Monday, 6 May 2019

ڪتي جو ڇتو ٿيڻ ۽ ريٻا وائرس🌷اصغر ساگر🌷

ڪتا ھڪ وائرس ريٻي Rhabdovirus کان ڇتا ٿين ٿا. ريٻي جو وائرس پسٽول جي گولي وانگر ھڪ شفاف تھ ۾ رھي ٿو. ٻلي ۔ ڳئون ۔ مينھن ۔ گهوڙو ۔ چمڙو ۔ يا ھر اھو جانور جيڪو کير پياري ٿو اھو ريٻي جو شڪار ٿي سگهي ٿو. جڏھن ريٻا وائرس Rhabdoviruses ڪتي تي حملو ڪن ٿا ڪتو ڇتو ٿي وڃي ٿو. ڪتي جي گگ ۾ بہ ريٻا رھن ٿا. جڏھن ڪتو ڪنھن کي چڪ ھڻي ٿو تہ اھو گگ جي ذريعي متاثر ماڻهو جي رت ۾ پنھنجا ريٻا وائرس منتقل ڪري ٿو. ھي وائرس جڏھن جسم ۾ وڌن ويجهن ٿا پوء علاج ناممڪن ٿي وڃي ٿو ۽ انسان چڪي چڪي مري وڃي ٿو. ريٻا تنتي سرشتي ذريعي انسان جي دماغ تي حملو ڪن ٿا. ڇتي ڪتي جي ڪٽڻ بعد ھي وائرس رت ۾ اچن ٿا ۽ ھي علامتون ظاھر ٿين ٿيون.
◀پاڻي کان ڊڄڻ
◀غصو اچڻ
◀منجهڻ
◀دھشت ٿيڻ
◀رويي ۾ تبديلي اچڻ.
ڇتي ڪتي جي چڪ کان پوء ريٻن جي تصديق ليباريٽري جي ڇنڊ ڇيد مان معلوم ٿي سگهي ٿي. عام ڪتي جي چڪ ھڻڻ سان انسان مري نٿو پر احتياطي سئي لڳائي وڃي ٿي. عين ممڪن آھي ڪتو صحيح لڳي پر ڇنڊ ڇيد مان ريٻا ظاھر ٿي وڃن. ريٻي وائرس جي ڪري ھر سال ھزارين ماڻهو مرن ٿا. ڪئي ۽ ٻلي جي چڪ ڪري ريٻا وائرس انساني جسم ۾ منتقل ٿي سگهن ٿا. ريٻي وائرس کان بچڻ لاء متاثر ماڻھو جلدي سين جو ڪورس لڳرائڻ کپي ۽ ريٻي روڪ سئي لڳرائڻ کپي.
⏪ريٻي جو پکڙجڻ
ريٻو وائرس جيئن انساني جسم ۾ داخل ٿئي ٿو تہ اھو تنتي سرشتي Nervous system ۽ حرام مغز Spinal cord جي ذريعي دماغ جي طرف سفر شروع ڪري ٿو ۽ تقريبن 2 ھفتن ۾ ھي وائرس دماغ ۾ واسو ڪري وڃي ٿو ۽ دماغ ۾ سوزش Inflamation پيدا ٿي وڃي ٿي. دماغ کان ھي وائرس گگ غدودن Salivary glands (ٿڪ ٺاھڻ وارا غدودن) ۽ پوري جسم ۾ سرايت ڪري وڃي ٿو. جيئن علامتون ظاھر ٿين ٿيون مريض لاعلاج ٿي وڃي ٿو ۽ موت جي ور چڙھي وڃي ٿو.
بک اڃ گهٽ لڳڻ ۔ چڙچڙو ٿيڻ ۔ بخار ٿيڻ ۔ نزلي زڪام Flu جھڙي ڪيفيت ٿيڻ ۔ پاڳلن وانگر حرڪتون ڪرڻ ۔ پاڻي کان خوف ٿيڻ ۔ ھوا جي جهونڪن کان خوف ٿيڻ ۔ روشني کان ڊڄڻ ھي سڀئي علامتون ظاھر ٿين ٿيون. مريض نہ پاڻي پي سگهي ٿو ۽ نڪي خوراڪ ڳھي سگهي ٿو. مريض کي آبھڙو Hydrophobia ٿي وڃي ٿو.
 ھنن علامتن ظاھر ٿيڻ سان موت مٿان منڊلائي ٿي. مريض جي وات مان جهڳ نڪرڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ ڇتائپ جا آثار اڀري موت ڀر ڪن ٿا.
⏪ڇتي ڪتي جون نشانيون
◀جڏھن ڪتو رات جو بي سبب ڀونڪي.
◀جڏھن ڪتو زبان ٻاھر ڪڍي.
◀جڏھن ڪتي جي آواز ۾ تبديلي اچي وڃي.
◀جڏھن ڪتو پڇ کي دٻائي.
◀جڏھن ڪتي جي وات مان گگ ۽ جهڳ نڪري.
◀جڏھن ڪتو زمين کي چڪ ھڻي.
◀جڏھن ڪتو سڌو رستي وٺي ۽ سڌو ھلي.
⏪احتياط
◀ريٻو وائرس ھڪ انسان کان ٻئي انسان ۾ منتقل ٿي سگهي ٿو ان ڪري متاثر شخص کي ٻين ماڻھن کان دور رکڻ کپي.
◀متاثر ماڻھو کي پاڻي کان پري رکجي.
◀متاثر ماڻهو کي ھٿيڪو رکجي ڇوجو ڪنھن کي بہ نقصان پھچائي سگهي ٿو.
◀جيڪڏھن ڪنھن کي ڪتو ۔ ٻلي ۔ چمڙو يا ڪو ٻيو ڪو جانور چڪ ھڻي تہ فورن زخم کي پاڻي ۽ ڊٽول صابڻ سان ڌوئجي.
◀آيوڊين يا ڪا سوزش روڪ دوا زخم کي لائجي.
◀جلدي ڪنھن سٺي اسپتال وٺي وڃجي جتي ڪتن ۽ ٻين جانورن جي چڪ جو علاج ٿئي ٿو.
◀جانورن ۽ ڪتن ۾ خاص ڪري ريٻو وائرس Rhabdovirus ٿئي ٿو جنھن جو بروقت علاج نہ ھئڻ ڪري مريض جي موت يقيني آھي.
◀جيڪڏھن ڪو جانور جيئن ٻڪري ۔ مينھن ۔ گهوڙو ۔ گڏھ وغيرھ ڇتو ٿيو ھجي ان جي ويجهو نہ وڃجي ڇوجو ان جي گگ saliva ۽ ريٻو Rhabdovirus وائرس ٿئي ٿو جيڪو ڇوت ڏيئي سگهي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

1 comments: