Tuesday, 14 May 2019

دھلڙي ۔ دجهلي Eardrum=Tympanic membrane=Myringa 🌷اصغر ساگر🌷

انسانن ۽ مختلف ٻين چوپاين جي انگيات ۾، دھلڙي جنھن کي واڄ جهلي يا لرز جهلي پڻ سڏيو وڃي ٿو اھا ھڪ سنهي نباتي شڪل جهلي آھي جيڪا ٻاھريين ڪن کي وچين ڪن کان الڳ ڪري ٿي. آوازي لھرون دھلڙي کي لرزش ڏين ٿيون. ھن جو ڪم آواز کي وچين ڪن اندر ڪن کان ڪنوڏين ڏي منتقل ڪرڻ آھي ۽ ان کان پوء پاڻيٺ ڀريل ڪن چر ۾ بيد دري ڏي منتقل ڪرڻ آھي. ان ڪري آخر ۾ دھلڙي ھوا واري لرزش کي پاڻيٺ واري لرزش ۾ تبديل ڪري پکيڙي ٿي. ھٿوڙ ھڏي دھلڙي ۽ ٻين ڪنوڏين جي وچ ۾ خال جي پل جوڙي ٿي. 
In the anatomy of humans and various other tetrapods, the eardrum, also called the tympanic membrane or myringa, is a thin, cone-shaped membrane that separates the external ear from the middle ear.Sound waves cause eardrum to vibrate.Its function is to transmit sound from the air to the ossicles inside the middle ear, and then to the oval window in the fluid-filled cochlea. Hence, eardrum ultimately converts and amplifies vibration in air to vibration in fluid. The malleus bone bridges the gap between the eardrum and the other ossicles.
Anatomy  انگيات ۔ عضون جو علم

چوپايا ۔ چوپيرا Tetrapods

Eardrum ۔ Tympanic membrane ۔ Myringa
دھلڙي ۔ دجهلي ۔ واڄ جهلي ۔ لرز جهلي

Cone-shaped membrane
نبات شڪل جهلي

External ear  ٻاھريون ڪن

وچون ڪن Middle ear

Sound waves آوازي لھرون

Ossicle ڪنوڏي ۔ ڪن جي ھڏي

ڪنوڏيون ۔ ڪن جون ھڏيون Ossicles

Oval window بيد جهلي ۔ بيضوي جهلي

لرزش   Vibration

Cochlea ڪن چر ۔ ڪن جي چر

Fluid-filled cochlea
پاڻيٺ ڀريل ڪن جي چر

Malleus bone
ھٿوڙ ھڏي ۔ ھٿوڙو ھڏي ۔ وٽوھڙ ھڏي ۔ مارتول ھڏي

ھوائي لرزش Vibration in air

Vibration in fluid پاڻيٺي لرزش

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment