Thursday, 16 May 2019

ھٿن پيرن جو جلڻ ۽ سيون چڀڻ رت جو چاڙھ ٿي سگهن ٿا🌷اصغر ساگر🌷

برطانوي طبي ماھرن ھٿن پيرن جلڻ ۽ سين چڀڻ کي رت جو چاڙھ High Blood pressure قرار ڏنو آھي. انهن مطابق ملڪ ۾ ھر ٽيون ماڻھو رت جي چاڙھ جو شڪار آھي. فالج ۔ دل جو دورو ۔ رت جي نالين جو سڪڙڻ ۽ سخت ٿيڻ ۔ نظر جو گهٽ ٿيڻ ۔ ٿڪ ۔ بي چيني ۔ سيني ۾ درد ۔ مٿي جو شديد سور اھي سڀئي رت جي چاڙھ جون نشانيون آھن پر ھٿ پير جلڻ ۽ سيون چڀڻ رت جي چاڙھ جون وڏيون علامتون آھن ۽ انهن خاص علامتن جي ڪنھن کي بہ ناھي.
ماھرن مطابق اسان جو دل ھڪ ڪلاڪ ۾ 4 ھزار 8 سو ڀيرا ۽ ھڪ ڏينھن ۾ 1 لک 15 ھزار 2 سو ڀيرا ڌڙڪي ٿو. دل ڌڙڪڻ جي نتيجي ۾ رت جسم ۾ گردش ڪري ٿو. رت جي گردش دوران رت جي اندروني نالين تي پوندڙ داٻ کي رت جو داٻ چئبو آھي ۽ 90 کان 140 کي رت جو داٻ Blood pressure سڏيو وڃي ٿو ۽ ھي داٻ زندگي جي سلسلي کي روان دوان رکي ٿو.
ماھرن مطابق رت جي چاڙھ جي خطرن کان بچڻ لاء رت جي دٻاء Blood pressure کي چيڪ ڪرائيندو رھجي. رت جي دٻاء جي سببن ۾ عمر ۔ نسل ۔ خانداني تاريخ ۔ جنس ۔ زندگي جو نمونو ۔ حمل ۔ ذھني موجھ شامل آھن. پيشاب جي چڪاس ۽ پت Cholesterol جي چڪاس سان ايڪو چڪاس ۽ رت جي چاڙھ جي تشخيص ڪري سگهجي ٿي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment