ھي پنھنجي پي کي شام جي ماني لاء ھوٽل ڏي وٺي ويو. پوڙھو ھئڻ ڪري کائڻ وقت پي جو کاڌو قميص ۽ سلوار تي ڪري پيو. ٻيا کائيندڙ ھن کي ڪراھت مان ڏسي رھيا ھئا جڏھن تہ ھن جو پٽ شانت ھيو.
کاڌي کائڻ کان پوء ھن جو پٽ جيڪو بھرحال ھيسيل نہ ھيو، اھو سڪون سان ھن کي وھنجخاني ڏي وٺي ويو ۔ کاڌي جا ذرا اگهيا ۔ داغ لاٿا ۔ ھن جي وارن کي ڦڻي ڏني ۽ ھن جي عينڪ ٺيڪ ڪئي. جڏھن اھي ٻاھر نڪتا، سمورو ھوٽل ھن کي وڏي خاموشي سان ڏسي رھيو ھو، سمجهي نہ سگهيو تہ ڪيئن ماڻھو انهي وانگر ھيساء ۾ اچي پئي سگهيو.
پٽ بل چڪايو ۽ پنھنجي پي سان ٻاھر وڃڻ لڳو.
ايتري ۾ کائيندڙن مان ھڪ پوڙھي پٽ کي سڏ ڪيو ۽ ھن کان پڇيو
”ڇا تون سوچين نٿو تہ تو پنھنجي پويان ڪاشي ڇڏي آھي؟“
”نہ سر ڪابہ نہ.“ پٽ وراڻيو
پوڙھي ماڻھو پلٽو کاڌو.
”ھائو تو ڇڏي آھي! تو ھر ھڪ پٽ لاء سبق ۽ ھر ھڪ پي لاء اميد ڇڏي آھي.“
ھوٽل چپ ٿي ويو.
انهن جي سنڀال ڪرڻ جيڪي ڪنھن وقت اسان جي سنڀال ڪندا ھئا انهي ۾ ھڪ وڏي ۾ وڏي عزت آھي. ھن جي ونڊ ڪريو جيڪڏھن متفق آھيو.
0 comments:
Post a Comment