Tuesday, 7 May 2019

ھارپ ٽيڪنالاجي ۽ ان جا افواھ HARP Technology and its rumours🌷اصغر ساگر🌷

ڌرتي گرم ٿي رھي آھي ۽ ان جو ذميوار انسان آھي. ھي موسمي چتاء آھي. گڏوگڏ موسمي تبديلي پڻ آھي جنھن جو سبب انساني سرگرميون آھن. قدرتي تبديليون ھزار سالن جي عرصي ۾ بتدريج رونما ٿين ٿيون ۽ جاندار ان ماحول مطابق پاڻ کي ھم آھنگ ڪندا آيا آھن. موسمي تبديليون خوش آئند ٿين ٿيون، اتي مختلف نسلن جي نمونن جي مٽجڻ لاء خطرو رھن ٿيون. اسان کي ڳالھ نوٽ رکڻ کپي عالمي موسمي چتاء جو مطلب آھي تہ ڏينھون ڏينھن گرمي پد ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. ڪيترا ماڻھو پنھنجي علائقن ۾ سردي وڌڻ ڪري سوچن ٿا تہ عالمي چتاء Global warming غلط آھي پر ائين ناھي. سائنسدانن عالمي چتاء بجاء ماحولياتي تبديلي جو لفظ وڌيڪ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آھي تہ جيئن ماڻھو ان لفظ جو غلط استعمال نہ ڪن. انهن ٻنهي اصطلاحن جومطلب ڌرتي کي مستقبل ۾ موسمي خطرن کان محفوظ ڪرڻ آھي. ھارپ پراجيڪٽ آئينوسفيرڪ ريڊيو سگنل جي تحقيق جو پراجيڪٽ ھو. ھن جو ماحولياتي تحقيق سان ڪوبہ تعلق نہ ھو ۽ ھي پراجيڪٽ ڪافي عرصي کان بند ٿي ويو آھي پر بدقسمتي سان ھي سازشي نظريو اڃان ختم ٿيڻ جو نالو وٺي ئي نٿو.
عالمي چتاء حقيقت آھي جيڪا ڏيڍ سوسالن کان ماحول جي وچين گرمي پد سان وڌي رھي آھي. ھن جو ھارپ پراجيڪٽ سان ڪوبہ واسطو ناھي. ھارپ متعلق اسان وٽ سازشي نظريا مقبول آھن. سازشي نظرين کي رد ڪرڻ کپي ڇوجو اھو زيب نٿو ڏئي تہ تعليم يافتہ ماڻھو ان تي پنھنجو وقت زيان ڪن.
توھان ڪافي مذھبي ماڻھن کان ھارپ ٽيڪنالاجي بابت ٻڌو ھوندو جنھن ۾ الزام لڳايو وڃي ٿو تہ بارشن ۽ مينھن جو سبب آمريڪا آھي. اچو تہ ڪجھ ان جي باري ۾ ڄاڻون. موسمن کي ضابطي ۾ آڻڻ ۽ بنا تارن جي بجلي کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ پھچائڻ جي دعوا نڪولا ٽيسلا ڪئي ۽ ان تي تجرباتي ڪم 1930ع ۽ 1940ع جي وچ ۾ ڪيو پر ھن جي دعوا تي ڪنھن ڌيان نہ ڏنو ۽ نہ ڪنھن ڪا لاڳت خرچ ڪئي.
نڪولا ٽيسلا اھو عظيم شخص آھي جنھن لھري ترسيل Radio transmission ۔ بدل رو AC current ۔ بجلي جو موٽر Electric motor ۽ بدلاپو Transformer ايجاد ڪيا جنھن جي ڪري اڄ انسان ايتري ترقي ڪئي آھي. نڪولا ٽيسلا جو سائنس خاص طور تي بدل رو AC current ۽ لھري ترسيل Radio transmission سان ايترو تہ عشق ۽ جنون ھيو جو ھن پنھنجي انهن ايجادن مان ڪاروباري طور فائدو نہ ورتو ۽ ھن جنون ۾ ايترو اڳتي نڪري ويو جو ھن کي پاڳل سائنسدان جا الزام سھڻا پيا پر ھي سائنس جي بي نياز خدمت ڪندو رھيو. چيو وڃي ٿو تہ ھي پنھنجي وقت کان 100 سال اڳ جي سوچ رکندو ھيو. ڊيمن مان بجلي ٺاھڻ جو طريقو ھن ايجاد ڪيو. ان زماني ۾ نڪولا ٽيسلا دعوا ڪئي تہ موسم کي ھٿ وس ڪري فائدو وٺي سگهجي ٿو. ھن ماڻھن کي انهن تجربن واسطي سيڙپ جي آڇ ڪئي پر ماڻھن ھن جي ڳالھ تي يقين نہ ڪيو. 
آخر دعوا ڪھڙي ھئي؟
عام حالتن ۾ ھڪ اھڙو مادو جنھن مان بجلي نٿي گذري ان ڪري اسان جي مٿن مٿان بجلي گذاري وڃي ٿي ۽ اسان کي ڌارا Current نٿو لڳي. پر جڏھن بارشن جو موسم ٿئي ٿو تہ آسماني بجلي ھوا کي چيريندي ڌرتي تي ڪري ٿي. ڪجھ حالتن ۾ ھوا بہ بجلي جي تارن وانگر بنجي وڃي ٿي ۽ اھو تڏھن ٿئي ٿو جڏھن جڏھن ھوا تي بي پناھ توانائي خرچ ٿئي ٿي.
زمين جي سطح کان 80 ڪلوميٽر مٿي جيڪا فضا موجود آھي ان تي سج جا ڪرڻا سڌو سنئون پون ٿا جنھن جي ڪري ھوا ۾ موجود اڻا اوڻا بنجي وڃن ٿا يعني ان کان ٻاھر نڪرندڙ ڪاٽاڻا پنھنجي اڻن مان نڪري آزاد ٿي وڃن ٿا. بلندي تي فضا جي انهن تابڪار شعاعن کان متاثر ٿيندڙ فضا کي اوڻ گولو Ionosphere چيو وڃي ٿو. اوڻ گولي کي لھري ترسيل Radio transmission ۾ وڏي اھميت حاصل آھي ڇوجو فضا اھڙي اھڙي قسم جي بجلي کي پسرائيندڙ Conductor جو ڪم وٺي ٿي.
نڪولا جو خيال ھو تہ اوڻ گولي کي وڌيڪ گرمي ڏيئي ان جي آسپاس جي فضا کي ھٿ وس ڪري سگهجي ٿو. اھڙي ڪوشش ۾ ھٿراڌو آسماني بجلي جوڙي ورتي ۽ ان جي نتيجي ۾ آسمانن تي عجيب ۽ غريب روشني Aurora پيدا ٿي جنھن کي ڏسي علائقي جا ماڻھو ڊڄي ويا گڏوگڏ ان سبب ڪري شھر جو ھڪ بجلي گهر سڙي ويو ڇوجو نڪولا ٽيسلا جي تجربي دوران بي پناھ بجلي نہ سھي بجلي گهر سڙي ويو ۽ شھرين نڪولا ٽيسلا کي شھر مان ڪڍي ڇڏيو. انهن اوڻ گولن جي مدد سان نڪولا بغير تارن جي ھڪ شھر کان ٻئي شھر تائين بجلي جوڙڻ جو منصوبو جوڙيو ھو. 
نڪولا وٽ موسم کي تبديل ڪرڻ جو خواب رھيو پر اوڻ گولي Ionosphere تي تحقيق جو ڪم زور وٺي ويو. 1990ع ۾ آسمانن تي عجيب غريب روشني اوروڙا Aurora تي تحقيق ڪرڻ لاء ھڪ ادارو High Frequency Active Auroral Research Program یا "HAARP" جوڙيو ويو جنھن جي نگراني آمريڪا جي بري ۽ ھوائي فوج ڪري ٿي. ٻن ڏھاين کان ھي ادارو سازشي ڪھاڻين جي سلسلي ۾ بدنام ٿي ويو جيئن ڪولمبيا ۾ خلائي شٽل جي تباھي ۔ بارشون ۽ ٻوڏون اچڻ ۾ ھن اداري جو ھٿ سمجهيو ويو. اڪثر ڪري ھي الزام اھي ھڻن ٿا جيڪي سائنس ۾ اڃان نابالغ آھن. ھنن الزامن کي سائنس ثابت نہ ڪيو آھي ۽ نڪي ھارپ سان اھڙي تباھي پکيڙي سگهجي ٿي. پر انهن افواھن کي پکيڙڻ ۾ G.I. Joe، The X-Files.، X-Men فلمن جو وڏو ھٿ آھي. 
پاڪستان ۾ ڪجھ ڪالم نگار انهن سازشي نظريي تي لکي روزي روٽي ڪمائن ٿا. جيڪي افواھ پکيڙن ٿا انهن کي اوڻڪاري Ionization جي بہ خبر ناھي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

1 comments: