Monday, 6 May 2019

ستو جو شربت| اصغر ساگر

ستو جو استعمال گرمين ۾ نہ فقط فرحت جو احساس ڏئي ٿو پر ٿولھ بہ گهٽائي ٿو. جو مان ٺھيل ستو ۾ ڀرپور غذائيت پاتي وڃي ٿي. ستو جيري جي گرمي ۽ سائي کي دور ڪري ٿو. شڳر وارن لاء مفيد آھي. ھن جي استعمال سان معدنيات ۽ لحميات جي مناسب مقدار ملي ٿي جنھن جي ڪري ڪمزوري جو احساس نٿو رھي.
⏪جو جو ستو ٺاھڻ جو طريقو
◀جو کي پاڻي ۾ وجهجي.
◀مٿان تھ اچي ان کي ڪڍندو وڃجي.
◀ھاڻي پاڻي ھاري جون کي سڪڻي رکجي.
◀ھاڻي جون کي ھلڪي باھ تي ڀڃجي جيئن نہ سڙن.
◀ھاڻي جون کي گهرڻي ۾ وجهي گهمائي پيسجي.
◀ھاڻي اٽي کي ڇاڻيء سان ڇاڻجي.
◀اٽو سنڀالي رکجي.
⏪استعمال ڪرڻ جو طريقو:
◀ستو      ننڍو چمچو
◀کنڊ       مٺي آھر
◀ليمو      اڌ
◀پاڻي      گلاس
◀پاڻي ۾ کنڊ وجهي ملائجي.
◀ھاڻي ستو ملائي گهمائجي جيئن حل ٿي وڃي.
◀ھاڻي ليمو ۽ برف وجهي ٿڌو ڪجي.
◀ستو جو شربت تيار آھي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment