آنٽائن لائوسيي Antoine lavoisier جو شمار مشھور ترين سائنسدانن ۾ ٿئي ٿو. جديد علم ڪيميا جي بنياد ھن رکي. آڪسيجن جي ڪردار کان وٺي قالبي سرشتي Matric system ۔ مايي Mass کان مقداري بقا Conservation جي ڪيئي عنصرن جي دريافت تائين ۽ تنفس کان پاڻي جي علم ڪيميا تائين ھن جو سائنس جي تاريخ ۾ اھم ڪردار آھي. ھي سائنسدان فارغ وقت ۾ سائنس تي شوقيہ تجربا ڪندو رھيو ھو. ھي فرانس جي اميرترين سائنسدانن ۾ شمار ٿيندو ھو. امير فرد ھئڻ ناتي ٽيڪس کي ڪٺي ڪرڻ جي ذميواري ھن تي ھئي. ھن کي عددن ۽ پيمائش جو جنون وڏي حد تائين ھوندو ھيو. ھن جنون جو نتيجو سائنس جي دريافتن کان وٺي فرانس کي پيمائشن جو مرڪز بنائڻ جي روپ ۾ نڪتو ۽ خود ھن جي موت جو سبب بنيو. ھن جو امير ٿيڻ ۽ حڪومت جو حصو ٿيڻ ھن جو ڏوھ بڻيو. انقلاب فرانس بعد انقلابين جي حڪومت جي دور ۾ ھن کي موت جي سزا ڏني وئي. ھن جو سر قلم ڪيو ويو. الزام ھن تي تماڪ ۾ ملاوٽ ڪرڻ جو لڳايو ويو.
جنھن ڏينھن لائوسيي کي موت جي سزا ڏني پئي وئي ان ڏينھن 35 منٽن ۾ 38 ماڻھن جا سر قلم ڪيا ويا. ان وقت لائوسيي جي ذھن ۾ ھڪ ٻيو خيال آيو ھڪ ٻي پيمائش ھڪ ٻيو تجربو. ھن ٻڌو ھو سر ڪٽجڻ کان پوء زندگي فورن ختم نٿي ٿئي پر ساھ نڪرڻ ۾ ڪجھ دير لڳي ٿي ۔ چھري تي ڪجھ تاثر اچن ٿا ۽ اک ڦڙڪي ٿي. ھن ڪنھن کي چيو تہ جيئن منھنجو سر ڪٽجي الڳ ٿئي مان اکيون ڦڙڪائيندو رھندس، صرف اھو ڏسجان مان ڪيترا ڀيرا اک ڦڙڪايان ٿو ۽ ڪيتري دير تائين ڦڙڪايان ٿو. ھي لائوسيي جو زندگي تي آخري تجربو ھيو.
ڪجھ ماڻھو چون ٿا ھن 11 ڀيرا اکيون ڦڙڪايون. ڪجھ مطابق 15 ڀيرا ۔ ڪجھ چون ٿا تہ نوٽ نہ ڪيو ويو ڇوجو ھن جو سر ماڻھن کان پري ڪريو ھو پر اسان ڄاڻون ٿا تہ ھن جو شعور سر ڌار ٿيڻ سان گڏ وسامي نہ ويو ھو.
گلوٽين موت جي سزا کي سڀ کان وڌيڪ مھذب طريقو ڄاتو وڃي ٿو. جلائي ڇڏڻ يا مصلوب ٿيڻ جي مقابلي ۾ گلوٽين سھنج آھي بس ھڪ وار ۾ سر ڌڙ کان ڌار. امير ماڻھو جلاد کي رشوت ڏيندا ھيا تہ ڪٽر تيز ھجي. فرانس ۾ انقلاب کان پوء دھشت جي ھڪ سال ۾ ھزارن ماڻھن جا سر ڪٽيا ويا جن ۾ فرانس جو بادشاھ ۽ ملڪا شامل ھئي. ھي طريقو 1977 تائين رائج رھيو جڏھن گلوٽين جي ذريعي فرانس ۾ آخري سزا ھڪ 22 سالہ عورت کي قتل ڪرڻ سان ڏني وئي.
ڊاڪٽر بئيو 1905ع ۾ اھڙو تجربو ھينري لينگويل جي موت جي سزا تي ڪيو. ڊاڪٽر ھڪ فقرو چيو
”مون ھن کي آواز ڏني، ھن جون اکيون مون سان مليون ۽ مليل رھيون. ھن جي قتل ٿيڻ کان پوء بہ مان ڪنھن زندھ شخص جي اکين ۾ ڏسي رھيو ھوس. ھي غير شعوري حرڪت نہ ھئي.“
سر قلم ٿيڻ کان شعور وسامڻ تائين 30 سيڪنڊ جو وقت ٿئي ٿو.
اڄ اسان اھو ڄاڻون ٿا تہ لائوسيي مطابق ھن جا آخري 30 سيڪنڊ ڪيئن ھيا. ڪٽار ڪنڌ تي محسوس ڪرڻ کان پوء سر زمين جي طرف وڌيو. 2 فٽ ھيٺ وڃي ٽڪرايو. نڪ ۾ رت ڀرجي چڪو آھي جو ھو صاف نٿو ڪري سگهي پر محسوس ڪري ٿو. زمين ڦرندي ھاڻ ساڪن ٿي چڪي آھي. ٻيو ڪوبہ احساس ناھي. ڪنن مان رت نڪرڻ جي ساڃھ ناھي. ھاڻي انتظار آھي. وقت وڏو ڊگهو لڳي رھيو آھي. ائين لڳي رھيو آھي تہ ھو ڪنھن سرنگھ ۾ داخل ٿي رھيو آھي ۽ ڪجھ شور اڀريل. پھرين دماغ جو ٻاھر وارو حسڄو Cortex بند ٿئي ٿو. ان کان پوء حساسو Sensory ۽ گرڻاڄو (گرڻي وارو حساڄو) Moter cortex. سڀ کان آخر ۾ سارڄو (يادن وارو حسڄو) Prefrontal cortex. ان دوران پنھنجي زندگي ڄڻ تہ ٻيھر اکين آڏو گذري ٿي. ھي ننڊ ۾ وڃڻ جي ڪيفيت ناھي. پنھنجي پوري زندگي جي ھڪ تيز رفتار سفر جي ڪيفيت ايستائين جو آخري ياد سامهون گذري ٿي ۽ پوء سڀ ڪجھ بند ٿي وڃي ٿو.
لائوسيو ھن دنيا مان ھليو ويو جيئن ھن دنيا مان لکاھا ماڻھو مري ويا ۔ لکاھا گذر ٿين ٿا ۽ لکاھا راھ رمندا رھندا. ھن جي سزا جي ڏيڍ سال کان پوء حڪومت ھن جي زال کي مختصر خط لکي قتل جي معافي ورتي تہ ھن کي ڏنل سزا غلط ھئي.
لاگرينج مطابق ھن سر کي ڪٽڻ ۾ لمحو لڳو پر اھڙو سر سو سالن تائين پيدا ٿي نہ سگهندو.
لائوسيي جو نالو اڄ آئفل ٽاور تي لکيل 72 نالن مان ھڪ طور شمار ڪيو وڃي ٿو.
0 comments:
Post a Comment