ھڪ ھمراھ ٻہ شاديون ڪيون ء ٻنھي زالن سان برابر انصاف ڪندو ھيو. تقدير جو لکيو ٻنھي زالن جو موت بہ ھڪ وقت ٿيو. ھمراھ انصاف ڪندي ٻنھي کي ھڪ ئي وقت غسل ڏيارڻ گھريو تنھن لاء ٻہ غسل ڪرائڻ وارين کي گھرايو ويو تہ جيئن ٻنھي کي ھڪ ئي وقت غسل ڏنو وڃي.
وري ٻنھي جا مڙھ ھڪ ئي وقت کڻڻا ھيا، اتفاق سان گھر کي ھڪ دروازو ھيو. وري ٻيو دروازو ٺاھڻ واري کي ڊکڻ گھرايو ويو جنھن دروازو ٺاھيو. ٻنھي جنازن کي ھڪ ئي وقت ٻاھر آندو ويو. مڙس ٻنھي کي قبرستان م ھڪ ئي وقت دفنائي واپس آيو ۽ شڪر ادا ڪيو تہ سمورو ڪم خير خوبي سان ٿي ويو.
ھڪ رات مڙس ستو پيو ھو تہ وڏوڙ زال خواب م آيس.
”مان اوھان کان ناراض آھيان، خدا توھان کي ڪڏھن بہ معاف نہ ڪندو.“
مڙس خوفزدہ ٿي ويو
”خدا جي بندي پر ڇو؟“
ان تي وڏور زال چيس
”توھان ننڍي گھر واريء کي نئين دروازي مان ٻاھر ڪڍيو ء مونکي پراڻي مان..اھا تنھنجي دل آھي!!!!“
0 comments:
Post a Comment