عام طور تي اسان لاءِ زندگي جي وصف
"ڪو کائي ٿو جيئڻ لاءِ ڪو جيئي ٿو کائڻ لاءِ" مڪمل آھي. اگر ڪنھن کان زندگي جي بابت سوال ٿا ڪيون تہ ڪو ان کي پيار ٿو چئي، ڪو بيوفائي ٿو چئي، ڪو ان کي ڏکن سان تشبيھ ٿو ڏئي تہ ڪو سکن جي سيج ٿو بڻائي. پر ڇا سائنس ۾ بہ زندگي جي اھا ساڳي وصف آھي...!؟
نہ بلڪل نہ! سائنس ۾ زندگي جي معنا ۽ مفھوم ھيٺئين ڳالھين تي مشتمل آھي.
✔ ھر اھا شيءِ جاندار آھي جيڪا واڌ ويجھ ڪري ٿي.
✔ ھر اھا شيءِ جيڪا ساھ کڻي ٿي.
✔ ھر اھا شيءِ جيڪا پنھنجي بقا لاءِ پنھنجو نسل وڌائي ٿي.
عام طور تي اک سان نہ ڏسجندڙ بيڪٽيريا کان وٺي سمنڊ ۾ ترندڙ ٻلھڻ مڇيءَ تائين ھر جاندار مٿين ڳالهين تي عمل ڪندو رھي ٿو پر جي انھن ٽنھي مان ڪا ھڪ شيءِ کي کڻجي تہ ڇا پوءِ به جاندار کي جاندار چئبو...؟
ھا بلڪل چئبو جنھن جو مثال وائرس آھي.
ھي ننڍڙو جاندار زندگي ۽ موت جي وچ تي ڪنھن سرحد وانگي آھي جيڪو جاندار ۾ داخل ٿي زندھ ٿي ويندو آھي ۽ جاندار کان ٻاھر مئل (غير جاندار) ڏسڻ ۾ ايندو آھي. ھن ۾ صرف پيدائش جو عمل ٿئي ٿو.
وائرس جي لفظي معني آھي زھر. ھن جاندار جي باري ۾ سڀ کان پھريان اسان کي 1884 ۾ علم ٿئي ٿو جيڪو فرينچ ڪيميادان لوئس پاسچر (Louis Pasteur) پاران ڇتي ڪتي مان ٿيندڙ بيماري ريٻ Rabies جو ڪارڻ بيڪٽريا کان بہ ڪو ننڍو جاندار آھي، جو اعتراف ڪري ٿو ۽ انھي سائنسدان ھن کي وائرس جو نالو ڏنو.
1892 ۾ ھڪ ٻيو روسي سائنسدان دمتري آونسڪي Dimitri Ivanowsky خوردبين جاندار جو ماھر پڻ انھي ڳالھ جو اعتراف ڪيو تہ واقعي بيڪٽريا کان بہ ننڍو جاندار آھي جيڪو ٻوٽن ۾ تماڪ جي بيماري جو سبب پڻ بڻجي ٿو. بعد ۾ برقي خوردبيني جي ايجاد ھڪ اھم قدم ثابت ٿي جنھن سان 1950 ۾ وائرس کي ڏٺو ويو.
وائرس جي ايجاد کان پوءِ حيرت جي ڳالھ اھا ھئي جو وائرس ھڪ مڪمل جيو گھرڙو Cell نہ ھو. ھن وٽ نہ جيو گھرڙي جي جھلي ھئي نہ جيوڳار Cytoplasm موجود ھو ! ھي صرف ھڪ پروٽين ڪوٽ سان ويڙھيل ڪجھ خامرن سان پيو ھلي.
ھي وائرس جيئن ئي جيو گھرڙي ۾ داخل ٿيندو آھي تہ اتي پنھنجون پاڻ جون ڪاپيون ٺاھڻ جو عمل تيز ڪري ڇڏيندو آھي جنھن سان ڪنھن محدود وقت کان پوءِ جيو گھرڙو ٽٽي تباھ ٿي ويندو آھي ۽ نوان ٺھيل وائرس وري ٻئي جيو گھرڙي تي حملو ڪندا آھن ۽ وڌندا رھندا آھن.
وائرس ٻوٽن ۽ جانورن ۾ مختلف قسم جو بيماريون پيدا ڪندو آھي جنھن مان انسانن ۾ ايڊز يا ايڇ آءِ وي، ريٻ Rabies ، زڪام ۽ ڪجھ بخار جا قسم جھڙوڪ پيلو بخار Yellow fever کان علاوہ ٻيون بہ ڪيتريون ئي بيماريون شامل آھن.

0 comments:
Post a Comment