ڏيميون جوئون جوئن جو ھڪ قسم آھن. ھي چھري ۾ قدرتي طور رونما ٿين ٿيون. ڏيميون جوئون ايتريون ننڍيون ٿين ٿيون جو ھنن کي اکين سان ڏسي نٿو سگهجي. سراسري طور ڏيمي جونء 0.15 کان 0.2 ملي ميٽر وڏي ٿئي ٿي. ھي چھري تي خاص ااثرانداز نٿي ٿئي پر جڏھن جهجهي تعداد ۾ ھجي تہ چھري ۾ ڇوت Infection پيدا ڪري ٿي. ھن جونء جا 65 قسم آھن پر مرد ۾ صرف 2 قسم پاتا وڃن ٿا.
(1) Demodex folliculorum
ڏيمي ڪيڙو ۔ ڏيما ڪيڙا
(2) Demodex brevis
ڏيمي جونء ۔ ڏيميون جوئون
ھي جوئون لڳ ڀڳ 20 کان 25 سالن جي عمر ۾ لڳن ٿيون. ھي جوئون وارن جي ڳنڍن ۽ ان جي آسپاس رھن ٿيون ۔ مئل چمڙي جي گهرڙن ۔ سڻڀ ۽ ھارمونن تي گذران ڪن ٿيون جيڪي اتي واڌ ويجھ ڪن ٿا. ھن جون نشانيون ڏيمن ڪيڙن جھڙيون ٿين ٿيون. ڏيمن ڪيڙن ۽ ڏيمي جوئن ۾ ڪجھ فرق آھي.
ڏيما ڪيڙا چھري جي تھن ۾ ملن ٿا جڏھن تہ ڏيميون جوئون چھري کان علاوا جسم جي سڀن حصن ۾ ملن ٿيون. ڇاتي ۽ ڳچي ڏيمي جوئن جي رھائشگاھ آھي. وڌيڪ نشانيون ڏسي سگهجن ٿيون جڏھن ھي جراثيم لڳن ٿا.
ھي جوئون سيبي غدود sebum جي ڪري لڳن ٿيون جيڪي چھري ۾ سڻڀا غدود پيدا ڪن ٿا. ھي غدود چمڙي جي ھيٺئين تھ ۾ وارن جي ڳنڍن follicles سان مليل ٿين ٿا ۽ سڻڀ پيدا ڪن ٿا. ھي جوئون ننڍن ٻارن ۾ گهٽ ٿين ٿيون پر ٻار جي عمر وڌڻ سان چھري ۾ پيدا ٿين ٿيون. ھي جوئون انسان کان انسان ۾ پکڙي سگهن ٿيون.
ھي جوئون تڏھن ڇوت ڏيئي سگهن ٿيون جڏھن چھري يا چمڙي تي ھي جوئون جهجهي تعداد ۾ پيدا ٿين جنھن کي ڏيميٺ demodicosis چئبو آھي. ڏيميٺ تڏھن رونما ٿئي ٿي جڏھن ھي پنج جوئون چمڙي تي سينٽيميٽر في چورس پيدا ٿين. ھن سان چمڙي جي پڳڪاري Pigmentation تبديل ٿي وڃي ٿي.
سڻڀي چمڙي ھنن جوئن جي واڌاري جو سبب بنجي ٿي ڇوجو ھي جوئون وارن جي ڳنڍن جي سڻڀ مان کاڌو حاصل ڪن ٿيون. اڻڄاتل سببن جي ڪري عورتن کان وڌيڪ مردن کي ھي جوئون لڳن ٿيون.
نشانيون :-
ڏيميون جوئون چھري جي تھ ۽ چھري جي وارن جي پاڙ ۾ رھن ٿيون. جڏھن ھي وڌن ويجهن ٿيون تہ چھري تي ھي نشانيون ظاھر ٿين ٿيون.
ڳاڙھي چمڙي
سخت چمڙي
ڇلردار چمڙي
داڻا Acne
ڏڍ ۔ ملو Dermatitis (Eczema)
وارن جي کوٽ Hair loss
ڇوت ايڇ آء وي سان گڏ Infections, including HIV
ريشيت Rosacea
جوئن جي سڃاڻپ :-
ھي جوئون تمام ننڍيون ٿين ٿيون ان ڪري ڏسي نہ ٿيون سگهجن. صرف ڊاڪٽر جي ٽيسٽ مان ھي بيماري معلوم ڪري سگهجي ٿي. ڊاڪٽر توھان جي بايوپسي ڪندو.
اپاء :-
ڏينھن ۽ رات ۾ 3 ڀيرا وھنججي.
ڪم کان پوء جلدي وھنججي.
بي سڻڀ لوشن استعمال ڪجن.يي
ڪيلي جي کل جو اندرين حصو چمڙي کي رڳڙجي ائين ڪرڻ سان مئل گهرڙا چمڙي تان لھي ويندا ۽ ھنن جوئن جو کاڌو بند ٿي ويندو.
سرڪي ۾ پاڻي وجهي چمڙي کي لائجي سرڪو چمڙي جي سڻڀ دور ڪندو ۽ ھنن جوئن کي ھٽائڻ ۾ مدد ڪندو.
ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي.
0 comments:
Post a Comment