تي نفسيات ۾ ھڪ ذھني ڪيفيت جو نالو رکيو ويو آھي جنھن ۾ توھان پاڻ کي ٻين کان مٿانھون ۔ سمارٽ ۽ اھم سمجهو ٿا ۽ بھتر سلوڪ جي اميد رکو ٿا. 
تحقيق مان پتو پوي ٿو تہ نرگسي ماڻهو خودغرض ٿين ٿا ان ڪري پرخطر ۽ غيراخلاقي ڪمن لاء تيار ٿي وڃن ٿا. جڏھن ڪو توھان جي نقطہ کي ڇيڙي ٿو تہ توھان جارحاڻو موقف اختيار ڪيو ٿا يعني ھي ھڪ بيماري آھي جنھن ۾ نرگسي شخص  پاڻ کي ٻين کان بھتر سمجهي ٿو پر آسپاس جا موجود ماڻھو جيڪي ھن کي سمجهن ٿا اھي تڪليف ۾ رھن ٿا ھن ڪيفيت ۾ Narcissistic personality disorder نرگسي شخصي بگيڙ ۾ ھڪ کان ٻہ فيصد ماڻھو مبتلا رھن ٿا.
نرگسيت اھو مرض آھي جنھن ۾ شخص پنھنجي ذات جي محبت ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۔ نرگسي رجحان اڀرن ٿا اھو شخص ھر وقت پنھنجي تعريف جي تسڪين چاھي ٿو ۽ ٻين جي جذبن جو خيال نٿو رکي.
فرائيڊ مطابق جڏھن ذات ۽ خودپاڏائي جو رجحان اندر اڀري ٿو تہ سامهون ذاتيات جو دائرو جڙي وڃي ٿو ۔ خودپسندي کي ترغيب ملي ٿي ۽ خوشامدپسندي ۽ پنھنجي تعريف وڻي ٿي. نرگسي شخص جيڪڏھن ٻين تي تنقيد ۽ طنز ڪري ٿو تہ ان آڙ ۾ پنھنجي ذات جي تعريف ۽ خودنمائي جي نيت شامل رکي ٿو. ڪنھن شخص کي جيئن پنھنجي محبوب ۾ خاميون نظر اينديون ناھن ائين نرگسيت جي مريض کي نرگسي شخص ۾ عيب نظر نٿا اچن. سٺن ڪمن ۽ سرگرمين ۾ سڌي اڻ سڌي طرح پاڻ کي حصيدار سمجهڻ جڏھن تہ برن ڪمن ۽ ناڪامين کان پاڻ کي لاتعلق ظاھر ڪرڻ نرگسيت جي علامت آھي. نرگسي شخص ٻين جي مثبت عمل ۽ ڪردار کي صرف لفاظيت تائين مڃي ٿو پر دلي ۽ دماغي طرح ڪڏھن بہ قبول نٿو ڪري.

نرگسيت ۾ مبتلا ٿيڻ :-
جاڙن ٻارن جي تحقيق ٻڌائي ٿي تہ نرگسيت جو سبب جينياتي آھي پر ماحول ۽ تربيت بہ ان ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.
نرگسيت فرد کان سوا گروھن ۾ پاتي وڃي ٿي خاص ڪري جڏھن گروھ پنھنجي شناخت ۔ رنگ ۔ نسل ۔ مذھب ۽ ملڪ جي حوالي سان ڪري.

نرگسيت جا اظھار :-

نرگسيت چئن اظھارن ۾ ملي ٿي جنھن کي پائڻ لاء نرگسي شخص مختلف حربن تي گذران ڪري ٿو.

(1) خودپسندي :-
نرگسيت جو ھڪ اظھار خودپسندي آھي جيڪا شديد خواھش طور نرگسي شخص ۾ موجود رھي ٿي. ھن جي ھر پل ھي خواھش رھي ٿي تہ ھن کي چاھڻ وارا ملن. ھي ڪنھن سان وفادار ٿي نٿو سگهي ڇوجو وفاداري لاء ٻين کي چاھڻو پوي ٿو جڏھن تہ ھي پنھنجي ذات جي آئيني ۾ ھرپل ھار سينگار ۾ مصروف رھي ٿو. ھي ماڻھو عام طور تي ڪمزور شخصيت جو مالڪ ٿئي ٿو. ھن جا فڪر ۽ رويا ماڻھن جي مطابقت سان تبديل ٿيندا رھن ٿا.

(2) توجھ طلبي :-
نرگسيت جو ٻيو اظھار ڌيان حاصل ڪرڻ آھي. نرگسو ھر وقت ماڻھن جي ڌيان جو مرڪز رھڻ جي جستجو ۾ رھي ٿو. لطيفن ذريعي ۔ اداڪاري ذريعي ۔ رسڻ جي بھاني ۽ ابتين سڌين حرڪتن ذريعي ماڻھن کي پاڻ ڏي مبذول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. شھرت جي خواھش رکڻ وارن ۾ توجھ طلبي جو جذبو ڪارفرما ٿئي ٿو جنھن جڳھ تي نرگسو پاڻ کي غير اھم سمجهي ٿو اتي ان محفل ۾ وڌيڪ دير تائين نٿو ويھي. ھڪ جڳھ برناڊشا لکيو آھي تہ ڪنھن خوبصورت عورت سان ھي سوچي شادي ڪرڻ تہ سڄي عمر خوشي رھندي ائين آھي جيئن وات ۾ شربت جو ڍڪ پي اميد رکڻ آھي تہ وات جو ذائقو سدائين مٺو رھندو. شھرت جو مسئلو بہ ائين آھي جيسين شھرت حاصل نٿي ٿئي ايستائين ان جا رومانوي تصور رھن ٿا. شھرت جڏھن دامن ۾ اچي ٿي تہ وڌيڪ خواھش جي طلب پيدا ٿئي ٿي ان ڀڄ ڊڪ ۾ عمر وھو ٿي وڃي ٿي ھاڻي خواھش لاٿ کائي ٿي تہ احساس ٿئي ٿو تہ زندگي سراب جي پويان ڊوڙندي گذري وئي.

(3) عظمتي خبط :-
نرگسيت جو ٽيون اظھار عظمتي خبط آھي. ھن خبط ۾ انسان ھي سمجهي ٿو تہ ھي وڏي ڪم لاء پيدا ٿيو آھي. اھڙي ماڻھو کي حالتون جڏھن اھڙي مقام تي پھچائن ٿيون تہ واقعي ھي وڏا ڪم ڪري ٿو يا نقصان ڪري ويھي ٿو. ھٽلر ۽ نيپولين جو مثال سامهون آھي جن لکن ماڻھن جي جان ورتي پر پوء بہ پياس ساڳي رھي. نيلسن منڊيلا سماج لاء رحمت ثابت ٿيو.

(4) خوف ۽ لالچ پيدا ڪرڻ :-
نرگسيت جو چوٿون اظھار خوف ۽ لالچ پيدا ڪرڻ آھي. نرگسو پنھنجي عظمت جو قلعو تعمير ڪرڻ لاء خوف ۽ لالچ جي ھوا کي پکيڙي ٿو جيئن ماڻھو ھن جي مٺ ۾ رھن. خوف ۽ لالچ جو مثال مذھبن عقيدن ۾ ڏسي سگهجي ٿو جن کان چاھيندي بہ ڪجھ ماڻھو ڇوٽڪارو وٺي سگهن ٿا پر سڀ نہ. اھڙي نموني نرگسو ھنن شين کي مشتھر ڪري طاقت حاصل ڪري ٿو دنيا ۾ جيترا بہ ڊڪٽيٽر ۽ مذھبي پيشوا آيا اھي ھن ڪيٽيگري ۾ شامل آھن.

نرگسيت جي خوراڪ :-
نرگسي شخص کي پنھنجي جعلي ذات کي توانو رکڻ لاء مواد جي ضرورت پوي ٿي. ان مواد کي نرگسيت جي فراھمي يا نرگسيت جي خوراڪ چئبو آھي. ھي مواد ھن سان واسطيدار ماڻھن جي روين ۔ خيالن ۔ گفتگو ۽ فعل تي مشتمل ٿئي ٿو جنھن جو مرڪز ھن ماڻھو جي ذات ٿئي ٿي ھن جي ڪوشش ھوندي آھي تہ ماڻھن جي عمل جي نموني سان ھن جي عظيم الشان ۽ قادر مطلق ھجڻ جي تائيد ھجي ۽ ھي خوراڪ مستقل ملندي رھي.
نرگسيت وارو پنھنجي مقصد جي نشاني جي محور جي چوڌاري ڦري ٿو ۽ مقصد حاصل ڪرڻ ۽ پنھنجي طاقتور وجود جي تائيد جي ماحول کي حاصل ڪرڻ لاء مڪمل ضابطو پائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو نتيجي طور ماحول سان ھڪ دائمي ڪشمڪش پيدا ٿي وڃي ٿي. ھي ويڙھ نرگسيت جي خوارڪ بنجي ٿي ان ۾ ڪوبہ شڪ ناھي نرگسيت ورتل رھنما جا منصوبا يا انتظامي ادارا مستقل عدم استحڪام جو شڪار ھجن. 

نرگسيت ھڪ نفسياتي مرض :-
نرگسيت ھڪ نفسياتي مرض آھي. ھن جي چنگل ۾ ڦاسڻ وارو خودنمائي ۔ تشويش ۔ مايوسي ۽ نفسياتي مرضن جو شڪار ٿي ويندو آھي ۽ آخر ۾ خودڪشي ڪرڻ کي پنھنجي نجات سمجهي ٿو پر نرگسيت ورتل شخص ڏسڻ ۾ اطمنيان سان مصروف رھي ٿو. پنھنجي ذات سان محبت ڪرڻ کي نرگسيت چئبو آھي جنھن ۾ ماڻھو پنھنجي ھر عمل ۽ سوچ کي مڪمل سمجهي ٿو ۽ مخالفت ڪندڙن کي مارڻ کان بہ نٿو مڙي. نرگسيت جعلي ذات جي تصور کي اڀار ڏئي ٿي.
نرگسي شخص پنھنجي لامحدود قوت ۽ اختيار جو مالڪ ٿئي ٿو جڏھن تہ ٻين ماڻھن جي ذات ھن آڏو اھميت نٿي رکي. ھن وٽ احساس طاقت جي تصديق يا ترديد جو ذريعو ٿئي ٿو. ھمدردي جي صفت نہ ھجڻ ڪري نرگسي شخص ٻين جي تڪليفن ۽ دردن کي محسوس نٿو ڪري ۽ ٻين کي ھٿيار طور استعمال ڪرڻ ۾ ڪابہ برائي نٿو محسوس ڪري.
نرگسيت وارو پنھنجي نظريي جي مفروضي تي زندھ رھي ٿو ڇوجو ھن جي يڪتا جوھر جو فھم ھر ڪنھن جي سمجهڻ وٽان ناھي ھوندو. ھي صرف ھم مٽ ماڻهن سان رابطو رکي ٿو ۽ صرف ھم مٽ ماڻھن کي رابطي جو حق ڏئي ٿو. 
نرگسيت واري وٽ استحقاق Entitlement جو تصور رھي ٿو. ھي عھدي ۽ اختيار کي پنھنجو حق سمجهي ٿو ۽ ڪنھن احسان يا معروضي عمل کي نٿو مڃي. پنھنجي وجود ۾ حاسد ھئڻ ڪري ماحولي ڪشمڪش جو شڪار رھي ٿو. 
مختصر لفظن ۾ نرگسيت واري ۾ گهمنڊ ۔ يڪ قوت Ominpotent ۔ ھرھنڌ حاضر ناظر Omnipresente ۔ يڪتائيت Uniqenes ۔ حسد ۽ جعلي احساس جا عنصر پاتا وڃن ٿا.
نرگسي شخص ھڪ وقت سڀ منصوبا شروع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر انهن کي سرانجام ڏيڻ ھن جي شعوري تقاضائن جي خلاف ٿئي ٿو.
نرگسيت ۾ جسماني جوڙجڪ در ديوار ڪمرا ڊاھڻ يا استوار ڪرڻ جي ترغيب رھي ٿي جنھن جي شديد خواھش رھي ٿي ۽ مٿانھين قسم جي قطعيت جي حڪم جو عنصر رھي ٿو جنھن کي مڪمل طور سچ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان جي باري ۾ ٻئي ڪنھن منطقي خيال کي بہ نٿو مڃيو وڃي. 
نرگسي ماڻھو ظاھري مثبت فراھمي ڪري پاڻ ڏي ماڻھن کي ڇڪي ٿو جيڪي ھن تي ايمان آڻي ھن جي تائيد ڪن ٿا ۽ ھن جو ھٿيار بنجن ٿا جن کي ھي پنھنجي مقصد لاء استعمال ڪري ٿو. ھي اھڙن ماڻھن ۾ حڪم پرستي Authoritarianism ۔ حڪم جي تعميل Authoritarian submission ۽ ٻيا نفسياتي ھٿناٽ وجهي ٿو جيڪا انهن جي نفسياتي تسڪين جو سبب بنجي ٿي ۽ ھن ھن کي ڇڏڻ وقت ڪشمڪش جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ پنھنجي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ ڪشمڪش کي نرگسي شخص ڏي لاڙي طور استعمال ڪن ٿا.
نرگسيت وارو پنھنجن ويجهن ماڻھن کي پنھنجي سچي ھجڻ جي يقين ڏيارڻ جي صلاحيت بہ رکي ٿو. ھي پنھنجي جذبن کي اھڙي نموني استعمال ڪري ٿو جو ويجها ماڻھو ھن جي سحر ۾ اچي وڃن ٿا ۽ ھن کي اھميت ڏين ٿا.
ڪجھ صورتن ۾ ھي پنھنجي عھدي ۔ دولت ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي مثبت فراھمي ڪري ٿو پر گهٽ منفي فراھمي ڪري ھي پاڻ کي گهٽ محسوس ڪري ٿو ۽ پنھنجي مقصد تي منفي فراھمي جي پھچ لاء ھلان ڪري ٿو.
نرگسي شخص جو سڀ کان سولو شڪار ھمدردي ڪرڻ وارا ٿين ٿا جيڪي ھن جي تڪليف ۽ اذيت محسوس ڪري سگهن ٿا ڇوجو اھي ھمدردي جي جذبي تحت ھن سان ڳانڍاپيل ٿين ٿا پر نرگسيت وارو انهن جي خلوص کي پنھنجي مرض جي دوا طور استعمال ڪري ٿو ھمدردي وارا شخص نرگسي شخص جي تعلق ۾ ذھني مريض بنجي وڃن ٿا. 
سوال ھي آھي تہ نرگسيت ورتل پنھنجي زندگي ۾ ڇو نٿو سڃاتو وڃي. ھي سوال اسان کي تھذيبي تجزيي طرف وٺي وڃي ٿو تہ ڪھڙا ڪھڙا ثقافتي نمونا نرگسي رجحانن کي ترويج ڏين ٿا ۽ پوء ماڻھو ان شخص جي پوڄا ڪن ٿا پر ائين چئي سگهجي ٿو نرگسيت ورتل شخص ۾ عام ماڻھو جيتريون صلاحيتون ضرور ٿين ٿيون جو ھو پاڻ کي رھبر ۔ ڪامياب واپاري يا آفيسر بنائي سگهي ڇوجو ھي پنھنجو تنقيدي رويو صرف پنھنجي ڪاميابين تائين محدود رکي ٿو ھي ميڙ مان پنھنجو رستو ٺاھڻ ڄاڻي ٿو ڇوجو ھن جي بيماري انهن جي ڪاميابين جي پويان ھلي ٿي. نرگسيت جا مريض نرگسي شخص جي پڪڙ ۾ رھن ٿا ۽ اجتماعي شناخت کي ھن سان واڙيل رکن ٿا. 
اسان جي سماج ۾ ھر پنجين شخص مان ھڪ شخص نرگسيت ورتل آھي. نرگسيت تي بنيادي ڪم فرائيڊ ۽ ايرڪ فرام جو آھي پر Dr.Sam Vaknin جو ڪتاب the Malignant self-love جو شمار اھم ترين ڪتابن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment