دنيا ڀر جي ماڻھن کي حيرت لڳي ٿي تہ عورتون مردن کان وڌيڪ ڇو ٿيون جيئن؟ ھاڻي سائنسدانن ان جو جواب ڏيئي ڇڏيو آھي. ٽائيمز آف انڊيا مطابق يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي سائنسدانن ڪوئن تي تحقيق کان پوء انڪشاف ڪيو آھي تہ عورت جي زندگي جو وڌيڪ راز ٻئي X موروثي X chromosome موروثي ۾ لڪل آھي. عورتن ۾ ٻہ x موروثا Two X chromosomes ٿين ٿا جڏھن تہ مردن ۾ X ۽ Y موروثا. تحقيقاتي ٽيم جي سربراھ ڊوبل جو چوڻ آھي تہ X موروثي X chromosome ۾ ڪيئي جين ٿين ٿا جيڪي دماغ سان منسلڪ ٿين ٿا ۽ انسان جي بقا جو سرچشمو آھن.
واضاحت جوڳي ڳالھ تہ عورتن ۾ ٻئي موروثا X ٿين ٿا ان ڪري ئي انهن جي عمر مردن کان وڌيڪ ٿئي ٿي. مردن ۾ موجود Y موروثو Y chromosome بقا سان تعلق نٿو رکي ڇوجو مردن جي عمر صرف X موروثي X chromosome تي ٻڌل ٿئي ٿي. تصور ڪريو تہ عورت جي اھڙي نموني ارتقا ڇو ٿي ۽ ان ۾ ٻئي X موروثا ڇو بنيا؟
جڏھن توھان جي زندگي وڏي ٿئي ٿي تہ توھان کي پنھنجي اولاد جي فڪر ستائي ٿي ۽ اولاد مان ٿيندڙ اولاد جي ۽ اولاد پيدا ڪرڻ ۽ ان جي سنڀال ڪرڻ عورت جي ذميواري ٿئي ٿي ان ڪري ئي ارتقا جو سبب عورت سان سلهاڙجي وڃي ٿو.
0 comments:
Post a Comment