Thursday, 9 May 2019

ڪيٽ بومن ۽ ڪارونڀار Kate Bouman and Black hole 🌷اعجاز علي شاھ🌷

ھي  29 سالا آمريڪي ناري Kate Bouman آھي جنھن جي ڏنل فارمولي جي مدد سان اڄ " بليڪـ ھول " جي تصوير ڪڍڻ ممڪن ٿي. چيو وڃي ٿو تہ بليڪ ھول ڪائنات جي پراسرار ترين اھا حقيقت آھي جنھن جي سائنسي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو نشاندھي
جون مائيڪل ۽ پيري سمن لوپليس نالي سائنسدانن 18 صدي ۾ ڪئي ھئي. بليڪ ھول زمين کان ٽوٽل 5 ڪروڙ نوري سال جي پنڌ تي واقع آھي ـ ٻين لفظن ۾ اگر اسان روشني جي رفتار سان پنھنجي سفر جو آغاز ڪيون تـہ اسان کي بليڪ ھول تائين پھچڻ لاء 5 ڪروڙ نوري سال لڳندا. جڏھن تہ دلچسپ معاملو ھي آھي تـہ روشني  300,000 ڪلوميٽر جو پنڌ فقط ھڪڙي سيڪنڊ ۾ طئہ ڪري ٿي جيڪي ميلن ۾ 186,000 وڃي ٿا ٿين.  ھڪ ڏينھن جو سفر 25 ارب ۽ 92 ڪروڙ ڪلوميٽر ٿئي ٿو. ھاڻ ضرب جا نشان لڳائيندا وڃو ۽ مفاصلو طئي ڪندا وڃو.
ٻيو اھم نقطو اھو آھي تـ بليڪ ھول جو ثقلي زور Gravitational Force ايترو تـہ زبردست ۽ طاقتور آھي جو ان کان برقي مقناطيسي شعاع Electromagnetic Raditaion  بـہ ڀڄي ٻاھر نڪري نٿا سگھن. بليڪ ھول جي ٻاھريين مدار کي Event Horizon چئبو آھي. ان حدبندي کي عام نسبتيت General Relativity ۾ اڻموٽ نقطو Point of No return بـہ چـيو وڃي ٿو جنھنجو مطلب تـ ان سرحد جي اندر ۽ ٻاھر جون دنيائون ٻـ الڳ حقيقتون آھن. زمان ۽ مڪان جي راز جي ھڪ اھا لڪير جنھن کي ڪراس ڪرڻ لاء انسان ذات کي شايد ڪي عمرون لڳن.
ياد رھي ت ھن ڪائنات ۾ ڪو ھڪ بليڪ ھول ناھي. علم فلڪيات مطابق بليڪ ھولن جو لا تعداد تعداد ھن ڪائنات ۾ محو رقص آھي. جڏھن تہ مٿي ڏنل تصوير ڪھڪشان M87 جي بليڪ ھول جي آھي. ھن بليڪ ھول جي جسامت  اسان واري شمسي نظام  جي سج  کان 6,500,000,000 دفعا وڏي آھي. مطلب تـہ 6 ارب 50 ڪروڙ سج بليڪ ھول ۾ سمائجي سگھن ٿا.  ياد ڪرڻ جو نقطو اھو آھي تہ مٿي ڏنل تصوير ھڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي ڇو جو انسان ذات بليڪ ھول جي اھا پھرين تصوير وٺي ڪائنات جي ھڪ پراسراريت سان ڀريل وڏي حقيقت کي سمجھڻ  ڏانھن پھريون قدم کنيو آھي ـ
((اعجاز علي شاھ ))

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment