عام ماڻهو اھي ٻئي استعمال ساڳي معنا ۾ ڪم آڻي ٿو. جڏھن تہ سائنسي لحاظ کان ائڊس AIDS ۽ ايڇ آء وي HIV ۾ گهڻو فرق آھي ۽ اھي بلڪل مختلف ٿين ٿا. طبي لحاظ کان جڏھن چوندا آھيون تہ ڪو فرد ايڇ آء وي پازيٽو آھي تہ ان جو مطلب ان فرد جي جسم ۾ اھو وائرس يا ٻج ڇٽجي چڪو ھوندو آھي جيڪو اڳتي ھلي ائڊس بيماري جي وڻ ۾ وڌي ظاھر ٿي سگهي ٿو بشرطيڪ ان جو علاج شروع نہ ڪرائجي.
ايڇ آء وي ڇاھي؟
ايڇ آء وي مخفف آھي ھيومن اميونو ڊفيشنسي وائرس جو. ھن وائرس جو ڪنھن فرد ۾ وچڙڻ جو ٻين ڪيترن طريقن کان سوا ھڪ عام طريقو جنسي طريقو آھي جيڪو ڪھڙي بہ قسم جو ڪنھن سان بہ ٿي سگهي ٿو جنھن جو مطلب ٿيو تہ جيڪڏھن ڪو فرد ايڇ آء وي پازيٽو آھي ۽ اھو ڪنھن ٻئي صحتمند فرد سان ھمبستري دوران جنسي بيمارين جي وچڙڻ کان ڪو بچاء جو طريقو اختيار نٿو ڪري تڏھن گهڻو ممڪن ٿئي ٿو تہ ھو پنھنجي ساٿي ۾ وائرس وچڙائي سگهي ٿو. اھو وائرس صرف جنسي لاڳاپن سان نٿو وچڙي پر متاثر فرد جي جسماني پاڻيٺن جھڙوڪ شرمگاھ جي پاڻيٺن يا مني يا رت سان بہ وچڙي سگهي ٿو.
ايڇ آء وي پازيٽو ھجڻ جو مطلب ڇاھي؟
جيڪڏھن ڪنھن فرد جي رت ۾ ايڇ آء وي وائرس جي ھجڻ جي خبر پيئي آھي تہ ان جو مطلب ان فرد جو ايڇ آء وي پازيٽو ھجڻ آھي يعني سندس جسم ۾ ايڇ آء وي وائرس يا ايڊس بيماري جو ٻج موجود آھي. اھڙين حالتن ۾ ھڪدم علاج شروع ڪجي تہ جيئن ايڊس جي وڌي وڻ ٿيڻ کي اثرائتي طريقي سان روڪي سگهجي.
ايڇ آء وي ائڊس کان ڪيئن مختلف آھي؟
ايڇ آء وي ھڪ اھڙو وائرس آھي جيڪو مدافعتي سرشتي تي حملو ڪري ڪيترن روڳن ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو. جيڪڏھن ايڇ آء وي ۾ مبتلا فرد جو ترت تدارڪ نہ ڪيو وڃي تہ اڳتي ھلي ائڊس ۾ ظاھر ٿئي ٿو جيڪو ايڇ آء وي جي پڪي پختي حالت ٿئي ٿو ۽ ان جا لاھ ڪڍي نٿا سگهجن.
ائڊس ڇا آهي؟
ائڊس، وائرس سبب ٿيندڙ هڪ بيماري آهي جنھن جي وائرس کي هيومن اميونو ڊيفيشنسي وائرس يا مختصراً ايڇ آءِ وي (HIV) سڏجي ٿو. ٻين لفظن ۾ هيءَ وائرسي بيماري جڏهن زور وٺي ٿي يا پڪي ٿي وڃي ٿي يا پنهنجيءَ شَھ حالت کي پھچي ٿي تہ ائڊس جي نالي سان سڏجي ٿي.
•ائڊس جو وائرس هڪ فرد کان ٻئي فرد تائين ڪيئن پکڙجي ٿو؟
ايڇ آءِ وي يا ائڊس جو وائرس، هڪ قسم جو ريٽرو وائرس Retrovirus آهي جيڪو انساني جسم جي مدافعتي نظام Immune system کي اهڙو تہ ناڪاره ڪري ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو جنھن سبب جسم، مختلف قسمن جي بيمارين ۾ سولائيءَ سان وچڙي سگهي ٿو. ٿلهي ليکي ائڊس جو وائرس، هڪ فرد کان ٻئي فرد تائين ڪيترن طريقن سان پکڙجي سگهي ٿو جھڙوڪ: همبستريءَ دوران جنسي وچڙندڙ بيمارين کان بچاءَ نہ وٺڻ، جنسي بيراھ روي، اوپري فرد سان سيڪس ڪرڻ، غيرفطرتي جنسي عمل ڪرڻ، ميلاپ دوران مرد جي منيءَ، گديا ۽ عورت جي شرمگاھ جي پاڻيٺ سان لاڳاپي ۾ اچڻ، واتوڻو فعل ڪرڻ، گھري چم چٽ ڪرڻ جنھن سان ممڪن آهي تہ وات ۾ ڦٽ، زخم يا چير هجڻ سبب بيماريءَ جو وائرس يا روڳي جيوڙا بيمار فرد جي وات مان صحتمند فرد جي وات ۾ داخل ٿي وڃن. تمام ورلي، متاثر فرد جي چڪ پائڻ سان بہ پکڙجي سگهي ٿو. وائرس مليل غليظ رت يا اهڙيءَ رت جو ڪوبہ حصو عطيي طور وٺڻ، غليظ سيون استعمال ڪرڻ، نڪ ٽوپائڻ، ڪن سبائڻ، ڏينڀوڙين هڻائڻ، ساڳين ماتمي زنجيرن يا بليڊن جو استعمال ڪرڻ، طهر ڪرڻ جو ساڳيو سامان وري وري استعمال ڪرڻ، نشي پتي لاءِ سئي استعمال ڪرڻ، بيوٽي پارلر يا حجامڪي ڪم لاءِ بليڊ يا پاڪيون ۽ ٻيو سامان هڪ کان وڌيڪ فردن لاءِ استعمال ڪرڻ، طبي علاج جي مقصدن لاءِ ساڳيون شيون ۽ اوزار بار بار ڪتب آڻڻ جھڙوڪ: ٻار ڄڻائڻ ۔ ڊائليسس۔ ڏندن جي علاج ۽ چڪاسڻ جو سامان، ويم ڪرڻ يا ڍڪ ڌارائڻ دوران متاثر ماءُ مان سندس اولاد ۾ وائرس جو منتقل ٿيڻ.
•ڇا ائڊس جو وائرس ڪنهن جيت جي چڪ پائڻ يا مڇر رستي بہ پکڙجي يا وچڙي سگهي ٿو؟
ائڊس جو وائرس ڪنهن جيت يا مڇر جي چڪ پائڻ سان پکڙجي نٿو سگهي ڇاڪاڻ تہ ائڊس جو وائرس انساني جسم کان ٻاهر گھڻي وقت تائين زنده رهي نٿو سگهي ۽ جنھن رت ۾ موجود هجي ٿو ان جي خشڪ ٿي وڃڻ سان مري وڃي ٿو.
•ڇا، عام طور تي ڪنھن فرد کي مِٺي (چمي) يا چسي ڏيڻ يا ان سان لاڳاپا رکڻ ۔ هٿ ملائڻ، ڀاڪر پائڻ، ساڳيو ڪاڪوس استعمال ڪرڻ، ساڳي گلاس ۾ پاڻي پيئڻ يا متاثر فرد جي کنگهڻ يا ڇڪون ڏيڻ سان بہ ايڇ آءِ وي ۾ وچڙي سگهي ٿو؟
جيئن تہ هي وائرس پگهر، پڪ، پيشاب يا ڳوڙهن ۾ موجود نٿو هجي تنھن ڪري جسم جي اهڙيءَ ڪنھن بہ شئي سان لاڳاپي ۾ اچڻ سان ائڊس جو وائرس نٿو پکڙجي. اها خام خيالي آهي تہ ايڇ آءِ ويءَ جو وائرس ڀاڪر پائڻ، هٿ ملائڻ، ساڳين ٿانون ۾ ۽ ساڳي کاڌي کائڻ، ڇڪون ڏيڻ يا کنگهڻ سان وچڙي سگهي ٿو.
•ڇا ايڇ آءِ وي جو علاج موجود آهي؟
بلڪل موجود آهي. علاجن رستي هن وائرس کي روڪڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ توهان جي مدافعتي سرشتي جو بچاءُ ٿي سگهي ٿو جنھن سبب اهو بہ ممڪن ٿئي ٿو تہ ايڇ آءِ وي، ائڊس جو روپ وٺي نہ سگهي. هن وقت ايڇ آءِ ويءَ جون پنجن مختلف درجن جون دوائون موجود آهن، جن مان ٻن مختلف درجن جي ٽن قسمن جون ڊاڪٽر جي سفارش سان استعمال ڪرڻيون پون ٿيون.
•ايڇ آءِ ويءَ کي ائڊس پيدا ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ٿو؟
ايڇ آءِ وي جي روڳ کي وڌي ائڊس ٿيڻ ۾ مختلف فردن ۾ مختلف وقت لڳي ٿو. جيڪڏهن ان جو وقت سر علاج نہ ڪرائجي تہ ڪيترن فردن ۾، جسم جي بچاءَ سرشتي جي هيڻي ٿيڻ سان، ائڊس سان لاڳاپيل موقعي پرست بيمارين جي نشانين ظاهر ٿيڻ ۾ 5 کان 10 سالن جيترو وقت لڳي سگهي ٿو تہ ورلي 15 سال بہ لڳي سگهن ٿا. ايڇ آءِ وي روڳ ۾ مبتلا فرد جڏهن علاج اي.آر.ٽي يا آرٽ هيٺ هجن تہ ايڇ آءِ ويءَ مان ائڊس پيدا ٿيڻ جو عمل گھڻو گھٽجي وڃي ٿو.
•مونکي اها خبر ڪيئن پئجي سگهي ٿي تہ مان ايڇ آءِ ويءَ ۾ مبتلا آهيان؟
ايڇ آءِ ويءَ جون نشانيون هڪ فرد کان ٻئي فرد ۾ مختلف ٿي سگهن ٿيون. روڳ جي شروعاتي مرحلي ۾ اهڙو فرد عام طور تي وبائي زڪام فلوءَ جھڙيون نشانيون جھڙوڪ: بخار، مٿي جي سور ۽ نڙيءَ جي سُرڪي (سوزش)، لڱن جي سور جھڙيون نشانيون ظاهر ڪري ٿو جيڪي عام طور تي پھرين ڪجھ هفتن ۾ ختم ٿي وڃن ٿيون. پوءِ روڳ جي زور وٺڻ سان جيڪي عام نشانيون پيدا ٿين ٿيون انهن ۾ ڦنگي Yeast روڳ جو پيدا ٿيڻ جھڙوڪ: وات جو هر هر پچي پوڻ، عورتن ۾ شرمگاھ جا روڳ، دست، چمڙيءَ تي ڳاڙهي داڻ داڻ، وزن جو گھٽجڻ، جنسي عضون ۽ گديا جا زخم، لمف نوڊن جو سڄي وڃڻ وغيره ٿي سگهن ٿا.
•ڇا هر ڳورهاريءَ لاءِ ايڇ آءِ وي جي تپاس ڪرائڻ ضروري ٿئي ٿي؟
ائڊس جا ماهر صلاح ڏين ٿا تہ حاملا عورتن کي ايڇ آءِ ويءَ جي تپاس ڪرائڻ گهرجي ڇاڪاڻ تہ ايڇ آءِ ويءَ جي ترت ڄاڻ پوڻ ۽ وقت سر علاج شروع ڪرڻ سان پيدا ٿيندڙ ٻار ۾ ان جي منتقل ٿيڻ جي خطري کي گھٽائي سگهجي ٿو.
• ايڇ آءِ وي جي تپاس ڪٿان ڪرائي سگهجي ٿي؟
ڪيترن شھرن ۾ اهڙا سرڪاري تپاس گهر موجود ٿين ٿا جتان ائڊس جي وائرس جي تپاس ڪرائي سگهجي ٿي تہ خانگي معياري لئبارٽريون بہ اها تپاس ڪن ٿيون.
•ڇا ايڇ آءِ ويءَ جي پازيٽو هجڻ کانپوءِ بہ اهڙو فرد عام رواجي زندگي گذاري سگهجي ٿي؟
جيڪڏهن ٽيسٽ پازيٽو اچي ٿي تہ ڊاڪٽر کان پنھنجيءَ صحت بابت تفصيلي معلومات حاصل ڪريو. دوائن ۽ اي آر ٽي کان سواءِ زندگي گذارڻ جا ڪي طور طريقا اهڙا بہ آهن جن جي اختيار ڪرڻ سان ايڇ آءِ وي جي وڌي ائڊس ٿيڻ کي روڪي سگهجي ٿو. سوير تشخيص ٿيڻ ۽ درست علاج سان، زندگي عام رواجي طرح سان گذاري سگهجي ٿي.
•ايڇ آءِ ويءَ جي تپاس ڪرائڻ جو بھترين وقت ڪھڙو ٿئي ٿو؟
ايڇ آءِ وي جي تپاس ڪرائڻ جو بھترين وقت هن وائرس ۾ وائکي ٿيڻ کانپوءِ ٽن مھينن اندر تپاس ڪرائڻ ٿئي ٿي. اهڙين ڪيترين حالتن ۾ تپاس ناڪاري يا فالس پازيٽو False positive اچي ٿي. جيڪڏهن توهان جي تپاس ناڪاري اچي ۽ توهان مطمئن نٿا هجو تہ ڇھن مهينن کان پوءِ وري تپاس ڪرائي سگهو ٿا.
•ونڊو پيريڊ ڇا آهي؟
عام طور تي ايڇ آءِ وي وائرس ۾ وائکي ٿيڻ يا متاثر ٿيڻ کان ٽي مھينا پوءِ ان جي تپاس ڪرائڻ جي صلاح ڏني وڃي ٿي جنھن ۾ ممڪن آهي تہ غلط نتيجا ملن. ان عرصي کي ونڊو پيرڊ (window period) سڏجي ٿو يعني اهو عرصو جڏهن ائڊس جو وائرس جسم ۾ داخل ٿيو هجي پر جسم يا رت ۾ وائرس خلاف ائنٽيباڊيون يا بچاءَ جا سيل پيدا نہ ٿي سگهيا هجن.
•ڇا اهڙي تپاس ڪرائڻ کان اڳ ۾ پرهيز ڪرڻي پوي ٿي يا خاص احتاط وٺڻا پون ٿا؟
نہ، اهڙي ڪابہ خاص ڳالھ ڪرڻي نٿي پوي. توهان ڪنھن وقت بہ اها تپاس ڪرائي سگهو ٿا. ان تپاس لاءِ توهان جي رت يا پڪ جو نمونو حاصل ڪيو وڃي ٿو.
•ايڇ آءِ وي يا ائڊس جي وائرس لھڻ لاءِ ڪھڙيون تپاسون ڪيون وڃن ٿيون؟
عام طور تي ايڇ آءِ وي / ائڊس جي وائرس خلاف پيدا ٿيندڙ ائنٽيباڊين لھڻ لاءِ الِيسا (ELISA) ٽيسٽ، ائنٽيباڊي ڊفرنشيئيشن (ADT) ٽيسٽ ۽ ويسٽرن بلاٽ (Western Blot) تپاس ڪئي وڃي ٿي. جڏهن تہ تشخيص طور، ايڇ آءِ وي آر اين اي (HIV RNA) ٽيسٽ ۽ پي سي آرـ پلازما ائنٽيجن پي24 رستي ايڇ آءِ وي جي ائنٽيجين ڏٺي وڃي ٿي.
•ايڇ آءِ وي جي مختلف تپاسن هوندي ڪيئن سمجهي سگهجي ٿو تہ ڪھڙي تپاس ڪرائڻي آهي؟
ان لاءِ توهان کي رڳو ڊاڪٽر سان ملڻو ۽ کيس پنهنجيءَ حالت جو ذڪر ڪرڻو آهي. توهان جي بيماريءَ جي نشانين جي شدت آهر ڊاڪٽر توهان کي ڪنهن تپاس ڪرائڻ جي صلاح ڏئي سگهندو.
•اها پڪي ڄاڻ ڪڏهن پئجي سگهي ٿي تہ مونکي ايڇ آءِ وي جو روڳ يا بيماري ناهي؟
جيڪڏهن توهان مٿي ڄاڻايل، ايڇ آءِ ويءَ جي ڪنهن بہ نشاني ۾ مبتلا آهيو يا توهانجي جسم جو مدافعتي سرشتو ڪمزور آهي (مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيندڙ آهيو) تہ پنھنجي ايڇ آءِ وي/ ائڊس جي وائرس جي تپاس ڪرايو. جيڪڏهن تپاسون ناڪاري اچن ٿيون تہ ڇھن مھينن کان پوءِ وري تپاسون ڪرائي پڪ ڪريو. ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو جيڪو درست تشخيص ۽ توهانجي تپاس ڪري ممڪن آهي تہ توهان کي ايڇ آءِ وي جي صورتحال بابت ٻڌائي سگهي.
•تپاس ڪرائڻ کانپوءِ ان جي خبر ڪيتري وقت ۾ پئجي سگهي ٿي؟
اڄڪلھ اهڙي تشخيص جنهن ۾ ايڇ آءِ وي جي ائنٽيجين Antigen ڏٺي وڃي ٿي ان جي رزلٽ ترت ملي ٿي. عام طور تي ان تپاس ڪرڻ ۾ وڌ ۾ وڌ 20 منٽن جيترو وقت لڳي وڃي ٿو. توهان جي تپاس جي رزلٽ تي مدار رکندي تہ هاڪاري يا ناڪاري اچي ٿي. وري پڪ لاءِ ٻيھر تپاس ڪئي وڃي ٿي. اهڙين تپاسن جي نتيجن ملڻ ۾ ڪجھ هفتا لڳي وڃن ٿا.
•ڇا جيڪڏهن تپاس مان ائڊس هجڻ جي خبر پوي تہ مان مري ويندس؟
هر اهو فرد جنھن جي ايڇ آءِ ويءَ جي تپاس پازيٽو اچي ٿي تنھن کي اها ڳالھ ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي تہ ايڇ آءِ وي پازيٽو هجڻ جو مطلب موت جو پروانو ناهي. جيتوڻيڪ شروعات ۾ ايڇ آءِ ويءَ واري حالت چوڙائيندڙ ٿيندي هئي ۽ ان جا متاثر فرد رڳو ڪجھ سال زندھ رهي سگهندا هيا پر هاڻ، اها صورتحال ناهي. اڄڪلھ جديد دوائن ۽ علاج جي موثر طريقن سان اهڙا فرد عام رواجي زندگي گذاري سگهن ٿا بشرطيڪ وقت سر تشخيص، علاج ۽ زندگيءَ جي طور طريقن ۾ تبديلي آندي وڃي، جنهن سان ايڇ آءِ وي کي روڪي ائڊس ۾ مٽجڻ کان بچي سگهجي ٿو.
•ايڇ آءِ اي واري فرد کي صحتمند رهڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ايڇ آءِ وي پازيٽو فرد کي پنهنجيون دوائون باقاعدگيءَ سان کائڻ سان گڏ کيس صحتمند، چست، پرسڪون ۽ خوش زندگي گذارڻ گهرجي، صحت بخش کاڌا کائڻ گهرجن ۽ ڊاڪٽر کان باقاعدگيءَ سان پنھنجي تپاس ڪرائڻ گهرجي تہ جيئن صحتمند رهي عام رواجي زندگي گذاري سگهجي.
•ڇا ايڇ آءِ ويءَ کان بچڻ جو ڪو پڪو يا خاطرخواه طريقو آهي؟
ڪجھ اهڙا احتياطي اپاءَ آهن جن جي اختيار ڪرڻ سان هر فرد، ايڇ آءِ وي ۾ وچڙڻ کان بچي سگهي ٿو. ان لاءِ پھرين ۽ اهم ڳالھ خطرناڪ جنسي فعلن کان پاسيرو رهڻ، جنسي بي راه رويءَ کان مڪمل پاسيرو رهڻ، ميل ميلاپ دوران جنسي وچڙندڙ بيمارين کان بچاءَ جا اپاءَ وٺڻ، گھڻن فردن سان جنسي تعلق نہ رکڻ وغيره، نشي پتي لاءِ سيون نہ هڻڻ ۽ صحت صفائيءَ جون سٺيون عادتون اختيار ڪرڻ آهن.
•ڇا ايڇ آءِ ويءَ ۾ متاثر فرد ڪنهن سان همبستري ڪري سگهي ٿو؟
ايڇ آءِ ويءَ ۾ مبتلا فرد چست جنسي زندگي گذاري سگهي ٿو بشرطيڪ ان لاءِ مناسب بچاءَ وٺي. جيئن تہ ايڇ آءِ ويءَ جو وائرس شرمگاھ ۽ گديا رستي سولائيءَ سان وچڙي سگهي ٿو انڪري سنجوڳ دوران ڪنڊوم استعمال ڪرڻ بھتر ٿئي ٿو. ان کان سواءِ ڪيترا فرد، مزي ۽ لست خاطر تتن تاري ۽ واتوڻو فعل بہ ڪن ٿا تنھن ڪري اهڙيءَ حالت ۾ پڪ ڪرڻ گهرجي تہ کين وات جي ڪنھن بہ قسم جي تڪليف يا زخم وغيره موجود ناهن نہ تہ ايڇ آءِ ويءَ جي وچڙڻ جا تمام گھڻا موقعا ٿين ٿا. جيڪڏهن چاهجي تہ ڊينٽل ڊئم (Dental dam) استعمال ڪري سگهجن ٿا جيڪي بچاءَ جو ڪم ڪندڙ ٿين ٿا.
•جيڪڏهن ٻئي والدين ايڇ آءِ وي پازيٽو هجن تہ انهن کي ڄمندڙ ٻار جي ايڇ آءِ ويءَ هجڻ جا ڪيترا موقعا ٿي سگهن ٿا؟
جڏهن والدين يعني پيءُ ۽ ماءُ ٻئي ايڇ آءِ ويءَ پازيٽو هجن تڏهن کين ڄمندڙ ٻار جي ايڇ آءِ ويءَ پازيٽو هجڻ جا تمام گھڻا موقعا ٿين ٿا. جڏهن تہ جديد طبي طريقن، علاج جي طور طريقن ۽ درست تپاسن رستي ممڪن آهي تہ اهڙو ٻارڙو صحتمند پيدا ٿئي.
•مان حاملا ۽ ايڇ آءِ ويءَ پازيٽو آهيان تہ ڇا منھنجو ڄمندڙ ٻار بہ ايڇ آءِ ويءَ پازيٽو هوندو؟
جيتوڻيڪ اهڙيءَ ماءُ کي ڄمندڙ ٻارڙي جي، ايڇ آءِ وي پازيٽو هجڻ جا تمام گھڻا موقعا ٿي سگهن ٿا تنھن هوندي بہ علاج جي جديد طبي سھولتن رستي، هڪ ايڇ آءِ وي پازيٽو ماءُ، صحتمند ٻار ڄڻي سگهي ٿي جنھن لاءِ توهان کي مناسب دوائون کائڻيون پونديون، پنهنجي ڊاڪٽر سان باقاعدگيءَ سان ملڻو ۽ حمل دوران ان جي صلاحن تي عمل ڪرڻو پوندو.
•ڇا جڏهن ٻنهي (جوڙي) کي ايڇ آءِ وي هجي تڏهن بہ بنا کٽڪي همبستري ڪري سگهن ٿا؟
ڀلي تہ جوڙي (نر ۽ ناري/زال مڙس) ايڇ آءِ وي پازيٽو هجن ۽ منجهن بيماريءَ جون نشانيون بہ پيدا ٿيندڙ نہ هجن تنھن هوندي بہ ممڪن آهي تہ انهن مان ڪنهن هڪ کي ڪا اهڙي جنسي وچڙندڙ بيماري هجي جنھن جي توهان مان ڪنهن کي ڄاڻ نہ هجي. ان کان سواءِ اهو بہ ممڪن ٿي سگهي ٿو توهان يا توهان جو ساٿي وائرس جي ڪنهن ٻئي قسم/ اسٽرئن ۾ وچڙيل هجي جنھن ۾ توهان بہ متاثر ٿي سگهو ٿا، تنھن ڪري هميشه بھتر ڪنڊوم ۽ ڊينٽل ڊئم استعمال ڪرڻ ٿئي ٿو. ڇو تہ لئٽيڪس ڪنڊوم، ايڇ آءِ وي کان بهتر طور تي بچاءُ ڪري سگهن ٿا بنسبت لئمب اسڪن ڪنڊومن (lamb skin condom) جي، جن مان وائرس ٽپي وڃي ٿو.
•ڇا ايڇ آءِ وي/ ائڊس جي علاج لاءِ دوائن کانسواءِ ڪي ٻيون مکيارون بہ آهن؟
هن وقت تائين ايڇ آءِ وي روڳ جو رڳو ڪامياب علاج، ائنٽي ريٽ رو وائرل دوائون آهن. صلاحن ۽ نفسياتي مشورن سان اهڙي فرد جو معيار زندگي وڌائي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ يوگا ڪرڻ، سٺي صحت صفائي قائم رکڻ، پيٽ ڀري سڻڀو ٽڪر کائڻ ۽ صاف سٿري پاڻي پيئڻ سان بيماريءَ جي واڌ کي اثرائتي طريقي سان گھٽائي سگهجي ٿو.
ڇا ايڇ آءِ وي جي تشخيص ٿيڻ کانپوءِ مونکي سڄي عمر دوائون کائڻيون پونديون؟
بدقسمتيءَ سان ها. ايڇ آءِ ويءَ واري فرد کي باقي سڄي عمر دوائون کائڻيون پون ٿيون. جڏهن تہ انهن ۾ ڪي تبديليون بہ ڪرڻيون پون ٿيون، جنهن لاءِ اهڙي فرد جون لازمي طور تي باقاعدگيءَ سان تپاسون ٿينديون رهن ٿيون. ان کان سواءِ هن روڳ کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ بچاءَ جو هر اپاءُ وٺڻو پوي ٿو.
•وائرل لوڊ (viral load) جو ڪهڙو مطلب آهي؟
وائرل لوڊ جي سادن لفظن ۾ معنيٰ ٿيندي ڪنھن فرد يا ماحول ۾ وائرسن جو تعداد. سينٽر فار د ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن مطابق، جڏهن ڪنھن فرد جي سي ڊي4 سيلن جو انگ، 200 سيل يا ايم ايم3 کان گھٽ هجي ته ان جو مطلب بچاء سرشتي جو متاثر ٿيل هجڻ آهي. رت جي نموني ۾ وائرس جي وڏي لوڊ يا انگ ۾ هجڻ جو مطلب جسم ۾ وائرس جو گھڻي مقدار ۾ هجڻ آهي. وائرل لوڊ کي وائرل برڊن ۽ وائرل ٽائيٽر جي نالي سان بہ سڏجي ٿو.
•سي ڊي4 سيل ڇا آهن؟
سي ڊي4 سيل، رت جي سفيد سيلن جو هڪ قسم آهن جن جو اسان جي بچاءَ سرشتي ۾ هڪ اهم ڪردار ٿئي ٿو. سي ڊي4 سيلن جي انگ مان خبر پوي ٿي تہ اسان جو مدافعتي سرشتو ڪيترو صحمتند يا سگهارو آهي يا منجهس روڳي جيوڙن، روڳن ۽ بيمارين سان منھن ڏيڻ جي ڪيتري طاقت آهي. سي ڊي4 سيلن کي ورلي ٽي سيل (T cells)، ٽي لمفوسائيٽ (T lymphocytes) يا هيلپر (Helper cells) سيلن جي نالي سان بہ سڏجي ٿو. رت جي في ڪيوبڪ ملي ميٽر (رت جو تمام ٿورڙو مقدار) مان سي ڊي4 سيلن جي موجود انگ جاچيو وڃي ٿو، جيڪو سڄي جسم جي سڀني سي ڊي4 سيلن جو انگ نٿو هجي. رت ۾ جيترو سي ڊي4 سيلن جو انگ وڌيڪ هوندو اوترو مدافعتي سرشتو سگهارو هوندو. جيڪو فرد ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا نٿو هجي تنهن جي سي ڊي4 سيلن جو انگ 500 کان 1500 جي وچتي هجي ٿو. ايڇ آءِ ويءَ ۾ متاثر فرد، جن جي سي ڊيءَ جو ڳاڻيٽو 500 کان مٿڀرو هجي ٿو عام طور تي سٺيءَ صحت وارا سمجهيا وڃن ٿا. پر جيڪي ايڇ آءِ وي ۾ متاثر ۽ انهن جي سي ڊي4 جو انگ 200 کان گھٽ هجي ٿو تن کي سنگين بيمارين جي پيدا ٿيڻ جا خطرا ٿين ٿا جڏهن تہ ايڇ آءِ ويءَ ۾ متاثر هر فرد، خاص طور تي جن جي سي ڊي4 سيلن جو انگ گھٽ هجي ٿو تن جو علاج ڪرائڻ ضروري ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪنھن فرد کي ايڇ آءِ وي هجي ۽ ان جو علاج نہ ڪرائجي تہ وقت سان سندس سي ڊي4 جو انگ گھٽجي ويندو. جيترو سي ڊي4 جو انگ گھٽ هوندو اوترو مدافعتي سرشتي جي هيڻي ٿيڻ سان بيمارين ٿيڻ جا خطرا وڌندا ويندا.
•ڇا واتوڻي فعل Oral sex ڪرڻ سان بہ ايڇ آءِ ويءَ وچڙي سگهي ٿو؟
بلڪل وچڙي سگهي ٿو. جڏهن تہ واتوڻي ۽ گديا رستي وچڙڻ جا موقعا گھٽ تہ ٿي سگهن ٿا پر ختم ٿي نٿا سگهن تنھن ڪري بچاءَ جا اپاءَ وٺڻ ضروري ٿين ٿا (جھڙوڪ وات ۾ ڦٽ يا السر هجڻ).
•جيڪڏهن همبستريءَ دوران ڦوڪڻو ڦاٽي پوي ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟
جيڪڏهن اهڙي اتفاق کي 72 ڪلاڪن کان گھٽ وقت ٿيو آهي تہ دوائن رستي پاڻ کي ايڇ آءِ ويءَ ۾ وچڙڻ کان بچائي سگهجي ٿو. ان لاءِ توهانکي ڪنھن مقامي ڊاڪٽر سان ملي کيس پوسٽ ايڪسپوئر پروفائيليڪسس (PEP) لاءِ چوڻو آهي. پر جي توهان اهڙو موقعو وڃائي وھو ٿا تہ ٽن مھينن کان پوءِ تپاس رستي ئي اها ڄاڻ رکي سگهجي ٿي تہ توهان جي جسم ۾ ايڇ آءِ وي موجود آهي يا نہ.
•جنھن فرد جي زندگيءَ جي آخر ۾ ايڇ آءِ وي جي تشخيص ڪئي وڃي تہ ان سان صحت جون ڪھڙيون پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون؟
جيئن تہ اهڙي فرد جو، ايڇ آءِ وي سبب مدافعتي سرشتو ناڪاره ٿي وڃي ٿو ان سبب اهو ٻين بيمارين ۾ وچڙڻ جي وڏي خطري ۾ رهي ٿو جنھن ۾ ڪپوسيز سارڪوما (Kaposi’s sarcoma)، ڪئنڊِيڊياسس (candidiasis)، ٽي بي (Tuberculosis)، نان هاجڪنس لمفوما (non-Hodgkin’s lymphoma) نيوموسسٽائيٽس نمونيا (Pneumocystitis Pneumonia)، سسٽوميگالووائرس (cytomegalovirus)، ڊمينشيا (dementia)، ٽوڪسوپلاسموسس (toxoplasmosis) ۽ ائڊس ويسٽنگ سنڊروم (AIDS wasting syndrome) شامل آهن.
•ڇا هم جنس پرست، جنسي ورڪر، سئين رستي نشو ڪندڙ ۽ هيٺين طبقي جا ماڻهو ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٿيڻ جي گھڻي خطري ۾ رهن ٿا؟
اها هڪ خام خيالي آهي تہ مٿي ذڪر ڪيل ماڻهو ئي، ايڇ آءِ ويءَ ۾ متاثر ٿيڻ جي گھڻي خطري ۾ رهن ٿا. حقيقيت ۾ هر اهو فرد جيڪو جنسي ڳالهين ۾ سلامتيءَ وارا طريقا اختيار نہ ڪندو، غليظ رت لڳرائيندو، جنھن جي ماءُ ايڇ آءِ وي پازيٽو هوندي، علاج دوران جڏهن اسٽرلائيز ٿيل طبي اوازار استعمال نہ ڪيا ويندا،بيوٽي پارلر ۽ حجمن وٽ ساڳيا اوزار ۽ شيون هڪ کان وڌيڪ فردن لاءِ بار بار استعمال ٿيندا رهندا، جنسي وچڙندڙ بيمارين ۾ مبتلا هجبو، تڏهن ايڇ آءِ ويءَ يا ڪنهن بہ ٻيءَ وچڙندڙ بيماريءَ ۾ وچڙڻ ۽ وچڙائڻ جا وڏي ۾ وڏا خطرا پيدا ٿي سگهندا.
0 comments:
Post a Comment