Thursday, 13 May 2021

نانگ بين کي ٻڌي ٿو Snake listens to Been 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


نانگ کي ٻاھريان ڪن نٿا ٿين ان ڪري تصور ڪيو ويندو ھيو تہ نانگ ٻوڙو آھي، ڪنھن وقت تائين سائنس انهي ڳالھ کي سچ سمجهيو پر سائنسدانن جي تازي تحقيق ان ڳالھ کي رد ڪندي چيو آھي تہ آوازي لھرون نانگ جي کوپڙي ۾ لرزشون پيدا ڪن ٿيون جيڪي پوء اندرئين ڪن ذريعي ٻڌي سگهجن ٿيون. درحقيقت نانگ ٻڌي سگهي ٿو جيئن اسان ٻڌي سگهون ٿا.

انسانن ۾ آوازي لھرون ھوا رستي ڪن دھلڙي Eardrum تي پھچن ٿيون جيڪي سنهن ھڏن جي چرپر ۽ سنهن وارن جي لرزشن کي ڪن ۾ پيدا ڪن ٿا. اھي لھرون تنتي ڇڪن Nerve impulses ۾ تبديل ٿين ٿيون جيڪي دماغ ڏي ھلن ٿيون. نانگن کي مڪمل اندريان ڪن ٿين ٿا پر ڪن دھلڙي نٿي ٿئي. انهي بدران انهن جا اندريان ڪن ڄاڙين سان سڌا مليل ٿين ٿا جيڪي زمين تي بنياد رکن ٿا جيئن اھي رڙھن ٿا. سائنسي تحقيق مطابق آوازي لھرون زمين زمين رستي پنجن سان سفر ڪن ٿيون جيڪي ڄاڙي ۾ آوازي لھرون پيدا ڪن ٿيون ۽ اندرئين ڪن رستي دماغ کي اشارو ڏين ٿيون. تازي سائنسي مطابق نانگ ٻن لرزشن ذريعي آواز ٻڌي ٿو.

By Ground vibrations

By Air vibrations

ڪي نانگ زميني لرزش زيعي اڳيون آواز ٻڌندا آھن جڏھن تہ ڪي نانگ ھوائي لرزشن ٻڌندا آھن ۽ ٻڌڻ جي معيار ۾ گهٽتائي نہ ھوندي آھي ائين جيئن انسان ٻڌندو آھي.

 نانگ ۽ بين جو تعلق عجيب وٿ رکي ٿو بين جو وڄڻ ۔ ناگ جون جهمريون ھڻڻ جوڳي جو بين کي ڦيرائڻ نانگ جو وراڪا ڏيڻ ۔ بين جو آواز نانگ ۾ ايتري جاذبيت پيدا ڪري ٿو جو نانگ جهومڻ لڳي ٿو پر جيڪڏھن ائين ڏسجي تہ حقيقت ان جي ابتڙ آھي. نانگ جي بناوٽ تي سوچڻ کان پھرين اچو تہ ڪن جي حصن کي سمجهون. ڪن جا ٽي حصا ٿين ٿا.

ٻاھريون ڪن Outer ear

وچون ڪن Middle ear

اندريون ڪن Inner ear

اسان کي خبر آھي تہ آواز ھوا ۾ لھرن جي صورت ۾ ھلي ٿو. ھي لھرون ھوا کان اسان جي ٻاھرئين ڪن External ear جنھن جو ٻاھر وارو حصو جسم کان ٻاھر نظر ايندو آھي ان ۾ داخل ٿين ٿيون ۽ اسان جي ڪنن سان ٽڪرائجي لرزش پيدا ڪن ٿيون جتان ھي لرزشون وچين ڪن ۾ موجود ٻوڌ ھڏن Ear ossicles کان ٿيندي اندرئين ڪن Inner ear ۾ پھچي ٿي اندرئين ڪن کان ھي آواز تاڻي تنت nerve impulse جي صورت ۾ اشارو دماغ طرف وڃن ٿو ۽ اسان ھن آواز کي ٻڌون ٿا.

نانگ جا ڪن انسان جي ڀيٽ ۾ مختلف ٿين ٿا. نانگ جي ڪنن ۾ نہ ٻاھريون ڪن ٿئي ٿو، نڪي وچون ڪن، ايترو اسريل ٿئي ٿو نڪي ڪن جو پردو Tympanic membrane ٿئي ٿو. نانگ ۾ صرف اندريان ڪن ٿين ٿا جيڪي لرزشي اشاري کي وٺي ٿو.

پھرين خيال ڪيو ويندو ھيو تہ نانگ ٻوڙو ٿئي ٿو پر تحقيق مان ثابت ٿي چڪو آھي تہ نانگ ٻوڙو ناھي. نانگ جي اندرئين ڪن جو رابطو ھن جي مھار ۾ موجود ٿنڀري Columella سان ٿئي ٿو. آواز جي لرزشن کي نانگ جي ڪن تائين پھچائڻ جو ڪردار ھي ھڏو ادا ڪري ٿي. نانگ جڏھن زمين يا ٻي ڪنھن سطح تي رڙھي ٿو تہ ان سطح ۾ پيدا ٿيندڙ لرزشون نانگ جي مھارن ۽ ٻين ھڏين کان ٿينديون ان جي Columella جي رستي ان جي اندرئين ڪن ۾ پھچن ٿيون پوء اھي لرزشن اشارا دماغ ڏي وڃن ٿا ۽ نانگ پنھنجي آسپاس جي صورتحال کان واقف ٿي وڃي ٿو.

اھي لرزشون جيڪي زمين يا نانگ جي جسم سان جڙيل ٿين ٿيون ڪنھن ٻي سطح کان ٿينديون اندرئين ڪن  inner ear تائين پھچن ٿيون انهن کي ماتحت تاڻي لرزشون Substrate borne vibrations چئبو آھي ۽ ھوا کان ايندڙ لرزشن کي ھوائي تاڻي لرزشون Air borne vibrations چئبو آھي. اھو سڀ نانگ صرف مخصوص اڳاڻ Frequency جي آوازن مان محسوس ڪري ٿو. جتي انسان 20Hz کان 20000Hz جي اڳاڻ واري آواز ٻڌي سگهي ٿو پر نانگ 30Hz کان 1000Hz اڳاڻ جي آواز ٻڌي سگهي ٿو.

نانگ جي بين تي حرڪت ڪرڻ جو سبب نانگ جو بين مان نڪرندڙ آواز کي محسوس ڪرڻ آھي جڏھن بين جي حرڪت سان آواز جي طرف تبديل ٿئي ٿي تہ نانگ بہ ان طرف آواز محسوس ڪري ان طرف حرڪت ڪري ٿو اھو ئي سبب آھي جو نانگ بين کي پاڻ وٽ ڏسي ۽ ان جي حرڪت کي ڏسي پنھنجو مٿو ھيٺ مٿي ڪري ڦيرائي ٿو جوڳي ھي ڪم نانگن کي سيکارين ٿا ۽ تماشي ۾ استعمال ٿيندڙ نانگ تربيت ورتل ھوندا آھن. جوڳي انهن جا ڏند Fangs ڪڍي ڇڏيندا آھن يا ڪجھ نانگن جو منھن بند ڪري ڇڏيندا آھن تہ جيئن ڏنگ ھڻي نہ سگهن. ھي سراسر ظلم شھي جرڪو جوڳي نانگن تي ڪن ٿا ھن ڪم لاء اڪثر ڦڻ وارن ڪوبرا نانگن کي استعمال ڪن ٿا. پھرين ھي تماشا ھر ملڪ ۾ ھوندا ھئا پر ھاڻي آفريڪا ۽ ھندستان تائين محدود ٿي ويا آھن.


نانگ ٻڌي سگهي ٿو:

نانگن کي پوري جوڙجڪ سان اندريون ڪن ٿئي ٿو پر دھلڙي ناھي. انھي بدران انهن جو اندريون ڪن سڌو سنئون ڄاڙين سان مليل ٿئي ٿو اھو زمين تي ٿئي ٿو جيئن اھي ريڙھيون پائين ٿا.

نانگن کي ظاھري ڪن نٿا ٿين جيئن اسان کي ٿين ٿا. انهن کي دماغ جي اندران ٻڌڻ وارا آلا ٿين ٿا جن کي ٿنڀرا Columella سڏجي ٿو جيڪي ڄاڙين سان مليل ٿين ٿا جن ڪري اھي آواز جي لرزش چڱي طرح محسوس ڪن ٿا ۽ گهٽ اڳاڻ وارا آواز ٻڌي سگهن ٿا.

جنھن ماڻهو ۾ سماعت جي قابليت رھي ٿي اھو 20 کان 2000 ايڇ زيڊ تائين ٻڌي سگهي ٿو جڏھن تہ نانگ جي ٻڌڻ جي حد 200 کان 300 ايڇ زيڊ حد آھي سراسري انسان جي آواز جي حد 250 ايڇ زيڊ آھي جنھن کي نانگ ٻڌي سگهي ٿو. بلڪل تنھنجي ڳالھ ٻولھ کي ٻڌي سگهي ٿو.